; سنڌي شخصيتون: August 2026

12 August, 2026

پروفيسر محمد عمر مڱريو

پروفيسر محمد عمر منڱريو

ھڪ علمي اڪابر جي الوداع

عبدالرؤف سومرو



مونکي ياد ٿو پوي ته اھو اسانجي انٽر ڪلاس جو عمرڪوٽ ڪاليج ۾ آخري سال ھو جڏھن پروفيسر محمد عمر منڱريو گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جو پرنسپال مقرر ٿي آيو ھو. کيس تدريسي توڙي انتظامي اسڪلز تي وڏي گرفت ھئي پر مونکي منجھس وڌيڪ متاثر ڪندڙ پھلو محسوس ٿيو اھو ڪلاس ۾ علم ڪيميا جي مضمون پڙھائڻ جو ڏاھپ ڀريو  سھل ۽ دلڪش ڏانء. سو ذھني ضعيف شاگرد به سندن ليڪچر مان ڪجھ نه ڪجھ ھڙ حاصل ڪري ئي روانا ٿيندا ھئا. گذريل آچر ڏھاڙي اھو املھ انسان فاني دنيا کي الوداع ڪري ويو۔ عمرڪوٽ جي سرزمين هڪ معزز، علمي، ادبي ۽ سماجي شخصيت، پروفيسر محمد عمر منڱريو صاحب کان محروم ٿي ويئي، جنھن پنهنجي سڄي زندگي تعليم، تحقيق، تدريس ادب ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي ھئي۔ پروفيسر محمد عمر ڪيترن ئي شاگردن جو آئيڊيل استاد به رھيو ته انتظامي حوالي سان مڃيل پرنسپال پڻ، ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ طور پاڻ بيشمار ڀٽڪيل انسانن جي رهنمائي ڪئي ۽ سنئين دڳ لاتو. تعليم جي شعبي ۾ شاندار خدمتن عيوض کيس ڪيترائي اعزاز ۽ لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊس به سندن کاتي ۾ آيا۔ تعليمدان ۽ ليکڪ محمد عمر ولد محمد سومار منڱريو ۱۵ھين آگسٽ ۱۹۴۲ع تي ڳوٺ ولھيٽ، تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي ۽ پوء پرائمري اسڪول حبيب الله ساند مان حاصل ڪئي. ديني ۽ فارسي تعليم مدرسي مظھرالعلوم ولھيٽ مان حاصل ڪيائين. ۱۹۶۰ع ڌاري عمرڪوٽ جي ھاء اسڪول ون مان مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪاري موري مان انٽر ۱۹۶۲ ۾ پاس ڪيائين ۽ بي.ايس.سي ڪرڻ کانپوء ايم ايس سي جي ڊگري علم ڪيميا ۾ ۱۹۶۶ ۾ حاصل ڪئي.  جنھن ڪاري موري جي ڪاليج مان تعليمي سکيا جا سبق ورتا ھئا، خوشقسمتي سان ۱۹۶۷ ۾ ساڳئي ڪاري موري ڪاليج ۾ پھرين ليڪچرر پوء  اسسٽنٽ پروفيسر ۽ بعد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو. درس و تدريس جي دنيا ۾ پنھنجي خداداد علمي صلاحيتن سبب شھرت ۽ عزت ملي ته ۱۹۸۰ع ۾ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم المنائي ايسوسيئيشن بھترين استاد طور کيس شيلڊ ڏني وئي. ڪاري موري ڪاليج کي ڪجھ وقت لاء ڇڏي اچي آبائي شھر عمرڪوٽ جي ڪاليج ۾ ۱۹۹۰ ڌاري پرنسپال مقرر ٿيو پر  ۱۹۹۳ ۾ ٻيھر ڪاري موري ڪاليج بدلي ٿي ويو، جتي تدريسي عمل جو طويل سفر طئي ڪندي ۲۰۰۲ع ۾ ۲۰ھين گريڊ ۾ رٽائرڊ ٿيو.