; سنڌي شخصيتون: 2018

28 December, 2018

ديوان ڪوڙومل - ممتاز مھر


ديوان ڪوڙومل
(سنڌي مضمون نويسيءَ جو ابو)
ممتاز مھر
دنيا جي هر سڌريل ٻوليءَ ۾ ٻين صنفن جيان مضمون نويسي يا انشائيہ نگاري پڻ تمام اهم صنف سمجهي ويندي آهي. ڪنهن خاص موضوع، مسئلي يا ڪنهن شخصيت يا ساروڻيءَ بابت دلچسپ پر اختصار سان لکيل مضمون کي (Personal Essay) پڻ چئي سگهجي ٿو. ان قسم جي مضمون ۾ خواه مخواه ڪي ڊگھا حوال يا ڳالهه ڪا نه ڪئي ويندي آهي، يا پنهنجي ڳالهه يا موقف کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ دليلن مٿان دليل ڪو نه ڏنا ويندا آهن، بلڪ سڌي سنئين نموني ۾، سادگي ۽ پنهنجائپ واري انداز ۾ خيالن جو اظهار ڪيو ويندو آهي. انهيءَ انداز جي مضمون نويسي يا انشائيه نگاري جي شروعات سڀني کان اڳ ۾ فرانس ۾ مونتين (Montaigne) ڪئي. عالمي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جو ابو مونتين کي سمجهيو ويندو آهي. فرانسيسي ادب ۾ مونتين کان پوءِ انهيءَ صنف ۾ ٻيو درجو سانبو (Sainte-Beuve) کي مليو.

08 December, 2018

ستار پيرزادو


ستار پيرزادو
سندس ادبي پورهيو
لياقت راڄپر
ٻلهڙيجي جي زرخيز مٽيءَ مان پيدا ٿيل شاعر، اديب، ڪهاڻيڪار، ڪالم ڪار ۽ محقق ستار پيرزادو، زندگي جي ڏکن ۽ تڪليفن مان گذري ٺوس ۽ مڪمل ٿي، ادب جي افق تي نروار ٿيو آهي، ستار پيرزادو هن جو ادبي نالو آهي جڏهن ته هن جو پورو نالو عبدالستار آهي، جيڪو ۲۹ جنوري ۱۹۵۰ع ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ دوست علي پيرزادي جي گهر ۾ ڄائو. ستار پنهنجي مطالعي، تجربي ۽ مشاهدي ذريعي پڙهندڙن کي ۲۰ کان وڌيڪ ڪتاب ڏنا آهن، جن ۾ شاعري، نثر، ڪهاڻيون، مضمون ۽ ترجما شامل آهن.

ستار ڀٽي


ستار ڀٽي
بهترين ڪردار
نسرين الطاف
زندگي ته نالو ئي جستجو ۽ جدوجهد جو آهي. اڳتي وڌڻ ۽ زندگي جي رازن کي پروڙڻ جو آهي. انسان جي جياپي سان گڏ ان جي تاريخ به ان سان گڏ هلندي آهي. ماضي بڻجي ويل لمحا حال سان هلندڙ پَل ۽ مستقبل ۾ ايندڙ اونا ان کي زندگيءَ جي دڳ تي اڳتي وٺي هلندا آهن. انساني شخصيتون ان کي سماج ۾ سڃاڻپ ڏينديون آهن. انسان سان ڪارج ۾ ڪردار ان جي شخصيت جو اسڪيچ جوڙيندو آهي. اعليٰ ڪردار ادا ڪندڙ انسان تهذيب جي بقا ۽ سماج ۽ معاشري لاءِ پنهنجو متوازن ڪردار ادا ڪري ان سماج ۽ معاشري جي فردن لاءِ هڪ مثال بڻجي امر ٿي ويندا آهن. سندن ڏنل يادگارون پوءِ اهي لکڻين جي روپ ۾ هجن، آواز جي روپ ۾ هجن مصوريءَ جي روپ ۾ هجن، اهي سماج ۽ معاشري جي تاريخ بڻجي وينديون آهن ۽ سڄي دنيا لاءِ روشني ۽ اتساهه جو سبب بڻجنديون آهن. انهن ئي بهترين شخصيتن ۾ ستار ڀٽي به هڪ هو. سار ڀٽي هميشه هڪ شفيق ڀاءُ جي شڪل ۾ مونسان گڏ رهيو، جڏهن به ساڻس ملاقات ٿيندي هئي ته هو تمام محبت ۽ پيار واري انداز ۾ مٿي تي هٿ رکي مون سان ملڻ ڪڏهن به وساري نٿي سگهان. ساڻس آخري ملاقات سنڌي ادبي سنگت جي اليڪشن ۾ ۶ آگسٽ ۲۰۱۷ تي ڪافي دير سندس ڀرسان ويهي اليڪشن ۽ سنڌي ادبي سنگت بابت ڳالهيون ٿيون. سڄو ڏينهن گڏ رهڻ کانپوءِ ستار کي ڪراچي وڃڻو هو ته پاڻ موڪلائڻ مهل چيائين ته ڀيڻ اليڪشن ۾ بيهڻ وقت کٽڻ ۽ هارائڻ ٻنهي ڳالهين کي ذهن ۾ رکجي، بهرحال توهان سٺائي جي اميد رکو. الله توهان لاءِ جيڪو به ڪندو بهتر ڪندو. ان کانپوءِ سندس ڪتاب ستار ڀٽي شخصيت ۽ خط آيو. جنهن جي چونڊ ۽ ترتيب سندس گهر واري حميده ڀٽي ڪئي. پاڻ مون کي اهو ڪتاب نومبر مهيني ۾ موڪليو، جنهن ۾ سندس لفظ سڪ ۽ اڪير منجهان پنهنجي ڀيڻ نسرين الطاف لاءِ ڄڻ ته اڄ به دل تي اُڪري بيٺا آهن ۽ پوءِ وري ميسيج ڪري پڇيائين ته ڪتاب مليو؟ مان ڏاڍي شرمنده ٿيس ته اصولن مون کي ڪتاب ملڻ کانپوءِ ستار کي ٻڌائڻ کپي ها ته توهان جو موڪليل تحفو “ڪتاب” مون کي مليو پر سندس اُهي پيار ۽ محبتون وساري نٿيون وسرن. ستار ڀٽي سادو انسان جي عنوان هيٺ ڪتاب ۾ سندس وني جيون ساٿي حميده ڀٽي لکي ٿي ته مان سنڌ جي هر ضلعي ۾ ساڻس گڏ هوندي هئس، اسان جو اولاد وڏو ٿيو ته اهو به گڏ هوندو هو. سندس چوڻ هو ته سماجي، ادبي تنظيمن ۽ پروگرامن ۾ سنڌي عورتون اوهان کي ڏسي شريڪ ٿينديون. پنهنجي گهر کان شروعات ڪندڙ ستار ڀٽي هميشه عورت جي اڳتي وڌڻ جو حامي رهيو. عورت جي ترقي ۽ اڳتي وڌڻ سندس خواب رهيو. افسوس جو اسان جو سنڌي سماج ٻٽن روين سان ڀريل آهي. پر ستار ڀٽي جي قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن به تضاد نه رهيو. هن سياست به ڪئي پر سياست جي تلخ تجربن کانپوءِ هن پنهنجو رخ لکڻ پڙهڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو ۽ سندس ڪوشش اها ئي رهي ته شخصيت جي بقا تجربن جي بنياد تي پنهنجا خيال نسلن تي وکيري انهن کي ڪتابي شڪل ڏئي نروار ڪرڻ ۾ ئي آهي. هن سڀ کان پهريان تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ۽ سڀ کان پهريون ڪتاب “لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي” ۱۹۹۸ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيائين. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي سنگت جي ڪتابن جي انعام ڏيڻ واري مقابلي ۾ شامل ڪيو ويو. سندس ٻيو ڪتاب “لاڙڪاڻي جون امر شخصيتون” هو، جيڪو ۲۰۰۰ع ۾ شايع ٿيو. سندس ٽيون ڪتاب “چنڊ چوانءِ سچ” چوٿون ڪهاڻين جو ڪتاب “قيديءَ جي عيد” ۽ انگريزي ۾ پير حشام الدين راشديءَ تي ڇپيل ڪتاب لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي قائم ڪري پنهنجي هڙا وڙان خرچ ڪري ڇپرايا. ستار ڀٽيءَ جو چوڻ هو ته هن کي فخر آهي ته ان اهي ڪتاب ڇپرايا، پر افسوس اهو آهي ته شخصيتن تي لکڻ وارن کي وڏيون تڪليفون آيون، ڇو جو جيڪي اهي امر شخصيتون گذاري ويون آهن، انهن جا پونيئر تعاون نه ڪندا هئا. ڪيترا ڀيرا انهن ڏي مواد لکي موڪليندو هو، جنهن جو جواب سالن کانپوءِ ملندو هيو. تصويرون ۽ ٻئي مواد لاءِ انهن جي گهرن ڏانهن الاهي پنڌ ڪرڻا پوندا هئا. تحقيق جو ڪم ڏاڍو رولڙي ۽ تڪليف وارو آهي.

07 December, 2018

فهميده رياض


فهميده رياض
۽ ورهيه اڳ لکيل تحرير...
مجاهد بريلوي
کاغذ تیرا رنگ فق کیوں ہوگیا
شاعر ترے تیور دیکھ کر
کاغذ ترے رخسار پہ یہ داغ کیسے ہیں
شاعر میں ترے آنسو پی نہ سکا
کاغذ میں تجھ سے کیسے سچ کہوں
شاعر مرا دل پھٹ جائے گا
اڱاري جي شام ڊان نيوز مان نڪرندي فهميده جو ٻُڏندڙ آواز آيو، ’مهيني کان لاهور ۾ آهيان، مان ته نٿي اچي سگهان، تون ئي اچي وڃ.‘
مون پڇيو ”طبيعت ڪيئن آهي؟“
چيائين، ”اڳ کان بهتر آهي. ڌيءُ ويرتا جي ٻارن ۾ دل وندريل آهي.“

پروانو ڀٽي


پروانو ڀٽي
هڪ صحافي هڪ اديب
انعام الله ڀٽي
پير مرقد ۾ رکيم سوز ڀري دانهن ٻڌم،
موت مهلت جي ڏئي ها اچان ها مان به وڌي،
مان ته منزل تي رسيس توکي آ منزل جي تلاش،
تون به سُورن جو سڙيل مان به ڏکڙن جي ڏُڌي.
هي شعر سنڌ جي ڪهنه مشق اديب صحافي ۽ شاعر مرحوم ميوو خان پرواني ڀَٽي جو آهي، جيڪو سندس اندر جو آواز چئي سگهجي ٿو. ميوو خان پروانو ڀَٽي غريب ابن غريب پوليس جمعدار جي گهر ۾ ۱۶ فيبروري ۱۹۳۴ع ۾ اکيون کوليون. ميوو خان پرواني ڀٽي جي زندگي اها ڪانه هئي جيڪا ڏيکائي ڏني پئي. پنهنجي سڄي زندگي سنڌي ٻولي جي ادب، صحافت ۽ شاعري واري دنيا ۾ گذري، پنهنجي قلم جي پورهئي سان پنهنجي زندگي جي سفر کي روان دوان رکيو. زندگي ۾ ايندڙ لاهن چاڙهن کيس گهڻو ڪجهه سيکاري ڇڏيو هو. هونئن ته اسان واري سنڌي ادب واري سماج ۾ ادبي پنڊتن جي اها هڪ روايت رهي آهي ته هو هميشه پنهنجن مفادن خواهشن کي ترجيح ڏيندا آيا آهن. ٻولي ۽ لوليءَ جي صنف جي به کين شايد خبر نه هجي. ميوو خان پرواني ڀٽي جي لکڻين ۾ هميشه لوليءَ ۽ ٻولي واري صنف جي ته ايتري پختگي نظر ايندي، جنهن جو اندازو سندس هن شعر ۾ لڳي ٿو، جنهن ۾ مزاحمت به آهي ته پيغام به.

ربنواز هنڱورو - استاد لغاري


ربنواز هنڱورو
قسمت واڳون ڇڪيون - ٻه ڊسمبر تي - ٽين ورسيءَ جي مناسبت سان.
استاد لغاري
نڙ سِڪ ۽ سَوز جو ساز آهي. ڪتاب “نڙ جا بيت” ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي، ته “بيبي زليخان، حضرت يوسف کي سِڪ مان ساريندي وضو ڪندي هئي، جو انهيءَ پاڻيءَ مان ڪنگور جو ٻُوڙو ڦُٽو، جنهن مان نڙ ٺهيو”. ڀٽائيءَ صاحب فرمايو آهي؛
”وَڍيل ٿِي وايُون ڪري، ڪُٺل ڪُوڪاري.“
۽
”اَچِي ڦُٽِي اوچتِي، دَرد پِريان جِي دانهن.“

فهميده شرف بلوچ - استاد لغاري


فهميده شرف بلوچ
شخصيت ۽ شاعري
استاد لغاري
سنڌي ٻوليءَ جِي سگھارِي شاعره، محترمه فهميده شرف بلوچ بنت شرف الدين ذات جاگيراڻي، ۰۷ اپريل ۱۹۸۰ع ۾، پير جو ڳوٺ، ضلع خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ايم اي سنڌي پاس ڪرڻ کان پوءِ، هن وقت ڪراچيءَ ۾ جاب ڪري رهي آهي. سندس شاعريءَ جو رنگين ڪتاب “اُماس راتيون، اُداس رستا”، هن وقت منهنجي مطالعي هيٺ آهي. اوڙاھ عميق سمونڊر ۾ ٽُٻيءَ هڻي، آئون ڪجھ ماڻڪ ۽ موتي ميڙڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. 
”ايءُ گتِ غواصَنِ، جِئن سَمُونڊَر سُوجھِيائُون.“

حميد ابڙو - حيات علي شاهه بخاري


حميد ابڙو
مٽيءَ جو مانُ وڌائيندڙ
حيات علي شاهه بخاري
آئون شروع کان ئي روايت پسند ناهيان، جيئن حميد ابڙي جي ڪتاب تي تبصرو ڪندي لکان ته هي ڪتاب سنڌ راڻي پبليڪيشن طرفان ڇپايو ويو آهي، ڪتاب جا صفحا اٽڪل ۱۲۶ آهن. ليکڪ حميد ابڙو ادبي دنيا، (پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا) جي ڄاتل شخصيت آهي، ڪتاب جو ٽائيٽل به ڪتاب جي ڪهاڻين جو عڪس نظر اچي ٿو. ڪتاب ۾ پروف جون اڪيچار غلطيون آهن وغيره وغيره.

11 November, 2018

محمد خان ترڪ - مير اعظم ٽالپر


محمد خان ترڪ
مير اعظم ٽالپر
اڄ جڏهن ڪجهه لکڻ جو خيال ڪيم ته اتفاق سان ٽنڊو ڄام جي هڪ اهڙي استاد جو چاليهو هو، جنهن آخري گهڙين تائين علم، ادب ۽ تعليم سان محبت جي ڪري قلم پنهنجي هٿ مان نه ڇڏيو. يعني محمد خان ترڪ جنهن جو جنم ۱۰۲۴ع ڌاري هڪ استاد فتح محمد ترڪ جي گهر ۾ ٿيو ۽ سندس وڏو ڀاءُ عبدالرحيم ترڪ به پرائمري استاد هو (عبدالرحيم ترڪ جو پٽ ايران ۾ پاڪستاني سفارت خاني ۾ ملازم به هو) محمد خان ترڪ تي هر وقت مرڪ رهندي هئي. محمد خان ترڪ کي انگريزن جي زماني ۾ سنڌي فائنل (ست درجا) پاس ڪرڻ تي ۱۹۴۰ع ڌاري ۱۸ سالن جي عمر ۾ نوڪري ملي وئي. ان وقت ٻارن جي پٺن تي اڄڪلهه جي ٻارن وانگر ڪتابن جي ڀري ٻڌل نه هوندي هئي ۽ نه ئي ٽرالي جيترا ڪتاب هوندا هئا. پر صدر ايوب سنڌي فائينل ختم ڪري مئٽرڪ (ڏهه درجا) لازمي ڪئي، ان سان سنڌي ٻولي کي به وڏو ڌڪ لڳو. 

04 November, 2018

اندرا شبنم پونا والا


اندرا شبنم پونا والا
هندستان ۾ سنڌي ادب لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ شاعره ۽ ۱۷ ڪتابن جي خالق جون ”روزاني سڪار“ سان بي تڪلف ڳالهيون
ڳالهه ٻولهه: ساجد سنڌي/ رضوان گل
• مختصر سوانح حيات:
مڪمل نالو: شريمتي اندرا پونا والا (شبدا پوري)
ادبي سڃاڻپ: اندرا شبنم پونا والا، پيدائش ۲۴ نومبر ۱۹۵۰ع (ڪراچي سنڌ)، مادري ٻولي: سنڌي، تعليم: بي. اي/بي. ايڊ (ساهتيا رتن سينئر سند)
• ڇپيل ڪتاب ڪيترا ۽ ڪهڙا؟
شبنمي قطرا (سنڌي شاعري ۾ ايوارڊ يافته ڪتاب)، عبادت: ڪهاڻيون (سنڌي ۽ هندي)، سالن جو سک (شاعري)، تسوين (شاعري هندي ٻولي ۾)، سرگوشيان (هندي غزل)، سلسلي (هندي شاعري)، جاڳيل ضمير (سنڌي شاعري ايوارڊ يافته ڪتاب)، ضمير اپنا اپنا (هندي ۽ اردو ۾)، ميري منتخب نظمين (اردو شاعري ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن)

18 October, 2018

ڊاڪٽر غلام قادر سومرو


ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
سنڌي ٻوليءَ جو برک عالم ۽ اُستاد
پروفيسر محمد هارون سومرو
تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ڌرتي جي سيني تي هر دور ۾ اهڙا مانائتا ۽ ملهائتا انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن نهايت محنت ۽ مشقت، جفاڪشيءَ ۽ جانشانيءَ سان بنا ڪنهن نمود ۽ نمائش، بغير اعلانن ۽ نعرن جي، هن قوم جي ترقي ۽ خوشحالي، تعليم ۽ تربيت ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو اهڙن ئي باصلاحيت، اورچ ۽ ايماندار شخصيتن ۾ هڪ نالو اسانجي محترم ۽ محبوب استاد سائين غلام قادر سومري جو به آهي. سائين جن جي شخصيت ان لحاظ کان به مثالي آهي ته هن هڪ ننڍڙي ڳوٺ م جنم ورتو ۽ هڪ مٿانهين مقام ۽ مرتبي تي پهتا ۽ اهو مثال قائم ڪري ڏيکاريائون ته قابل ۽ ڪارائتا انسان فقط وڏن شهرن ۾ ئي نه پيدا ٿيندا آهن پر ننڍين وسندين ۽ واهڻن ۾ جنم وٺڻ وارا به پنهنجي محنت ۽ مشقت سان اعليٰ ارفع مقام ماڻي سگهن ٿا ۽ اها روايت سنڌ اندر ته صدين کان جاري ۽ ساري آهي. مولانا ابوالحسن سنڌي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ماضي قريب ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽو علامه آءِ آءِ قاضي پير حسام الدين راشدي علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کان اهڙا ٻيا به اڻ ڳڻيا نالا ان صف ۾ شامل آهن جن جي علمي عظمت ۽ شهرت سنڌ جون سرحدون لتاڙي ڏورانهن ڏيهن تائين پهتي ڊاڪٽر غلام قادر سومرو به اهڙي ئي قيمتي مالها جو هڪ انمول موتي آهي جنهن سڄي زندگي سنڌ اندر مختلف ميدانن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي علم جي روشني به پهچائي ته پنهنجين خداداد انتظامي صلاحيتن وسيلي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ نهايت همدرديءَ سان هتان جي عوام جي رهنمائي به ڪئي ته کين اڳتي وڌڻ لاءِ به همٿائيندا رهيا.
ولادت ۽ ابتدائي زندگي:
استاد غلام قادر سومري جي ولادت ۱۵ فيبروري ۱۹۳۳ع ڌاري ضلعي نوشهروفيروز (ان دؤر جي ضلعي نوابشاهه) اندر ٺاروشاهه ويجهو ”ڏيٿا“ نالي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿي سندن والد صاحب مرحوم نبي بخش ڊکاڻڪو ڪم ڪندو هو جيڪو مالي لحاظ کان ته تمام مسڪين شخص هو پر ڪردار جي حوالي سان تمام نيڪ ۽ ايماندار هو. جيتوڻيڪ ان دور اندر غربت ۽ تعليمي ادارن جي ٿورائيءَ سبب خاص طور ٻهراڙيءَ جي ٻارن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو ڇو ته معصوم ٻارن کي ميلن جا ميل پنڌ ڪري اسڪولن تائين پهچڻو پوندو هو، پر پوءِ به ڪي ٻار پيءُ ماءُ جي ڪوشش توڙي پنهنجي ذاتي شوق سبب اهي مصيبتون سهي اسڪولن تائين پهچندا هئا اهڙيءَ ريت ننڍڙي غلام قادر کي به والد صاحب ڏيٿا پرائمري اسڪول اندر داخل ڪرايو جتان هن سنڌي چار درجا پاس ڪري ٺاروشاهه جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ اتان مئٽرڪ جو امتحان سٺين مارڪن سان پاس ڪيائين سندس شمار هميشه پنهنجي ڪلاس جي هوشيار ۽ ذهين شاگردن ۾ ٿيندو هو، جنهن ڪري ننڍڙي هوندي کان ئي هو استادن جي توجهه جو مرڪز رهيو.
علمي زندگيءَ جي شروعات:
مئٽرڪ کان پوءِ ستت ئي کيس ٺاروشاهه جي ان اسڪول ۾ اندر ئي استاد مقرر ڪيو ويو جتي هن ست ورهيه ساندهه هڪ ذهين شاگرد جي حيثيت سان گذاريا هئا اهڙيءَ ريت سندس علمي زندگيءَ جو آغاز ٿيو. استاد مقرر ٿيڻ کان پوءِ به سائين غلام قادر پنهنجي شاگرديءَ واري سلسلي کي ختم نه ڪيو جيئن ته ان دور ۾ ڪاليج عام نه هوندا هئا ۽ پرائيويٽ تعليم جي به اجازت فقط استادن کي ئي هوندي هئي باقي عام ماڻهو شاگرد جي حيثيت سان ئي تعليم حاصل ڪري سگهندو ان ڪري ئي ان دور ۾ يا ته وڏن شهرن جا رهاڪو ئي اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهندا هئا يا ته وري سکين ستابن گهراڻن جا اهي نوجوان جن جي تعليم ۽ بورڊنگ جا خرچ سندن والدين ادا ڪرڻ جي سگهه ساريندا هئا.
سائين جن جي استاد جي حيثيت سان پنهنجي علمي زندگيءَ جي شروعات ڪئي هئي ان ڪري سهولتن جو فائدو وٺندي هن پنهنجي تعليمي سلسلي کي وڌايو ۽ پوسٽ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ جڏهن سنڌ اندر پي ايڇ ڊي جو سلسلو شروع ڪيو ويو ته استاد غلام قادر به پنهنجي محنت سان تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ پنهنجي تعليمي سلسلي کي توڙ رسايو.
بحيثيت استاد:
سائين غلام قادر سومري پنهنجي ڪيريئر جو آغاز استاد جي حيثيت سان ڪيو ۽ سڄي زندگي سندن واسطو تعليم سان ئي رهيو جيتوڻيڪ هو ٻين وڏن انتظامي عهدن تي به قائم رهيو پر سندن اندريون استاد هميشه زندهه ۽ متحرڪ رهيو ڇو ته جڏهن به ڪو شاگرد وٽانس ڪجهه سمجهڻ ۽ سکڻ ويندو هو ته استاد محترم نهايت کليل دل سان پنهنجي علم جي اڻ کُٽ ذخيري مان کيس مطمئن ڪري ئي موٽائيندو هو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين سندس علمي فيض مان شاگرد مستفيض ٿيندا رهيا. انگريزي ۽ سنڌي ٻولين جي گرامر ۽ لغت تي کيس عبور حاصل هو ان کانسواءِ تاريخ، سوانح نگاري، سيرت سان گڏوگڏ طنز و مزاح به سندس پسنديده موضوع هئا انهن موضوعن تي هنن ڪيترا ئي ڪتاب به لکيا جن جا نالا هن ريت آهن. ”سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت، انگن جو ادبي ڪارج، .... ۽ ڌوڙيا پئجي ويا، ٽاڪوڙا، ور چڙهي وڃڻ جي پيڙاهه، سنڌيڪا انگلش ٽو سنڌي ڊڪشنري“ ۽ انکانسواءِ اخبارن ۾ سندس مضمون ڪالم اڪثر شايع ٿيندا رهندا هئا. هڪ استاد جي حيثيت سان سندس ڪيريئر جي شروعات ٺاروشاهه جي هاءِ اسڪول کان ٿي ۽ سنڌ جي مختلف هاءِ اسڪولن کان علاوه هتي پبلڪ اسڪول حيدراباد (لطيف آباد) ۾ به هڪ سينيئر استاد جي حيثيت سان پنهنجون ذميوارريون نڀايون سندس پڙهائيءَ جو طريقو اهڙو ته دلڪش ۽ عام فهم هوندو هو جو هر هڪ کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندو هو. ڏکئي مان ڏکيو سبجيڪٽ به سائين اهڙي انداز ۾ شاگردن کي سمجهائيندو هو جو هر هڪ جي دماغ ۾ سندس ڳالهه گهر ڪري ويندي هئي اهو ئي سبب آهي جو استاد غلام قادر اڄ تائين پنهنجن شاگردن جي دلين ۾ زندهه آهي ۽ سندن دلين ۾ زندهه رهندو ۽ اها ئي هڪ سچي ۽ ڪامياب استاد جي نشاني آهي.
سائين جن ڪجهه وقت سنڌ جي مشهور ۽ قديم علمي مرڪز سنڌ مدرسته الاسلام ۾ به بحيثيت پرنسپال به ڪم ڪيو جتي هن نه فقط اتان جي تعيليمي ۽ تدريسي معيار کي برقرار رکيو پر ان ۾ ڪيترائي سڌارا به آندا.
مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ سائين ڊپٽي رجسٽرار جي ٿيو. هتي پڻ هنن نهايت ڪاميابيءَ سان پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪيو اهڙيءَ طرح هو ”قائدِ عوام“ يونيورسٽي ۾ به هڪ ڪامياب ايڊمنسٽريٽر ٿي رهيو ۽ هڪ همدرد ۽ هڏ ڏوکي آفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين پنهنجن ملازمن توڙي شاگردن سان سندس رويو هميشه شفقت وارو ٿي رهيو. اهي عهدا هن نج ميرٽ جي بنياد تي حاصل ڪيا. هن ڪنهن وڏي ماڻهوءَ يا سياستدان کان مدد نه ورتي. هو تمام خوددار انسان هو جنهن ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگيو. هُو درسي ڪتابن جي تياري ۾ به معاون رهيو ۽ نهايت سٺي نموني پنهنجا فرائض ادا ڪيا. هن نه شراب ۽ نه نقل جو سهارو ورتو. هو جتي به رهيا اُتي پنهنجي قابليت همدردي ۽ ايمانداريءَ جا اهڙا مثال قائم ڪيا جيڪي وسارڻ جوڳا نه آهن.
استاد غلام قادر پنهنجي دور جو هڪ وڏو ماڻهو هو. حقيقت ۾ وڏا ماڻهو ٻن قسمن جا هوندا آهن هڪ Big man ۽ ٻيو Great man پهرين قسم جا ماڻهو پنهنجي ۽ پنهنجي عزيزن لاءِ جيئندا آهن ۽ خدمت ڪندا آهن جيئن وڏو زميندار زمين ۽ ملڪيت وڌائيندو آهي ڪارخانيدار پنهنجن ڪارخانن جو عدد وڌائيندا آهن ۽ وڏا آفيسر به پنهنجي اولاد لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندا آهن پر ٻين لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ جو جذبو نه هوندو. اٿن Great man وري زندگي ٻين جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن ٻين جون تڪليفون ۽ مسئلا حل ڪندا رهندا آهن، جيئن مسڪين جهان خان کوسو، مرحوم حيدربخش جتوئي وغيره پهرين قسم جي وڏن ماڻهن کي ٻٽو موت ايندو آهي ڇو ته موت کان پوءِ نه رڳو سندن جسم مٽيءَ ۾ دفن ٿيندو آهي پر ان سان گڏ سندن شان شوڪت سموريون خوبيون ۽ خدمتون نالو ۽ عزت به مٽيءَ ۾ دفن ٿي ويندا آهن. انهن کي مرڻ کان پوءِ ڪوبه ياد نه ڪندو آهي نه ئي ڪي شاعر انهن لاءِ قصيدا لکندا ۽ نه ئي تاريخ ۾ انهن جو ذڪر هوندو. Great man کي هڪ ئي موت ايندو هن جو جسم ته مٽيءَ ۾ ويندو پر هن جون خدمتون، هن جا ڪارناما، هن جون قربانيون جي ٻين لاءِ ڏنيون سي ياد رهنديون ماڻهو هن لاءِ روئندا شاعر قصيدا لکندا ۽ تاريخ ۾ هن جو ذڪر ڪيو ويندو. استاد غلام قادر جو شمار به انهن ئي شخصن ۾ ٿيندو جن کي “Great man” سڏيو ويندو آهي ڇو ته هنن جي زندگي پنهنجي لاءِ نه پر ٻين لاءِ وقف ٿيل هئي. وڏن عهدن تي رهڻ باوجود هنن غريبن واري زندگي گذاري هڪ ننڍڙي گهر ۾ رهندا هئا بيماري ۽ ڪمزوري جي حالت ۾ به علمي ۽ تحقيقي ڪمن ۾ پاڻ رڌل رهندا هئا ۽ جڏهن به ڪو شاگرد وٽن ايندو هو ۽ ڪڏهن به علمي سلسلي ۾ کانئن ڪا مدد گهرندو هو. ته پاڻ نهايت شفقت ۽ محبت سان مدد ڪندا هئا. آءٌ به ڪنهن ڪنهن علمي مسئلي ۾ منجهندو هوس ته رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن خدمت ۾ حاضر ٿيندو هوس، جتي سائين جن مرڪندڙ منهن ۽ کليل دل سان منهنجي مدد ڪندا هئا. علم جو هي آفتاب علمي خدمتون انجام ڏيندي آڪٽوبر ۲۰۰۵ع ۾ غروب ٿي ويو، کيس اباڻي قبرستان ٺاروشاهه ۾ دفن ڪيو ويو. سائين جن پنهنجي پويان پنهنجو خاندان ۽ هزارين شاگرد سوڳوار پويان ڇڏيا آهن.
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين
جي جيءَ کي جيئارين
سي لاهوتي لڏي ويا.

ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
ساهتيءَ جو هيرو
افتخار سومرو
ناليواري تعليمدان، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر غلام قادر سومري ۱۵ فيبروري ۱۹۳۳ع تي ساهتي پرڳڻي جي ڳوٺ ڏيٿا لڳ ٺارو شاهه، ضلعي نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو.
۱۹۵۰ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ۱۷ ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي مادر علمي ٺارو شاهه هاءِ اسڪول کان پنهنجي علمي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين.

ٻاجھي فقير لغاري


ٻاجھي فقير لغاري
صوفي شاعر
استاد لغاري
لغاري قبيلي جي، چوٽيِءَ جي صوفي شاعرن ۾، خليفي نبي بخش “قاسم” لغاري، حمل فقير لغاري ۽ فقير نواب ولي محمد خان لغاري جي نالن کان پوءِ، ٻاجھي فقير لغاريءَ جو نالو، ٻين مڙني صوفي شاعرن کان مٿاهون ۽ نمايان نظر اچي ٿو. ٻاجھي فقير لغاريءَ جي شاعريءَ واري ڪتاب “ڪُلياتِ ٻاجھي” ۾، وحدانيت ۽ رسالت واري ڪيفيت جي، روح پرور پالوٽ ٿيل آهي. فقير صاحب جي شاعري انتهائي آسان، روانيءَ واري، ردم ۽ رس سان ڀرپور آهي. جيڪا تجنيس حرفي تي آڌاريل، ماکيءَ جهڙي مٺي، يڪدم سمجھ ۾ ايندڙ ۽ موسيقيءَ سان مالا مال به آهي. “ٻاجھي ٻول، پردا کول، لب چول سُڻايا، عشق امام، بن هر مام، رو رام ريجھايا، دُوئِي دُور، ٿَئِي وهلور، حج حُضور پڙهايا”. هي اهڙا ٻول آهن، جن جي پڙهڻ، پروڙڻ ۽ ڳائڻ سان، انسان جي روح کي سراسر سُڪون ملي ٿو.

14 October, 2018

شيخ عزيز


شيخ عزيز
صحافت جو استاد، شيخ عزيز، دل جو دورو پوڻ سبب وڇڙي ويو.
ڪراچي (رپورٽر) سينيئر صحافي ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق شيخ عزيز، دل جو دورو پوڻ سبب وڇڙي ويو، ۸۰ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري، سينيئر صحافي کي اڄ ڪراچي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. ان حوالي سان ڄاڻ موجب ته ڪالهه سينيئر صحافي شيخ عزيز پنهنجي گھر وارن سان گڏجي شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي کان حيدرآباد وڃي رهيو هو ته کيس رستي ۾ دل جو دورو پيو. جنهن بعد هنگامي بنيادن تي کيس حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ بعد ڪراچي جي اسپتال نيو ويو. جتي سندس فوري طور تي دل جو آپريشن ڪيو ويو هو. ڪالهه صبح جو سوير سندس طبيعت ٻيهر خراب ٿي پئي، جنهن سبب هُو هميشه لاءِ لاڏاڻو ڪري ويو. شيخ عزيز کي اڄ منجھند جو ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. سندس لاڏاڻي تي عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، ڊپٽي ايڊيٽر ذلف پيرزادي، اقبال ملاح، سب ايڊيٽر جاويد بوزدار، سارنگ زين چانڊئي، رياض ابڙي، اي پي پي جي عبدالله سروهي، ڪرم علي شاهه ڪرم ۽ ٻين عزيز جي پٽ طارق عزيز شيخ سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي. کاٻي ڌُر جي صحافين ۾ شمار ٿيندڙ صحافي شيخ عزيز پونيئرن ۾ بيواھ، ۲ پُٽ ۽ ۲ نياڻيون ڇڏيون آهن.

13 October, 2018

رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي


رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي
ڳالھيون ڪيئي ڪتاب واري رئيس جون
انور سولنگي
جرمن اسڪالر ڊاڪٽر اينميري شمل وصيت ڪئي هُئي ته؛ مون کي مرڻ کان پوءِ ماتلي ۾ دفن ڪيو وڃي. انهيءَ شهر ۾ شهزادي ۽ يتيم ٿي پلجندڙ ٻار کان “باباءِ ثقافت” جي لقب حاصل ڪرڻ تائين هو زندگي جون سموريون منزلون طئه ڪري پنهنجي يادگيرين جي مالها “ڪيئي ڪتاب” ۾ پوئي پهرين جنوري ۱۹۸۳ع ۾ هن دنيا ڏانهن روانو ٿي ويو، جتان اڄ تائين ڪو موٽيو ئي ڪونهي.

12 October, 2018

ڪريم بخش خالد - عبدالجبار عبد


ڪريم بخش خالد
ھڪ ناليرو عالم، اديب، محقق ۽ دانشور
عبدالجبار عبد
ڪريم بخش خالد، ۱۵ ڊسمبر ۱۹۲۸ع تي ضلعي شڪارپور جي شھر ڳڙھي ياسين ۾ ڄائو. سندس والد جو حاجي محمد عثمان ميمڻ ھو. جيڪو پڻ پنھنجي ھنڌ ھڪ چڱو سگھڙ ھو. ڪريم بخش خالد ابتدائي تعليم کان پوءِ، سن ۱۹۴۵ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪيو. ان کان علاوھ پاڻ ۱۹۴۵ع ۾ بمبئي مان انٽرميڊيٽ ڊرائينگ، ۱۹۵۲ع ۾ ڪراچي مان بي اي ۽ ۱۹۵۷ع ۾ پنجاب مان صحافت ۾ ڊپلومه جون ڊگريون حاصل ڪيون ھئائين. ساڳيءَ طرح ”سرڪاري ڪمن جي تشھير“ ۾ ڊپلومه (لنڊن ۱۹۶۹ع) جي سند پڻ حاصل ڪيائين. اطلاعات کاتي ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪندي، سنڌ اطلاعات کاتي ۾ ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات حڪومت سنڌ ڪراچي جي عھدي تي پھتو. جتان ”ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات حڪومت سنڌ ڪراچي“ جي عھدي تان رٽائر ڪرڻ کان پوءِ، ھو پوريءَ طرح علم و ادب جي خدمت ۾ مصروف رھيو.

30 September, 2018

شميم آرا - نصير مرزا


شميم آرا
علي ڳڙھ جي پتلي ٻائي
نصير مرزا
Image result for shamim ara film actressهِتي ان جو اهو مقصد ته قطعي نه، ته ڪا اها پُتلي ٻائي علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان گريجوئيٽ ٿي ڪراچي پهتي هُئي. هوءَ ته انهيءَ ڳڙهه جي سانوري سلوڻي مٽي هُئي ۽ جتي هُن جي والده ماجده نازڪ نفيس رقاصه ۽ ناني “بلما بيگم” وري ڪرسيءَ واري سڏبي هُئي. ورهاڱي بعد نيپيئر روڊ کي هن ڪٽنب پنهنجو مسڪن بنايو ته بس ان ئي بازار ۾، ڀارت مان آيل فلم هدايتڪار نجم نقوي هن کي ڏٺو ۽ فلم “ڪنواري بيواهه” لاءِ چونڊي مٿس نالو رکيو شميم آرا! هوڏانهن وارين اداڪارائن مان حُسن جي ديوي مڌو بالا تي جيڪڏهن حُسن ختم ته هيڏانهن فلم “لاکون مين ايڪ” جي هن هيروئن پُتلي ٻائي آف علي ڳڙهه عرف شميم آرا تي وري جذباتي ڪردار نگاري خلاص! هونئن هي شميم آرا نالو وري اهڙو ڄڻ اکين آڏو ريشمي اطلس و ڪيمخواب جو ڪو تاڪيو کُلندو وڃي. شميم آرا جا پُرڪشش ساروپا ته پنهنجي جاءِ تي، پر سنهڙي ڳچيءَ ۾ جهولندڙ سونو لاڪيٽ، بدن تي ڪڏهن ساڙهي ته ڪڏهن علي ڳڙهه ڪٽ غرارو، مٿان گنگا جمني اردو ۾ ڊائلاگس، پر هي ويٺي ويٺي شميم آرا ۾ اڄ اها مُنهنجي ايڏي دلچسپي الائي ڇو؟! اصل ۾ هي تازو جيڪا هر پاسي ادبي ميلن جي بهار ۽ ڀرمار هئي، انهن منجهان ڪنهن ميلي مان فيض احمد فيض صاحب جي نياڻي منيزا هاشميءَ جي مختلف علمي، فلمي ۽ سياسي شخصيتن کان ورتل انٽرويوز وارو ڪتاب مون خريد ڪيو هو “ڪون هون مين؟” ته بس پُتلي ٻائي عرف شميم آرا جو پورٽريٽ ۽ انٽرويو ته ان ڪتاب ۾ مون کي ڏاڍو موهيو هو. فلمن ۾ پنهنجي پهرئين انٽريءَ بابت منيزه صاحبه کي شميم آرا ڳالهه ئي ٻي ٻُڌائي آهي، جنهن جو لب لباب هي ته، ڪنهن بهاني ڪراچيءَ ۾ ڪنهن ساهيڙيءَ جي گهر ملڻ لاءِ آئون وئي هئس. خبر پئي ته هندستان مان تازو پهتل ڪو فلم هدايتڪار نجم نقوي منهنجي ساهيڙي کي فلم ۾ هيروئن جي ڪردار لاءِ ڏسڻ پيو اچي. جيڪو نيٺ آيو، هاڻي ڇا ڏسان ته نجم نقوي صاحب ڳالهائي منهنجي ساهيڙيءَ سان پيو ۽ اک وري مون مان نه پيو ڪڍي. نيٺ چئي ويٺو، توُن منهنجي فلم “ڪنواري بيواهه” جي هيروئين ٿيندينءَ!؟ هاڻي ان فلم معرفت فلم اسٽوڊيوز جا دروازا مون تي کُليا ته بس کُلندا ئي ويا. هاڻي ٻي فلم “سهيلي” جنهن جو گيت گهڻو مشهور ٿيو “هم ڀول گئي هر بات، مگر تيرا پيار نهين ڀولي” ۽ ان کان پوءِ فلمن جي قطار لڳي وئي. پاڪستاني ديوداس فلم ۾ هن کي “پارو” جو ڪردار مليو. بقول شميم آرا ته، پاڪستان جي پهرين رنگين فلم نائله ٺهڻ جو اعلان ٿيو ته هيروئن طور منهنجو انتخاب ٿيو. سڀني چيو ته هيءَ ته سانوري آهي ۽ فلم رنگين.