; سنڌي شخصيتون: اندرا شبنم پونا والا

04 November, 2018

اندرا شبنم پونا والا


اندرا شبنم پونا والا
هندستان ۾ سنڌي ادب لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ شاعره ۽ ۱۷ ڪتابن جي خالق جون ”روزاني سڪار“ سان بي تڪلف ڳالهيون
ڳالهه ٻولهه: ساجد سنڌي/ رضوان گل
• مختصر سوانح حيات:
مڪمل نالو: شريمتي اندرا پونا والا (شبدا پوري)
ادبي سڃاڻپ: اندرا شبنم پونا والا، پيدائش ۲۴ نومبر ۱۹۵۰ع (ڪراچي سنڌ)، مادري ٻولي: سنڌي، تعليم: بي. اي/بي. ايڊ (ساهتيا رتن سينئر سند)
• ڇپيل ڪتاب ڪيترا ۽ ڪهڙا؟
شبنمي قطرا (سنڌي شاعري ۾ ايوارڊ يافته ڪتاب)، عبادت: ڪهاڻيون (سنڌي ۽ هندي)، سالن جو سک (شاعري)، تسوين (شاعري هندي ٻولي ۾)، سرگوشيان (هندي غزل)، سلسلي (هندي شاعري)، جاڳيل ضمير (سنڌي شاعري ايوارڊ يافته ڪتاب)، ضمير اپنا اپنا (هندي ۽ اردو ۾)، ميري منتخب نظمين (اردو شاعري ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن)


• مڃتا ايوارڊ/ سرٽيفڪيٽ ڪهڙا ۽ ڪنهن جي طرفان مليا؟
• لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي ۽ پهرين تخليق ڪٿي شايع ٿي؟ لکڻ جي شروعات ۱۹۹۱ع کان ڪئي، ۽ پهرين تخليق ۱۵ سالن جي عمر ۾ هند واسي هفتيوار پيج ۾ ڇپي.
• لکڻ جا محرڪ ڪهڙا هئا؟
• سماجڪ، فزيولاجي، پوليٽيڪل پرابلم ۽ عورتن جا مسئلا.
• مزاجن توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟
• تمام سنجيده ۽ شرارتي به
• پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟
• آشواڌي نظريي جي هٿن جي هلچل، اکيون ۽ آواز
• اوهان جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري؟
. • پيار جنهن ۾ گهڻي جذباتي هئس
• توهانجو قابل فخر ڪم؟
• غريب هوندي به پنهنجي نوڪري ٽوئشن ڪري پڙهائڻ ۽ تمام مشڪل حالتن کي منهن ڏيئي به پنهنجو ڪم ڪندي رهيس ۽ گڏوگڏ لکڻ جي ڪرت به جاري رهي
• دولت، شهرت ۽ محبت مان چونڊ ڪرڻي پوي ته ڇا چونڊيندئو؟
• محبت، شاهه سچل ساميءَ ۽ صوفي محبت ڪندا رهيا ۽ لکندا رهيا روحاني پيار
• زندگيءَ جو ڪو اڻ وسرندڙ واقعو؟
• دهلي اڪيڊمي پاران پندرهن ليکڪن جو گروپ سنڌ ۾ وٺي وڃڻ جي گروپ ۾ مان به هئس ۽ ڏاڍي خوش به هئس، ويزا به ملي پر ڪجهه گروهن ڪارڻ مان ان ۾ شامل نه ٿي سگهيس، ان کانپوءِ سنڌ اچڻ لاءِ ڪوبه گروپ نه مليو ۽ سنڌ نه ڏسي سگهي آهيان.
مڪمل تخليقڪار ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟
• مون ۾ الائي ڪيتريون خرابيون ۽ خوبيون آهن جو سڀ مڪمل سمجهندا آهن
• ادبي ۽ ثفافتي ادارن جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن آهيو؟
•.نه، ۱۷ ڪتاب لکڻ کانپوءِ به ائين الائي ڇو لڳندو آهي ته اڃا لکڻو آهي، پر افسوس ادارن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي.
•.زندگيءَ جو ڪڙو سچ؟
•. لکندي لکندي انهن ڪردارن جا ڏک، سور، سهندي رهندي آهيان، ڪڙو سچ جيڪو چئجي اصل به نه ملندو آهي.
• گهڻي ڪاوڙ ڪهڙي ڳالهه تي ايندي آهي؟
• سماج ۾ ۽ سياسي ظلم تي گهڻي ۾ گهڻي ڪاوڙ ايندي آهي،
• ادب جو بنيادي ڪارج ڪهڙو آهي؟
• پاڻ ۾ تبديليون آڻڻ ۽ نصيحتون نه ڏجن، پنهنجا ڪردار تخليق ڪجن.
• لکڻ وقت ڪهڙي ڪيفيت هوندي آهي؟
• سماڌي ميڊيشن، ماحول کان بي نياز.
• نئين سرجندڙ ادب مان ڪيترو مطمئن آهيو؟
هندستان ۾ ٺيڪ آهي (ماحول کان متاثر ٿيل)
• زندگي توهان جي نظر ۾؟
• تمام خوبصورت ۽ رب جي مليل نعمت.
• ڏک توهان جي نظر ۾؟
• بس گذري ويندا آهن ۽ گهڻو ڪجهه سيکاريندا آهن.
• خوشي توهان جي نظر ۾؟
• گذري ويندي
• پيار توهان جي نظر ۾؟
• بيحد پويتر ۽ مقدس، ٻن روحن جو رشتو.
• دوستي توهان جي نظر ۾؟
• تمام قيمتي
• عورت اوهان جي نظر ۾؟
• هڪ نعمت جنهن کانسواءِ ڪل ڪائنات اڌوري آهي.
• ڪنهن کان نفرت آهي؟
• بلڪل نه، مان ڪنهن کان به نفرت نه ڪري سگهندي آهيان.
• اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
• اداس لمحن ۾ ڪنهن سانيتڪي جڳهه تي ويندي آهيان.
• ڪا رهجي ويل خواهش؟
• پنهنجي آٽو بايو گرافي لکڻ جيڪا اڌوري آهي.
• ڪهڙي قسم جي ماڻهن کان متاثر ٿيندا آهيو؟
• سچار، حوصلي مند، بهادر ۽ ارادن جو پختو.
• زندگيءَ جي ڪا سڀ کان پياري شيءِ؟
• قلم ڪاغذ ۽ لکڻ.
• جيون جي ڪا کل جهڙي ڳالهه؟
• دل ٽٽندي آهي ۽ وري به پيار ڪندي رهندي آهيان.
• ڪنهن سفر جي تمنا؟
• ها هڪ ڀيرو سنڌ ڏسان.
• ڪا شخصيت جنهن جي جدائيءَ جو احساس ٿيندو هجي؟
• عزيز، اديبن، ڪلاڪارن کان جدا ٿيڻ جو بيحد گهڻو احساس.
• اهي ماڻهو جن تي اوهان کي رشڪ آيو؟
• نه.
• اوهان جي وڏي ۾ وڏي خوبي ۽ خامي؟
• خوبي هر ڏک ۾ مسڪرائڻ، خامي رشتا ٽوڙي نه سگهڻ.
• ٻيهر زندگي مليوَ ته؟
• ٻي زندگي ملي نه ملي، جيڪا ملي آهي اها ئي ڀرپور جيان.
• شادي پنهنجي پسند يا مائٽن پسند هئڻ گهرجي؟
•.شادي پنهنجي پسند جي هئڻ گهرجي ۽ پيار جي.
• ظلم ڏسندي ڇا محسوس ٿيندو آهي؟
• ظلم ڏسندي ڪاوڙ ايندي آهي ۽ صدمو به.
• مستقبل ۾ اوهان دنيا کي ڪيئن ٿا ڏسڻ چاهيو؟
• پيار ۽ پيار، نفرت نه هجي ۽ امن هجي.
• اهو خواب جيڪو هن وقت تائين پورو نه ٿيو هجي؟
• سنڌين کي انصاف ملي.
• سماج ۾ تبديلي ڪيئن ايندي؟
• ڪجهه جوش ڀريو لکجي، تعليم بوڊ مائنڊڊ يعني ڪشادي دل هئڻ.
• زندگيءَ جي هائيڊ پارڪ لاءِ ڪو ڪڙو سچ؟
• ۱۹۴۷ع ۾ سنڌين سان ٿيل فيصلا ۽ قدم غلط کڻڻ.
• جيڪڏهن توهان کي پنهنجي دل جي ڳالهه ڪنهن شعر ۾ ٻڌائڻ لاءِ چئجي ته ڪهڙو شعر ٻڌائيندؤ؟
• زخمن جا گل ٽڙن ٿا سورن ۾ آ سڳنڌ، غم جو نشو چڙهي جو ان جو بيان ڪونهي.
• اهڙو ڪتاب جيڪو هن وقت تائين ذهن تي ڇانيل آهي؟
• نارائڻ شيام جو ڪتاب ”ماڪ ڀنا رابيل“.
• ڪلا جي دنيا ۾ پسند؟
• شيخ اياز..
• موسيقيءَ ۾ ڪنهن کي ٻڌندا آهيو؟
• سيمي ڪلاسيڪل ۽ غزل.
• پسند جا نثر نگار؟
• ڪلا پرڪاش.
• پسند جا شاعر؟
• نارائڻ شيام.
• وڻندڙ لباس؟
• شلوار قميص.

(ڏات، ڏيھاڙي سڪار ۳/۱۱/۲۰۱۸)



اندرا شبنم پونا والا
محمد سليمان وساڻ
سنڌ سلامت پاران هند ۽ سنڌ جي مشهور ليکڪا ۽ شاعره محترمه اندرا شبنم پونا والا کي جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔ محترمه اندرا شبنم فيسبوڪ ۽ سوشل نيٽورڪس تي گهڻو سرگرم ۽ سڀني جي پسنديده شخصيت آهن.
اندرا شبنم جو جنم ۲۴ نومبر ۱۹۵۰ع تي ڪراچي ۾ ٿيو. هن وقت پاڻ پونا ۾ رهن ٿيون. هوء بي اي ۽ بي ايڊ آهي. اندرا شبنم پنهنجي ڪيريئر ۾ ۱۹۷۹ع کان تعليم سان لاڳاپيل آهن، پاڻ يوگا جون به بهترين استاد آهن. سندن اصل سڃاڻ شاعري ۽ ادبي ميدان ۾ سندس سرگرميون آهن. اندرا شبنم اندو سنڌي، اردو، هندي ۽ مراٺي زبانن ۾ شاعري ڪئي آهي. هوء ڪهاڻيء جي به بهترين ليکڪا آهي. اندرا شبم ڪيترن ئي پروگرامن ۽ سيمينارن ۾ پنهنجي شاعري ۽ ڪهاڻي پيش ڪندي رهي آهي. جنوري ۲۰۱۱ع ۾ هيرو ٺڪر، ومي سدا رنگاڻي سان گڏ هوء پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ جي دوري تي آئي، جنهن ۾ هوء شاهه لطيف ڀٽائي جي ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ مختلف سيمينارن ۾ شرڪت ڪندي رهي.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن :
۱. شبنمي قطر،۱۹۹۱ع (سنڌي : شاعري)، دهلي اڪيڊمي اوارڊ
۲. عبادت، ۱۹۹۶ع (هندي ۽ سنڌي ڪهاڻيون) گجراتي اڪيڊمي اوارڊ
۳. سالن جو سک، ۲۰۰۰ع (سنڌي شاعري)
۴. تصويرين، ۲۰۰۲ع (هندي شاعري)
۵. سرگوشيان، ۲۰۰۳ع (اردو شاعري)
۶. سلسلي، ۲۰۰۳ع (هندي شاعري)
۷. دستڪ، ۲۰۰۴ع (هندي شاعري)
۸. عبادت، ۲۰۰۶ (اردو ڪهاڻيون)
۹. جاڳيل ضمير، ۲۰۰۷ (سنڌي شاعري)


اندرا شبنم

وڏا ٽھڪ ڏيندڙ شخصيت آپا

ڪمال اوٺو

اڄ پاڻ جنهن شخصيت جو ذڪر پيا ڪريو سنڌ ڄائي، ۽ لاجواب ڪهاڻيڪاره. آپا اندرا شبنم شھدادپوري جو.

آپا کي ائون ۲۰۱۷ع کان سڃاڻا ٿو آپا جو ڪتاب عبادت ڪهاڻيون پڙھي ان ڪتاب۾ ڏھ ڪهاڻيو هيو جيڪي مون کي ڏاڍو وڻيون هيون ڪتاب پڙھڻ کانپو۽ فورن آپا کي فيس بڪ تي رڪئيسٽ موڪليم ۽ پو۽ جلد هن ايڪسيپٽ ڪئي. ۽ هن کي مون ٻڌايو ته اوهان جي ڪتاب ڪهاڻين ڪتاب عبادت پڙھيو آھي. اوهان منھنجي پسنديده جا ڪهاڻيڪاره آھيو. هن ڏينهن هن مونسان صرف پنج منٽ ڪچهري ڪئي هن کان پو۽ مونسان اڌ يا ڪلاڪ ضرور ڪچھري ڪندي هئي وڏا وڏا ٽھڪ ڏي پڇندي ته بابلا ڪمل اڄڪله ڇا پيو ڪريو جواب ڏيندس ته آپا مڙئي ڪورونا جي دور ۾ جيئو پيا وري وڏو ٽھڪ ڏيندي آھي آپا جو مون سان رويو سدائين پٽن وانگر رهيو هو۽ هن وٽ رڳو پيار محبت هوندي أهي. مون کي ڪمال بجا۽ ڪمل چوندي آھي. جيڪو مونکي ڏاڍو وڻندو. آھي ائون سوچيو ته ڪاش سڀ ڪهاڻيڪاره ۽ شاعرائون آپا اندرا شبنم جهڙيون هجن ۽ ڳالهائڻ ۾ ۽ طعيبت به ۾

سنڌي عورت ليکڪائن جي مختصر نالن واري قطار ۾ آپا اندرا شبنم شھدادپوري لکڻ جي مختلف اسلوب جي حوالي سان پنهنجو منفرد مقام ٿي رکي. هو۽ سٺي ڪهاڻيڪاره هئڻ سان گڏ تمام بهترين شاعره پڻ آھي.

آپا اسان کي سدائين پنهنجن ٻچن وانگر پيار ڏنو آھي. ائون جڏهن به آپا کي ميسيجز يا واٽس ايپ ميسيج ڪندو آھيان ته ترت جواب ڏيندي آھي آپا سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھو۽ سان جان کان وڌيڪ پيار ڪندي آھي.

اصل نالو: اِندرا شبنم شهدادپوري

ادبي نالو. اندرا شبنم پوناوالا

والد جو نالو: ٽيڪچند داس شهدادپوري

ذات: شهدادپوري

جنم هنڌ ڪراچي سنڌ

پاڪستان ۾ رهائش. پهرين سندن وڏا شهدادڪوٽ ۾ رهندڙ پوءِ ڪراچي آخر ۾لاڙڪاڻو

هاڻوڪي رهائش: پونا مهاراشٽر انڊيا

تعليم: بي اي. بي ايڊ. ايم اي.

ڪرت: ڪاليج پروفيسر، وائيس پرنسپال.

اندرا پونوالا ۱۰ سالن جي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو هو هن جا

ڇپيل مواد: سنديا، لوڪ، پوپٽ وغيره

ٻن ڪهاڻين جي ڪتابن ۱عبات ۲ ضمير پنهنجو پهنهجو سميت

ڇپيل ڪتاب: ۲۱ سنڌي، هندي، مراٺي، اردو ۽ انگلش. ۱شبنمي قطرا غزل ۲ ڇاپا ۲جاڳيل ضمير نظم ۳حقيقتون نظم ۴ سلسلا نظم ۵ عبادت ڪهاڻين جو مجموعو ٽي دفعا ڇپيل ۶عشق عبادت ڪهاڻين جو مجموعو سنڌ ۾ ڇپيل مهورت ب سنڌ ۾ ٿيو ۷گڏيل شاعري جا ڪتاب سنڌ ۾ ڇپيل سنڌ جي شاعرن سان گڏ

ٻن گڏيل ڪتابن ۾ پڻ شاعري

۱پير پير جو پنهنجو پنڌ،

۲ادب آبِ حيات. تصويرون نظم دستڪ نظم حقيقتون اڙدو نظم سرگوشيان اڙدو غزل سلڻ جو سک نظم سنڌي جاڳيل ضمير سنڌي نظم

لکيل صنفون: غزل، نظم، گيت، وائي، چئوسٽا ۽ ڪهاڻيون. وغيره

ٽيليڪاسٽ ٿيل اسٽوري: ٽڙيل پکڙيل ۽ عبادت رشتا.

آپا ڪنهن کان متاثر ٿي ادب ۾ ناهي آئي پر هو۽ سندس ڀا۽ گمنشام کي اڙدو ڪتاب پڙھندي ڏسي ادب لکڻ پڙھڻ جو شوق جاڳيو هو۽ چوي۽ ٿي منهنجو ڀا۽ گمنشام سنڌ مان ڪتابن جا ڪٽا ڀري ايڊيا کڻي آيندو هو پو۽ اسين سڀ گڏ ويهي گمشام پڙھندو ۽ اسين ٻڌا هئاسين ننڍپڻ ۾ اسان جي دور ۾ ريڊيو يا وي ٽي به ڪجه ڪونه هوندو رڳو ڪتاب هوندا منهنجو وڏو ڀا۽ سڀئي گهر ڀاتي کي پڙھي ٻڌائيندو هو آپا چواڻ ته رات جو ماني کائي سڀ گهر ڀاتي پاڻ ڪچھري ڪندا ه هياسين ڏاڍو مزو هوندو اهي ڏينهن ياد اچن ٿا ته روئڻ ٿو اچي ماڻھن پيار محبت ايتري هوندي جو هڪ ٻئي کان سوا۽ سري به ڪونه هئي آپا چواڻ ته سنڌ ڏاڍي ياد ايندي آھي سنڌ منهنجي جان کان وڌيڪ پياري آھي. آپا جون پسنديده شخصيتون گوبند مالهي شيخ اياز ممتاز محبوب.

آپا اندرا شادي ۱۸ سالن ۾ ديپڪ نالي شخص سان پيار جو پرڻو ڪيو

ٻه ٻار جو اولاد آهي پٽ راڪي پوناوالا ڌيء پنڪي پوناوالا ٻنهي جي شادي ٿي چڪي آهي ٻ پوٽا آهن ردم ء ڪرما.

آپا جون ماڻهو ڪهاڻيون پڙھي ان تي عمل به ڪندا آھي ۽ آپا ڏانهن ماڻھو خط به لکندا آھن آپا کي ماڻھو چوندا آھن ته اوهان جي ڪهاڻي جي ڪري اسان جي زندگي ۾ وڏي تبديلي آھي اسان جي زندگي ٺھي وئي آھي.

آپا جهڙي وڏي شخصيت آھي ايتري سادي سودي آھي.

آپا ٻڌائي ته ننڍي هوندي ڏاڍي شرارتي هوندي هئي هو۽ ما۽ پي ۽ ڀائرن جي دادلي هوندي هئي هو۽ ننڍپڻ ۾ مرداڻا ڪپڙا پائيندي هئي ته ننڍي هوندي ڇوڪرن جا ڪپڙا امڙ پائيندي هئي ء مونکي پٽ گلاب چوندي هئي جو منهنجو ڀاءُ ٽيون نمبر گذاري ويو هيو مان هر وقت ڇوڪرن سان گڏ مامي جا چار پٽ منهنجا ٻ وڏا ڀاعر باغ مان ميوا چورائيندا هياسين مالهي کان نظر چورائي هڪ دفعو باغائي اسان کي پڪڙي ورتو مون هن اڳيان ايترو ڊرامو ڪيو ء نياڻيء وانگر مکر ڪيو باغباني جي دل پگهرجي وئي معاف ڪري ڇڏيو ها ها اها اندو شرارتي.!

هن جا سماج ۾ بيحد وڏو ڪردار رهيو آهي کلمک ڪنهن جو ڏک ن ڏسي سگهندڙ همدرد باغي پيار ڪندڙ وڏا عهدا ماڻيندڙ پر نهٺي نماڻي پيار ڪندڙ بيحد سموري دنيا جي انسان ذات کي قدرت کي ڪل ڪائنات کي عشق ڪندڙ سڀ جو خير چاهيندڙ.!

آپا اندرا پونوالا جي ڪا ب اڻپوري حسرت ڪون رهيل آهي سندس چوڻ ته: سنڌ ۾ مهينو کن رهي سڄي سنڌ گهمان ڏسان محسوس ڪيان ڳوٺ سنڌ جا ڏسان اديبن سان ڪچهڙيون ڪريان!

محبت پاڪيزگي عبادت جو درجو مقدس روحاني زندگي ۾ ضرور ٿيڻ کپي هر جنم ۾ زندگي جي هر موڙ تي ٿيڻ کپي عشق عبادت سمجهندي آهيان!

 

(اندرا پونا والا جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۳ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)



اندرا شبنم پونا والا جو ادبي انٽرويو

ڳالھ ٻولھ ڪندڙ: غفار عباسي

سوال۔  ۱: ميڊم اوهان پنهنجو نالو ۽ جنم جو هنڌ ٻڌائيندا؟

نالو اندرا پوناوالا شهدادپوري، جنم جو هنڌ ڪراچي، سنڌ آهي.

سوال۔  ۲: اوهان پنهنجو مختصر تعارف ڪرائيندا؟

ڄائي ڄم کان لکڻ نرتيه ڳائڻ، قدرت سان پيار ڪا ڳولها هوندي هئي، مونکي لڳندو هو پنهنجي آتما جو اڌ سنڌ ۾ ڇڏجي ويو روحاني تلاش.

سوال۔ ۳: توهان کي لکڻ جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو ۽ توهان ڪيتري عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو؟

 ڏهن سال جي عمر کان لکڻ شروع ڪيو، لکڻ جو شوق پنهنجي وڏي ڀاءُ گھنشام داس کان هو، پاڻ ليکڪ نه پاٺڪ هيو. سنڌ مان ڪتابن جون بيگون ڀري کڻين آيو هو. روز گهر ۾ ماني کائڻ کان پوءِ شرت چندر جا بينگالي ناول، سنڌي ۾ انواد ڪيل سعادت حسن منٽو جا اڙدو ڪتاب جاسوسي ڪتاب به پڙهندو هو.

سوال۔ ۴: اوهان جي پهرين لکڻي ڪهڙي هئي؟

 پهرين لکڻي جا هندواسي ۾ ڇپي هئي هڪ ڪوتا.

سوال۔ ۵: اوهان سنڌ جون ڪجھ يادگيريون ٻڌائيندا؟

پنهنجن وڏن جون ڳالهيون ٻڌي سنڌ سان عشق ٿي ويو امان روز هڪ هڪ ياد ڪهاڻي وانگر ڪري ٻڌائيندي رهندي هئي. ننڍپڻ سنڌ وارن سان گذريو، امان ٻڌايو سنڌ  ڪراچيءَ ۾ مامي مٿراداس آسواڻي جي گهر private hospital ۾ ڄايس لاڙڪاڻي ۾ ناناڻا رهندا هيا، اسان اتي رهندا هياسين منهنجو پيءُ شهدادپور جو هو، جيڪو واپار هانگ ڪانگ ۾ ڪندو هيو.

سوال۔ ۶: اوهان سنڌ جي ادبي دنيا کان ڪيترا متاثر آهيو؟

 ننڍي هوندي کان سنڌ جو ادب پڙهيو ٻڌو شاھ صاحب کي اسڪول کان پڙهندي رهيس شاھ سچل سامي جا سلوڪ بيحد وڻندا هيا شيخ اياز صاحب سان هند ۾ ملاقات ٿي. تاجل بيوس سان گڏجاڻي ٿي، گوبند مالهي، نارائڻ شيام.

سوال۔ ۷: اوهان جي پسند جا شاعر ۽ نثرنويس؟

 ڪوتا شيخ اياز، نارائڻ شيام. ڪهاڻيون ضراب حيدر جون بيحد وڻنديون آهن. ٻيا به گهڻا شاعر ڪهاڻيڪار. مونکي مسرور پيرزادي جي، حالتن مطابق شاعري منفرد لڳندي آهي.

سوال۔ ۸: ڪتاب اوهان جي نظر ۾؟

 ڪتاب منهنجو عشق آهن. بيحد ڪتاب وڻندا آهن. ڪتاب جي ڇهڻ سان ان شاعر ليکڪ جو چهرو اکين اڳيان پيو ڦرندو آهي. اٿندي ويهندي ڪتاب وهاڻي جي هيٺان، ڪتاب ۽ ڪتاب کڻي گھمندي آهيان.

سوال۔ ۹:ميڊم اوهان شاعر آهيو ۽ اوهان ڪهاڻيون به لکيون آهن، ڇا توهان جي ڪهاڻين جا ڪردار خيالي آهن يا اهي ڪردار توهان جي مشاهدي ۾ آيا؟

ڪهاڻين جا ڪردار حقيقي هوندا آهن. ٿورو ڪلپنا جو رنگ مڪس ڪري آشاوادي ڪردار ڪري ڇڏيندي آهيان. زنده دل پر آدرشي ڪردار سڀ ڪردار منهنجي مشاهدي ۾ آيل آهن. هرهڪ انسان هڪ ڪهاڻي آهي!

سوال۔  ۱۰: توهان جون ڪهڙيون دلچسپيون رهيون آهن؟

 ترڻ، گهوڙيسواري، قدرتي سونهن سان ڀريل جڳهيون ڏسڻ، سيلاني طبيعت، راڳ، نچڻ ڪٿڪ سکيل آهيان. ميوزڪ سنگيت سان ڄڻ منهنجي، پير ۾ گهنگهرو ٻڌجي ويندا آهن. ڪلاسيڪل سيمي ڪلاسيڪل راڳ، نرتيه سماج سيوا باغي، زندگي فيصلن ڪرڻ وقت.

سوال۔  ۱۱: اوهان جا ڇپيل ڪتاب ڪيترا آهن؟

 ڇپيل ڪتاب  ۲۸ آهن پنجن ٻولين ۾ سنڌي، هندي، اڙدو مراٺي، انگلش.

گڏيل شاعري جا ڪتاب ۷

گڏيل ڪهاڻيون جا سنڌي ڪتاب ٽي هندي ۵، اڙدو ۸

سوال۔  ۱۲: اوهان جو اڻ ڇپيل مواد ڪيترو آهي؟

 اڻ ڇپيل مواد ۾ ۵ ڪتاب مراٺي ٻولي ۾.

منهنجي سنڌ ياتراء منهنجي آتم ڪٿا ۽ سنڌ جا اڪيچار آزمودا شاعر ڪردار ڪهاڻيون. سنڌ جا ڪردار منهنجي دل ۾ سمايل آهن.

سوال۔  ۱۳: مليل ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ؟

 مليل اوارڊس سرٽيفڪيٽ

سنڌي ۾ دھلي ساهت اڪاڊمي مان، شبنمي قطرا شاعري ڪتاب تي ايوارڊ. عبادت ڪهاڻين جو مجموعو جيڪو ٻه دفعا انعام دهلي ساهتڪ اڪيڊميءَ مهاراشٽر ساهتڪ اڪاڊمي  ۲۰ ۱۹،

هندي سڀني ڪتابن سرگوشيان، هندي غزل انعام، سلسلي نظم انعام، دستڪ نظم انعام، حقيقتين نظم انعام، ميري منتخب نظمين انعام، ڪهاڻيون عبادت، ڪهاڻين جو مجموعو جو ضمير اپنا اپنا ڪهاڻيون

اڙدو ۾ ساڳيا ڪتاب سڀ انعام يافته.

سوال۔  ۱۴: توهان جي زندگيءَ جو ڪو اڻ وسرندڙ واقعو؟

 زندگيءَ جو اڻوسرندڙ واقعو لڏپلاڻ جلاوطن ٿيڻ هڪ سال جي عمر ۾!

سوال۔  ۱۵: زندگي توهان جي نظر ۾؟

جواب:  زندگي منهنجي نظر ۾ انتهائي خوبصورت تحفو، مالڪ وٽان جنهن ۾ اهڙا ڪم ڪرڻ کپن جو تا عمر ۽ پوين پساهن تائين، وڃڻ وقت سڀ ڪو ياد ڪري. دلين ۾ جاءِ ڪري وڃجي.

سوال۔  ۱۶. ميڊم دوستي توهان جي نظر ۾؟

جواب: دوستي سڀني رشتن کان مهان آهي. اٽوٽ رشتو ان ۾ مرد عورت بيمثال دوست رهي سگهن ٿا. روحاني رشتا اونها گهرادوست، شاريرڪ جسماني رشتن کان دور دوست.

سوال  ۱۷: پيار توھان جي نظر ۾؟

جواب. پيار بيحد نفيس نازڪ آهي ل، جو ٿيڻ نهايت خوبصورت آهي. پيار صرف جسماني ڪونه هوندو آھي پر، روحانيت ڏانهن لاڙو هوندو آهي. پيار پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ادب لاءِ ڪائنات لاءِ وشال آهي. قدرت جي ڪڻي ڪڻي ۾  پيار سمايل آهي. پيار کان سواءِ زندگي جانور کان به بدتر هوندي آهي.

سوال  ۱۸. زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي حاصلات؟

جواب: زندگيءَ ۾ وڏي ۾ وڏي حاصلات، ڪيتري به وڏي ۾ وڏي عهدي، دولت، مشهوري، ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ به نماڻو، کلڻو پيارو همدرد ۽ عام ماڻهو ٿي رهڻ آهي. جيڪو مونکي تمام سٺو لڳندو آهي.

سوال  ۱۹. زندگيءَ جي ھائيڊ پارڪ لاءِ ڪو، ڪڙو سچ؟

جواب: ڪڙو سچ، سچي ۽ پياري انسان کي ٻيا ماڻهو گهٽ سمجهي سگهندا آهن. ان انسان کي پهرين ته ڪو سمجهي ڪون سگهندو آهي. پنهنجا به پراوا ٿي ويندا آهن، ٻيو ڪڙو سچ،،م اکيون ٻوٽي ٻين جي بڻايل رستن تي بنان سوچ سمجھه جي هلڻ جو پنهنجي سڀاو ۾ شامل ڪونهي، پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ نهايت ضروري آهي.

سوال  ۲۰. اوھان جو وڻندڙ موضوع؟

جواب: مان وشالتا پسند آهيان. لاحد سو وڻندڙ موضوع، تمام گهرائپ وارا هوندا آهن. روايتي هلڻ، ٿيڻ پسند ڪونهي. هر شيء ۾ تلاش آ، مان اهڙو دڳ ماڳ لهان جو نئون لڳي.

هرڪو پنهنجي جنم ڏينهن تي، لڪي ويهندا آهن ٻنڏينهن کان، پوءِ ڪي مهرباني مڃيندا آهن.

مون پڌري پٽ ويڊيو ذريعي، ٻڌايو پنهنجو جنم ڏينهن پاڻ ٻڌايان ٿي.

جنم ڏينهن هڪ نئين زندگيءَ جو آغاز آهي، پاڻ سان گهڻا عهد ڪرڻا آهن. هڪ سال پنهنجين ڪيل غلطين تي نظرثاني ڪرڻ جو انهن غلطين مان، سکڻ جو ايندڙ سال وڌيڪ سياڻو سمجهو پيارو کلمکل گنڀير رهڻ جو، وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو. موسيقي ۾ مونکي سيمي ڪلاسيڪل، راڳ بيحد پسند آهي، سو جيڪي سيمي ڪلاسيڪل ڪمپوز ڪندڙ سنڌيءَ ۾ آھن، انھن مان اشوڪ شرما جا ڪمپوز ڪيل راڳ بيحد متاثر ڪندا آهن. لٽا ديدي پنڊت ڀيمسين جوشي. مونکي لوڪ گيت جي جهونگار ب بيحد وڻندي آهي.

سوال  ۲۱. تنقيد توھان جي نظر ۾ ڇا آهي؟

جواب: هر اديب پنهنجن خيالن، سوچ، اڏام، سنسڪارن ۽ جذبن مطابق لکي ٿو. انهن مرحلن مان تنقيدنگار ڪون پهتل هوندو آهن. هو پنهنجن ٺهيل قاعدن قانونن مطابق فيصلا ڪري ڪجھ لکندو آهي. اديب ان وقت ڪهڙين حالتن مان گذري رهيو آهي، اهو تنقيد ڪندڙ ڪون سوچي سمجهي سگهندو، سو ان اديب جي لکڻين جو پوسٽ مارٽم ڪندو جن مان تنقيدار ڪون گذريو هجي، اديب کي ڪون سمجهي سگهندو منهنجو اشارو نثر تي آهي. غزل دوها ترائيل ٽيڪنيڪل ادبي صنفن لاءِ ڪو ڪو اصلاح ڪندڙ، تنقيد ڪندڙ ٺيڪ آهي. اهي گهڻو ڪري ٽيڪنيڪل ادب آهي، پر ساهت سڄو ٽيڪنيڪل آهي. ڪھاڻيءَ جا ٽيڪنيڪل حصا اهو لکڻ ڪهاڻي مشڪل ٿيندي، سو تنقيد ڪندڙ ته پوسٽ مارٽم اهڙو ڪندو جو ڪيترا لکڻ به ڇڏي ڏيندا آهن.

سوال۔  ۲۲: اوھان جي مھرباني ميڊم، تمام سٺي ڳالھ ٻولھ ٿي. آخر ۾ سنيھو ۽ پنھنجي پسند جو شعر ٻڌائيندا؟

جواب: زندگي پنهنجي حساب سان جيئڻ کپي، پنهنجن جذبن کي به قيمت ضرور ڏجي، مان پڇاڙيءَ ۾ چونديس ته کلمکل ٿيڻ نهايت ضروري آهي. ڪائنات بيحد خوبصورت آهي. هر پل خوشين جو سواگت ڪجي مان SOCIAL activist آهيان، يروڊا جيل جي ليڊيز وڀاڳ جي جي warden  ۽ ڳوٺاڻي وڀاڳ جي criminal investigator

ڪيترين سماجڪ سنسٿائن ۾ ڪم ڪندڙ، سيمي ڪٿڪ نرتڪي ناٽڪن ۾ حصو وٺندڙ، گايڪا فطرت کي بي انتها پيار ڪندڙ، عام انسان ٿي رهڻ پسند آهي. مهرباني پيارا غفار عباسي (Ghaffar Abbasi) جو توهان مونکي انٽرويو ذريعي، سوالن ذريعي مونکي پنهنجن پيارن سان، ملڻ جو موقعو ڏنو مونکي توهان تي فخر آهي.

شعر:

 هيا زخم ڌرتيءَ جا نظرن جي سامهون،

اسان ته به ڪڍيون چنڊ تارن جون ڳالهيون.

شبنم دکن جي دانهن به ڪنهن کي وڃين ڏجي.

ڏسجي ٿو هتي هرڪو آ اڳ۾ آ ڏکيل ڦٽيل.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۲۴ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا