; سنڌي شخصيتون: June 2020

23 June, 2020

نثار احمد صديقي

تعليمي ماهر آءِ بي اي يونيورسٽي جي وي سي نثار صديقي جو ساهه سڳو ٽٽي ويو

(ڏيھاڙي عبرت ۲۳ جون ۲۰۲۰ع)


سکر (بيورو رپورٽ) سکر کي ناليوارو تعليمي ادارو آءِ بي اي ڏيندڙ نثار احمد صديقي زندگي جي جنگ هارائي ويٺو، ڪراچي. جي اسپتال ۾ دل جي مرض سبب وفات ڪري ويو، جنازي نماز سکر آءِ بي اي جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ادا ڪرڻ بعد کيس خدمتن جي مڃتا آءِ بي اي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم جي وڇوڙي تي سکر توڙي خيرپور جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران ڏک جو اظهار، ان سلسلي ۾ اتر سنڌ کي دنيا سان ڳنڍڻ لاءِ بهترين تعليمي ادارو انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ڏيندڙ اداري جو وائس چانسلر تعليمي ماهر پروفيسر نثار احمد صديقي دل جي مرض سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو، مرحوم جي جنازي نماز آءِ بي اي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ادا ڪرڻ بعد اتي ئي سندس تدفين ڪئي وئي. مرحوم جي جنازي نماز ۾ علائقي جي سياسي، سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. نثار احمد صديقي سکر کي انتهائي معتبر تعليمي ادارو ڏئي سنڌ جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪري سنڌ جي نوجوان شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل بچائڻ لاءِ انتهائي وڏيون ڪوششون ورتيون، جنهن سکر آءِ بي اي وارو ادارو قائم ڪري عالمي سطح تي سنڌ جو مان مٿاهون ڪرايو. جڏهن ته نثار احمد صديقي جو اباڻو ڳوٺ پريالوءِ ضلعي خيرپور ۾ آهي. جنهن بعد سندس وارثن سان اهم سياسي سماجي، مذهبي، واپاري ۽ شهرين تنظيمن جي اڳواڻن ۽ صحافين عذر خواهي ڪئي. ياد رهي ته مشهور تعليمي ماهر آءِ بي اي سکر جو بنياد رکندڙ نثار احمد صديقي ۱۹۴۴ع ۾ خيرپور ضلعي جي شهر پريالوءِ ۾ جنم ورتو، هن زندگي جون ۷۷ بهارون گذارڻ بعد ۲۲ جون ۲۰۲۰ تي دل جي عارضي سبب هن دنيا کي الوداع ڪيو، هو شروعاتي ڏينهن ۾ ۱۰ سال مئٿ، انگريزي ٻولي، اڪنامڪس سبجيڪٽن جو استاد پڻ رهيو، ان کان علاوا ڊپٽي ڪمشنر، ڪمشنر، هوم سيڪريٽري، ڊائريڪٽر مينيجمينٽ سائيٽ سنڌ انڊسٽريل، ٽريڊنگ اسٽيٽس پڻ رهيو، نثار احمد صديقي ۱۹۹۴-۹۵ع ۾ سکر پبلڪ اسڪول جي چئن ڪمرن کان آءِ بي اي جو بنياد وڌو، ۲۰۰۴-۵ع کان باقاعدا آءِ بي اي جوڙڻ سان گڏ ان جو ڊائريڪٽر رهيو، جڏهن ته ۱۶ مئي ۲۰۱۷ تي سنڌ اسيمبلي پاران قرار داد پاس ڪري سکر آءِ بي اي کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ سان نثار احمد صديقي کي وائس چانسلر ڪيو ويو، جيڪو آخر تائين يونيورسٽي جو وائس چانسلر رهيو، هن نه رڳو سنڌ پر پوري پاڪستان ۾ پهريون دفعو ڪميونٽي ڪاليج ۽ اسڪولن جو بنياد وڌو، جنهن سنڌ اندر خيرپور، نوشهروفيروز، گھوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، دادو، اوٻاوڙو شهرن ۾ پهريان ڪميونٽي ڪاليج کوليا، نثار احمد صديقي کي بهتر ڪارڪردگي ۽ تعليمي ميدان تي خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ستارا امتياز سان نوازيو ويو. هن ۱۹۸۷ع ۾ يو ايس اي جي بوسٽن يونيورسٽي مان ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس ڪارڪردگي ۽ خدمتن جي بنياد تي سکر آءِ بي اي يونيورسٽي پاڪستان جي چئن وڏن تعليمي ادارن ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي ۽ پوري دنيا ۾ مشهوري پڻ ماڻي.

22 June, 2020

لياقت راڄپر

لياقت راڄپر

جيءُ جھوريندڙ ڪمھلو وڇوڙو

محمد علي پٺاڻ

لياقت راڄپر، جيڪو سنڌ جي اطلاعات کاتي مان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي عھدي تان ڪجھ سال اول رٽائر ٿيو هو، سو نه رڳو منهنجو پاڙيسري، پر ڄڻ ته سڳو وڏو ڀاءُ ۽ ٻٽيهن دلين وارو گھرو ۽ گهاٽو دوست به ھو. توڙي جو اسانجي عمرين ۾ سالن جو فاصلو ھو، پر ٻالجتيءَ کان پنھنجن ننڍن ڀائرن ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر (سنڌ ٽي وي جي روح روان ۽ ھڪ سنڌي اخبار جي ايڊيٽر)، ذوالفقار راڄپر (مشهور صحافي ۽ ڪالم نگار) ۽ اعجاز علي راڄپر (انجنيئر ۽ سائنسي مضمونن جو ليکڪ) جيان ڪري نه صرف ڀاءُ ڪري ڀانئيندو ھو، پر دوست جو درجو ڏئي ساڻ کڻي گهمائيندو به ھو ۽ رھبر ٿي صحيح ۽ غلط جي ڄاڻ به وک وک تي شفيقانه ۽ ٻاجهاري انداز ۾ رسائيندو رھندو ھو.

11 June, 2020

رسول بخش پليجو - ۲


رسول بخش پليجو
سنڌ جي عظيم ڏاهي جو وڇوڙو!
ارشاد ڪاغذي
سنڌ جو ڏاهو رسول بخش پليجو، سنڌ جي هارين جو استاد ۽ اڳواڻ، ڪارل مارڪس، فريڊرڪ اينگلز، ولاديمير لينن ۽ مائوزي تنگ، هوچي منهه، چي گويرا، ڪاسترو جو تسلسل ۽ عالمي ڪميونسٽ تحريڪ جو سرگرم ليڊر، سوشل سائنسدان، سنڌي عوامي تحريڪ جو باني، شاهه لطيف جو شارح، اديب، شاعر، مصنف، نقاد، مشهور وڪيل، فيلسوف، نظرئي دان ۽ جديد ترقي پسند تحريڪ جو سرواڻ ڪالهه ۸۸ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
رسول بخش پليجو ٺٽي ضلعي جي جنگشاهي جي ڳوٺ منگر پليجو ۾ ۱۹۳۰ع ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم اتي حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ مدرسي ڪراچي مان سيڪنڊري تعليم ۽ وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي.