; سنڌي شخصيتون: June 2011

25 June, 2011

محمد صالح راهو - پروفيسر محمد اسحاق ابڙو


محمد صالح راهو
پروفيسر محمد اسحاق ابڙو

سرزمين سنڌ جو هي عظيم فرزند پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن جي ڪري تعليم کاتي ۾ هڪ ممتاز حيثيت جو مالڪ هو. مرحوم هڪ مشقت پسند ۽ محنتي ماڻهو هو؛ جيڪو پنهنجي ذاتي صلاحيتن ۽ جدوجهد سان فضل و ڪمال جي بلند مقام تي وڃي پهتو. راهو صاحب جي رحلت دوستن کان هڪ سدا مرڪندڙ دوست ۽ ابهم ٻچڙن کان هڪ شفق پيءُ کسي ورتو. ڪنهن کي خبر هئي ته هيءُ سدا کلندڙ ساٿي اسان کان ايترو جلد وڃي حقيقي حبيب سان هيڪاندو ٿيندو!
پروفيسر محمد صالح راهو 16- جنوري 1926ع تي ڳوٺ سوائي راهو، تعلقي سڪرنڊ ۾ ڄائو. پهريائين ڪلام پاڪ جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ پوءِ ڪجهه عرصي لاءِ مدرسي ۾ فارسي پڙهيائين. ان بعد ڳوٺ جي سنڌي اسڪول مان چار درجا پاس ڪري نوابشاهه جي مشهور لوڪلبورڊ هاءِ اسڪول ۾ سنڌ جي مايه ناز تعليمي ماهر جناب حاجي خان خوجه صاحب جي زير نگراني ثانوي تعليم حاصل ڪيائين. ان بعد ڪراچي سنڌ مسلم ڪاليج مان بي. اي پاس ڪيائين. آخر ۾ سنڌي ۾ ايم. اي پاس ڪرڻ بعد سال 1951ع ۾ ڪراچيءَ جي گورنمينٽ ڪاليج آف ڪامرس ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو.

22 June, 2011

لطف الله “جوڳي” (بدوي) - پير علي محمد راشدي


لطف الله “جوڳي” (بدوي
پير علي محمد راشدي

جوڳي ويڙا جُوءِ ڇڏي وري اچن سي شال ڙي!
لطف الله بدوي مرحوم “بدوي” بعد ۾ بڻيو؛ ان کان اڳ “جوڳي” ھوندو ھو منھنجي ساڻس شناسائي جوڳ واري دؤر ۾ ٿي -اڄ کان اٺٽيھه سال اڳ.
آءٌ سنڌ زميندار سکر جو ايڊيٽر ھوس. انھن ڏينھن ۾ سنڌي مضمونن لکڻ وارن جي گھڻي اڻاٺ ھوندي ھئي. منھنجي اھا خاص ڪوشش ھوندي ھئي ته سنڌي مسلمانن ۾ اخباري مضامين لکڻ جي اھليت پيدا ٿئي ۽ اخبار نويسيءَ لاءِ منجھن دلچسپي وڌي ھندن ۾ گھڻائي اھل قلم ھوندا ھئا، اخبار نويسيءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ تي ڇائنجي ويل ھئا ڄيٽمل پرسرام ۽ لالچند امر ڏنيمل جو خوب ڌاڪو ويٺل ھو. ڊاڪٽر گربخشاڻي ميدان ۾ اچي ويل ھو. سکر جي شري ويرو مل بيگراج جو قلم ڪھاڙي وانگر ٿي ھليو. ميان جي ڳوٺ، تعلقي شڪارپور ۾ “سنڌو” رسالي جو مھتمم مسٽر راجپال مچٽ مچايو ويٺو ھو. ڪراچيءَ مان “سنسار سماچار” روزانه اخبار نڪرڻ شروع ٿي ھئي. ان اخبار وارن جو پروگرام ھو ته ھڪ طرف سنڌي زبان تي سنسڪرت کي سوار ڪيو وڃي ۽ ٻئي طرف ھندو اخباري ليکڪن جي ھڪ وسيع جماعت ساريءَ سنڌ ۾ پيدا ڪئي وڃي مقابلته مسلمانن ۾ ان زماني تائين چار- پنج ايڊيٽر ته اٿي کڙا ٿيا ھئا، پر عام علمي، ادبي ۽ سياسي مضمون نگارن جو ڏڪار ھلندو ٿي آيو. اُڙيو ٿڙيو ڪنھن مسلمان جو لکيل مضمون پھچندو ھو ته ان جو مطلب ھن کان مٿي ڪونه ھوندو ھو ته ضلعي جي ڪليڪٽر ۽ ڪمانيءَ جو ڌيان ھن حقيقت ڏانھن ڇڪايو وڃي ته “فلاڻي غريب کي حد جا وڏيرا بدمعاشيءَ ۾ ڦاسائڻ جي بيجا ڪوشش پيا ڪن تڪرار جو اصلي بنياد ڪا رن روڳڙي آھي، تنھنڪري نوشيرواني انصاف کان ڪم وٺي، اُنھي جاچ ڪري مظلوم کي وڏيرن جي آزار کان بچايو وڃي”. ان قسم جي ليکن جي گھٽتائي ڪانه ھوندي ھئي. پر ظاھر ھو ته اھڙن مضمونن مان علمي، ادبي ۽ سياسي تحرير جون ضرورتون پوريون ڪين ٿي ٿيون. 

17 June, 2011

آغا بدرالدين دراني - آغا شهاب الدين


آغا بدرالدين دراني
آغا شهاب الدين
آغا بدرالدين دراني مشهور اديب ۽ سياستدان، 26 جنوري 1965ع تي، صبح جي چئين بجي، ڪراچيءَ جي مرڪزي جناح اسپتال ۾ انتقال ڪيو. انا لله و انا اليہ راجعون!
آغا صاحب جو شمار سنڌ جي چوٽيءَ جي ليڊرن ۾ ڪيو وڃي ٿو، ۽ پاڻ پاڪستان جي تحريڪ ۾ وڏو بهرو ورتو هئائين. پاڻ سنڌ اسيمبليءَ جو ڪيترا سال ميمبر رهيو، ۽ ڪيترا سال اسپيڪر به ٿي رهيو. آغا صاحب بلند اخلاق، خوش خلق، ادب ۽ صاحب طرز انشا پرداز هو. سندس لکيل ڪتاب “مسافر حجاز” ڪافي مشهور ۽ مقبول آهي. پاڻ “سنڌي ادبي بورڊ” جو ميمبر به رهي چڪو هو. سندس علم دوستي ۽ ادب نوازي گهڻي قدر مشهور آهي. پنهنجي ڳوٺ، ڳڙهي ياسين ۾، آغا صاحب جو ڪتبخانو سنڌ جي چند بهترين ڪتبخانن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. پاڻ فارسيءَ ۾ به چند ڪتاب ترتيب ڏنائين، جي “سنڌي ادبي بورڊ” پاران شايع ڪرايل آهن.
مرحوم ننڍي هوندي کان ئي ذهين ۽ دلير هو. کيس سنڌ مدرسي ۽ عليگڙهه جهڙن اعليٰ ادارن مان تعليم حاصل ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو.
آغا صاحب علم جي پرچار لاءِ ڪافي پاڻ پتوڙيو، ۽ پنهنجي علائقي جي عوام لاءِ هر قسم جي ڪوشش ورتائين.پنهنجي تر ۾ هاءِ اسڪول کولرايائين، شاگردن کي وظيفا ڏنائين، ذاتي ڪوشش ڪري صلاحيتمند استادن جو انتخاب ڪيائين، ۽ ٻي هر قسم جي مدد ڪيائين.
مرحوم آغا صاحب کي سندس دوست ۽ هڪجيڏا “بدر” جي نالي سان ياد ڪندا هئا. پاڻ سنگت جو اهڙو سٺو هو جو اسڪولي سنگت کان وٺي سياسي سنگت تائين ياري پاريندو آيو ۽ رابطو رکندو آيو. جيڪڏهن ڪن دوستن سان سياسي اختلاف ٿيندو هوس، ته به کين دل کان دور هرگز نه ڪندو هو.
آغا بدرالدين جهڙي اديب ۽ ادب نواز، محفل جي مور ۽ ڪچهري جي ڪوڏئي، سلجهيل ۽ مدبر سياستدان، قومي قرب رکندڙ، برجستي زميندار، پرهيزگار ۽ باهمت مجاهد جو وري ملڻ مشڪل آهي. سندس انتقال پرملال سان دراني خاندان کي خاص طرح ۽ سنڌ کي عام طرح جيڪو نقصان رسيو آهي، تنهن جري تلافي محال آهي.
مرحوم کي دل جو عارضو هو، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ آغا صاحب کي ڪراچيءَ اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي پاڻ پنهنجي جان جان آفرين جي سپرد ڪيائين. سندس لاش کي کڻائي، سندس ڳوٺ ڳڙهي ياسين ۾ دفنايو ويو. وفات وقت سندس عمر 54 سال هئي. پاڻ پويان هڪ نياڻي ۽ بيوهه ڇڏي اٿس.

حاجي محمد صادق ميمڻ - ولي محمد طاهر زادو


حاجي محمد صادق ميمڻ
ولي محمد طاهر زادو
سڄڻن جي گهر گهر ۾ واويلا مچي ويئي جڏهن هيءَ اندوهناڪ خبر، دلين تي غم جا غبار ڇانئيندڙ ٻڌي ويئي ته حاجي محمد صادق ميمڻ نصرپوري، ساڪن ٽنڊو الهيار، فريضه حج ادا ڪندي، تاريخ 22 مارچ 1965ع تي، مديني منوره ۾، رحلت ڪري، هن دارالفنا کان دارالبقا ڏانهن سفر سڌاريو انا لله و انا اليہ راجعون! سندس جنازي نماز مسجد نبويءَ ۾ ادا ٿي ۽ کيس دارالقرار جنت البقيع ۾ دفن ڪيو ويو. ان طرح، مرحوم کي حضور پرنور صلي الله عليہ وسلم جي دائمي قربت نصيب ٿي.
حاجي محمد صادق هڪ مخلص قومي خادم، رلڻو ملڻو، خوش خلق ۽ يار ويس انسان هو. سندس تعليمي، ادبي ۽ ديني خدمتون ۽ عملي زندگي اسان ماڻهن لاءِ هميشہ سبق آموز رهنديون.
حاجي صاحب مرحوم نصرپور جي ميمڻ گهراڻي جي ان شاخ جو چشم و چراغ هو، جنهن کي “آخوند” لقب ۽ شرف حاصل آهي. هي بلڪل شريف ۽ غريب خاندان جو فرد هو، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجين ذاتي صلاحيتن ۽ خداداد جوهر سان بلند شخصيتن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. جن به ساڻس چار گهڙيون صحبت جون گهاريون ٿي، سي سندس سهڻي ڪردار ۽ گفتار تي موهت ٿي ٿيا. پاڻ سموري عمر غريبن ۽ عام ضرورتمندن جي خدمت ۽ حق رسيءَ لاءِ تڙڦندو رهيو. قدردان ۽ انصاف پسند اکيون کيس سدائين تمام عزت ۽ احترام سان ڏسنديون رهيون.

15 June, 2011

“گل” نصرپوري- غلام محمد گرامي


غلام محمد گرامي

“گل” نصرپوري
اي موت! شل ڪو موت پَوَئي! شل مري وڃين!
سنڌي ادب ۾، گل نصرپوري، پنهنجي پياري شخصيت ۽ من موهڻي مورت جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ کي ورڇي ورهائي، ۲۹_ سيپٽمبر ۱۹۲۵ع تي الوداع ڪري ويو! گل واقعي اسم با مسميٰ گل هو. هڪ شريف ۽ ساده دل، با اختلاف ۽ صالح، صوم و صلوات جو پابند، هزار خوبين جو مالڪ هو!
اڃا شاخ حيات تي هوُ “نوشگفته گل” وانگر مکڙيءَ جي صورت ۾ ئي هو، ته خزان جي اڻمندائتي ۽ بيمهلائتي جهوٽي، کيس هميشه لاءِ ڪومائي، سڪائي، مروٽي ۽ نهوڙي رکيو!
ابتدائي تعليم، نصرپور ۽ ٽنڊي الهيار ۾ ورتائين. جدوجهد ۽ محنت ڪري، سنڌيءَ ۾ ايم.اي. پاس ڪيائين. آخري زماني ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ استاد ٿيو، ۽ استاد ٿي موڪلاڻي ڪيائين.
ادب ۽ شعر و شاعريءَ جي سلسلي ۾ سڀ کان اول، مون سان سندس تعلقات پيدا ٿيا. سندن تحريرن ۽ شعر و شاعري جي اصلاح، ٽن سالن تائين جاري رهي. آخري وقت ۾ جناب مخدوم محمد زمان صاحب “طالب الموليٰ” سان سندس نيازمندانه تعلقات رهيا، ۽ بزم طالب الموليٰ جي محفلن ۾ دل کولي حصو ورتائين ۽ انهن کان اصلاح ورتائين.
جگر جي خرابيءَ جي سلسلي ۾ وڏي اسپتال ۾ ٽي ڀيرا داخل ٿيو ۽ اتي ٽئين ڀيرا موت سان  مقابل ٿيو.  ٽئي ڀيرا کيس، آڪسيجن ٿئٽر ۾ بند ڪيو ويو. طبع پرسي ۽ نگهداشت جي سلسلي ۾، حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ مخدوم محمد امين صاحب “فهيم” ۽ مان، هر ڀيري اسپتال ۾ ويندا رهياسون. ڊاڪٽرن کي تاڪيد ڪندا رهياسون. دوا دارون جي سلسلي ۾ ڪا به فروگذاشت نه  ڪئي ويئي. سندس غريب مائٽن، اگر تگر گلجي پويان گل ڪيو. ٻه_چار مهينا صحيتاب ٿيو. علم و ادب ۾ سرهاڻ پکيڙيندورهيو، مجلسن ۾ ايندو رهيو، مشاعرن ۾ شعر پڙهندو رهيو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن کان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪندو رهيو.
هڪ ڏينهن اوچتو سندس طبيعت وري خراب ٿي، کيس آمريڪن استال  لطيف آباد ۾ داخل ڪيو ويو. هوشيار ڊاڪٽرن جي علاج ۽ تيمارداريءَ سان چوٿون ڀيرو موت جي چنبي مان بچي نڪتو. هلندو رهيو وقت گذاريندو رهيو.
رسالي “مهراڻ” لاءِ مرحوم ڪيانيءَ جون تقريرون ترجمو ڪيائين، جي “مهراڻ” ۾ شايع ڪيون ويون.
اڃا تائين تقرير هٿ ۾ هئس ته بيماريءَ جي اوچتي حملي جهوري ڪيرائي بستري داخل ڪري وڌس.
علاج جاري رهيو، موسمين جي رس سندس غذا رهي! پر گل کي ته معطر نشونما، ۽ عطربيز چمن واري ماحول جي ضرورت هئي!__ گهر جي تنگ ۽ تايرڪ ڪوٺيءَ ۾ سندس پساهه تي بار پيو. مون ڏانهن خط لکندو رهيو، تاثرات بيان ڪندورهيو، واردات ۽ ڪيفيات جو رنگين وجدانگيز عالم، لفظن جي لباس ۾ مون ڏانهن موڪليندو رهيو. منهنجي تسلي برِ صواب نه ٿي.
29_ سيپٽمبر 1965ع تي پنهنجي پوڙهي پيءُ، غمزده ماءُ، الم نصيب ڀينرن، دلبند ڀائرن کان آخري نموڪلاڻي ڪيائين!__ ۽ سڀني کي ڳر لڳي موڪليائين.
اسان وياسين، ڳوڙها ڳاڙي آياسين! سندس غم نصيب والده جون عرش رسا آهون ۽ دانهون اڄ به عرش عظيم جي دروازن سان ٽڪرائجي رهيون آهن.
نوشگفته گل ائين مکڙيءَ جي صورت ۾ ئي الله ڏانهن روانو ٿيو. ڪجهه به نه ڏٺائين، اڃا شادي به ڪا نه ڪئي هئائين، سندس مڱڻو ٿيل هو، شاديءَ ۾ اڃا ٻه مهينا دير هئي.
اسان وٽ سندس ڪتاب “درياءُ  جي ڪپ تي”، سندس شعر ۽ ڪلام جو بياض، مهراڻ رسالي ۽ نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل ٻه_چار مقالا، سندس ايم.اي ۾ لکيل مقالو، ۽سندس اهي خط، جي مون ڏانهن لکندو رهيو، علمي يادگار طور باقي  رهجي ويا آهن. رهي نام الله ڪا!
ڪَڇي ڪا ڇوٽي، نانگن ٻَڌي نينهن جي،
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
تنهين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.  (لطيف)
انا لله وانا اليہ راجعون.
“گل” تو تي الله جي رحمت هجي!
*-------------*---------------*


عطا حسين شاهه موسوي- غلام محمد گرامي


غلام محمد گرامي

عطا حسين شاهه موسوي
سنڌ جي مشهور تعليمي ماهر ۽ اديب، جناب سيد عطا حسين شاهه موسويءَ، روهڙيءَ ۾ 8_ جون 1966ع تي وفات  فرمائي. انا لله و انا اليہ راجعون.
مرحوم و مغفور، سنڌ جي هڪ بلند پايه سادات خاندان جو  چشم و چراغ هو، ان سان گڏ، هڪ وضعدار ۽ دوست نواز، انشاپرداز اهل قلم هو. سندس انداز بيان نهايت شسته ۽ شائسته، رنگين ۽ شيرين آهي.
پاڻ ساري عمر، تعليم جي خدمت ۾ گذاري، تعليم کاتي جي  هڪ وڏي عهدي تان رٽائرڊ ڪري چڪا هئا.
سندن زندگي، پنهنجي ننڍي ڀاءُ، عبدالحسين شاهه موسويءَ سان گڏ، نهايت خاموشيءَ سان گذري. پاڻ سهرت تي گمناميءَ کي ترجيح ڏيندا رهيا، ۽ کل خوشيءَ ۾ سڀڪنهن سان ناتو نباهيندا رهيا. هنگامه خيز ۽ جذبات انگيز مسئلن کان هميشه پري رهي، عملي طرح سان علمي توڙي ادبي، تعليمي توڙي اصلاحي خدمت ڪندا آيا.
سندن مقالات جو سلسلو، سنڌي ادب جي سڀني علمي ۽ ادبي رسالن ۽ اخبارن تائين وسيع رهندو آيو آهي.
تاليفات جي سلسلي ۾ سنڌ_سرهاڻ ۽ ڪچ ڪوڏيون_ سنڌي ادب ۾ اسلوب ۽ پيشڪش، مواد ۽  تنوع، جي حيثيت سان شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا.
پاڻ وڏا علم دوست ۽ مهمان نواز هئا. سندن علمي ڪتبخاني جا دروازا علم جي پياسن لاءِ هميشه کليل رهيا. اسان سندن وفات حسرت آيات تي، سندن ننڍي ڀاءُ عبدالحسين شاهه صاحب موسوي ۽ سندن فرزند سيد شفقت حسين شاهه موسوي (سابق صوبائي ميمبر) ۽ سندن پسماندن سان غم ۾ شريڪ آهيون. رب ڪريم شال کين جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندن پسماندن کي صبر جميل عطا فرمائي.

ساڌو واسواڻي- غلام محمد گرامي


غلام محمد گرامي
ساڌو واسواڻي
سنڌ جو مشهور عالم، فيلسوف ۽ آدرشي مهاپرش، ساڌو ٽي.ايل. واسواڻي 16_ جنوري 1966ع تي پوني (ڀارت) ۾ گذاري ويو.
ساڌو واسواڻي جي عالمانه شخصيت، بين الاقوامي شهرت حاصل ڪري چڪي هئي. سندس نام ۽ پيغام کان مشرق ۽ مغرب جا سڀئي علمي ۽ فڪري ادارا وافف هئا.
1940ع ۾ هڪ آمريڪي عالم ۽ سياح، پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي ته ڀارت جون ٽي جايون قابل ديد آهن__ تاج محل، جامع مسجد ۽ اجنتا. ان طرح ٽن ماڻهن کي ڏسڻ ڀاڳ جي نشاني آهي، رابيندرناٿ ٽيگور، گانڌي ۽ ساڌو واسواڻي. اها سنڌين لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.
ساڌو واسواڻي، 25_ نومبر 1879ع تي، حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿيو. سندس اعليٰ شخصيت ننڍي ڄمار ۾ ئي علم ۽ فڪر جي عالم ۾ مستغرق رهندي آئي. مزهب جي سلسلي ۾ سڀني مذهبن جو مطالعو ڪري انهن جي صالح ۽ تعميري خيالات کي قبول ڪيائين. سندس اسلام ۽ پيغمبر اسلام، قرآن ۽ خلفائي راشدين لاءِ ڏنل تقريرون ۽ رايا، علمي دنيا ۾ سَنَد جو درجو رکن ٿا.
سندس اوائلي زندگي، تعليم ۽ اخلاقي اصلاح سان شروع ٿي. تعليم جي سلسلي ۾ پاڻ وڪٽوريا ڪاليج ڪوچ بهار، مهيندرا ڪاليج پٽيالا، ديالسنگ ڪاليج لاهور جو پرنسپال ٿي رهيو آهي. ڪلڪتي ۽ ڪراچيءَ ۾ سندس شهرت ۽ عزت، يورپ تائين پهچي چڪي هئي. ان زماني ۾ پاڻ، بين الاقوامي مذهبي ڪانفرنس برلن جي دعوت تي يورپ ويو، اتي ماديات ۽ لامذهبيت جي خلاف اخلاق ۽ روهانيت، پاڪيزگيءَ ۽ صلح پسنديءَ تي، پر اثر ۽ رقت انگيز تقريرون ڪيائين. ان وقت پاڻ ڪراچيءَ ۾ فلاسافيءَ جو پروفيسر هو.

پروفيسر احسان بدوي- غلام محمد گرامي


غلام محمد گرامي

پروفيسر احسان بدوي
سنڌ جي نوجوان، اديب ۽ شاعر، پروفيسر احسان بدويءَ هڪ ناگهاني حادثي جو شڪار ٿيندي، ڪراچيءَ ۾ 22_ نومبر 1965ع تي وفات ڪئي.
مرحوم احسان، سنڌ جي مشهور اديب ۽ اهل قلم پروفيسر لطف الله بدويءَ جو فرزند هو. سندس علمي ۽ ادبي خدمت جو سلسلو، پنهنجي والد ماجد جي سرپرستيءَ ۽ تربيت ۾ شروع ٿيو. افسوس جو هي نوشگفته گل، جواني ديوانيءَ ۾ ئي ڪومائجي ويو.
احسان، مارچ 1926ع ۾ ڄائو، 1944ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ 1945ع ۾ سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخل ٿيو.
1946ع ۾، جڏهن اڃا انٽر آرٽس ۾ هو، تڏهن سنڌ يونيورسٽي وجود ۾ آئي. جيئن ته مٿئين ڪاليج جو بمبئي يونيورسٽيءَ سان الحاق هو، ان ڪري سنڌ گورنمينٽ، پنهنجي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ وارن شاگردن تي زور آندو ته هو ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪن. ان ڪري احسان ڪراچيءَ ويو، ۽ اتي ايس.ايم. ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، جتي وڏي محنت سان بي.اي. آنرس پرشن ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين.
تعليم جي دۇر ۾، شمس العلماء علامه دائود پوٽو ۽ آغا محمد يعقوب سندس مدد ڪندا رهيا. بي.اي. پاس ڪرڻ کان پوءِ، برسر روزگار ٿيو ۽ سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو، ۽ اڳتي هلي سينئر ڪلارڪ بنيو. علم ۽ ادب سان چاهه هئڻ جي ڪري روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ جلدي دل برداشته ٿي پيو.
هن درمياني عرصي ۾ اردوءَ ۾ ايم.اي. پاس ڪئي. ان سلسلي ۾ هي پهريون سنڌي شاگرد هو، جنهن اردوءَ ۾ ايم.اي. پاس ڪئي. ان کانپوءِ سنڌيءَ ۾ ايم.اي. پڻ ڪيائين.
آخرڪار، پنهنجي شفيق استاد، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب (اڳوڻي پرنسپال، ايس.ايم. ڪاليج ڪراچيءَ، هاڻي ڊائريڪٽر آف ايڊيوڪيشن، حيدرآباد ريجن) جي مشوري سان روينيو ڊپارٽمينٽ کي خرباد چئي، ايس.ايم. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ استاد جي حيثيت سان داخل ٿيو. اتي هڪ صالح ۽ بااخلاق استاد جي حيثيت سان پندرهن سال خدمت ڪيائين.
علمي ۽ ادبي خدمت جي سلسلي ۾، مهراڻ رسالي، ۽ نئين زندگيءَ ۾ خاص طرح سان سندس مضمون شايع ٿي چڪا اهن. نثر سان گڏ شعر جو پاڪيزه ورثو به کيس پنهنجي والد وٽان وديعت ٿيل هو. سندس ڪلام جو وڏو حصو، رسالن ۾ شايع ٿيل آهي.
سنڌي ادب جي خدمت ڪندي، هو هميشه “سنڌي ادبي سنگت” سان وابسته رهيو ۽ باقاعدي ادبي مجلسن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندو آيو.
تاليف ۽ تصنيف جي سلسلي ۾ سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. 1_ تنقيد ۽ تنقيد نگاري 2_ ڊان ويسٽ 3_ انقلاب جو فلسفو 4_ منتخب ڪلام سانگي 5_ ڪرامازوف ۽ سندس ڀائر.
سندس انداز بيان، سليس، سادو، عمدو ۽ اثرائتو آهي. سندس ٻولي سلاست آميز ۽ لذيذ آهي.
سندس مقالات جو مجموعو سندس والد جناب لطف الله بدوي جمع ڪري رهيو آهي. دعا  آهي ته رب ڪريم شال سندس مغفرت فرمائي ۽ سندس عزيزن بالخصوص والدين ۽ سندس اولاد ۽ عيال کي صبر جي تويفق عطا فرمائي: انا لله وانا اليہ راجعون.

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا

غلام محمد گرامي

 


سنڌي ادب جي برک ليکڪ ۽ صوفي اهل قلم پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا، شڪارپور ۾ ۳۰ ڊسمبر ۱۹۶۵ع تي پرلوڪ پڌرايو.

پاڻ شڪارپور ۾ ۱۸۹۸ع ۾، هڪ مشهور شاهاڻي خاندان ۾ جنم ورتائين. اڃا اٺن ورهين جي ڄمار جو هو ته سندس والده وفات ڪئي. والده جي وفات کانپوءِ، سندس زندگيءَ ۾ عجيب ڦيرو آيو. سندس خيال ويدانتي ۽ صوفياڻا هئا. ننڍي عمر کان وٺي، صوفين، درويشن، سامين ۽ جوڳين جي سنگت ۾ رهي، پاڻ ۾ روحاني رنگ پيدا ڪيائين. صوفين ۽ درويشن جي صحبت جي اثر ڪري اجائي ٺٺ ٺانگر ۽ شان شوڪت کان هميشه بيزار رهيو. شاهوڪار-شاهيءَ کان نفرت هوندي هيس، ۽ طبيعت سادگيءَ ۽ فقيريءَ ڏانهن مائل هيس.