; سنڌي شخصيتون: آغا بدرالدين دراني - آغا شهاب الدين

17 June, 2011

آغا بدرالدين دراني - آغا شهاب الدين


آغا بدرالدين دراني
آغا شهاب الدين
آغا بدرالدين دراني مشهور اديب ۽ سياستدان، 26 جنوري 1965ع تي، صبح جي چئين بجي، ڪراچيءَ جي مرڪزي جناح اسپتال ۾ انتقال ڪيو. انا لله و انا اليہ راجعون!
آغا صاحب جو شمار سنڌ جي چوٽيءَ جي ليڊرن ۾ ڪيو وڃي ٿو، ۽ پاڻ پاڪستان جي تحريڪ ۾ وڏو بهرو ورتو هئائين. پاڻ سنڌ اسيمبليءَ جو ڪيترا سال ميمبر رهيو، ۽ ڪيترا سال اسپيڪر به ٿي رهيو. آغا صاحب بلند اخلاق، خوش خلق، ادب ۽ صاحب طرز انشا پرداز هو. سندس لکيل ڪتاب “مسافر حجاز” ڪافي مشهور ۽ مقبول آهي. پاڻ “سنڌي ادبي بورڊ” جو ميمبر به رهي چڪو هو. سندس علم دوستي ۽ ادب نوازي گهڻي قدر مشهور آهي. پنهنجي ڳوٺ، ڳڙهي ياسين ۾، آغا صاحب جو ڪتبخانو سنڌ جي چند بهترين ڪتبخانن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. پاڻ فارسيءَ ۾ به چند ڪتاب ترتيب ڏنائين، جي “سنڌي ادبي بورڊ” پاران شايع ڪرايل آهن.
مرحوم ننڍي هوندي کان ئي ذهين ۽ دلير هو. کيس سنڌ مدرسي ۽ عليگڙهه جهڙن اعليٰ ادارن مان تعليم حاصل ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو.
آغا صاحب علم جي پرچار لاءِ ڪافي پاڻ پتوڙيو، ۽ پنهنجي علائقي جي عوام لاءِ هر قسم جي ڪوشش ورتائين.پنهنجي تر ۾ هاءِ اسڪول کولرايائين، شاگردن کي وظيفا ڏنائين، ذاتي ڪوشش ڪري صلاحيتمند استادن جو انتخاب ڪيائين، ۽ ٻي هر قسم جي مدد ڪيائين.
مرحوم آغا صاحب کي سندس دوست ۽ هڪجيڏا “بدر” جي نالي سان ياد ڪندا هئا. پاڻ سنگت جو اهڙو سٺو هو جو اسڪولي سنگت کان وٺي سياسي سنگت تائين ياري پاريندو آيو ۽ رابطو رکندو آيو. جيڪڏهن ڪن دوستن سان سياسي اختلاف ٿيندو هوس، ته به کين دل کان دور هرگز نه ڪندو هو.
آغا بدرالدين جهڙي اديب ۽ ادب نواز، محفل جي مور ۽ ڪچهري جي ڪوڏئي، سلجهيل ۽ مدبر سياستدان، قومي قرب رکندڙ، برجستي زميندار، پرهيزگار ۽ باهمت مجاهد جو وري ملڻ مشڪل آهي. سندس انتقال پرملال سان دراني خاندان کي خاص طرح ۽ سنڌ کي عام طرح جيڪو نقصان رسيو آهي، تنهن جري تلافي محال آهي.
مرحوم کي دل جو عارضو هو، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ آغا صاحب کي ڪراچيءَ اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي پاڻ پنهنجي جان جان آفرين جي سپرد ڪيائين. سندس لاش کي کڻائي، سندس ڳوٺ ڳڙهي ياسين ۾ دفنايو ويو. وفات وقت سندس عمر 54 سال هئي. پاڻ پويان هڪ نياڻي ۽ بيوهه ڇڏي اٿس.

No comments:

راءِ ڏيندا