مولانا عبدالڪريم چشتي
غلام محمد گرامي
شڪارپور جو مشهور قومي اڳواڻ مولانا محمد عبدالڪريم چشتي، سن 1898ع ۾ شهر شڪارپور ۾ ڄائو. ڇهن ورهين جي ڄمار ۾، خليفي حاجي عبدالغفور وٽ قرآن شريف جي تعليم لاءِ ويٺو، 1906ع ۾ قرآن شريف جي تعليم پوري ڪري، 1910ع تائين سنڌي ۽ اردو تعليم وٺندو رهيو، جنهن کان پوءِ عربي ۽ فارسي ۾ مشغول ٿيو. 1918ع ۾ سيالڪوٽي نصاب ختم ڪيائين. مولانا مولوي غلام رسول صاحب چشتي مرحوم صرف_نحوي ۽ ابتدائي کيس طي ڪرايا؛ حضرت مولانا علامه عبدالرحمان صاحب ميمڻ، صدر معلم “وڪٽوريا عربي اسڪول” وٽ فقہ، اصول، حديث، تفسير، ادب ۽ منطق پڙهي ختم ڪيائين. 1917ع ۾ سندس والد صاحب هن جهان فانيءَ مان دارالبقا ڏانهن راهي ٿي ويو، پر مولانا صاحب هي صدمو سهي به پنهنجي تعليم کي لڳو رهيو. ان تعليم سان گڏ، مولانا چشتي صاحب، طب جو علم به حاصل ڪري ورتو.
ان بعد مولانا، پنهنجو طبابت جو دڪان کوليو، سن 1917ع ۾ ڊاڪٽر ايني بيسنٽ جي “انڊين هوم رول ليگ” ۾ شامل ٿيو، ۽ ملڪ جي آزاديءَ واري ميدان ۾ قدم وڌايائين. جنهن کان پوءِ 1918ع جي آخر ۾، ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيو. ساڳئي وقت پنهنجي استاد مولانا عبدالرحمان عليہ رحمة سان مشوري ڪرڻ کان پوءِ “انجمن مجاهدين اسلام” برپا ڪيائين. جنهن جو مقصد هو ته “اسلامي وڏن ڏينهن تي دين جي وڏن بزرگن جون حياتيون ٻڌايون وڃن.” انهيءَ انجمن قريباً، ٻه ورهيه خوب خدمت ڪئي. 1919ع ۾ جيئن خلافت ڪاميٽي قائم ٿي ته مولانا صاحب ان جو ميمبر ٿيو، 1920ع ۾ مسلم ليگ جو ميمبر ٿيو. “قطع تعلقات” جي هلچل ۾ ٽي ڀيرا جيل ويو: پهريون ڀيرو فوجداري ڏوهه (بنا اجازت جلوس ڪڍڻ) ۾، جيڪب آباد مان مهينو جيل؛ ٻيو ڀيرو 144 قلم جي نافرمانيءَ سببان 4 مهينا ميهڙ مان جيل؛ ۽ ٽيون ڀيرو 108 قلم سان بغاوت جي ڏوهه هيٺ نصير آباد مان ٻارهن مهينا جيل جي سزا سٺائين.
مولانا صاحب ٽي ورهيه بنا ڪنهن پگهار جي، ڪانگريس ۽ خلافت جو سڄي سنڌ ۾ ڪم ڪيو. 1921ع مولانا “مدرسه محموديه” جو بنياد وڌو، جنهن کي پورا ڇهه ورهيه قائم رکيو آيو، ۽ جنهن جو ڪڏهين به ڪو معاوضو نه ورتائين. 1922ع جي ٻئي ڀيري واري جيل جي وقت ۾، مولانا جي پهرين گهرواريءَ ۽ سندس فرزند برڪات احمد رحلت ڪري ويا. مولانا صاحب وري ٻي شادي 1928ع ۾ ڪئي، ۽ وري ٽين شادي 1948ع ۾ ٻي گهرواريءَ جي رحلت ڪرڻ سبب ڪيائين. ان کان پوئين گهر مان ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ ڄائس.
1924ع ۾ مولانا صاحب شڪارپور جي مشهور “انجمن اشاعت اسلام” جو بنياد وڌو، ۽ پڇاڙيءَ تائين پوري جوش سان خدمت ڪندو رهيو. مولانا صاحب ڪيترو وقت، سموريءَ سنڌ ۾، سوراج، سوديشيءَ، ۽ هندو_مسلم، ايڪتا جو پرچار ڪندو رهيو. “ڪامل آزادي”، سندس اصل متو هو. وطن سان بيحد محبت هيس. هڪ طرف کان هن جو ملڪي عشق عجيب هو، ته ٻئي طرف کان هي 1921ع کان وٺي، تبليغ، تجارت، ۽ اصلاح رسوم تي وعظ پيو ڪندو هو. خصوصاً 1924ع کان وٺي تبليغ ۽ تنظيم ۾ مولانا ڏاڍو گهڻو ڪم ڪيو. 1927ع ۾ آرين جي مقابلي ۾، مولانا قلم ۽ زبان سان جيڪو عظيم جهاد ڪيو، سو هميشه ياد رهندو.
آگسٽ 1927ع ۾، مولانا مرحوم جيڪب آباد مان “صداقت” اخبار جاري ڪئي، جا پنجن مهينن کان پوءِ مسٽر ٽانوريءَ (ايڊيٽرالحنيف) جي حوالي ڪيائين. “صداقت”، مولانا جي ايڊيٽريءَ وقت، ڏاڍي مشهور ۽ مقبول اخبار هئي. ان بعد مولانا مرحوم، 1929ع ۾ شڪارپور مان “پيغام” اخبار جاري ڪئي. مگر ڪم فرصتيءَ ۽ کوٽ سببان ڇهن مهينن کانپوءِ “پيغام” جي اشاعت باقاعدي جاري نه رهي سگهي.
1922ع ۾ مولانا صاحب حج تي ويو، سنڌ_خلافت ڪاميٽي جي وفد طرفان، اتي رهڻ واري وقت ۾، “خدام الحجاج” جو کيس پريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو، هن ويندي ايندي، حجاز ۾ ڪل 392 بيمار ماڻهن جي مفت دوا ڪئي. ۽ مديني پاڪ ۾ “خلافت” طرفان قريباً ويهه هزار روپيا، تقسيم ڪيا. مولانا جي عرب جي بادشاهه، گورنرن ۽ اتان جي عالمن، پيرن ۽ معزورن ڏاڍي مرحبا ڪئي. ۽ دعوتون ڪيون. ان بعد 1932ع ۾ ٻيو حج ڪيائون، وري 1933ع ۾ ٽيون حج ڪيائون. ۽ چوٿون حج 1944ع ۾ ڪيائون.
مولانا چشتي صاحب، پنجونجاهه کن عمدا ڪتاب تصنيف ڪيا آهن، جن مان ست فارسي ۾ لکيل آهن، ۽ باقي سنڌي ۾ لکيل آهن. اهي سڀ ڪتاب ڇپجي مقبول عام ٿي چڪا آهن. ڪي ڪتاب ته ٻه ٻه، چار چار، ايڊيشنون ڇپجي چڪا آهن. جهڙي طرح مولانا مرحوم مضمون نگاريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، تهڙيءَ طرح وعظ توڙي تقرير ۾ به لاثاني هو. اجمير، ملتان، خانپور، لاهور، دهلي، لکنو وغيره ۾، سندس تقريرون ڏاڍيون پسند پيون. مولانا، سنڌ مسلم ائسوسيئيشن جو ميمبر به هو. انهيءَ کان سواءِ ڪيترا سال “سنڌ خدمت ڪاميٽي” (ڪراچي) جو نائب صدر، ڪيترا سال جميعت العلماء سنڌ (ڪراچي) جو نائب ناظم، ۽ ڪيترا سال “آزاد قومي پارٽي” جو نائب ناظم ٿي رهيو هو. انهيءَ کان سواءِ “پيغام”، هفتيوار اخبار شڪارپور؛ “صداقت” هفتيوار اخبار جيڪب آباد؛ “جمهور” هفتيوار اخبار، شڪارپور، “الوحيد” روزانه اخبار ڪراچي؛ “آزاد” روزانه اخبار ڪراچي؛ “قرباني” روزانه اخبار ڪراچي؛ “مجاهد”، روزانه اخبار ڪراچي ۽ “پاڪستان” هفتيوار لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر ٿي رهيو هو.
سن 1950ع ۾ جيڪا يارهين “سنڌي ادبي ڪانفرنس”، 9_ نومبر 1950ع ۾ منعقد ٿي هئي، تنهن ۾ بالاتفاق “سبحان السنڌ” جو خطاب، مولانا مرحوم صاحب جن کي عطا ڪيو ويو. ٽي سال شڪارپور، ميونسپل جو وائس پريزيڊنٽ ۽ چار مهينا پريزيڊنٽ پڻ ٿي رهيو هو. ۽ ٻارهن سالن کان “جي. پي” جو خطاب پڻ مليل هوس.
مولانا صاحب، مقامات مقدس جي زيارت لاءِ عراق، نجف اشرف، بغداد، ڪربلا معليٰ وغيره جو سفر به ڪري آيو هو.
پڇاڙي جي وقت ۾ مولانا مرحوم، ميونسپل ميمبر، جي. پي. شهر شڪارپور، نيوايريا هاءِ اسڪول جو چونڊيل صدر، “مدرسه محموديه” عربي جو صدر، “جميعته علمائي اسلام” شڪارپور جو صدر، “انجمن اهل سنة” شڪارپور جو صدر، “انجمن اطباء” شڪارپور جو نائب صدر، ۽ سنڌ جي مشهور جامع دينيه “دارالهدى” ٺيڙهي شريف جو نائب صدر رهيو.
مولانا مرحوم ڪل پنجونجاهه ڪتاب لکيا. جن مان 48 سنڌي آهن، ۽ 7 فارسي آهن. مولانا صاحب جي ڇپايلن ڪتابن ايتري ته مقبوليت حاصل ڪئي، جو ڪي ٽي ٽي، چار چار ۽ پنج ڇهه دفعا به ڪتاب ڇپيا رهيا! سڀني ڪتابن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي.
سنڌي: (1) هدايات محمدي، (2) انوارمحمدي، (3) حالات محمدي، (4) ڪمالات محمدي، (5) احسانات محمدي، (6) وصال محمدي، (7) حبيب خدا، (8) آئينه حق، (9) تلوار حق، (10) آفتاب حق، (11) صراط المستقيم، (12) برهان رباني، (13) حجت حقاني، (14) امهات المومنين، (15) شهيد ڪربلا، (16) قضيئه ڪربلا، (17) امام اعظم، (18) امام شافعي، (19) محبوب سبحاني، (20) امام رباني، (21)سلطان الهند، (22) بيان المعراج، (23) نور خدا، (24) جواهرات، (25) تعليم الاسلام، (26) مجاهد اسلام، (27) اولياء اسلام، (28) رهبر حج، (29) علامات قيامت، (30) امير معاويه، (31) تقديس الرسول، (32) پيغام محبت، (33) جواب لاجواب، (34) علمن جو انجام، (35) مجموعہ وظائف، (36) ڪتاب النڪاح، (37) هدايت المسلمين، (38) ميلادنبي، (39) باطل نبوي، (40) طاهرات، (41) قرآني دعائون، (42) پيغمبري دعائون، (43) مجربات چشتيه، (44) پنج سوره مترجم، (45) شفاءُ الاسقام، (46) عبدالڪريم ۽ (48) معجزات محمدي.
فارسي: (1) قرب قيامت، (2) معامله باغ فدڪ،(3) القول المقبول، (4) القول الاظهر، (5) التلقين والهدايہ، (6) ڪشف الغطاء ۽ (7) رافع الحجب.
No comments:
راءِ ڏيندا