ابڙو عبدالڪريم
چشتي
مولانا عبدالڪريم ولد عبدالله ابڙو ”چشتي“ سن ۱۳۱۴ھ مطابق ۱۸۹۶ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنھنجي ويجھي عزيز مولانا غلام رسول چشتيءَ وٽان حاصل ڪيائين. عربي ۽ فارسيءَ جي وڌيڪ تعليم شڪارپور جي ”وڪٽوريه جوبلي انسٽيٽيوٽ“ ۾ مولانا عبدالرحمان ميمڻ وٽ حاصل ڪري، ۱۹۱۷ع ۾ فارغ التحصيل ٿيو.
فارغ ٿيڻ کان پوءِ ۱۹۱۷ع ۾ انڊين ھوم رول
ليگ ۾ شامل ٿيو. سن ۱۹۱۸ع ۾ ڪانگريس ۾ آيو. ھن شڪارپور ۾ ”انجمن مجاھدين
اسلام“ تنظيم قائم ڪئي. ۱۹۱۹ع ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ ۱۹۲۰ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل
ٿيو.
ھن ۱۹۱۲ع ۾ شڪارپور ۾
”محموديه عربيه“ مدرسو نالي قائم ڪيو. ۱۹۲۴ع ۾ ”انجمن اشاعت الاسلام
شڪارپور“ جو بنياد رکيائين. ان کان پوءِ تبليغ ۽ تنظيم جو ڪم
ڪندو رھيو. سال ۱۹۲۷ع کان ۱۹۲۹ع تائين صحافت سان واسطو رھيس.
سال ۱۹۵۰ع ۾ يارھين ”سنڌي
ادبي ڪانفرنس ۾ ”محبانِ سنڌ“ جو خطاب حاصل ڪيائين.
ساڳئي سال ۾ شڪارپور ميونسپل جو
وائيس پريزيڊنٽ ۽ پريزيڊنٽ ٿي رھيو. ان کان علاوه نيو ايرا ھاءِ
اسڪول، موجوده قاضي حبيب الله ھاءِ اسڪول، شڪارپور جو چونڊيل صدر، ”مدرسه عربيه
محموديه“ شڪارپور جو صدر، ”انجمن اھل سنت“ شڪارپور جو صدر، ”انجمن طلباءِ شڪارپور“
جو صدر، جمعيت العلماءِ اسلام شڪارپور جو نائب صدر ۽ جامع دينيه دارالھديٰ ٺيڙھي
جو نائب صدر ٿي رھيو.
مولانا صاحب ۵۵ ڪتاب تصنيف ڪيا، جن
مان ۷ فارسيءَ ۾ ۽ باقي سنڌي زبان ۾ آھن. مولانا صاحب حياتيءَ
۾ ۳ حج ڪيا. ھن ۱۹۶۴ع ۾ وفات ڪئي.
مولانا عبدالڪريم چشتي
غلام محمد گرامي
شڪارپور
جو مشهور قومي اڳواڻ مولانا محمد عبدالڪريم چشتي، سن ۱۸۹۸ع ۾ شهر شڪارپور ۾ ڄائو. ڇهن ورهين جي ڄمار ۾، خليفي حاجي عبدالغفور وٽ
قرآن شريف جي تعليم لاءِ ويٺو، ۱۹۰۶ع ۾
قرآن شريف جي تعليم پوري ڪري، ۱۹۱۰ع
تائين سنڌي ۽ اردو تعليم وٺندو رهيو، جنهن کان پوءِ عربي ۽ فارسي ۾ مشغول ٿيو. ۱۹۱۸ع ۾ سيالڪوٽي نصاب ختم ڪيائين. مولانا مولوي غلام رسول صاحب چشتي مرحوم
صرف_نحوي ۽ ابتدائي کيس طي ڪرايا؛ حضرت مولانا علامه عبدالرحمان صاحب ميمڻ، صدر
معلم “وڪٽوريا عربي اسڪول” وٽ فقہ، اصول، حديث، تفسير، ادب ۽ منطق پڙهي ختم ڪيائين.
۱۹۱۷ع ۾ سندس والد صاحب هن جهان
فانيءَ مان دارالبقا ڏانهن راهي ٿي ويو، پر مولانا صاحب هي صدمو سهي به پنهنجي
تعليم کي لڳو رهيو. ان تعليم سان گڏ، مولانا چشتي صاحب، طب جو علم به حاصل ڪري
ورتو.
ان بعد
مولانا، پنهنجو طبابت جو دڪان کوليو، سن ۱۹۱۷ع ۾ ڊاڪٽر ايني بيسنٽ جي “انڊين هوم رول ليگ” ۾ شامل ٿيو، ۽ ملڪ جي آزاديءَ
واري ميدان ۾ قدم وڌايائين. جنهن کان پوءِ ۱۹۱۸ع جي آخر ۾، ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيو. ساڳئي وقت پنهنجي استاد مولانا عبدالرحمان
عليہ رحمة سان مشوري ڪرڻ کان پوءِ “انجمن مجاهدين اسلام” برپا ڪيائين. جنهن جو
مقصد هو ته “اسلامي وڏن ڏينهن تي دين جي وڏن بزرگن جون حياتيون ٻڌايون وڃن.”
انهيءَ انجمن قريباً، ٻه ورهيه خوب خدمت ڪئي. ۱۹۱۹ع ۾ جيئن خلافت ڪاميٽي قائم ٿي ته مولانا صاحب ان جو ميمبر ٿيو، ۱۹۲۰ع ۾ مسلم ليگ جو ميمبر ٿيو. “قطع تعلقات” جي هلچل ۾ ٽي ڀيرا جيل ويو:
پهريون ڀيرو فوجداري ڏوهه (بنا اجازت جلوس ڪڍڻ) ۾، جيڪب آباد مان مهينو جيل؛ ٻيو ڀيرو
۱۴۴ قلم جي نافرمانيءَ سببان ۴ مهينا ميهڙ مان جيل؛ ۽ ٽيون ڀيرو ۱۰۸ قلم سان بغاوت جي ڏوهه هيٺ نصير آباد مان ٻارهن مهينا جيل جي سزا سٺائين.
مولانا
صاحب ٽي ورهيه بنا ڪنهن پگهار جي، ڪانگريس ۽ خلافت جو سڄي سنڌ ۾ ڪم ڪيو. ۱۹۲۱ع مولانا “مدرسه محموديه” جو بنياد وڌو، جنهن کي پورا ڇهه ورهيه قائم رکيو
آيو، ۽ جنهن جو ڪڏهين به ڪو معاوضو نه ورتائين. ۱۹۲۲ع جي ٻئي ڀيري واري جيل جي وقت ۾، مولانا جي پهرين گهرواريءَ ۽ سندس فرزند
برڪات احمد رحلت ڪري ويا. مولانا صاحب وري ٻي شادي ۱۹۲۸ع ۾ ڪئي، ۽ وري ٽين شادي ۱۹۴۸ع ۾ ٻي
گهرواريءَ جي رحلت ڪرڻ سبب ڪيائين. ان کان پوئين گهر مان ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ ڄائس.
۱۹۲۴ع ۾ مولانا صاحب شڪارپور جي مشهور “انجمن اشاعت اسلام” جو بنياد وڌو، ۽ پڇاڙيءَ
تائين پوري جوش سان خدمت ڪندو رهيو. مولانا صاحب ڪيترو وقت، سموريءَ سنڌ ۾، سوراج،
سوديشيءَ، ۽ هندو_مسلم، ايڪتا جو پرچار ڪندو رهيو. “ڪامل آزادي”، سندس اصل متو هو.
وطن سان بيحد محبت هيس. هڪ طرف کان هن جو ملڪي عشق عجيب هو، ته ٻئي طرف کان هي ۱۹۲۱ع کان وٺي، تبليغ، تجارت، ۽ اصلاح رسوم تي وعظ پيو ڪندو هو. خصوصاً ۱۹۲۴ع کان وٺي تبليغ ۽ تنظيم ۾ مولانا ڏاڍو
گهڻو ڪم ڪيو. ۱۹۲۷ع ۾ آرين جي مقابلي ۾، مولانا
قلم ۽ زبان سان جيڪو عظيم جهاد ڪيو، سو هميشه ياد رهندو.
آگسٽ ۱۹۲۷ع ۾، مولانا مرحوم جيڪب آباد مان “صداقت” اخبار جاري ڪئي، جا پنجن مهينن
کان پوءِ مسٽر ٽانوريءَ (ايڊيٽرالحنيف) جي حوالي ڪيائين. “صداقت”، مولانا جي ايڊيٽريءَ
وقت، ڏاڍي مشهور ۽ مقبول اخبار هئي. ان بعد مولانا مرحوم، ۱۹۲۹ع ۾ شڪارپور مان “پيغام” اخبار جاري ڪئي. مگر ڪم فرصتيءَ ۽ کوٽ سببان ڇهن
مهينن کانپوءِ “پيغام” جي اشاعت باقاعدي جاري نه رهي سگهي.
۱۹۲۲ع ۾ مولانا صاحب حج تي ويو، سنڌ_خلافت ڪاميٽي جي وفد طرفان، اتي رهڻ واري
وقت ۾، “خدام الحجاج” جو کيس پريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو، هن ويندي ايندي، حجاز ۾ ڪل ۳۹۲ بيمار ماڻهن جي مفت دوا ڪئي. ۽ مديني پاڪ ۾ “خلافت” طرفان قريباً ويهه
هزار روپيا، تقسيم ڪيا. مولانا جي عرب جي بادشاهه، گورنرن ۽ اتان جي عالمن، پيرن ۽
معزورن ڏاڍي مرحبا ڪئي. ۽ دعوتون ڪيون. ان بعد ۱۹۳۲ع ۾ ٻيو حج ڪيائون، وري ۱۹۳۳ع ۾ ٽيون
حج ڪيائون. ۽ چوٿون حج ۱۹۴۴ع ۾ ڪيائون.
مولانا
چشتي صاحب، پنجونجاهه کن عمدا ڪتاب تصنيف ڪيا آهن، جن مان ست فارسي ۾ لکيل آهن، ۽
باقي سنڌي ۾ لکيل آهن. اهي سڀ ڪتاب ڇپجي مقبول عام ٿي چڪا آهن. ڪي ڪتاب ته ٻه ٻه،
چار چار، ايڊيشنون ڇپجي چڪا آهن. جهڙي طرح مولانا مرحوم مضمون نگاريءَ ۾ پنهنجو مٽ
پاڻ هو، تهڙيءَ طرح وعظ توڙي تقرير ۾ به لاثاني هو. اجمير، ملتان، خانپور، لاهور،
دهلي، لکنو وغيره ۾، سندس تقريرون ڏاڍيون پسند پيون. مولانا، سنڌ مسلم ائسوسيئيشن
جو ميمبر به هو. انهيءَ کان سواءِ ڪيترا سال “سنڌ خدمت ڪاميٽي” (ڪراچي) جو نائب
صدر، ڪيترا سال جميعت العلماء سنڌ (ڪراچي) جو نائب ناظم، ۽ ڪيترا سال “آزاد قومي
پارٽي” جو نائب ناظم ٿي رهيو هو. انهيءَ کان سواءِ “پيغام”، هفتيوار اخبار شڪارپور؛
“صداقت” هفتيوار اخبار جيڪب آباد؛ “جمهور” هفتيوار اخبار، شڪارپور، “الوحيد”
روزانه اخبار ڪراچي؛ “آزاد” روزانه اخبار ڪراچي؛ “قرباني” روزانه اخبار ڪراچي؛
“مجاهد”، روزانه اخبار ڪراچي ۽ “پاڪستان” هفتيوار لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر ٿي رهيو هو.
سن ۱۹۵۰ع ۾ جيڪا يارهين “سنڌي ادبي ڪانفرنس”، ۹_ نومبر ۱۹۵۰ع ۾ منعقد ٿي هئي، تنهن ۾
بالاتفاق “سبحان السنڌ” جو خطاب، مولانا مرحوم صاحب جن کي عطا ڪيو ويو. ٽي سال شڪارپور،
ميونسپل جو وائس پريزيڊنٽ ۽ چار مهينا پريزيڊنٽ پڻ ٿي رهيو هو. ۽ ٻارهن سالن کان
“جي. پي” جو خطاب پڻ مليل هوس.
مولانا
صاحب، مقامات مقدس جي زيارت لاءِ عراق، نجف اشرف، بغداد، ڪربلا معليٰ وغيره جو سفر
به ڪري آيو هو.
پڇاڙي
جي وقت ۾ مولانا مرحوم، ميونسپل ميمبر، جي. پي. شهر شڪارپور، نيوايريا هاءِ اسڪول
جو چونڊيل صدر، “مدرسه محموديه” عربي جو صدر، “جميعته علمائي اسلام” شڪارپور جو
صدر، “انجمن اهل سنة” شڪارپور جو صدر، “انجمن اطباء” شڪارپور جو نائب صدر، ۽ سنڌ
جي مشهور جامع دينيه “دارالهدى” ٺيڙهي شريف جو نائب صدر رهيو.
مولانا
مرحوم ڪل پنجونجاهه ڪتاب لکيا. جن مان ۴۸ سنڌي آهن، ۽ ۷ فارسي
آهن. مولانا صاحب جي ڇپايلن ڪتابن ايتري
ته مقبوليت حاصل ڪئي، جو ڪي ٽي ٽي، چار چار ۽ پنج ڇهه دفعا به ڪتاب ڇپيا رهيا! سڀني
ڪتابن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي.
سنڌي:
(۱) هدايات محمدي، (۲) انوارمحمدي، (۳)
حالات محمدي، (۴) ڪمالات محمدي، (۵) احسانات محمدي، (۶) وصال
محمدي، (۷) حبيب خدا، (۸) آئينه حق، (۹)
تلوار حق، (۱۰) آفتاب حق، (۱۱) صراط المستقيم، (۱۲)
برهان رباني، (۱۳) حجت حقاني، (۱۴) امهات المومنين، (۱۵) شهيد
ڪربلا، (۱۶) قضيئه ڪربلا، (۱۷) امام اعظم، (۱۸) امام
شافعي، (۱۹) محبوب سبحاني، (۲۰) امام رباني، (۲۱)سلطان
الهند، (۲۲) بيان المعراج، (۲۳) نور خدا، (۲۴)
جواهرات، (۲۵) تعليم الاسلام، (۲۶) مجاهد اسلام، (۲۷)
اولياء اسلام، (۲۸) رهبر حج، (۲۹) علامات قيامت، (۳۰) امير
معاويه، (۳۱) تقديس الرسول، (۳۲) پيغام محبت، (۳۳) جواب
لاجواب، (۳۴) علمن جو انجام، (۳۵) مجموعہ وظائف، (۳۶) ڪتاب
النڪاح، (۳۷) هدايت المسلمين، (۳۸) ميلادنبي، (۳۹) باطل
نبوي، (۴۰) طاهرات، (۴۱) قرآني دعائون، (۴۲)
پيغمبري دعائون، (۴۳) مجربات چشتيه، (۴۴) پنج سوره مترجم، (۴۵)
شفاءُ الاسقام، (۴۶) عبدالڪريم ۽ (۴۸) معجزات محمدي.
فارسي:
(۱) قرب قيامت، (۲) معامله باغ فدڪ،(۳)
القول المقبول، (۴) القول الاظهر، (۵) التلقين والهدايہ، (۶) ڪشف
الغطاء ۽ (۷) رافع الحجب.
مولوي عبدالڪريم چشتي
سبحانِ سنڌ
حسيب ناياب منگي
سنڌ جي
علمي، ادبي، سماجي، صحافتي ۽ سياسي حلقن کان مولوي عبدالڪريم چشتيءَ جو نالو ڪڏهن
به وسري نه سگهندو، ڇو جو هن انھن مان هر شعبي ۾ پنھنجيُون نراليُون خدمتون
ديانتداريءَ سان انجام ڏنيون. تقرير جي فن تي اوتري ئي دسترس حاصل هئس، جيتري قلم
تي قدرت هئس. هو نه رڳو عمدو لکندو هو، بلڪه بسيار نويس به هو ۽ جَهجهو لکندو هو.
سندس تحرير معيار توڙي مقدار ۾ سرس هوندي هئي. شرعي، سوانحي، تاريخي، علمي، ادبي،
صحافتي ۽ سياسي مسئلن، حالتن ۽ واقعن تي پنھنجي دؤر ۾ تمام گهڻو لکيائين. اھو ئي
سبب آھي، جو پنھنجن ڏينھن ۾ بسيار نويس (گهڻو لکندڙ) ۽ گهڻو پڙهيو ويندڙ شخص ثابت ٿيو.
مولوي چشتيءَ جي زندگي جدوجھد جو اعليٰ مثال آهي. هن پاڻ کي خاموشيءَ سان ويھي ڪتاب
لکڻ ۽ پيٽ گذر لاءِ ڪم ڪرڻ تائين محدود نه رکيو، بلڪه سياست، صحافت ۽ سماجي خدمتن
جي ميدان ۾ ايترو ته سرگرم رهيو، جو سنڌ جي علمي ادبي حلقن کيس ”سبحانِ سنڌ“ جو
لقب ڏنو.
مولوي
عبدالڪريم چشتيءَ جي زندگيءَ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته مطالعي جي پابندي ۽
استادن جي صحبت ۽ آسپاس جي ماحول جو مٿس ايترو مثبت اثر پيو، جو لکڻ شروع ڪيائين ۽
پنھنجي دؤر جي مشھور اخبارن ۽ رسالن هفتيوار ”الحق“ سکر ۽ روزنامه ”آفتاب“ توڙي
”توحيد“ ڪراچيءَ ۽ ماھوار ”سنڌو“ شڪارپور ۾ ڪثرت سان سندس تحريرون شايع ٿيڻ لڳيون.
سنڌي ۽ اردوءَ کان علاوه عربي توڙي فارسي ٻولين تي به مَلڪو حاصل هئس. ڄاڻايل ٻولين
جي ادب جي مطالعي سبب، بوقتِ ضرورت پنھنجي سنڌي توڙي اردو تحريرن ۾ انھن ٻولين جي
پھاڪن ۽ محاورن جو استعمال به ڪندو رهندو هو. علمي، ادبي ۽ مذهبي موضوعن تي سندس ڇپيل
ڪتابن جو ڪل تعداد ۷۲ آهي.
اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته ڪيترائي ڪتاب اڻ ڇپيل به ڇڏيائين، پر سچ اهو به آهي ته مري وڃڻ
کانپوءِ ڪنھن جي پويان ڇڏيل ادبي پورھئي جِي سار ڪير ٿو لھي! مطلب وارا ڪتاب ۽
فائيل هر واقفڪار کڻندو ويو. ڪنھن به ڪا ڪسر نه ڇڏي. سندس قلمي پورهئي ۾ سوين ڇپيل
مضمونن وارو رڪارڊ ۽ اڻ ڇپيل فائيلَ ايئن گم ٿي ويا، ڄڻ هئا ئي ڪين! ڪن ڪتابن ۾
اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته ”رهيل ڪسر سندس پونين پوري ڪئي ۽ ڌيان نه ڏيڻ ڪري سندس ڪتب
خانو ئي وڃائي ڇڏيائون.“
مولوي
عبدالڪريم ولد عبدالله ابڙو سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور ۾ ۱۸۹۶ع ڌاري تولد ٿيو. ابتدائي تعليم جا ورق پنھنجي مائٽَ مولانا غلام رسول
چشتيءَ جي نظرداريءَ هيٺ پڙهيائين. تنھن بعد ”وڪٽوريه جُوبلي انسٽيٽيوٽ“ شڪارپور ۾
مولانا عبدالرحمان ميمڻ وٽان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪري، خليفي عبدالغفور
سومري کان طب جي تعليم پرايائين ۽ شڪارپور ۾ ئي مطب کوليائين. سالن جا سالَ ادبي،
صحافتي، سياسي ۽ سماجي خدمتون انجام ڏنائين. ۱۹۵۰ع ۾ ”سبحانِ سنڌ“ جو خطاب مليس. شڪارپور ميونسپالٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ ۽
بعد ۾ صدر، ”نيو ايرا ھاءِ اسڪول“ (موجوده قاضي حبيب الله ھاءِ اسڪول) شڪارپور جو
چونڊيل صدر، ”مدرسهء عربيه محموديه شڪارپور“ جو صدر ۽ ٻين ڪيترين ئي تنظيمن توڙي
علمي ۽ ادبي ادارن جو عھديدار رهيو. سندس هٿ هيٺ گهڻيون ئي تنظيمون ۽ ادارا وڌي وڻ
ٿيا. پنھنجي زندگيءَ ۾ علمي، ادبي، صحافتي توڙي سياسي حلقن اندر وڏا شاگرد پيدا ڪيائين.
مولوي
عبدالڪريم چشتيءَ جي زندگيءَ جو ٻيو رخ سياست جي ميدان ۾ پاڻ مڃرائڻ آهي. هو ۱۹۱۷ع کان ”انڊين هوم رول ليگ“، ”انڊين نيشنل ڪانگريس“، ”خلافت ڪميٽي“، ”قطع
تعلقات تحريڪ“، ”انجمنِ احرارالاسلام“، ”آل انڊيا مسلم ليگ“، ”سنڌ خدمت ڪميٽي“،
”جميعت العلماءِ سنڌ“ ۽ ”آزاد قومي پارٽيءَ“ سميت ٻين ڪيترين ئي سياسي جماعتن ۽
هلچلن جو اهم حصو ٿي رهيو ۽ ننڍڙي وهيءَ ۾ ئي کيس حضرت مولانا تاج محمود امروٽيءَ،
مولانا دين محمد وفائيءَ، مولانا ابوالڪلام آزاد، اجمل خان، مولانا محمّد علي جوھر
۽ مولانا شوڪت عليءَ سميت حڪيم نثار احمد انصاريءَ، شھيد الله بخش سومري، سر حاجي
عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ ٻين ڏاهن ۽ مڃيل شخصيتن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو
موقعو مليو. هو ”انجمنِ مجاهدينِ اسلام“، ”انجمنِ اشاعتِ اسلام“ ۽ ”جميعت التبليغ“
جھڙين تنظيمن ۽ ادارن جو باني هو. جن تنظيمن جو مقصد عام جي خدمت ڪرڻ هو. سياسي
هلچل دؤران چشتي صاحب ڪيترائي ڀيرا جيل به ويو.
مولوي
عبدالڪريم چشتيءَ جھڙو پَڪو پختو ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ صحافت جي ميدان ۾ به پٺتي ڪونه
رهيو. ”الحق“ ۽ ”آفتاب“ اخبارن جي نمائندگي ڪرڻ کانپوءِ جيڪب آباد مان هفتيوار
”صداقت“ ۽ شڪارپور مان هفتيوار ”پيغام“ اخبارون جاري ڪيائين. هو هفتيوار ”جمھُور“
شڪارپور جو چيف ايڊيٽر، روزاني ”الوحيد“ جو ايڊيٽر، روزاني ”آزاد“ ڪراچي، روزاني
”قرباني“ ڪراچي، روزاني ”مجاهد“ ڪراچيءَ جو چيف ايڊيٽر ۽ هفتيوار ”پاڪستان“ لاڙڪاڻي
جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. بي داغ صحافت ۽ سچائيءَ سان فرض نڀائڻ ۾ مولوي چشتيءَ ڪڏهن
به پير پٺتي نه ڪيو. ادب ۽ صحافت جي ميدان ۾ مولانا دين محمد وفائيءَ توڙي سائين
جي ايم سيد جھڙن قابل ڏاهن جو مٿس هميشه اعتماد رهيو.
مولوي
عبدالڪريم چشتي، سير ۽ سفر جو به ڪوڏيو هو. سنڌ ۽ هند جا گهڻا ئي شھرَ گهمي ڏٺا
هئائين. چار ڀيرا سعودي عرب، نجفِ اشرف، ڪربلا معليٰ ۽ هڪ ڀيرو بغداد ويو. سندس
دوستن جو حلقو تمام گهڻو وسيع هو. سنڌ توڙي هند ۽ سعودي عرب جي عالمن، اديبن،
شاعرن، صحافين توڙي سياستدانن سان گَھِرا تعلقات هئس. سائين جي ايم سيد ”جنبَ
گذاريم جن سين“ ۾ سندس خوبين کي بيان ڪندي کيس ”سنڌ جو مکيه قوم پرست ڪارڪن،
بھترين ڳالھائيندڙ، اعليٰ اديب، خوش خُلق، خادمِ خَلق، سچو دوست، اعليٰ صحافي ۽
واعظ الاسلام“ لکي ٿو. پير علي محمّد راشدي پنھنجي هڪ مضمون (شايع: ماهوار ”نئين
زندگي“ ــ ڊسمبر ۱۹۶۴ع) ۾ سندس ڳُڻ ڳائيندي لکي ٿو:
”بطور انسان جي مولانا مرحوم جا ڪھڙا گُڻَ ۽ ڳُڻَ ڳڻي ڳڻجن؟ خوددار ۽ عزت پسند هو،
رهڻي ڪھڻيءَ ۾ صاف ۽ سٿرو هو، مزاج ۾ نفاست ۽ طبيعت ۾ سليقو هوس. چڱين شين سان
چاهه رکندو هو، محفل جو مور هو. الله تعاليٰ سندس زبان ۾ ميٺاج ڏنو هو... مولانا
مرحوم جُون ڪھڙيون وصفون بيان ڪري ڪھڙيون ڪجن؟ گلستانِ سنڌ جو گلاب هو، مھراڻ جي
ماٿريءَ جو موتيو هو، سندس سڳنڌ صدين تائين سنڌين جا مسامَ معطر ڪندي رهندي.“ پير
حسام الدين راشدي پنھنجي ڪتابَ ”هُو ڏوٿي هو ڏينھَن“ ۾ لکي ٿو: ”منھنجو محترم دوست
’سبحانِ سنڌ‘... نرم ۽ نازڪ، جھڙو گلاب جو گل... سندس نثر ۾ به رنگيني رهي ۽ سندس
زبان ۾ به خدا وڏو تاثير خلقيو هو. جنھنڪري سندس تقرير خواه مذهبي واعظَ ماڻھن تي ڏاڍو
اثر ڪندا هئا.“
مولانا
غلام محمّد گرامي (ٽه ماهي ”مھراڻ“ ــ نمبر ۲ ــ سال ۱۹۶۴ع ۾) لکي ٿو: ”مولانا چشتي
پنھنجي علمي ۽ فني حيثيت سان هڪ مخلص قومي خادم، سحر طراز واعظ ۽ جادو بيان اهلِ
قلم هو... سنڌ جو ڪامياب ۽ بااصول صحافي پڻ هو. سندس هر هڪ ايڊيٽوريل، زبان جي
نقطهء نگاه کان، هڪ ادبي شھپارو هوندو هو.“ پروفيسر لطف الله بدوي، سه ماهي
”الرحيم“ ــ ۱۹۶۶ع ۾ لکي ٿو: ”مولانا جُون اسلام
۽ مسلمانن لاءِ ڪيل بي لوث خدمتون فقط اجرِ الاهي جون ئي مستحق ٿي سگهن ٿيون. ورنه
قوم جي طرفان کيس حسنِ خدمتيءَ جو معاوضو ئي ڪھڙو مليو! اسان جي ئي بي پرواهيءَ
سبب، هي باڪمال شخص هميشه عسرت ۽ تنگدستيءَ مان همڪنار ٿي رهيو.“
مولوي
عبدالڪريم چشتي عمر جي آخري حصي ۾ بيمار رهڻ ڪري ۳۱ مارچ ۱۹۶۴ع تي سول اسپتال شڪارپور ۾
گذاري ويو. اڄ کان ٺيڪ پنجين ڏينھن تي اسان سندس ۶۲ ھين ورسيءَ جو ڏھاڙو، سندس ياد ۾ بنا ڪنھن تقريب منعقد ڪرڻ جي
گذارينداسين.
گهڻو
دل کي افسوس ارمان آهه،
ڇڏي
چشتي صاحب ويو هِي جھان
ڏئي
داغ فرقت جو دل کي ويو،
اسان
کان جدا ٿي ويو ناگھان (حافظ محمّد احسن چنه)
يا رب!
هي سنڌ کان اڄ ڪھڙي وري خطا ٿي؟
”سبحانِ سنڌ“
ان کان آخر ويو جدا ٿي
عالِم
شڪارپور جو، عبدالڪريم چشتي،
افسوس!
اڄ اسان کان ويو راهيءِ بقا ٿي (رشيد احمد لاشاري)
واعظِ
سيف اللسان، فخر جَھان، سبحانِ سنڌ
۽ اديبِ خوش
بيان، شيرين زبان، سبحانِ سنڌ
تُون
بلاغت ۾ بليغ آهين، فصاحت ۾ فصِيح
ٿو
سنوارين سنڌ جي سنڌي زبان، سبحانِ سنڌ (نياز همايوني)
(ڏھاڙي هلال
پاڪستان ڪراچي ۾ ۱ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۶ مارچ ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا