; سنڌي شخصيتون: نواز علي نياز جعفري - غلام محمد گرامي

06 June, 2011

نواز علي نياز جعفري - غلام محمد گرامي

غلام محمد گرامي
نواز علي نياز جعفري
”نياز“ جعفري، لاڙڪاڻي جي مردم خيز سرزمين مان هڪ گلِ نوشگفته وانگر ٽڙيو، ۽ اتي ئي موت جي ظالم هٿن سان مرجهائجي ويو! لاڙڪاڻي ۾، 18- آڪٽوبر 1892ع تي، سومرن جي مشهور خاندان ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو محمد آچر خان هو. ’نياز‘ مرحوم، ننڍي وهيءَ ۾ ئي يتيم ٿي چڪو هو. پنهنجي مربي ۽ پياري والد جي جدائيءَ هن ننڍڙي ۽ نماڻي ٻالڪ کي ڪافي متاثر ڪيو. سندس نماڻائيءَ ۽ سادگيءَ ۾ ان ابتدائي عمر واري اوندوهه آگين حادثي جو وڏو دخل قائم رهيو. والد جي وفات کان پوءِ سندس تعليم ۽ تربيت جو بار سندس مامي، ماستر محمد پريل لاڙڪاڻائي، پنهنجي مذهبي مشرف ۽ تصنيفات جي ڪري، اهل تشيع فرقي جو سرگرم فاضل شخص هو. ماستر صاحب پنهنجي قلم ۽ ذوق سان سنڌي ادب ۾ ۽ سنڌ ۾ ڪافي طور پنهنجي مذهب جي اشاعت ڪئي آهي. ’نياز‘ جي تربيت ۾ سندس وڏي ڀاءُ غلام علي خان جعفريءَ جو به وڏو دخل رهيو آهي، جو صاحب به مذهب شيعه سان وابسته هو. انهن ٻنهي بزرگن جي تربيت ۽ صحبت جي ڪري، مرحوم ’نياز‘ به ان مشرب جو مخلص مومن پوئلڳ هو. پڇاڙيءَ تائين اهلبيت اطهار ۽ معصومين جي حب ۽ مشرب ۾ سرشار رهيو.
سندس شاعريءَ جو ذوق، مرحوم ’بلبل‘ جي ديوان مطالعي ڪرڻ سان پيدا ٿيو. ان لاءِ سندس چوڻ آهي ته ”ديوان بلبل“ مون پنهنجيءَ والده ماجده وٽ ڏٺو، ۽ ان جي پڙهڻ کانپوءِ شاعريءَ جو شوق پيدا ٿيو.
’نياز‘ صاحب ڪجهه وقت لاڙڪاڻي مدرسي ۾ به ماستري ڪئي. سندس ذڪر شمس العلماء دائود پوٽي پنهنجيءَ مختصر آتم ڪهاڻيءَ ۾ ڪيو آهي، ۽ لکيو آهي ته ”ان وقت کهڙو محمد ايوب خان، ٽئين درجي انگريزيءَ ۾ هو، جنهن کي مسٽر نواز علي ’نياز‘ خاص طرح پڙهائيندو هو.“ تعليم جي شغل کي ڇڏڻ کان پوءِ، روينيو کاتي ۾ ويو. ترقي ڪري مختيارڪار بنيو، ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ملازمت جي سلسلي سان وابسته رهيو. هر هنڌ علمي ۽ ادبي خدمت ڪندو رهيو، ۽ مشاعرن ۾ بهرو وٺندو آيو. 1947ع ۾ رٽائر ڪري اچي اباڻي شهر کي وسايائين. ڪجهه وقت ”نياز ميڊيڪل هال“ به هلايائين؛ پر ڀاءُ غلام علي خان جعفريءَ جي وفات کان پوءِ، خانداني ۽ معاشرتي ڪمن ڪارين وڌڻ جي ڪري، حڪمت ۽ طب کان ڪناره ڪشي اختيار ڪيائين، ۽ ڀاءُ جي ڇڏيل مشغولين ۽ خدمتن کي جاري رکيائين. ’انجمن حسيني‘، امام بارگاهه ۽ ٻيا مذهبي وقف سنڀاليائين.
11- جنوري 1954ع تي سندس اهليه محترمه وفات فرمائي، انهيءَ صدمي کي هيڻو ڪري وڌو. سندس ڪلام اهڙي قلبي تاثرات سان ڀريل آهي.
پاڻ جيڪو وقت لاڙڪاڻي ۾ رهيو، شعر و ادب جي خدمت ۾ پيش رهيو. نوآموز شاعرن جي حوصلي افزائي ڪندي، ڪيئي قادر الڪلام ۽ استاد پيدا ڪيائين. سندس تربيت ۽ نڪته رس طبيعت، هري ’دلگير‘ ۽ پرڀو ’وفا‘ ڇڳاڻيءَ جهڙا چوٽيءَ جا شاعر پيدا ڪيا، جن کي هند ۽ سنڌ سڃاڻي ٿي.
سندس علمي ۽ ادبي خدمتن ۾ سندس ڪلام جا مجموعا وڏي حيثيت رکن ٿا. سندس ڪلام ۾ ”معراج النبي“ ۽ ”گل ۽ بلبل“ تي لکيل مسدس عظيم شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا. ’نياز‘ صاحب هڪ ننڍڙو انتخاب ”جوهر سخن“ به قلمبند ڪيو هو، جو افسوس آهي ته شايع ٿي نه سگهيو آهي.
’نياز‘ مرحوم پنهنجيءَ وفات کان ٻه ڏينهن اڳ هڪ غزل لکيو آهي، جو سندس غمگين طبع جو هڪ طرف آئينه دار آهي ته ٻئي طرف سندس وفات حسرت آيات لاءِ پيشنگوئي آهي.
اوچتو سڏ ٿيو، نه ڪنهن کان موڪلائي ٿو وڃان،
درد دنيا مان هي پنهنجي دل ۾ پائي ٿو وڃان.
اڻ ڏٺل هڪ ملڪ، ٻيو ساٿي هلي ٿو ڪين ساڻ،
واٽ جون سختيون سڀئي سر تي سهائي ٿو وڃان.
هئا عزيزن دوستن مان ڪير منهنجا خيرخواهه،
بس، ’نيازا‘، هر ڪنهين کي آزمائي ٿو وڃان.
سنڌ جي مشهور قادر الڪلام غزل گو شاعر، نواز علي خان جعفري، ’نياز‘، 12 – نومبر 1959ع تي لاڙڪاڻي ۾ 67 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي – انا لله وانا اليـﮧ راجعون.
بهرحال، هڪ ڪهنه مشق ۽ استاد شاعر جي وفات، سنڌي ادب لاءِ ناقابل تلافي ادبي نقصان آهي. رب ڪريم شال مٿس مغرفت فرمائي ۽ مرهي!


No comments:

راءِ ڏيندا