; سنڌي شخصيتون: مير حاجي محمد بخش ٽالپر - مير شير محمد ٽالپر

29 May, 2011

مير حاجي محمد بخش ٽالپر - مير شير محمد ٽالپر


مير حاجي محمد بخش ٽالپر
هڪ عوامي شخصيت
مير شير محمد ٽالپر 
مير حاجي محمد بخش ٽالپر جي اڄ 26 ورسي آهي، ان مناسبت سان ڪجهه يادون ۽ سندس شخصيت متعلق ڪجهه حقيقتون ۽ واقعا، سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ علمي، ادبي ۽ تاريخي خدمتن تي روشني وجهون ٿا. مير صاحب، واليء سنڌ مير شير محمد ٽالپر جي پوٽي مير عبدالله جو ٻيون نمبر فرزند هو. سياست، سماجيات، معاشيات، حيوانيات، وضع قطع، تصوف ۽ طريقت ۾، پنهنجي حال خيال ۾، علم و حلم ۾، ادب و تاريخ ۾، تاريخ جي تعبير ۽ تفسير ۾، ان جي مطالعي جو هڪ مخصوص نقطهء نظر هو، علم انسان، علم اقوام، علم آثار قديمه، تاريخي روايات و حڪايات کي جانچڻ ۽ پرکڻ جو سنڌ جي مڙني محققن، دانشورن کان هڪ جدا، نرالو ۽ پنهنجو هڪ منفرد ۽ مثالي زاويه نگاهه هو. خصوصي طرح هن مير دور جا آثار، قلعا، قبا ۽ واسطيدار مخصوص ماڻهو ڳولي وڃي لڌا. انهن جي حال و احوال ۽ روايات کي قلم بند به ڪيائين. سندس حاضر دماغي ڪمال جي هئي، پيڙهين جون پيڙهيون ٻڌائي ويندو هو. پنهنجي وڏي ڀاءُ الحاج مير احمد خان ٽالپر جڏهن سياست مان رٽائر ڪيو ته مير حاجي محمد بخش ٽالپر ميدان ۾ نڪري نروار ٿيو. اوائل ۾ مير صاحب هر تحريڪ ۾ حصو ورتو، خلافت، احرار، خاڪسار .... مير صاحب جي عملي سياست جي شروعات 1942ع کان ٿي، ان وقت جي سنڌ جي ينگ بلوچ پارٽي جو سيڪريٽري رهيو، جنهن ۾ ان وقت غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، مير امام بخش ۽ مير سليم وڪيل جهڙا مشهور ڪارڪن شامل هئا. 1944ع ۾ ضلعي ايجوڪيشن ڪميٽي جو ميمبر چونڊجي آيو. سال 1955ع ۾ تعلقي ننگر پارڪر مان ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ سال 1956ع ۾ ضلعي ڪائونسل ٿرپارڪر جو صدر چونڊيو. 1956ع ۾ ضلعي ٿرپارڪر مان مير حاجي محمد بخش ٽالپر ايم پي اي ٿيو. 1962ع ۾ ٻيهر ضلعي ٿرپارڪر مان اليڪشن کٽيائين. صوبائي اسيمبلي ۾ سڀني ميمبرن کان وڌيڪ سوال پڇي سوالن جو بادشاهه جو خطاب ماڻيائين. سوال گهڻو ڪري عوامي مسئلن ۽ سماجي براين متعلق هوندا هئا. سوالن جو تعلق جيئن ته ڪامورا شاهي جي اختيارن ۽ انهن جي صحيح نفاذ ۽ ڪارڪردگي عيان ڪرڻ سان هوندو هو، ۽ انهن جي ڪرپشن ۽ عوام سان زيادتين بابت متعلق کاتي جي وزير کي جواب ڏيڻو هوندو هو ۽ انهن کاتن جي سڄي بيوروڪريسي الرٽ رهندي هئي.
مير حاجي محمد بخش ٽالپر ننگر پارڪر ۾ هاءِ اسڪول، ۽ ڪيترائي پرائمري اسڪول کولرايائين، ڳوٺن ۾ کوهه ۽ تلاءَ ٺهرايائين. ننگر پارڪر جي تعلقي ۾ جهالت دور ڪرڻ لاءِ زوري تعليم جو قانون منظور ڪرايائين. ايوب جي دور ۾ جڏهن هڪ آرڊر ذريعي ٻڪرين پالڻ تي بندش جو اعلان ٿيو، جنهن جي مير حاجي محمد بخش ٽالپر اسيمبلي ۾ سخت مخالفت ڪري اهو آرڊر واپس ڪرايو، بعد ۾ مير صاحب اسيمبلي اندر ٽي ڏينهن بک هڙتال ڪري ٿر جي باراني زمينن تي مالڪاڻو (ٿر جي ڍل کي) 25 رپيا في ٻني تان گهٽ ڪري 15 رپيا ڪرايائين. سندس دور ۾ ٿر جي اڻ سروي ٿيل زمين جي سروي ٿي، ٿر مان پوليس ۽  رينجرس جي ناانصافين کي ختم ڪرايو ويو. ضلعي ڪائونسل جي چيئرميني دوران ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ ضلعي ڪائونسل مان يڪراءِ قرارداد پاس ڪرايائين. سڀ کان اهم ۽ يادگار ڳالهه اها آهي ته پهريون دفعو 67ع ۽ 68ع ۾ ڀالوا ڳوٺ ۾ مارئي جا ميلا لڳرايائين.
مير حاجي محمد بخش ٽالپر سنڌ ۽ پنجاب جي ڪافي سياحت ڪئي، آثار قديمه، تاريخي ماڳ مڪان ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هئس، هن تاريخي تحقيقي مضمون ۽ مقالا به لکيا. هن هڪ علمي ڪتاب به تصنيف ڪيائين، جنهن ۾ ڪلهوڙن جي دور ۽  انگريزن سان حيدرآباد جي ميرن جي ڪيل سياسي معاهدن سبب انگريزن سان ٺاهه ۾ ڪيل مير نصير خان جي نرمي سبب آيل سنڌين کي شڪست ۽ هوشو شيديءَ جي بهادرانه ڪردار تي روشني وڌل آهي. مير حاجي محمد بخش ٽالپر دل ۽ ذيابيطس جي بيماري سبب 29 مئي 1985ع تي لاڏاڻو ڪيو.

No comments:

راءِ ڏيندا