; سنڌي شخصيتون: لعل بن يوسف - پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي

18 May, 2011

لعل بن يوسف - پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي


لعل بن يوسف
ننڍي کنڊ جو برک خاڪسار سياسي ۽ سماجي ڪارڪن
پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي
ننڍي کنڊ جي برک علمي سياسي ۽ سماجي شخصيتن ۾ لعل بن يوسف تمام وڏو نالو آهي. سنڌ ماءُ جي ڪک هميشه سورهيه ۽ سچار  ماڻهن کي جنم ڏئي هن مٽي جو مان مٿانهون ڪيو آهي.

 
لعل بن يوسف جو چانڊيا قبيلي سان واسطو هيو. پهرين لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪاڇي ۾ قمبرعلي خان ۾ ڳچ عرصو رهي پوءِ روزگار سانگي حيدرآباد جي ٽنڊي ولي محمد ۾ اچي مستقل طور آباد ٿيا. محمد يوسف خان کي اٺن پٽن جو اولاد ٿيو، جنهن مان لعل محمد جيڪو (جيڪو بعد ۾ لعل بن يوسف سڏجڻ لڳو) سو ستين نمبر تي هو. سال 1920ع ۾ حيدرآباد ۾ پليگ جي بيماري پکڙجي وئي ته ماڻهو ڊپ وچان شهر ڇڏي ويا ۽ لعل بن يوسف جا والدين ۽ ٻيا شهر خالي ڪري هتان لڏي تلهار ۾ وڃي ويٺا. جتي لعل بن يوسف 23 مارچ 1920ع تي پيدا ٿيو. لعل بن يوسف 6 مهينن جو مس ٿيو ته سندس والده وفات ڪئي. جڏهن ته سندس والد حيدرآباد جي هڪ هندو عورت کي ڪاڇي ۾ وٺي وڃي مسلمان ڪري ان سان شادي ڪئي ۽ اتي رهڻ لڳو. ان زماني ۾ هندن جو تمام گهڻو زور هو، سرنديءَ وارا هيا، وڪيلن جي ڪاميٽي ٺاهي ڪيس وڙهيا. ٻئي طرف لعل بن يوسف جي والد جي دوست مرزا سڪندر بيگ وڪالت ڪئي. آخرڪار ٽن سالن جي لڳاتار ڪوشش بعد ڪيس جو فيصلو سندس والد جي حق ۾ ٿيو. لعل بن يوسف کي پنهنجي ناني وٺي وڃي پاڻ وٽ رهايو. پيءَ جو هٿ نه هجڻ ڪري هي ست درجا پڙهي سگهيو. ٽيئن درجي ۾ پڙهندو هو ته سندس ناني گذاري وئي. غريبيءَ سبب پڙهڻ به ڇٽي ويو. گهڻو ڪري ميرن جي قبن واري حوض تي وڃي ڪپڙا ڌوئي سڪائي پائيندو هو. پاڻ وڌيڪ لکي ٿو ته هن پٿر ڪٽيا، گهوڙي گاڏيون ڌوتيون، ميونسپل ۾ رولر تي ڪلينري پڻ ڪئي. اهڙيءَ طرح وقت کيس ڪندن ڪيو. پاڻ ذهين، ايماندار، بااصول ۽ هڪ سچو انسان هيو. پاڙي جي ڇوڪرن سان گڏجي ڪرڪيٽ، فوٽ بال، والي بال ۽ ونجهه وٽي کيڏندو هو. اڳتي هلي فوٽ بال جو نالي وارو رانديگر ٿيو. انهن ڏينهن ۾ خاڪسار تحريڪ، هڪ سياسي پارٽي طور ننڍي کنڊ ۾ زور ورتو. هو پنهنجي پاڙي جي دوست عطا محمد خان سان گڏجي لاهور ۽ ڪوئيٽا ويو ۽ تحريڪ ۾ حصو ورتو. ڪوئيٽا جي هڪ دوست، رباني بن حسن جيڪو درزي هو، جي چوڻ تي پنهنجي رت سان عهدنامو لکي جانباز جي عهدي تي خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو. اها سال 1938ع جي ڳالهه آهي. علامه عنايت الله مشرقي ننڍي کنڊ ۾ تمام وڏي سياسي جو بنياد سال 1930ع ۾ وجهي چڪو هو. کيس ذهانت ۽ لياقت سبب تحريڪ ۾ هر اول دستي ۾ شامل ڪيو ويو. علامه مشرقي جو ويجهو ۽ بااعتماد ساٿين ۾ سمجهيو ويندو هو. هندستان جي مختلف هنڌن تي مرڪزي ڪيمپن ۽ تاريخي اجتماعن ۾ شريڪ ٿي تحريڪ کي زور وٺرايو. اها تحريڪ Militant هئي، جنهن ۾ يونيفارم ۾ بيلچو کڻي روزانو گهٽين ۾ خاڪسار مارچ ڪندا هئا. تنهنڪر ي هيٺئين طبقي/ مڊل ڪلاس جا پڙهيل نوجوان انقلاب طرف لاڙو رکندڙ هن تحريڪ ۾ شامل ٿيا. 6 آگسٽ 1945ع تي لعل بن يوسف جي شادي، چاچي جي نياڻيءَ سان ٿي، جنهن ۾ سندس پيءَ راضي نه هو. هن پنهنجي سموري حياتي، غريبن، مسڪينن ۽ ڏتڙيل ماڻهن سان محبت ڪندي انقلابي ۽ بهتر تبديلي لاءِ جاکوڙ ڪئي. 18 سالن جي عمر ۾ خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿي، ڪيتريون قربانيون ڏنيون ۽ جيل ڪاٽيا. تحريڪ ۾ ڊپٽي سالار جو عهدو ماڻيو، جيڪو علامه مشرقي کان پوءِ ٻيو وڏو عهدو هو. پاڻ حيدرآباد، دهلي، بمبئي، لاهور، ملتان ۽ ڪراچي جي ڪميونسٽ پارٽي جي آفيس ۾ باقاعده وڃي ڪميونسٽ لٽريچر جو اڀياس ڪيو ۽ پارٽي وارن سان لاڳيتو ميل جول رکي ڪم ڪيو. جنهن ۾ ڪامريڊ عبدالقادر، قادربخش، جمال الدين بخاري سندس گهر واري شانتا، عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ سان رابطي ۾ رهيو. بمبئي ۾ علي بهادر احرار جو ليڊر هو، هي صاحب بمبئي مان روزانه اخبار هلال جي نالي سان ڪڍندو هو، جيڪو سندس بينظير دوست هو ۽ نيشلسٽ خيالن جو هو. بمبئي ۾ سندس پاڙي ۾ مشهور اداڪار آڏو جهانگباڻي اڪثر ملندو هو، جنهن جي خواهش تي سنڌي اداڪارن کي دعوت ڏئي گهرايو ۽ ملاقات ڪرائي جنهن ۾ هري شوداساڻي سندس ڀيڻ ڪملا شوداساڻي، گوپ ڪملاڻي، ڄيٺو گدواڻي، زيبو ۽ بڌو آڏواڻي سان ملاقات ڪرائي. لعل بن يوسف ننڍپڻ کان اسپورٽس مين هجڻ ڪري ڪوئٽا، سکر، جيڪب آباد، ڪراچي، لاهور، دهلي، بمبئي، پٽنه، ڪوهاٽ، پشاور ۽ راولپنڊي ۾ مئچون کٽيون ۽ نالو پيدا ڪيو. 
خاڪسار تحريڪ جي خاتمي کان پوءِ حيدرآباد شهر جي شهري حقن خاطر جلسن، جلوسن ذريعي شهرين ۾ جاڳرتا پيدا ڪئي ۽ سياسي تحريڪن ۾ سرگرمي سان حصو ورتو. خاص طور مير علي احمد خان ٽالپر سان گڏجي مزاحمتي سياست وسيلي  هڪ بامقصد ڪردار نڀايو.
جڏهن شهيد ذولافقار علي ڀٽو پيپلزپارٽي ٺاهڻ جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ مير رسول بخش ٽالپر وٽ ترسيو تڏهن هو لعل بن يوسف جي گهر تي هلي ويو. کيس پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، جيڪا پاڻ قبول ڪيائين. پيپلزپارٽي کي سگهاري بنائڻ لاءِ تنظيم سازي تي زور ڏنو، جلسا جلوس ڪڍيا. حيدرآباد شهر جي پهرين چيئرمين ۽ پوءِ سيڪريٽري طور ڪم ڪيو. پيپلزپارٽي کي مقبول ۽ سگهارو بنائڻ لاءِ ڪم ڪيو. خاڪسار تحريڪ ۾ رهڻ ڪري هن جا گهڻا دوست هيا، انهن جي صحبت ۾ رهي علمي، ادبي، سياسي، سماجي شعور حاصل ڪيو. جڏهن مير برادران پيپلزپارٽي کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو تڏهن ميرن سان گڏجي سياست ۽ دوستي نباهڻ لاءِ عملي طور ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو پر همدرديون آخر تائين هن جون پارٽي سان رهيون.
محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ پورو پورو ويساهه هيس ۽ شهيد ڀٽو لاءِ بي پناهه احترام ۽ عقيدت جو اظهار ڪندو رهيو.
پاڪستان ۾ پنهنجا تمام گهڻا دوست ۽ سياسي هم خيال پيدا ڪيا، خاص طور سنڌ ۾ سياسي سماجي معاشي سجاڳي لاءِ گهڻي جاکوڙ ڪئي. پاڻ هفتيوار سنڌي اخبار چنگاري، طوفان ۽ ماهوار عصر نو رسالن جي باني هجڻ جي حيثيت ۾ نه رڳو سنڌي صحافت ۾ نالو ڪڍيو پر سنڌ کان ٻاهر لاهور مان نڪرندڙ خاڪسار تحريڪ جي ترجمان اخبار (اڙدو) ۾ آخر تائين باقاعده لکندو رهيو. سنڌ جي قومي سياست ۾ پنهنجو نالو ايترو پيدا نه ڪري سگهيو پر ننڍي کنڊ ۾ سياسي سرگرمين ۾ مصروف رهيو. جڏهن سائين جي ايم سيد، عبدالغفار خان، مولانا ڀاشاني، عبدالصمد اچڪزئي ۽ ٻين گڏجي نيشنل عوامي پارٽي ٺاهي ته هنن لعل بن يوسف جهڙي ترقي پسند سياسي اڳوڻ کي پاڻ سان گڏ کنيو.
لعل بن يوسف هيٺئين طبقي منجهه، سنڌ جي سياسي سماجي زندگي ۾ داخل ٿيو ۽ سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو ٿي پنهنجو نالو پيدا ڪيو. هن ڪڏهن عوامي حقن خلاف، سياسي توڙي سماجي ٺاهه نه ڪيو.
هو هڪ علمي ادبي، سماجي شخصيت هو. وٽس اهم دستاويز، قيمتي مواد ۽ ڪتاب ھيا جيڪي ھاڻ سندس پونئرن وٽ موجود آهن. اهو مواد محفوظ ڪري سنڌ سان ننڍي کنڊ جي سياسي، سماجي رابطن جي تاريخ محفوظ ڪئي وڃي.
هميشه صاف سٿرو لباس پائيندو هو. پاڻ سچو انقلابي، وطن دوست، امن پسند، خاص طور سنڌي مهاجر اتحاد جو حامي هو. سچ ۽ سونهن جو ڊگهو سفر ڪري نيٺ ٿڪجي پيو. آخرڪار 20 مارچ 1994ع ۾ سنڌ ماءُ جي جهولي ۾ وڃي هميشه لاءِ آرامي ٿيو. پونئرن ۾ ٻه پٽ پرويز احمد ۽ ڊاڪٽر سهيل  ۽ ٽي نياڻيون ڇڏيون اٿائين. ان کان سواءِ پنهنجي ڀائٽي سينيٽر مولا بخش چانڊيو کي سياسي جانشين طور کي پيپلزپارٽي ۾ ڇڏيو. جيڪو لعل بن يوسف جي نقش قدم تي هلي، جدوجهد ڪري هن جي خوابن جي تعبير بڻجي سگهي.

No comments:

راءِ ڏيندا