; سنڌي شخصيتون: April 2023

30 April, 2023

جي اين مغل

جي اين مغل

بهادر ۽ سٻاجھڙو صحافي

نثار بالادي



ٿيندو ائين آيو آھي ته جڏھن ڪو قلمڪار، چترڪار، فنڪار استاد يا ڪا سماجي/ سياسي شخصيت اسان کان موڪلائي وڃي ٿي، تڏھن اسين انهيءَ جي نانءُ ڪا تقريب ڪوٺائي سندس باري ۾ سارڻيون ساري سندس چڱن ڪمن تي ويچار ونڊيون ٿا، اھو به ڀلو عمل آھي پر پريس ڪلب حيدرآباد ۽ يونين آف جرنلسٽ حيدرآباد جي ساٿين تاريخي قدم کڻندي جيڪو سلسلو شروع ڪيو آھي ته انهن مهان شخصيتن، جن جو صحافتي، سماجي، تاريخي، ثقافتي ۽ جهموري ڪردار انسان دوست، عوام دوست رھيو آھي، تن ڪردارن کي سندن زندگيءَ ۾ روبرو مدعو ڪري، سندن سڄي ڄمار جي پورھئي، انھيءَ ۾ ثابت قدمي، سچائي ۽ بهتر جاکوڙ تي کين ڀيٽا پيش ڪجي. اھو ساراھڻ جوڳو ۽ سڀني لاءِ اھڙي عمل تي اڳڀرائي ڪرڻ جي واٽ جي آگاھي وارو قدم آھي. يقينن ٻين کي به اڳتي وڌي پنهنجن شھرن ڳوٺن ۾ اھڙن مانوارن ڪردارن کي مدعو ڪري کين روبرو محبتن، پيار، خلوص ۽ قربتن جي ڀيٽا ڏيڻ گهرجي.

فاطمه لقمان چوهاڻ

فاطمه لقمان چوهاڻ

پنھنجي مدد پاڻ تحت تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ سنڌ جي ملالا

قاسم خاصخيلي 



اسان وٽ اڪثر چوڻي مشھور آھي ته؛ ”تعليم انسان جي ٽين اک هوندي آھي.“ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته تعليم کان سواءِ، انسان اڌورو هوندو آھي. اها تعليم ئي هوندي آھي جيڪا ماڻھوءَ کي انسان بنائڻ، اٿڻ ويھڻ، سکڻ سمجھڻ، دنيا جي لاهن چاڙهن، سائنس، ادب سميت هر دنياوي ڄاڻ سميت انيڪ حسانڪين ۽ انسانيت جي اهميت سان گڏ پکين، وڻن، جاندارن، توڙي غير جاندارن جو فرق سمجھائيندي آھي، ڇو ته تعليم جتي عقل فھم ۽ سوچن جي سمنڊ کي اونھو ڪري ٿي اتي تعليم دل ۽ دماغ بنجي انسان کي ڪجھ جدت ۽ تخليقيت ڏانھن به مائل ڪري ٿي، هاڻ اهو ان تعليم پرائيندڙ ماڻھوءَ تي دارومدار هوندو آھي ته هو تعليم پرائي هڪ مھذب انسان بنجي خلق خدا جي خدمت سميت تخليقي ميدان ۾ پنھنجا جوهر ڏيکاري ٿو يا وري تعليم پرائي هڪ عام ۽ جاهل ماڻھوءَ کان به وڌيڪ ناڪاره بنجي پنھنجي ذاتي زندگي جيئڻ کي ترجيح ڏئي ٿو، تعليم جي ميدان ۾ اگر وسيع نظر ڪبي ته دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ اها اسان کان اڳتي نظر ايندي پر ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي ملڪ خاص طور سنڌ اندر تعليم ڄڻ ته نه هئڻ برابر ڏسڻ ۾ ايندي، پر ان هوندي به اسان کي تعليمي ميدان ۽ ان کان علاوه ٻين شعبن ۾ ڪافي تخليقي ڪردار نظر اچن ٿا، جيڪي وس آهر نه رڳو تعليم پرائي پاڻ اتم بنجي ان مان ڪجھ پرائي مثبت سوچ جي ڪري اڳتي نڪري آيا آهن پر انھن هتان جي رهندڙ ماڻھن توڙي دنيا کي هڪ فائديمند معاشرو پڻ جوڙي ڏيڻ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪري تاريخ رقم ڪري ڏيکاري آھي.

فقير حاجن نظاماڻي

فقير حاجن نظاماڻي

پکي سڀ نه ھنج

نور چنو



ساٿي سچل ڀٽي چوندو آ ته؛ ”جيئري شخصيت تي تعريفي مضمون نه لکڻ گھرجي، ڇو ته زندگيءِ جي لاھن چاڙھن ۾ ٿي سگھي ٿو اھا شخصيت پاڻ نه نڀائي سگھي ۽ پوءِ تعريفي مضمون لکڻ واري تي به سوال اُڀا ٿي وڃن؟“

حاجي حمير خان مھيسر

حاجي حمير خان مھيسر

ھڪ زنده دل ۽ ساڃاھ وند شخصيت

عابد مھيسر



ڏٺو وڃي ته اوائلي زماني کان سنڌ ڌرتيءَ جي ننڍين وسندين يا ڳوٺن ۾ ڪافي سلجھيل ۽ سڄاڻ سماجي ڪردار ٻھراڙين يا ڳوٺن ۾ جنم وٺي سھائتا پائي پنھنجي فطري ڪردار سان پڌرا ٿيندا رھيا آھن.اھڙن ئي املھ ماڻڪ موتي ماڻھن ۽ سلجھيل ۽ آدرشي انسانن ۾ مرحوم حاجي حمير خان (ثاني) مھيسر جو به شمار ٿئي، مارچ ۱۹۱۷ع ۾ ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر جي صوفي بزرگ حسين خان مھيسر جي گھر جنم ورتو. مارچ ۱۹۱۷ع ۾ حمير خان (ثاني) مھيسر جو جنم، حسين خان ولد حمير خان (اول) مھيسر جي گھر ٿيو۔ حمير خان تي سندس پيءُ پنھنجي والد ”حمير خان“ (اول) جو نالو رکيو. حمير خان (ثاني) پنھنجي پيءُ جو پھريون اولاد ۽ پوڻيٺيءُ جو پٽ ھئڻ ناطي دادلو ۽ سڪيلڌو پٽ ھو ۽ سندس والد سندس لاڏ ڪوڏ سان پالنا ڪئي ۽ انگل آرا کنيا ۽ ان طرح ننڍپڻ کان ئي ذھني طور ھوشيار ۽ سمجھدار ھو ۽ ننڍپڻ کان ئي پيءُ سان گڏ گڏ ھوندو ھو ۽ ڪمن ڪارن ۾ به ھميشه پنھنجي پيءُ سان ھٿ ونڊائيندو رھندو، البت تعليم حاصل ڪرڻ کان قاصر رھيو، پاڻ پنھنجي پيءُ مرحوم حسين خان ولد حمير خان (اول) جي بابت ھڪ واقعو ٻڌايائين ته ” آئون ننڍو ھئس ۽ بابا سان گڏ اوطاق تي ويٺو ھئس ته بابا جو ھڪ دوست آيو ۽ خدمت چاڪري بعد چيائينس ته ”ادا حسين تون ڀاءُ ويٺو آھين گھر ۾ ڪجھ به نه آھي ٻار ٻچا ۽ اسين بک پيا ڪٽيون، جي ڪجھ ھجئي ته يار اسانجي مدد ڪر، مولا توکي وڌائي ويجھائي ڏيندو“، تنھن وقت بابا وٽ به ڪا ايڏي دولت ملڪيت ڪا نه ھئي، پر الله جو ڪرم رھيو، بابا وري پنھنجو پَٽڪو مٿي تان لاھي ان مان ڳنڍ کولي ھڪ ئي سڪو ھئس سو ان دوست کي ڏنو ۽ چيائينس ته ادا مون وٽ ھيءُ سڪو اٿئي ان مان وڃي گذر ڪر وري به الله روزي رزق ڏيندو ۽ ڏک سک ۾ گڏ آھيون ۽ وري چڪر ھنڻجئين“. ۽ اھو سندس دوست جڏھن واپس ويو ته مون چيو ته بابا پاڻ وٽ ته اھو ئي ھڪڙو سڪو ھو سو بو توھان ڏئي ڇڏيو، ھاڻ پاڻ ڪيئن ڪنداسون، ته بابا نھايت ئي شفقت ۽ پيار مان منھنجي مٿي تي ھٿ ڦيريندي چيو بابا پنھنجو الله پاڻ کي ڏئي ته پيو، ھي ويچارو وڏي تڪليف ۾ آھي ان کي ضرورت ھئي، ڏک تڪليف ۾ ڪنھن جي مدد ڪرڻ سٺو ڪم آھي ۽ سندس چھري تي مسڪراھٽ ۽ خوشي ھئي.

سيد علي مير شاہ

سيد علي مير شاہ

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



سائين سيد علي مير شاہ، سابق وزير آبپاشي سنڌ اڄ (۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۲ع) انتقال ڪري ويو. سندس جنازہ نماز ڳوٺ جوڻا ۾ ٿيندي. سندس حياتيءَ ۾ ئي ھي آرٽيڪل لکيو ھوم، جيڪو وينجھار ۾ پڻ شايع ٿيو ھو. ڌڻيءَ در دعا آهي تہ رب پاڪ سندس مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس عطا فرمائي _. ڊاڪٽر محمد علي محمدي پنوعاقل ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۲ع)

جميل سومرو

سائين جميل سومرو

پنهنجي مُرڪ جيان معصوم ۽ مٺڙو

زاهد علي ڀٽو



سائين جميل صاحب نه صرف نانء جو جميل آھي، پر رب پاڪ کيس ڪردار ۾، گفتار ۾، آواز ۾ پهراڻ ۾، اخلاق ۾، ادب ۾ احترام ۾ پڻ جميل بڻايو آهي.

استاد جميل صاحب کي ڏسيء ان ڳالھ جي وڌيڪ پڪ ٿئي ٿي ته واقعي ڪردار تي نالي جو به وڏو اثر ٿيندو آھي.

ارشد سومرو

ارشد سومرو

هڪ خدائي خدمتگذار

نور محمد آرائين



سماج ۾ آيل منفي تبديلين مان اها به هڪ وڏي ڏک واري ڳالھ سامهون ٿي اچي ته معاشري مان هڪ خاص ۽ نرالي قسم جو ماڻهو صفا اڻلڀ ٿي ويو آهي.

اهو انسان جيڪو ڪنهن ڳوٺ ۾ جراحي جو ڪم ڪندو هو، ماڻهن جا ڀڳل هڏ جوڙيندو هو ۽ موٽ ۾ صرف دعائون طلبيندو هو.

ڪامران ڀٽي

ڪامران ڀٽي

ناميارو نيوز ڪاسٽر

اسد ڪيريو



ناميارو نيوز ڪاسٽر ڪامران ڀٽي ۸۹ سالن جي ڄمار ۾ اڄ ۲۸ اپريل ۲۰۲۳ع مطابق ۷ شوال۱۴۴۴ھ بروز جمع تي وفات ڪري ويو.

پنھنجي مخصوص انداز سان سالن جا سال ريڊيو پاڪستان تان سنڌي ٻوليءَ ۾ خيرون پڙھندڙ، ھيءُ ناليوارو نيوز ڪاسٽر، ۱۵ ڊسمبر ۱۹۳۴ع تي ڄائو.

درمحمد بلوچ

درمحمد بلوچ

هڪ تاريخ ساز شخصيت

غوث پيرزادو



ڊاڪٽر درمحمد بلوچ ڪراچي جي قديمي وسندي درساڻي ڇني ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. پر اڳتي هلي هو هڪ اهڙي روشنيءَ جي ڪرڻي جيان ثابت ٿيو جنهن پوري سماج کي جهلملائي ڇڏيو. ڏکين حالتن جي باوجود هن نه رڳو ان پٺتي پيل علائقي مان بنيادي تعليم حاصل ڪئي پر هن اڳتي هلي ميڊيڪل جي ڊگري به حاصل ڪئي پر هن هينڊز اين جي او جي پليٽ فارم تان علائقي ۾ صحت جي سهوليتن جو ڄار وڇائي ڇڏيو ۽ صحت جي حوالي سان مهم هلائڻ جي شروعات ڪري ڇڏي. سچ به ڪي ماڻهو تاريخ ٿيندا آهن، جن جي سڏ جو پڙاڏو صدين تائين گونجندو آهي ۽ انساني ذهنن کي جهنجهوڙيندو رهندو آهي جن عظيم ماڻهن جي شخصيت جي خوشبو صدين تائين مسحور ڪندي رهندي آهي.

مائي الھ وسائي

مائي الھ وسائي

سنڌ جي منفرد پُرسوز لوڪ فنڪاره جي سار

سارنگ مرکنڊ



مائي الهه وسائي سنڌ ۾ سجاول تعلقو، ٺٽو ضلعو (موجوده سجاول ضلعو) جي ڳوٺ محمد شاھ ڍڍڙ ۾ ۱۹۲۸ع ۾ خمُون ميربحر جي گهر ۾ جنم ورتو. هوءَ سنڌ جي مشهور ڳائڻي جيوڻي ٻائيءَ جي ساهيڙي ۽ همعصر هئي. تڏهن ڪلامن جي رڪارڊنگ گراموفون تي ٿيندي هئي ۽ جيوڻي ٻائي، مائي الهه وسائي، ماسٽر چندر، خان بلوچ، سونا خان بلوچ موسيقيءَ جي دنيا جا وڏا نالا هئا. کمون ميربحر نڙ ساز جوڙڻ ۽ وڄائڻ جو ماهر هو. مائي الهه وسائي ۱۲ سالن جي ڄمار ۾ راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي ۽ ۲۰ سالن جي ڄمار ۾ باقاعده ڳائڻ شروع ڪيو.مائي الهه وسائي گائڪي جي سکيا استاد حاجي ماڙيچو ۽ استاد فدا حُسين کان ورتي. هن ڍولڪ نواز استاد خميسو چانڊيو سان شادي ڪئي. اٽڪل ۳۰۰ ڪلام ڳايائين جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين مقبول ٿيا. مائي الهه وسائي آخر ۾ گلي جي ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي پئي.

سومار علي سومرو

سومار علي سومرو

سنڌ جو هڪ اديب، صحافي ناليوارو مترجم

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



سنڌ سونهاري اھڙا تہ املھ ماڻڪ موتي پيدا ڪيا آهن جو پارکو انھن کي پرکي نه سگھيا. ان ۾ ڪجھ قسمت جو کيل تہ وري معاشي مشڪلاتن جي ور چڙهي گمناميءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا. منھن جي جن اديبن ۽ صحافين سان ملاقاتون ۽ ڪچھريون ٿيون انھن مان سومار علي سومرو پڻ ھڪ ھو. اھا ڳالھ آهي ۱۹۶۷ع جي جڏهن مان روزانه نواءِ انقلاب سکر ۾ ٻارن جو صفحو ترتيب ڏيندو ھوس تہ اتي اخبار جو ايڊيٽر تہ ھو مقبول صديقي، نيوز ايڊيٽرن ۾ خواجه سليم، م ص بلوچ ۽ سومار علي سومرو ھئا. سومار علي جي انگريزي توڙي سنڌي، فارسي توڙي اردو تي ڪمال جي دسترس ھئي. ان زماني ۾ خبرن جو ذريعو APP (ايسوسيئيٽ پريس آف پاڪستان)، ريڊيو پاڪستان، آل انڊيا ريڊيو ۽ ٻيا ريڊيو ھوندا ھئا. APP جي آفيس معصوم شاھ جي مناري جي لاھي کان ھيٺ ھئي. ڪجھ سال اڳ ان جو بورڊ نظر پڻ آيو ھو. اتي ٽيليپرنٽر تي خبرون ھڪ ڊگھي رول ذريعي نڪرنديون ھيون. ھڪ سائيڪل وارو ھر ڏھ منٽن کان پوءِ پيو سلپون آڻيندو ھو جن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ انھن جو ترجمو نيوز ايڊيٽر ڪري، ايڊيٽر مقبول صديقيءَ جي حوالي ڪندا ھئا. مون محسوس ڪيو تہ سومار علي سومرو اھڙو تہ لاجواب ترجمو ڪندو ھو جو ايڊيٽر سلپ سڌو سنئون ڪمپوز ڪندڙ کي ڏيندو ھو. ڪمپوز ڪندڙ به اھڙا برک جو جھٽ پل ۾ ڪمپوز ڪري اچي پروف ريڊر جي سامھون رکندا ھئا.. ڪمپوز ڪرڻ وارا سکر ۾ اخبارن توڙي پريسن ۾ سکر ڀرسان فراش ڳوٺ جا پيرزادا ھوندا ھئا.

29 April, 2023

فاطمہ ڀٽو

فاطمہ ڀٽو

ڪابل کان ڪنوار تائين

ذوالفقار قادري



آخر مير مرتضيٰ ڀٽو شھيد جي ۴۱سالن جي نياڻي فاطمہ ڀٽو پنهنجي آمريڪي نزاد دوست گراهم جنهن جو مسلم نالو جبران آھي سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي پنهنجي زندگي جي نئين سفر جو آغاز ڪيو آھي. مون زندگي ۾ پهريون دفعو فاطمہ ڀٽو کي ۵ جنوري ۱۹۸۹ع تي المرتضيٰ هاؤس لاڙڪاڻي ۾ ڏٺو هو، جڏھن هي ستن سالن جي هئي ۽ سندس پڦي بينظير ڀٽو صاحبہ ملڪ جي وزيراعظم بڻيل هئي. ان ڏينهن ھن جي ڏاڏي ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره جو ڏينهن هو. سندس پڦي بينظير ڀٽو اهو سالگره جو ڪيڪ پنهنجي ڀائٽي فاطمه ڀٽو کان ڪٽرايو هو. ساڻس گڏ سندن ڏاڏي نصرت ڀٽو بہ بيٺل هئي. انهن ڏينهن ۾ بلاول اڃا چئن مهينن جو هو ۽ کيس فلپائني نوڪرياڻي هنج تي کنيو بيٺي هئي. فاطمہ ڀٽو جو پيءُ مرتضيٰ ڀٽو، انهن ڏينهن ۾ شام جي گادي واري هنڌ دمشق ۾ جلاوطني جا ڏينهن گهاري رهيو هو. مير مرتضيٰ ڀٽو جي زندگي المين، دکن، دردن سان ڀريل رهي آھي. انھن ڏينهن ۾ فاطمہ ڀٽو جو پيءُ مير مرتضيٰ ڀٽو پاڪستان سرڪار جو گهربل ترين شخص ھو ۽ سندس ڪو مستقل ٺڪاڻو نہ هو. ڪڏھن ڪابل تہ وري ڪڏھن بيروت تہ وري ڪڏھن دمشق ۾ ھوندو هو. ڪابل ۽ بيروت ٻئي شھر، دنيا جا خطرناڪ ترين شھر قرار ڏنل هئا، جتي راڪيٽن، بمن ۽ گولين جو مينهن معمول بڻيل هو. اپريل ۱۹۷۹ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي بعد، ۱۹۸۰ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو لنڊن کان افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل پهتا. هي اهي ڏينهن هئا جڏھن افغانستان جي صدر داؤد جي قتل بعد روسي فوجن جي حمايت سان نور محمد تره ڪي افغانستان جو صدر هو. مير مرتضيٰ ڀٽو جنرل ضياء جي سرڪار خلاف هٿياربند جدوجهد واسطي افغان سرڪار جي مدد سان پهرين پاڪستان لبريشن آرمي جو بنياد رکيو. جيڪا مارچ ۱۹۸۱ع پي آءِ اي جي جهاز جي هاءِ جيڪنگ واقعي بعد “الذوالفقار“ جي نالي سان مشهور ٿي. الذوالفقار جي ڇاپا-مارن، جنرل ضياء تي ڪافي ناڪام قاتلانہ حملا ڪيا. جن ۾ ۱۷ فيبروري ۱۹۸۱ع تي پوپ پال جي ڪراچي آمد جي موقعي تي خودڪش بم ڌماڪو ڪيو. جنهن ۾ خيرپور واسي بمبار لالا اسلم مارجي ويو هو. ان بعد ۶ آڪٽوبر ۱۹۸۲ع تي جنرل ضياءَ جي سعودي عرب کان واپسي تي سيٽلائيٽ ٽاؤن راولپنڊي جي گهر مان جنرل ضياءَ جي جهاز تي لينڊنگ وقت، ميزائل فائر ڪيو ويو جنهن ۾ ھو ذري گهٽ بچي ويو هو.

28 April, 2023

اشوڪ خاموش

اشوڪ خاموش

نوجوان ليکڪ ۽ شاعر جا ويچار

ڳالھ ٻولھ: صدام ساگر



نوجوان ليکڪ ۽ شاعر اشوڪ خاموش، ٿرپارڪر جي ڳوٺ ڌاراڙ ۾ ۲ جنوري ۱۹۹۴ع ۾ ممون مل جي گهر ۾ اک کولي. هن ابتدائي ۽ پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي، مڊل ڪلاس جي تعليم ڳوٺ پاٻوهر مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ هاءِ اسڪول مٺي، انٽر اڳوڻي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۽ هاڻوڪي صادق فقير ڪاليج مان پاس ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم سنڌ يونيورسٽيءَ مان پرائي، جتان سنڌي ادب مان ماسٽرز جي ڊگري وٺڻ کانپوءِ هاڻي پرائمري استاد طور فرض انجام ڏئي رهيو آهي. اشوڪ خاموش، ليکڪ، سماجي ڪارڪن هجڻ سان گڏوگڏ بهترين ڪمپيئر پڻ آهي.

سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج

سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج

حسيب ناياب منگي


 

شڪارپور ۾ بجاج آڪهه، شهر جي ترقي ۽ بهتري کانسواءِ شهرين کي هر حال ۾ سهارو ڏيڻ، ڏکئي وقت ۾ سندن مدد ڪرڻ ۾ ڪڏهن به پٺتي نه رهي. سيٺ پرشوتم سنگهه بجاج جيڪو شڪارپور جي مشهور سيٺ لڻيندا سنگهه بجاج جو پٽ هو. لڻيندا سنگهه بجاج کي ته شڪارپور جا ماڻهو سڏيندا ئي “ننگر سيٺ” هئا. اهڙي ريت ننگر سيٺ جا پٽ : سيٺ منگهومل، سيٺ ڪشنچند ۽ سيٺ پرمانند بجاج اُسريا ۽ پنهنجن پنهنجن ڪاروبارن سان گڏ عوامي خدمتن ۾ مصروف ٿي ويا ته سيٺ پرشوتم به انهن جي نقش قدم تي هلندي اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. پنهنجي وڏڙن کان وٺي هيءَ نه صرف شڪارپور شهر ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ صحت مرڪز قائم ڪرائڻ لاءِ ڌن ڏيندا هئا پر شڪارپور اندر هلندڙ مسافر خاني جي سموري معاملن کي ڏسڻ ۽ سنڀال رکڻ سميت مختلف جاين تي شهرين کي علمي ۽ هنري سکيا ڏيڻ جي حوالي سان به خرچ ڀري ڏيندا هئا. سيٺ پرشوتم شڪارپور ۾ ۲۲ فيبروري ۱۹۰۵ع تي پيدا ٿيو هو، ننڍپڻ کان ئي هوشيار هئڻ سان گڏ سندس خيال ڪاروبار ۽ ڀلائيءَ جا ڪم سرانجام ڏيڻ ۾ لڳل هوندو هو. پنهنجي گهر ۾ سماجي خدمت وارو ماحول ڏسندي غريبن جي سيوا ڪرڻ ۾ کيس سڪون ملندو هو. واپاري معاملن کي ڏسڻ ۽ سياست ۾ پڻ هو گهڻي دلچسپي وٺڻ لڳو هو. هندستان جا نالي وارا سياستدان جڏهن شڪارپور ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪرڻ يا سياسي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ ايندا هئا ته سندن گهر ۾ ئي ٽڪندا هئا. 

فقير محمد سومار جت

فقير محمد سومار جت

شاھ جو راڳائي

فقير حاجن نظاماڻي

 


لطيف سائين پنھنجي حياتيءَ جا ڏينھن، انسان ۽ انسانيت ۾ اصلي روح ڦوڪڻ لاءِ وقف ڪيا، جئين ڀٽڪيل انسان حق جي راھ يعني رباني راھ تي اچي وڃي. انڪري ڪيترائي شھر، ڳوٺ، وستيون، واھڻ، جھنگ، جبل، سمونڊ جي ٻيٽن تي گذاريا ھئا، انھيءَ فقيريءَ جي فڪر کي لطيف سائين ڳولي گڏ ڪيو، جنھن جي نشاندھي ڪندڙ لطيف سائين جو رسالو آھي، لطيف سائين انسان کي پنھنجي اصل يعني روح واري زندگي سيکارڻ جو درس ڏنو آھي، لطيف سائين جي باري ۾ ھڪ روايت آھي ته، ھڪ ڏينھن وڏي اوطاق تي فقيرن سان گڏ ويٺل ھئا ته اُٿڻ لڳا ۽ تمر فقير کي چيائون ته اَبا تمر منھنجي جُتي کڻي ڏيو، تمر فقير وراڻيو ته مونکان، جُتي نٿي کنئي ٿئي، لطيف سائين فرمايو ته ھا اَبا واقعي اِھا جتي وزني آھي، انھيءَ جُتيءَ ۾ منھنجي زندگيءَ جي سفر جو ٿَڪ، ڏک، ڏاکڙا، تڪليفون سمايل آھن، انڪري اوھان کان جُتي ڪان کڄندي، روايت زباني آھي پر انھيءَ ڳالھ جي صداقت لطيف سائين جي سفر مان شاھد طور ملي ٿي، لطيف سائين ڪيترا ڏينھن سفر ۾ گذاريا آھن، ان تي تاريخدانن جا رايا به مختلف آھن، ڪي چون ٿا ته لطيف سائين ٽري سال سفر ڪيو ته ڪي وري چون ٿا ته سائين گھڻائي ڏينھن سفر ۾ گھاريا، يعني چاليھن سالن تائين مختلف جاين تي، الڳ الڳ ساٿين سان گڏ سفر ڪيو آھي، انھيءَ ڳالھ جي وضاحت لاءِ لطيف سائين جا اُھي ماڳ مڪان موجود آھن، سڄي سنڌ، ھند ۾ لطيف سائين جا تَڪيا ملن ٿا، ڪي اديب، محقق، تاريخدان، ليکڪ انھي ڳالھ تي متفق ڪون آھن ته لطيف سنڌ کان ٻاھر سفر ڪون ڪيو آھي، پر لطيف سائين جي بيتن ۾ کوڙ شاھديون آھن ته لطيف سائين سنڌ کان ٻاهر ڪيا آهن. 

سردار احمد لڪياري

سائين سردار احمد لڪياري

سندس سنيهن کي سمجهڻ جي ضرورت!

نسيم بخاري



سنڌ جي صوفي بزرگ شاعر سردار احمد شاھ لڪياريءَ جي جيون ۾ جهاتي پائجي ٿي ۽ سندس شاعريءَ ۾ سمايل فڪر تي غور ڪجي ٿو ته اڻ ڳڻيل حوالن سان نه رڳو اتساھ ملي ٿو، پر زندگي گهارڻ جي حوالي سان کوڙ ساري رهنمائي به ٿئي ٿي. سردار احمد شاھ لڪياري جي نيو سعيدآباد ۾ سندن درگاھ تي سال جي پهرين ڏينهن تي جشن ولادت جي ۱۰۳ تقريب منعقد ڪئي وئي آهي. سندن وصال ۱۹۹۹ع ۾ ٿيو هو ۽ عرس ۲۸ کان ۳۰ شوال تائين ٽي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. پاڻ پهرين جنوري ۱۹۲۰ع ۾ بقادار شاھ جي گهر ڳوٺ مِهر شاھ نيو سعيدآباد ۾ پيدا ٿيا، سندس والد پڙهيل نه هو، پر والده نور بيبي عربي، فارسي کان چڱيءَ ريت واقف هئي ۽ سنڌي پڙهيل هئي. هن وٽ ذري گهٽ لائبريريءَ جيترا ڪتاب موجود هئا، کيس شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي سان وڏو انس هو، پاڻ زندگيءَ جي هر موڙ تي شاھ لطيف جا بيت حوالي طور ڪتب آڻيندي هئي. احمد شاھ لڪياري ٽن ڀائرن مان آخري نمبر تي هو ۽ شايد آخري ٻار هئڻ ڪري والدين جي وڌيڪ ڌيان ۽ مُحبت جو مُستحق بڻيو، کيس ننڍي لاڪون امڙ شاھ جو ڪلام ڄڻ ستيءَ ۾ پياري ڇڏيو هو، ابتدائي پنجن ورهين تائين احمد شاھ لڪياري بلڪل خاموش رهيو، ان ڪري عام طور تي کيس ”گونگو“ تصور ڪيو ويندو هو، ڏهن ورهين تائين گِگَ وهندي هيس، لوڪ هن کي چريو ۽ مست سمجهندو هو، ماڻهو کيس ڀرسان ويهڻ نه ڏيندا هئا، مائٽ به سندس حال تي روئيندا هئا، تعليم پرائمريءَ جا پنج درجا حاصل ڪيائين، پر اهي پنج درجا به نه پڙهڻ جهڙا پڙهيائين. مال چاريائين، هڪ هندو ٺاڪر ڏنو مل سان ڏيٺ ويٺ ٿيس، جيڪا ويجهڙائي وئي وڌندي، ٺاڪر شاھ لطيف جي درگاھ ڀرسان رهندو هو، ان ڪري جيڪو لطيف ننڍي لاڪون هي ماءُ جي واتان ٻڌندو آيو هو، تنهن جي روزي کي بار بار ڏسڻ ۽ ان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو کيس وڌيڪ موقعو مليو. ۴۰ ورهين جي ڄمار ۾ شعر لکڻ شروع ڪيائين، سنڌي ادبي سنگت جي ويهڪن ۾ ويهڻ لڳو، مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو. مخدوم طالب الموليٰ سان به سندس ياري ٿي وئي. مولانا گرامي، سيد ميران محمد شاھ، اسدالله شاھ ٽکڙائي، الله بخش عُقيلي ۽ ٻين سان سندس محبتون ۽ صحبتون وڌڻ لڳيون. پرائمري استاد نور محمد شاھ لڪياري ۽ پير اعجاز شاھ سان به ورهين جا ورهيه سنگت ۾ رهيا.