; سنڌي شخصيتون: فاطمه لقمان چوهاڻ

30 April, 2023

فاطمه لقمان چوهاڻ

فاطمه لقمان چوهاڻ

پنھنجي مدد پاڻ تحت تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ سنڌ جي ملالا

قاسم خاصخيلي 



اسان وٽ اڪثر چوڻي مشھور آھي ته؛ ”تعليم انسان جي ٽين اک هوندي آھي.“ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته تعليم کان سواءِ، انسان اڌورو هوندو آھي. اها تعليم ئي هوندي آھي جيڪا ماڻھوءَ کي انسان بنائڻ، اٿڻ ويھڻ، سکڻ سمجھڻ، دنيا جي لاهن چاڙهن، سائنس، ادب سميت هر دنياوي ڄاڻ سميت انيڪ حسانڪين ۽ انسانيت جي اهميت سان گڏ پکين، وڻن، جاندارن، توڙي غير جاندارن جو فرق سمجھائيندي آھي، ڇو ته تعليم جتي عقل فھم ۽ سوچن جي سمنڊ کي اونھو ڪري ٿي اتي تعليم دل ۽ دماغ بنجي انسان کي ڪجھ جدت ۽ تخليقيت ڏانھن به مائل ڪري ٿي، هاڻ اهو ان تعليم پرائيندڙ ماڻھوءَ تي دارومدار هوندو آھي ته هو تعليم پرائي هڪ مھذب انسان بنجي خلق خدا جي خدمت سميت تخليقي ميدان ۾ پنھنجا جوهر ڏيکاري ٿو يا وري تعليم پرائي هڪ عام ۽ جاهل ماڻھوءَ کان به وڌيڪ ناڪاره بنجي پنھنجي ذاتي زندگي جيئڻ کي ترجيح ڏئي ٿو، تعليم جي ميدان ۾ اگر وسيع نظر ڪبي ته دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ اها اسان کان اڳتي نظر ايندي پر ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي ملڪ خاص طور سنڌ اندر تعليم ڄڻ ته نه هئڻ برابر ڏسڻ ۾ ايندي، پر ان هوندي به اسان کي تعليمي ميدان ۽ ان کان علاوه ٻين شعبن ۾ ڪافي تخليقي ڪردار نظر اچن ٿا، جيڪي وس آهر نه رڳو تعليم پرائي پاڻ اتم بنجي ان مان ڪجھ پرائي مثبت سوچ جي ڪري اڳتي نڪري آيا آهن پر انھن هتان جي رهندڙ ماڻھن توڙي دنيا کي هڪ فائديمند معاشرو پڻ جوڙي ڏيڻ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪري تاريخ رقم ڪري ڏيکاري آھي.


تعليم پرائڻ کان پوءِ جيڪي تعليم کي مڙئي ٽائيم پاس ڪري سمجھڻ وارا ۽ ان مان ڪنھن کي فائدو نه ڏيڻ وارا ماڻھو زنده هوندي به زنده ناهن هوندا پر تعليم حاصل ڪري ان مان بھتر سوچ مطابق انسانيت لاءِ ڪنھن ڪو ننڍڙو به ڪم ڪيو ته اهو هن دنيا مان وڃڻ کان پوءِ به امر رهندو آھي، جنھن جا ڪيئي مثال اسان جي معاشري ۾ موجود آھن، تعليم جي ميدان ۾ پنھنجي هڙان وڙان خرچ ڪري پنھنجي گھر کي اسڪول بنائي اسان جي لاءِ هڪ مثال بنجندڙ سڪرنڊ شھر ٻاهران بائي پاس ڀرسان ڳوٺ علي بخش چوهاڻ ۾ به هڪ تعليم جي عاشق ۽ خدمت جو جذبو رکندڙ سنڌ جي بيباڪ نياڻي فاطمه لقمان چوهاڻ موجود آھي، جنھن جو نالو ۽ تاريخي ڪم هاڻ ڪنھن کان به ڳجھو ناهي رهيو، ھن باهمٿ نياڻيءَ کي تعليم جي خدمتن عيوض سڪرنڊ جي باشعور ساڃاھ وندن ۽ سول سوسائٽيءَ سنڌ جي ملاله جو لقب ڏنو آھي، فاطمه لقمان چوهاڻ جيڪا هڪ غريب گھراڻي سان تعلق رکي ٿي، جيڪا ميٽرڪ تائين پڙھڻ کان پوءِ ۲۰۰۱ ع جي ڊسمبر مھيني ۾ سڪرنڊ ۾متحرڪ سماجي ڪردار رکندڙ سادي سودي انسان محترم لقمان چوهاڻ سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي، هن ڳوٺاڻي ماحول ۾ ئي پنھنجي جيون ساٿيءَ سان نياڻين کي ديني ۽ دنياوي تعليم ڏيڻ جي خواهش ڏيکاري، جنھن پنھنجي گھر واريءَ جي شوق ۽ علائقي جي نياڻين کي تعليم ڏيڻ جي خواھش جو مان رکندي کيس نه رڳو اسڪول هلائڻ جي اجازت ڏني بلڪه ان جي مڪمل رهنمائي ۽ ساٿ ڏيڻ سان گڏ انٽر جي تعليم کان پوءِ بي اي تائين به کيس ڊگري هولڊر بنائي ڇڏيو، ائين ئي فاطمه لقمان پنھنجي ور سان گڏجي ۲۰۱۴ع کان پنھنجي ئي گھر ۾ نياڻين لاءِ هڪ ننڍڙو اسڪول شروع ڪيو، جنھن ڏسندي ئي ڏسندي ٿوري عرصي ۾ ڳوٺ جي ماڻھن سميت علائقي واسين جو اعتماد حاصل ڪري ورتو، سندس ان ڪم کي ڏسي سنڌ سميت پاڪستان جي اليڪٽرونڪ توڙي پرنٽ ميڊيا جي مقامي صحافين ۽ سوشل ميڊيا تي ماڻھن پاران سندس همت افزائي ڪئي ويندي آھي، سندس بهتر ڪم ۽ سليقي سان ٻار پڙھائڻ جي هنر کي ساراهيو ويو آهي، جنھن کان پوءِ هر ڪنھن کي پنھنجا ٻار فاطمه لقمان اسڪول ۾ پڙھائڻ جي خواهش ٿي پئي آهي. جيئن ته فاطمه لقمان، محدود وسيلن ۽ پنھنجي خرچ تي علائقي جي هڪ سؤ کان وڌيڪ نياڻين کي پابنديءَ سان تعليم جھڙي زيور سان مالا مال ڪري رهي آھي، هن جي اسڪول ۾ نياڻين کان ڪابه فيس ناهي ورتي ويندي، جڏهن ته ڪتابن، ڪاپين، قلم، پينسلن سميت ڪنھن به قسم جي ٻي اسٽيشنري جو به خرچ ناهي ورتو ويندو، فاطمه جو ور پنھنجي محنت مزدوريءَ مان اهي سڀ شيون پوريون ڪرڻ سميت ڪڏهن ڪڏهن سڪرنڊ جي سرنديءَ وارن تعليم دوست ماڻھن کي اپيل ڪري فرنيچر وغيره حاصل ڪري تعليم جي ٻيڙي کي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو، ڀيڻ فاطمه لقمان جيڪا روزانو فجر جي ٽائيم اٿي پاڻ پابنديءَ سان نماز ادا ڪرڻ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ بعد پنھنجي گھر جو سمورو ڪم ڪار لاهي پنھنجي ور ۽ ٻچن جي مدد سان گھر ۾ ٻارڙن لاءِ اسڪول جون بئنچون لڳائي ٿي، صبح جو اٺين وڳي تائين وري ان ئي ٻن ڪمرن ۽ هڪ ننڍڙي ورانڊي ۾ اسڪول شروع ٿي وڃي ٿو جيڪو پابندي سان منجھند جو سرڪاري ٽائيم تائين جاري رھڻ کان پوءِ موڪل ڪري وري اسڪولي فرنيچر هٽائي اتي ئي گهر جو ماحول جوڙيو وڃي ٿو.

سڪرنڊ جي هيءَ نياڻي پاڻ تعليم حاصل ڪري ان جو لاڀ ٻين نياڻين تائين پھچائڻ لاءِ جيڪو ڪم ڪري رهي آھي اهو نه رڳو قابل تعريف آھي پر تعليم دوستي سبب کيس علائقي واسين جي نظرن ۾ هن کي هڪ عظيم انسان به بنائي ڇڏيو آھي، ڀيڻ فاطمه کي دنيا ۾ تعليم لاءِ ڪم ڪندڙ ھڪ پاڪستان ڄائي ملالا يوسفزئي سان ڀيٽا ڏيندي کيس سنڌ جي ملالا جو لقب ڏنو ويو آھي، هونئن به شايد سنڌ جي اها بد قسمتي آھي جو اهڙا انمول ذھن ته هت موجود آھن پر انھن جو قدر بلڪل به اسان وٽ ناهي هوندو ڇو ته اهي يا سياسي سفارشي ڪلچر کان پري هوندا آھن يا ڪنھن پير مير جاگيردار جي چمچا گيري نه ڪرڻ سبب انھن جي اک جو ڪنڊو بنجي ويندا آھن جو سپورٽ ڪرڻ بجاءِ اھڙن باشعور ڪردارن کي ڀت سان لڳايو ويندو آھي پر پوءِ به اھڙا بھادر يا ارڏا ڪردار ئي هوندا آھن جيڪي هزارين تڪليفن طعنن تنڪن جي پرواھ ڪرڻ بنا پنھنجو ڪم نيڪ نيتيءَ سان سرانجام ڏيندا رهندا آھن.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۱ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)




فاطمه لقمان چوهاڻ

قاضي جاويد سنائي

ملالا يوسف زئي ۽ آسو ٻائي کان وڌيڪ خدمت ڪندڙ سڪرنڊ جي هڪ نڍڙي ڳوٺ ۾ ڳوٺاڻي نياڻي ادي فاطمه لقمان چوهاڻ تعليم جي زيور کي نياڻين تائين پهچائڻ ۾ رڪارڊ قائم ڪيو آهي هن نياڻي جنهن پاڻ انٽر پاس ڪئي ۽ غربت سبب پنهنجي پڙهائي کي اڳتي ته جاري نه رکي سگهي پر کيس اهو جذبو جاڳيو ته سندس ڳوٺ جي هر نياڻي تعليم يافته هئڻ گهرجي ان ئي سوچ کان پوءِ پنهنجي مڙس لقمان علي چهواڻ جي مدد ۽ اجازت سان پنهنجي نڍڙي گهر اندر اسڪول قائم ڪيو گهر ۾ ھلندڙ هي اسڪول سڪرنڊ شهر سان لاڳاپيل ۽ چونڊيل نمائندي ايم اين اي سيد غلام مصطفيٰ شاھ  جي ايندڙ ويندڙ گس محرابپور روڊ تي قائم ڳوٺ علي بخش چوهاڻ ۾ آهي هتي جي انٽر پاس نياڻي ادي فاطمه لياقت چوهاڻ سڪرنڊ پريس ڪلب ۽ همدرد آرگنائيزيشن جي ٽيم کي گذريل ڪيتري عرصي کان پنهنجي مدد پاڻ تحت هلائيندڙ اسڪول جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏيندي رهي اڄ جڏھن صحافين جي ٽيم اسڪول جو دورو ڪيو ته سچ پڇو ته اکين مان لڙڪ روڪي نه سگهياسين ادي فاطمه ٻڌايو ته ٽن سالن کان مان پنهنجي گهر اندر ڳوٺ جي نياڻين کي مفت تعليم ڏئي رهي آهيان نه ٻارن جي في آهي نه منهنجي ڪا پگهار آهي پر هڪ ڳالھ روز احساس ٿي ڏياري ته نياڻيون پٽ يعني زمين تي شديد گرمي ۾ ويٺيون آھن اسان پنهنجي ايم اين اي ، ايم پي اي ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن وٽ اڻ ڳڻيا پنڌ ڪيا آهن ته اسڪول جي بلڊنگ ۽ فرنيچر ڏياريو وڃي پر سندن ڪن تي ڪابه جون نه ٿي چري ۽ هي نياڻيون سردي توڙي گرمي ان ئي زمين تي تعليم حاصل ڪري رهيون آهن  اتي موجود بنا پگهار ماسترياڻي جي مڙس لقمان چهواڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان کي سرڪاري سهولتون ته نٿيون ڏنيون وڃن پر سالياني امتحان ڪرائڻ لاءِ به تعليم کاتي وارن جي در تي جتيون گسائڻيون ٿيون پون ڳوٺ جي نيڪ مرد ۽ يوسي دليل ديرو جي چونڊيل چيئرمين محمد موسيٰ چهواڻ ٻڌايو ته اسان پنهنجي زمين ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون رڳو اسڪول منظور ڪرائي ڏنو وڃي سماجي اڳواڻ احمد علي چهواڻ چيو ته اسان کي ميڊيا ۾ آسرو آهي باقي سياسي ۽ وڏن ماڻھن جا چڪر ڪاٽڻ ٽائيم جو سيڙائو آهي اتي موجود همدرد آرگنائيزيشن جي اڳواڻ عبدالمجيد عباسي چيو ته جي سرڪار هنن نياڻين جي واهر نه ڪئي ته اسان پنهنجي اداري طرفان مسئلن جي حل لاءِ ڪوشش ڪنداسين.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۴ آگسٽ ۲۰۱۶ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا