احسان آڪاش
ادب جو خاموش خدمتگار
سپنا گل
ادب سان ئي بهترين
سماج جُڙندا آهن، ادب سان ئي زندگيءَ جو هر رنگ خوبصورت ٿي پوندو آهي، ڌرتيءَ جي
گولي تي جيترا به ملڪ آباد آهن، هر ملڪ جي سڃاڻپ انجو ادب ئي آهي، اهڙيءَ ريت اسانجي
سهڻي سنڌ جي سڃاڻپ به اسانجو ادبي پورهيو ئي آهي، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب لاءِ ڪيترن
ئي خدمتگذار ماڻهن پنهنجو رت ۽ ست ڏئي ويا ۽ پنهنجو نالو ادب جي تاريخ ۾ لکرائي ويا،
ڪي اهڙا به گمنام ادبي خدمتگذار رهيا آهن، جيڪي تاريخ ۾ ڪٿي به ڳڻجي نه سگهيا پر
انهن جو ڪيل ڪم خود تاريخ ٿي ويو، پر اهي پاڻ تاريخ جي دز ۾ لَٽجي ويا، هن وقت
نئين ٽهيءَ جي ادبي پڌر تي هڪ اهڙو نالو جيڪو بلڪل خاموشيءَ سان پنهنجي حصي جو ڪم ڪري
رهيو آهي، نه ڪنهن گروھ بنديءَ ۾ ورهايل آهي نه ئي ڪنهن ٽولي ۾ هو جهڙوڪ سڀني جو
دوست آهي، سڀني جو همدرد آهي ۽ سڀني جو ساٿي آهي، اهو آهي ادب جو خاموش خدمتگذار
”احسان آڪاش“ جيڪو هڪ ئي وقت پبلشر، ايڊيٽر ۽ ليکڪ پڻ آهي، هُن جو چُپ چاپ ۾ ۲۰۱۷ع ۾ هڪ ڪتاب منظر تي اچي ٿو، جنهن جو نالو ”شاعريءَ
جو آڪاش“ آهي، هيءَ ڪتاب سنڌ جي ۳۰ شاعرن جو شعري مجموعو آهي، خوش قسمتيءَ سان منهنجون ڪچيون
ڦڪيون تحريرون به انهيءَ ڪتاب منجهه شامل آهن، ۽ پوءِ اھو خاموش خدمتگذار ماڻهن جي
سامهون نروار ٿئي ٿو، پر هو ڪجهه کڻي آيو هو، جيڪو هن ادب کي ڏيڻ ٿي چاهيو، ۽ بدلي
۾ گُهرڻ هن سکيو ئي ناهي، هُو اڪثر چوندو آهي ته ”مولا جا اڻ ڳڻيا احسان آهن جو
مون کي ڏيڻ وارن منجهان رکيائين.“
ايئن پنهنجي ڳالهه کي
پاڻي ڏيندي وري ”صحرا منجهه صدا“ نالي هڪ ڪتاب منظر تي آندائين، جنهن ۾ ۱۶ شاعرن جون خوبصورت تخيلقون شامل آهن، ان بعد
هو سوچي ٿو ته”ليکڪ لاءِ ٻولي جي حد بندي هاڃيڪار آهي، جذبن ۽ احساسن جي ڪا به
سرحد ناهي هوندي“ سچ به اهيو ئي آهي ته احساس ۽ درد جو تعلق نه رنگ سان، نه مذهب
سان ۽ نه وري ٻوليءَ سان آهي درد جي پنهنجي زبان آهي، احساس پنهنجي معنيٰ رکن ٿا ان
ڳالهه کي محسوس ڪندي هن اردو شاعريءَ جو گڏيل مجموعو ”عکسِ جانان هم“ شايع ڪيو، جيڪو
اردو ۽ سنڌ ڌرتي جي خوبصورت شاعرن جو هڪ خوبصورت شعري مجموعو هو، ان قسم جي هڪ نئين
تجربي سان هو پنهنجي الڳ ئي سهي پر تاريخ لکي پيو، پنهنجي اوڄاڳن کي وڌائيندي هو
پنهنجي نيڻن کي ”ننڊ جا نيڻ“ سان ڀيٽي ادب جي جهول ۾ هڪ ڪتاب جو اضافو ڪري ٿو، اهو
ڪتاب پڻ گڏيل شاعريءَ جو ئي ڪتاب آهي، ايئن اکين ۾ ڪيئي آواره سپنا کڻي هو خيالن
کي سهيڙي ۽ شاعريءَ کي ڪجهه گهڙين لاءِ ساهي پٽرائي، ڪهاڻين جي جُهرمٽ ڏانهن وک وڌائي
ٿو ۽ ”احساس نگر“ جي نالي سان هو هڪ خوبصورت نگر جوڙي ٿو جنهن ۾ نئين ٽهيءَ کان
ويندي سينيئر تخليقڪارن جون تخليقون شامل آهن، الاءِ ڇو هو ٿڪجي ئي نه ٿو، مسلسل
محوِ سفر آهي، هڪ عشق آهي جيڪو هن کي ٿڪجڻ ئي نه ٿو ڏئي، تڏهن ئي ته هُو چوندو آهي
”ادب سان منهنجو عشق آهي، جيڪو مون کي ٿڪجڻ نه ٿو ڏي.“ کوڙ سارا سپنا جهول ۾ کڻي هو
”سپنن جو پڌر“ ڪتاب ادب جي زمين تي نروار ڪري ٿو، اهو پڻ گڏيل ڪهاڻين جو بنهه هڪ
خوبصورت ڪتاب آهي، سڀئي خوبصورت ڪهاڻيڪار هن ڪتاب ۾ شامل آهن، نظمن جي اُفق ڏانهن
قدم ڀريندي هو نظمن جو ديس وسائي پنهنجي من کي سُڪون وٺرائي ٿو، هن ڪتاب ۾ صرف نظم
جي صنف تي ڌرتي ڌڻين جا خوبصورت نظم شامل آهن.
هن سموري پنڌ ۾ هو اڪيلو
رهيو، ڪنهن به پُٺ ۽ آشيرواد کانسواءِ هو ادب جي اُڀن ڪاوَن تي هلندو رهيو آهي، تنقيد،
بغض، حسد، ساڙ ۽ ڪيني کي به برداشت ڪيائين، نفرتن جي تير ڪري هن جو روح گھايل رهيو
۽ رَوِين جي تيز ساڙيندڙ تيز اُس ۾ به هو ثابت قدم رهيو، ادب جي اڙانگي پنڌ ۾ هن
الاءِ ڪيترن ڏکيائن کي منهن ڏنو پر ادب ۽ ٻوليءَ جي دامن کي نه ڇڏيو ايتري ڀڃ ڊاهه
کانپوءِ به هن پنهنجي اندر جي اُٿل پُٿل ۽ آنڌ مانڌ کي ڪتاب ”ڀڃ ڊاهه“ ۾ ماٺو ڪيو،
هڪ اهڙو ڪتاب جيڪو سماجي اوک ڊوک، اٿل پٿل، اڻبرابري، بي راهه روي، ڪوڙن پاٺڪن جي
عجيب جوڙ جڪ بابت هڪ ليکڪ جي هڪ مڪمل ”درد ڪٿا“ آهي، جذبن، خيالن، احساسن جي هڪ اهڙي
ڀڃ ڊاهه آهي، جو ڪتاب پڙهندي ماڻهو هڪ لمحي لاءِ اها ڀڃ ڊاهه پنهنجي وجود اندر
محسوس ڪري ٿو، هو لکي ٿو ته: ”منهنجي زندگيءَ جون اکيون زخمي آهن، انهن اکين ۾ وقت
جي ويرين سُيون ٽُنبي ڇڏيون آهن.“ ماڻهپو ئي سڀ ڪجهه آهي، ان کي هن طرح بيان ڪيو
آهي ”جيڪڏهن تو ۾ ماڻهپو ناهي ته پوءِ تنهنجو وجود مون لاءِ ڌُوڙ مثل ئي آهي.“داغ
هڪ عيب آهي، پوءِ اهو داغ ڪپڙي تي هجي يا چهري تي، هو ڪيڏي نه خوبصورت انداز سان
بيان ڪري ٿو ته: ”داغيل ٻوٿ ۾ ڪڏهن به، خوشين جا عڪس واضع نظر ناهن ايندا،“ مطلب
ته عيب رکندڙ ڪڏهن به سچائي ۽ سُونهن نه ٿا رکي سگهن، اڳتي لکي ٿو ته: ”منهنجي
زندگي جو احاطو صرف هڪ ڪمري کان وڌ ناهي،“ هي سِٽ هڪ مڪمل درد رکندڙ سِٽ آهي، سماج
جي خطرناڪ رَوين ڏانهن اشارو آهي، هڪ حساس ماڻهو جيڪڏهن پنهنجو پاڻ کي صرف ڪمري
تائين محدود رکي ته پڪ سان هو سماج کان باغي آهي، پنهنجي پالڻهار سان ڪيئن نه هڪ
منفرد انداز ۾ شڪايت ڪري ٿو ته ”هڪ دفعو ٻيهر توکي ياد ڏيارڻ ٿو چاهيان اي پالڻهار!
اڄ کان ۳۹ سال اوهان جي هٿن منهنجي وجود جي مٽي به ڳوهي هئي. “دنيا دو رنگيءَ ۾ هر
ماڻهو منافق لڳو پيو آهي، هر ڪو ماڻهو ڄڻ ڌوڪي سان ڀريو پيو آهي، انهيءَ لاءِ هو
چوي ٿو ته: ”هيءُ ڪائنات صرف ڌوڪو آهي، هڪ مايا آهي ٻيو ڪجهه به ناهي، هتي سڀ جادوگر
آهن هر ڪو پنهنجو پنهنجو کيل رچائي ماڻهن کي منجھائي ويٺو آهي.
سماج جڏهن ڪنهن
حساس ماڻهو سان بي رحمانه سلوڪ اختيار ڪندو آهي ته پوءِ وجود مان صرف هڪ دانهن ئي
جنم وٺندي آهي، اهڙي دانهن ڪندي هو چوي ٿو ته: ”منهنجي سڀ کان وڏي بدقسمتي اهيا
آهي جو مان هن دور جو رهاڪو آهيان، منهنجي سوچن، منهنجي خلوص، منهنجي حساسيت ۽
منهنجي سچائيءَ جي تن تان ڪپڙا لاٿا ويا آهن، مان وئشيا جي بستري جهڙي سماج جو هڪ
اگهاڙو فرد آهيان،“
اڄ جي هر ماڻهوءَ
کي ٻئي کان اڳيان نڪرڻو آهي، انهيءَ ڳالهه کي ڪيئن نه خوبصورت انداز سان اظهاريو اٿس
ته ”زندگي جي هن مختصر ڊوڙ ۾ اسين هميشه ٻئي کان اڳيان نڪرڻ چاهيندا آهيون، اڳيان وڌڻ
چاهيندا آهيون، پر اسين اهو الئي ڇو وساري ويهندا آهيون ته اڳيان وڌڻ جي لاءِ
لازمي آهي ته اسان کي ڪنهن نه ڪنهن کي پوئتي ڇڏڻو ئي پوندو آهي، ڇا اهيو بهتر ناهي
ته بجاءِ ڪنهن کي پوئتي ڇڏڻ جي ان سان گڏ گڏ سفر ڪجي،،،!؟“ ها بلڪل رشتن کي گڏ کڻي
هلڻ سان ئي رشتن ۾ بهتري ايندي آهي، هو چوي ٿو ”روئڻ زندگيءَ جي علامت آهي،“ هن هڪ
مختصر سِٽ ۾ زندگيءَ جو فلسفو ڪيڏي نه سهڻي انداز ۾ سمجهائي ويو آهي، (ٻار جڏهن ڄمندو
آهي ته جيسيتائين روئندو نه آهي ته والدين پريشان ٿي ويندا آهن ته ڪٿي ٻار مئل ته
نه ڄائو آهي، پر جڏهن اچانڪ روئڻ لڳندو آهي ته سڀ خوش ٿي چوندا آهن ته مبارڪ اٿوَ ٻار
زنده آهي) سهارن کي ڪمزوري سمجهندي هو لکي ٿو ”جيڪڏهن اوهان پنهنجي زندگي ۾ پاڻ کي
مضبوط ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ زندگي ۾ هر ڏکئي حالات سان اوهان کي اڪيلي سر وڙهڻو
پوندو“ زندگيءَ کي مثبت رُخ ڏانهن وٺي وڃڻ ۽ گذارڻ لاءِ هو يقين ڏياريندي چوي ٿو
”سڌي ۽ مثبت رُخ ۾ اوهان جو ڪيل ڪم هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور سڦلتا ماڻيندو، سامهون واري
ڪيترا گُڻ آهن، ڪيترا نقص آهن، اهڙي سوچ کي ٿڏي ڪري صرف پنهنجي حصي جي ڪم تي ڌيان ڏيڻ
سان اوهان پنهنجي منزل تي ضرور رسندا،“ ائبسٽريڪٽ آرٽ جو نمونو هن پنهنجي هڪ ڪويتا
۾ هن ريت اُڀاريو آهي:
زندگي ڄڻ رولو ڪتي
جيان
هيڏانهن کان هوڏانهن
ڀٽڪندي ٿي وتي
روڊن تي هر طرف هڏا
پکڙيل آهن
۽ ڪُتن جي
مخصوص لوڌ
انهن تي جامد آهي
ڪتو وفادار جانور
آهي
پر هيءَ ڪتا وفا جي
دار کان
گهڻو اڳتي نڪري چڪا
آهن
هنن ۾ نه دار آهي نه
وفا
صرف لوسائپ آهي
اُهي سماج جا لوسي ڪتا
آهن
جيڪي صرف اڇلايل ھڏن
تي
پنهنجو پڇ لوڏيندا
آهن
۽ اُهي صرف ڪتا
ئي آهن
۽ ڪتن جي وچ
۾ گذاريندي
زندگي ڄڻ رولو ڪُتي
جيان بڻجي وئي آهي
ڀڃ ڊاهه_ جي عنوان
سان ليکڪ نثراڻو احساس لکي ٿو ته:
دل تي هڪ ٻوجهه
آهي، هڪ وزن آهي جيڪو لاهي به نه ٿو سگهان، هڪ اڻڄاڻ درد حاوي آهي دل تي، جنهن مان
آجو به نه ٿو ٿي سگهان- ڪجهه آهي جيڪو بيقرار ڪري رهيو آهي، ڪجهه آهي جيڪو سڀ ڪجهه
ڀڃي رهيو آهي، ڊاهي رهيو آهي، اُڻ تڻ متل آهي، زندگي ۾ ساهه ئي نه رهيو آهي، جيون
بي ساهو ٿي پيو آهي، منهنجي وقت جا پير انتهائي زخمي آهن، جنهن جو مرهم هن بي ساهي
جيون ۾ ڪڏهن به ملي نه سگهندو، خوشين جي جهرمر لاٽ جو تعلق مونسان ڪڏهن رهيو ئي
ناهي، شعور، خودداري ۽ خوامخواه جي انا جي پنڌ تي هلندي منهنجا پير پٿون آهن، درد
جي ڇاتي آفريڪا جي ان نٻل ٻار وانگي هميشه مون لاءِ آتي رهي آهي، جيڪو بُک جي شدت ۾
پنهنجي مئل ماءُ جي ٺوٺ ڇاتيءَ سان چُھٽيل آهي، مان به درد جي ڇاتيءَ سان ائين ئي چهٽجي
ويندو آهيان، مان محسوس ڪيان ٿو ته؛
مان ڀُري رهيو
آهيان،
ٽُٽي رهيو آهيان،
ڀڄي رهيو آهيان،
منهنجي وجود جا
سوين ٽڪرا ٿي پيا هجن، جن کي ميڙڻ کان هر ساهه رکندڙ وجود قاصر آهي، مون کي روڊ،
رستن، خالي گهرن، ديوارن ۽ زمينن سان پيار آهي، پر اهي سڀ شيون هاڻي مون ڊيڄاري
رهيون آهن، مون کي ڀئو ٿو ٿئي انهن سڀني شين کان، مان چاهيان ٿو ته مان هڪ وڏي ڊڪ ڊُڪان-
ايترو ڊڪان جو ٿڪجي بي ساهو ٿي روڊ تي ڊهي پوان ۽ روڊ پنهنجون ٻانهون کولي مون کي
پنهنجي آغوش ۾ ڀري وٺي.
مون کي صرف فطرت
گهرجي،
ڌرتي گهرجي مينهوڳي
کانپوءِ مٽيءَ جو هڳاءُ گهرجي.
مون کي پيسا ناهن ڪمائڻا،
منهنجو وجود ان لاءِ آهي ئي نه- مون کي ان ڍُونڍ کان پري رکو، مون کي ان جهنجهٽ مان
ٻاهر ڪڍي ڇو نه ٿا ڇڏيو؟ مان هڪ الڳ وجود رکندڙ آهيان، مون کي ڇڏيو ته مان پاڻ سان
مِلان - مون کي هن زهريلي سماج مان ٻاهر ڪڍو جتي منهنجو دم ٿو گهُٽجي- ساه ٿو نڪري-
پر هيءُ سماج ڇتو ڪتو آهي، جنهن مون کي ڏاڙهي وڌو آهي ۽ مان مسلسل زيرِ علاج
آهيان.
ڏٺو وڃي ته سمورو ڪتاب
احساسن ۽ دردن جو هڪ دستاويز آهي، جيڪو سڀني کي هڪ دفعو ضرور پڙهڻ گهرجي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۹ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا