; سنڌي شخصيتون: فقير محمد سومار جت

28 April, 2023

فقير محمد سومار جت

فقير محمد سومار جت

شاھ جو راڳائي

فقير حاجن نظاماڻي

 


لطيف سائين پنھنجي حياتيءَ جا ڏينھن، انسان ۽ انسانيت ۾ اصلي روح ڦوڪڻ لاءِ وقف ڪيا، جئين ڀٽڪيل انسان حق جي راھ يعني رباني راھ تي اچي وڃي. انڪري ڪيترائي شھر، ڳوٺ، وستيون، واھڻ، جھنگ، جبل، سمونڊ جي ٻيٽن تي گذاريا ھئا، انھيءَ فقيريءَ جي فڪر کي لطيف سائين ڳولي گڏ ڪيو، جنھن جي نشاندھي ڪندڙ لطيف سائين جو رسالو آھي، لطيف سائين انسان کي پنھنجي اصل يعني روح واري زندگي سيکارڻ جو درس ڏنو آھي، لطيف سائين جي باري ۾ ھڪ روايت آھي ته، ھڪ ڏينھن وڏي اوطاق تي فقيرن سان گڏ ويٺل ھئا ته اُٿڻ لڳا ۽ تمر فقير کي چيائون ته اَبا تمر منھنجي جُتي کڻي ڏيو، تمر فقير وراڻيو ته مونکان، جُتي نٿي کنئي ٿئي، لطيف سائين فرمايو ته ھا اَبا واقعي اِھا جتي وزني آھي، انھيءَ جُتيءَ ۾ منھنجي زندگيءَ جي سفر جو ٿَڪ، ڏک، ڏاکڙا، تڪليفون سمايل آھن، انڪري اوھان کان جُتي ڪان کڄندي، روايت زباني آھي پر انھيءَ ڳالھ جي صداقت لطيف سائين جي سفر مان شاھد طور ملي ٿي، لطيف سائين ڪيترا ڏينھن سفر ۾ گذاريا آھن، ان تي تاريخدانن جا رايا به مختلف آھن، ڪي چون ٿا ته لطيف سائين ٽري سال سفر ڪيو ته ڪي وري چون ٿا ته سائين گھڻائي ڏينھن سفر ۾ گھاريا، يعني چاليھن سالن تائين مختلف جاين تي، الڳ الڳ ساٿين سان گڏ سفر ڪيو آھي، انھيءَ ڳالھ جي وضاحت لاءِ لطيف سائين جا اُھي ماڳ مڪان موجود آھن، سڄي سنڌ، ھند ۾ لطيف سائين جا تَڪيا ملن ٿا، ڪي اديب، محقق، تاريخدان، ليکڪ انھي ڳالھ تي متفق ڪون آھن ته لطيف سنڌ کان ٻاھر سفر ڪون ڪيو آھي، پر لطيف سائين جي بيتن ۾ کوڙ شاھديون آھن ته لطيف سائين سنڌ کان ٻاهر ڪيا آهن. 

لطيف سائين جيڏو مفڪر، علم جو بحرعميق ڪا اھڙي ڳالھ ائين ئي اڻ ڏٺي ڳالھ ڀلا ڪري سگھي ٿو ؟ نه ھرگز نه، اسان جو يقين آھي، يا ٻيا بيت انڊونيشا جي شھر (جاوي) ٻيٽ جي باري ۾ چيا آھن (تن جوکو جاوي نه ٿئي ) يا (لنڪا لنڪا ڪن)، ڪَڇ ڪَلات، بندر بصرو، اُن کي عرب انعامي، يا ڪي چمڪن چين، استنبول، مغرب پار کان لطيف سائين واقف ھئا، تي الغرض اھڙا کوڙ بيت آھن جن بابت لطيف سائين ڳالھ ڪئي آھي، جن ملڪن، شھرن وسعتن واھڻن جو بيان ڪيل آھي، لطيف سائين جيڪي شھر علائقا رسالي ۾ چيا آھن، انھن ماڳن مڪانن ۾ ڀارت جو شھر ڪَڇ به آھي، جتي لطيف سائين ويندا رھيا آھن، ان کان علاوه سانولي فقير وٽ ۽ جيسلمير تي لطيف سائين ڀيرا ڏنا آھن، ڪن ڪتابن ۾ آھي ته، لطيف سائينءَ جي وصال کان پوءِ تمر فقير ڀٽ شاھ جو شھر ڇڏي ڪڇ واري علائقي ۾ ٻارھن سال رھائش پزير ٿيا، اُتي لطيف سائين جي راڳ تنوار تمر فقير جمع جي رات جاري رکي، اھڙيون ڳالھيون ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ملن ٿيون، فقير تمر، تماچي فقير نھڙئي وٽ رھيو، جيڪو وڏو درويش صفت انسان ھو، تماچي فقير، تمر فقير جي حال وارو فقير ھو، ڳوٺ اوريئڙي ۾ رھيو، جيڪو ڀُڄ کان اُتر طرف سَت ڪوھ پَري آھي، ھن علائقي کي پائر واري جُوءِ به چون ٿا، تماچي فقير جي وفات کان پوءِ اوريئڙي کان (ڪماگھوني) ۾ به تمر فقير وڃي رھيو ھو، اِھو به چيو ٿو وڃي ته جِتي لطيف سائين جو راڳ ٿيڻ لڳو، جيڪو ڀڄ جي علائقي ۾ اڄ ڏينھن تائين جاري آھي، پر افسوس جي اِھا ڳالھ آهي ته، اُتي جي فقيرن جو تعداد باقي ٽري يا وڃي چار رھيو آھي، پر مرشد سائين جي راڳ جي تنوار جاري آھي، اُتي وارا فقير انھن ٽن دنبورن تي لطيف سائين جو راڳ آلاپيندا رھيا، جيڪي لطيف سائين جي درگاھ وارا دنبورا ھئا، جيڪي ڀٽ شاھ مان تمر فقير، اصل گنج سان گڏ کڻي ويو ھو، جڏھن سوشل ميڊيا جو دور شروع ٿيو ته ڀٽ شاھ مان فقيرن ٽري ٻيا دنبورا موڪليا، ھاڻي اُتي ڪڇ ۾ دنبورن جو تعداد ڇھ آھي، تمر فقير اُتي راڳ جو پڪو بنياد وڌو، اوريئڙو تعلقو نکٽاڻو جيڪو تماچي فقير جو ڳوٺ ھو، تماچي کي اُتي لطيف سائينءَ جي راڳ ۽ تمر فقير جي ڪري ماڻھن ميئون ڪوٺڻ شروع ڪيو، ميين تماچي جي درگاھ تي پڻ راڳ ٿيندو ھو، ٻيو ماڳ (ڇَڙَ) جو ھو، جِتي صالح فقير مڱريو جو ڳوٺ ھو، ھيءَ اُھي ماڳ مڪان آھن جتي لطيف سائين پاڻ ويا ھئا، انھن جاين تي تمر فقير به وڃي لطيف سائينءَ جي مريدن عقيدتمندن وٽ رھيو ھو، حاجي صالح جي درگاھ به موجود آھي، ٽيون ماڳ سيراڙيو جاگير آھي، تعلقو کاھوڙ ۾ راڳ ھلندو ھو، چون ٿا ته، ھيءَ وائي به تمر فقير اُتي ڳائي ھئي جيڪا ھيٺ ڏجي ٿي.

مئي مَ ماريجا، ٻاروچا رھو رات ڀنڀور ۾،

ڏکي ڏونگر وٽ سان، چُڪي چاڙھيجا،

سائين ڪارڻ سپرين، محبن ميڙيجا،

الله ڪارڻ اوٺيا، واڳون واريجا،

سانگياڻي جا سپرين، پنھون پاريجا،

طالب کي تمر چئي، محبن ميڙيجا.

لطيف سائينءَ سان عشق جو ناتو نڀائڻ وارا فقير اڄ به انڊيا جي شھر ڀُڄ جي علائقي، ڳوٺ بگھاڙيو جت جا راڳائي فقير موجود آھن، فقير محمد سومار جت، فقير مٺا خان جت، جيڪي لطيف سائينءَ جي راڳ جو پرچار جاري رکندا اچن، انھن فقيرن جا وڏا به راڳائي فقير ھئا، جن ۾ فقير خير محمد جت، فقير صوبدار جت، فقير خدابخش جت، فقير حاجي امين جت، فقير اسحاق جت، فقير محمد حسن جت، فقير سومار جت، فقير مٺا خان ولد سومار جت، فقير سومار ولد قادو فقير جت، فقير الھبچايو جت ان کان علاوه جھالو جا راڳائي فقير جئيند بجار، فقير يارمحمد عرف يارو جا نالا ملن ٿا، لطيف سائينءَ جو راڳ ھن وقت سومر رات ۽ جمع جي رات فقير ڳوٺ بگھاڙيو ۾ ڪندا آھن، ھن وقت جا راڳائي فقير سومار ولد قادو، فقير مٺا ولد سومار جيڪو ھاڻوڪي سومار جو استادو ھو، فقير الھبچايو ولد قادو فقير ڳائين ٿا، ھنن فقيرن جي راڳ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڳوٺ آھن، جتي لطيف سائينءَ جي پارکن جا نالا ملن ٿا، لطيف سائينءَ جو راڳ ڪوٽڙو، نارائڻ سر، ڪوڏي سر، جُھرڙي، سيراڙو ۾ ٿيندو آھي، جتي فقير راڳ ڪندا آھن، ان کان علاوه فقير سومار جت ۽ فقير مٺا خان جت انڊيا جي مختلف ڳوٺن، ماڳن مڪانن تي وڃي لطيف سائين جي راڳ جو پرچار ڪندا آھن، فقير محمد سومار جت بمبئي، دلي، مھاراشٽر، ڪرناٽڪ، اُتر پرديش جي مختلف علائقن ۾ راڳ ڳائين ٿا، اتي به حڪومتي سطع تي ڪا فقيرن جي مدد ناھي ٿيندي پر ڪي فلاحي ادارا، فقيرن کان راڳ ٻُڌي مالي سھائتا پڻ ڪن ٿا، زباني روايتن ۾ آھي ته لطيف سائين جي حياتيءَ ۾ فقيرن جيڪي لطيف سائين جا بيت وايون لکيون ھيون سي تمر فقير ڪڇ ڇڏي آيو ھو، لطيف سائين جي دنبورن جي ڪيفيت، تمر فقير واري دنبوري واري ساڳي آھي، ان مان ثابت آھي ته ٿي سگھي ٿو اُھو گنج لطيف سائين جو فقير اسماعيل واري گنج کان اڳ موجود ھجي، ڪي ماڻھو انھيءَ گنج جي ڏسڻ جي دعوى پڻ ڪن ٿا، پر ڪا خاطر خواھ ثبوت ناھي، حڪومتي سطع تي ڪوشش ڪجي نتيجا سُٺا به نڪري سگھن ٿا، جيڪر لطيف سائين جي فڪر ۽ ڪم سان لاڳاپيل ادارا نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪن ته ڀلي اميد رکي سگھجي ٿي.

ٿوري وير م ٿي، وڃڻ وير نه سھان،

ڏيئي مرج ڏونگرين، جتن ڪارڻ جي،

ھڏ نه ھوندو ھي، ساھ پريان تان صدقو.

فقير محمد سومار جت کي ڪنھن چيو ته تنھنجي دل ۾ ٻه وال آپريشن ڪري لڳل آھن، اوھان لطيف سائين جو راڳ نه ڳايو، فقير وراڻيو ته مونکي يقين آھي ته مونکي لطيف سائين جي راڳ مان ڪو به نقصان نه پوندو، سوين ميل پري ويٺل فقير لطيف سائينءَ جي تند سان اھڙا ته لاڳاپيل آھن جو ڄڻ انهن جي زندگي ڀٽ شاھ جي شھر ۾ ڪنھن گھر ۾ گذري ھجي، عقيدت احترام فقير محمد سومار جت وٽ تمام گھڻو آھي، ان مان ثابت آھي ته لطيف سائين جي اصل پيروڪارن مان فقير سومار جت ھڪ آھي، واٽس اپ جي مختلف گروپن ۾ ڏسڻ بعد لڳي ٿو ته فقير محمد سومار جت نرالو راڳائي آھي، ڄڻ ته لطيف سائين جي راڳ واري روحانيت مليل اٿس، لطيف سائين جي راڳ تنوار ۾هن وٽ ٿجيب سوز ۽ سرُ آھي، ان جو اندازو وقت جي حالتن مان لڳائي سگھجي ٿو، ڪيترين ئي بدترين سنڌ جي حالتن باجود لطيف سائين جي راڳ تنوار راڳ کي ٽي صديون يا ان کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آھي پر اها جيئن جو تيئن قائم آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جتي به لطيف سائين جو دنبور جاءِ جوڙي ٿو، ان جڳھ جي قسمت بدلجي وڃي ٿي، اتي روحانيت جو فيض عام ٿي وڃي ٿو، انسانن جو پاڻ ۾ لاڳاپو پيار، محبت، امن وارو قائم ٿي وڃي ٿو، سو لطيف سائين جي اهڙي تنوار جو هڪ امر ڪردار ڀڄ جي ڳوٺ بگھاڙيو ۾ رھي ٿو، فقير محمد سومار جت جو آمدني جو ذريعو مينھون آھن جن جي کير ۽ واپار مان پيٽ گذران ڪن ٿا، گھڻي جي خواھش ڪون اٿن، جيڪي مالڪ موڪليو ان تي شڪر ڪندي ڪکائن گھرن ۾ رهن ٿا، ڪڏھن مال سانگي پاڻي جي تلائن تي پنھنجي زندگيءَ جا ڏينھن گذاري رھيا آھن، فقير محمد سومار جت جا پنج ڀائر آھن، جن مان فقير الھبچايو جت به لطيف سائين جو راڳ ڳائيندو آھي، مرشد لطيف سائين جي تنوار سان ڪڇ وارن جتن فقيرن جو روح وارو رشتو آھي، فقير محمد سومار جت جي ڇھين يا ستين پيڙھي آهي جيڪا لطيف سائين جيڪي راڳ جي راڳائي فقير آھي، انشآءَالله اڳتي به سندس خاندان ۾ لطيف سائين جي تند تنوار جاري رھندي، فقير محمد سومار عقيدت مان چوي ٿو ته، مران ته لطيف سائين جي گودڙي ۾ مونکي ڍڪيو وڃي جيڪا لطيف سائينءَ جي فقيرن جي رسم آھي.

اڳي پوءِ مران، مر مران مارڳ ۾.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۰ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا