; سنڌي شخصيتون: نور محمد ڦرڙو

26 April, 2023

نور محمد ڦرڙو

نور محمد ڦرڙو

علم و ادب جو پانڌيئڙو

ساجد مسڻ



الله سائين هر انسان کي قدرتي صلاحيتن سان مالامال ڪيو آهي، اهو انسان جي مٿان آهي ته هو قدرت جي ڏنل نعمتن مان ڪيتري قدر فائدو وٺي ٿو. خوش نصيب آهن اهي انسان جيڪي الله سائين جي ڏنل ڏات جو فائدو وٺن ٿا، اھڙن خوش نصيبن ۾ اسان جو استاد نور محمد ڦرڙو به شامل آهي، جيڪو قدرتي صلاحيتن جو ڀرپور فائدو وٺي پنهنجي زندگيءَ جي جدوجهد جاري رکندو آيو آهي.


نور محمد ڦرڙو صاحب انڪري به وڌيڪ خوش نصيب انسان آهي جو سندس اک هڪ پرائمري استاد قابل احترام سائين خادم علي ڦرڙو جي گهر ۾ کلي. تعليمي حوالي سان نور محمد ڦرڙو صاحب بلڪل امير آهي، ايترو ئي پاڻ دل جو ڪشادو، مهمان نواز سخي ۽ علم و ادب جو قدردان شخصيت جو مالڪ آهي.

نور محمد جو وڏو ڀاءُ سائين احسان احمد ڦرڙو سي ايس ايس آفيسر رهيو آهي جنهن ڏهه سال سروس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي نوڪري تان استعيفا ڏئي هن وقت A ۽ O ليول وارن شاگردن کي پڙهائي رهيو آهي سندس شمار فزڪس ۽ مئٿ ۾ دنيا جي وڏن مشهور استادن ۾ ٿيندو آهي. جيڪو هن وقت به CSS ۽ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ملڪ جي غريب مسڪين شاگردن کي مفت ۾ پڙهائيندو آهي.

نور محمد ڦرڙي جو ٻيو ڀاءُ انعام ڦرڙو صاحب پڻ پاڪستان ائٽامڪ انرجي جهڙي حساس شعبي ۾ پنهنجي ملڪ لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي جڏهن ته سائين نور محمد صاحب هن وقت تعليم کاتي ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، پر علم جي اڃ کيس چپ ڪري ويهڻ ڪونه ڏنو آهي، جنھن جو خاص سبب ننڍي هوندي کان ئي کيس سنڌ جي جيد عالم فاضل سائين محمد پناهه ڦرڙو ۽ سندس والد ۽ ڀائرن ۽ علمي ادبي خاندان جي صحبت ملي آهي، جنهن جي ڪري پاڻ تحقيقي ڪم ۾ رڌل رهيو آهي.

نور محمد ڦرڙو صاحب سنڌي ادب ۾ ماسٽرز ڪرڻ کانپوءِ ”محمد پناهه ڦرڙو جون علمي ادبي خدمتن جو تحقيقي جائزو“ تي پنهنجي ايم فل جو تحقيقي مقالو لکيو آهي هن ايم فل جي ڊگري ۲۰۲۱ع ۾ شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي آهي

هاڻي سندس پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو خواب آهي، اسان کي اميد آهي ته پاڻ هڪ ڏينهن ڊاڪٽر نور محمد ڦرڙو ٿي اسان جي سامهون ايندو، ڇاڪاڻ جو پاڻ پي ايڇ ڊي پڻ.سنڌ جي ڪنھن علمي ادبي، ٻوليءَ جي تاريخي حوالي سان ڪرڻ جو ارادوڪري رهيو آهي.

سندس پسند جا موضوع تاريخ، ادب، ٻولي ۽ تصوف رهيا آهن.پاڻ تصوفِ لُواريه لطيفيات ۽ سچليات جو وڏو شوقين رهيو آهي، کيس تصوف لواريه سان بي انتها دلچسپي پڻ آهي.منهنجو ساڻس جڏهن به ملڻ ٿيندو آهي ته پاڻ تاريخ بزرگان درگاھ عاليه لواري شريف ڏاڍي شوق ۽ دلچسپي سان ٻڌائيندو آهي.

سندس ٻيو مشغلو ادبي پروگرامن ۾ ڪمپئرنگ ڪرڻ، تقريرون لکڻ، ۽ مضمون نگاري ڪرڻ آهي.

جڏهن پاڻ پنهنجي فرزند مزمل نور ڦرڙو کي تقريرون لکي ڏيندو آهي ته سندس صاحب زادو پهريون نمبر ايندو آهي، جنهن جي کيس اڃا به وڌيڪ خوشي ٿيندي آهي ته سندس ئي لکيل تقرير تي سندس لائق پٽ انعام وصول ڪندو آهي ۽ پاڻ ان پروگرام ۾ مقرر جي حيثيت سان اسٽيج تي ويٺل هوندو آهي.

مان نور محمد ڦرڙو صاحب کي جڏهن وڏن ادبي پروگرامن ۾ مقالو پڙهندي ڏسندو آهيان ته مونکي پنهنجو پيارو استاد سائين محمد پناهه ڦرڙو ياد اچي ويندو آهي.تاريخ به اهڙن ڪردارن کي پنهنجي ڪُک ۾ جاءِ ڏيندي آهي، جيڪي تاريخ سان دلچسپي رکندا آهن، تاريخ سان محبت ڪندا آهن، تاريخ جو قدر ڪندا آهن.جيئن سائين نور محمد پنهنجي تحقيق جي ڪم کي جاري رکندو اچي، سندس علمي ادبي خدمتون سنڌ جي علم ادب جي واڌاري ۾ اهم ثابت ٿينديون جنھن تي آئنده ڪوبه نوجوان محقق تحقيقي ڪم ڪري نواڻ آڻيندو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا