; سنڌي شخصيتون: ڄام مدد علي خان

25 April, 2023

ڄام مدد علي خان

ڄام مدد علي خان

سندس المناڪ وڇوڙو

علي ٿهيم



سنڌ ۾ سخاوت جي حوالي سان تاريخي ڪردار ڄام ڪانڀو خان جي خاندان جي پونيئرن به ڄام ڪانڀو خان واري سخاوت واري سلسلي کي سنڀالي رکيو آهي. اها ڳالهھ هر ڪنهن کي چڱي ريت خبر آهي ته ڄامن جو دسترخوان اڄ به ڪشادو آهي، ڄام ڪانڀو خان جي اولاد مان ڄام صادق علي خان وڏو نالو ڪمايو، ڄام صادق علي خان سياست ۾پير پاتو ته سندس ذهانت آڏو وڏا وڏا سياسي بُت ڍير ٿي ويا، پ پيپلز پارٽي جو بنياد پوڻ کانپوءِ ڄام صادق علي خان به پ پ ۾شامل ٿيو. ۱۹۷۷ع ۾ضيائي مارشل لا لڳي ته ڄام صادق علي خان لنڊن پهچي جلاوطني اختيار ڪئي، هو ۱۹۸۹ع تائين جلا وطن رهڻ کانپوءِ پاڪستان واپس پهتو، ڄام صادق علي هتي پهچڻ کانپوءِ محسوس ڪيو ته پ پ پ ڄامن کي اهو مان ۽ مرتبو نه ڏنو آهي جيتريون ڄامن جون پارٽي لاءِ قربانيون آهن. اهو جواز ڄاڻائي ڄام صادق علي خان پ پ پ ڇڏي ڄام گروپ ٺاهي سنڌ جو نه صرف وڏو وزير ٿيو پر سنڌ جو بااختيار وڏو وزير هو، سندس فرزند ڄام معشوق علي خان مرحوم، ڄام ذوالفقار علي خان سياسي طور نمايان رهيا ته سندس ڀاڻيجو ڄام مدد علي خان به سياسي افق تي چمڪندو رهيو.


ڄام مدد علي خان پنهنجي پارلياماني سياست جو آغاز ۱۹۹۳ع ۾ڪيو ان وقت ڄام خاندان خلاف پ پ پ حڪومت ڪارروائيون شروع ڪيون ته ڄام مدد علي خان، ڄام معشوق علي خان دبئي هليا ويا. ۱۹۹۷ع ۾به هو مسلم ليگ ف جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي ٿيو، ان کانپوءِ ۲۰۰۲ع ۾ڄام نواز علي واري تڪ تان ايم پي اي ٿيو، ۲۰۰۸ ع ۾ سندس سامهون چاچا شاهنواز جوڻيجو جي پُٽ محمد خان جوڻيجو سان سندس مقابلو ٿيو ان ۾محمد خان جوڻيجو ڪامياب ٿيو پر ڄام مدد علي خان سپريم ڪورٽ وڃي محمد خان جوڻيجو جي بي اي جي ڊگري ۽ سندس خلاف سپريم ڪورٽ جي پراڻي فيصلي جي آڌار تي کيس نااهل ڪرايو ان کانپوءِ ننڍي چونڊ ۾هن پ پ پ اميدوار اصغر جوڻيجو کي هارائي ايم پي اي ٿي ويو. ۲۰۱۷ع ۾ هو پ پ پ ۾شامل ٿيو. ۲۰۱۸ ۾سندس مقابلو مسلم ليگ ف جي اميدوار ڄام ذوالفقار علي خان سان ٿيو، جنهن ۾ڄام مدد علي خان ڪامياب ٿيو، ڄام مدد علي خان ڄام ڪانڀو خان جي سخاوت واري روايتن کي برقرار رکيو.

ڄام مدد علي خان فقيراڻي طبعيت جو مالڪ هو هر وقت کل ڀوڳ چهري تي مسڪراهٽ رکندڙ نمازي پرهيزگار شخص غريب امير سان هڪ جهڙو رويو رکندڙ هو، هن پنهنجي علائقي ۾غريبن جا بي پناھه مسئلا حل ڪرايا، ترقياتي ڪم ڪرايا، بيروزگاري جي خاتمي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون، سندس تڪ ۾ڪنهن غريب سان هن بي واجبي ٿيڻ نه ڏني، ڄام مدد علي خان ڪڏهن به اهو تڪبر نه ڪيو ته سندس نواب گهراڻي سان تعلق آهي، غريبن جي مدد شوق سان ڪندو هو، وٽس روز جي بنياد تي مدد گهرڻ وارا ايندا هئا ۽ هو سندن مدد ڪندو هو. مرحوم ڄام مدد علي خان جنهن سان هڪ ملاقات ڪندو هو ان کي هزارن ماڻهن ۾سڃاڻڻ جي صلاحيت رکندو هو. ڳالهيون دل کولي ڪندو هو، وٽس سياست، سياستدانن بابت وڏا قصا هئا هو اڪثر ڪچهرين ۾قصا ٻڌائيندو پڻ هو، صحافين لاءِ به وٽس وڏي عزت هوندي هئي، مرحوم ڄام مدد علي خان ڀٽائي صاحب جو باقاعده پانڌيئڙو هو، ڪراچي ايندي يا ويندي هو شاھه سائين جي مزار تي حاضري ضرور ڀريندو هو. ڄام مدد علي خان جي طبعيت عام ڀوتارن واري نه هئي هن هميشه ٻن وڙهيلن کي ٺاهيو هوندو ويڙهائڻ وارو ڪم هن ڪڏهن به نه ڪيو، ڏوهارين جي سخت خلاف هوندو هو، سياسي طور تي هو سنڌ اسيمبلي ۾مخالف ڌر جو اڳواڻ رهيو، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين رهيو سياسي طور تي اقتداري پارٽين ۾رهڻ باوجود مٿس ڪڏهن ڪرپشن جو الزام نه لڳو، هن هميشه صاف سٿري سياست ڪئي سندس رويو پنهنجن حامين سميت مخالفن سان به هڪجهڙو هوندو هو، هن وٽ مخالف به ڪم ڪار لاءِ ايندا هئا هن انهن کي ڪڏهن به احساس نه ڏياريو ته هو مخالف ڌر جا آهن، تڪ ۾سندس مسلسل ڪاميابي جو اصل سبب به سندس حسن اخلاق هو، سندس جنازو کنيو ويو ان وقت عام ماڻهو ايئن زارو قطار روئي رهيا هئا ڄڻ سندن گهر ڀاتي فوت ٿي ويو هجي! واقعي اهڙا ماڻهو ورلي ڏسڻ ۾ايندا آهن، ڄام مدد علي خان جي وفات کانپوءِ جتي ڄام خاندان جو وڏو نقصان ٿيو آهي اتي هن علائقي سنڌ جي سياست جو به نقصان آهي، الله پاڪ سندس خطائون بخش فرمائي کيس جنت ۾جايون عطا فرمائي، اهڙن ماڻهن جي وڇوڙي تي چيو ويو آهي.

اڄ نه اوطاقن ۾طالب تنوارين،

آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين،

جي جيءُ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. . !

 

(ڏھاڙي عوامي آواز، ۱۶ نومبر ۲۰۲۰ع)


 

نواب ڄام مدد علي خان

يادگيريون

نور سنڌي

مشھور سياسي سماجي شخصيت ڄام مدد علي خان کي لاڏاڻو ڪئي، ۳ سال گذري ويا آھن. پر سچ ته اسان کي اڄ به اعتبار نٿو اچي ته ڪو پاڻ اسان کان وڇڙي ويا آھن. لڳي ٿو؛ سندن لاڏاڻو ھڪ افواه ھو، ھڪ خواب ھو. شايد ان ڪري ائين محسوس ٿئي ٿو ته ساڻس محبتون هيون.

هن مشھور سياسي سماجي شخصيت، ڄام انور علي خان جي گھر ۾ ۱۴ ڊسمبر ۱۹۶۲ع تي جنم ورتو. پاڻ ۱۹۹۰ع کان سياسي دنيا ۾ داخل ٿيا. پھريون دفعو ۹۳ع ۾ پي ايس سنجھورو مان مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙھي، ڪاميابي ماڻيائون. پاڻ، ڇھ دفعا سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر چونڊيا ويا. سال ۲۰۰۸ع کان ۲۰۱۱ع تائين، سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ رھيو. سال ۲۰۱۱ع ۾ صوبائي وزير رھيو. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جا چيئرمين رهيا. سال ۲۰۱۶ع ۾ پاڻ مسلم ليگ ف کي الواع ڪري، پ پ ۾ شامل ٿيو.

ڄام مدد علي خان، يار ويس، کل مک، خلق خدا جي خدمت ڪندي، خوشي محسوس ڪندو ھو. سندس چوڻ ھو ته؛ ھو سياست ۾ خلق خدا جي خدمت خاطر آيو آھي. سندس چوڻ ھو ته؛ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ کيس، وڏي خوشي محسوس ٿئي ٿي.

ڄام مدد علي خان، مهمان نواز، سادگي پسند، فقير منش انسان ھو. سندس ڪوشش رھندي ھئي ته ھو روايتي سياستدانن وانگر خلق خدا سان ڪوڙا واعدا نه ڪري. ڪم ٿيڻ جُھڙو نه ھوندو ھو ته ماڻھن کي چئي ڏيندو ھو ته؛ ڪوشش ڪريون ٿا، پر اهو ڪم ٿيڻ مشڪل آھي. چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد روايتي چونڊيل نمائيندن وانگر تڪ مان غائب نه ٿيندو ھو. تڪ ۾ ووٽرن کي باقائده وقت ڏيندڙ، تڪ جي ماڻهن ۽ يارن دوستن، واقفڪارن وٽ غمين خوشين ۾ وقت تي پهچندو ھو. پاڻ بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪيائين.

ڄام مدد علي خان، پنھنجي تڪ وڏي پيماني تي ترقياتي ڪم ڪرايا. تڪ ۾ ڪو واسطيدار لاڏاڻو ڪري ويندو ھو ته پاڻ ڪوشش ڪري جنازي نماز ۾ پھچندا ھئا. واسطيدار ڪي غريب ھوندا ھئا ته سندن مدد ڪندو ھو. علائقي ۾ غريب ماڻھن جا ڪاڄ ٿيندا ھئا ته ڄام مدد علي خان انھن جي مالي مدد ڪندو ھو. خاص طور اقليتي ماڻھن تي سندس وڏو ھٿ ھوندو ھو. پنھنجي علائقي جي غريب ماڻھن سان ڪو بااثر، ڪا زيادتي ڪندو ھو ته ڄام مدد علي خان غريب مظلوم ماڻھن جي ڌر بنجي ويندو ھو.

ڄام مدد علي خان، ھڪ انمول ھيرو وانگر ھو. ٿڌي طبيعت، نرم مزاج واري شخصيت ھو. علائقي جي ڪيترن ئي لاڏاڻو ڪري ويل غريب ماڻھن جي جنازي نماز کان مٽي ماءُ جي حوالي ڪرڻ تائين، آخري سفر ۾ گڏَ ھوندو ھو.

ڄام مدد علي خان، پنھنجي والد وانگر، وڏو مھمان نواز ھو. دوستن کان وٺي عام ماڻھن تائين کين ماني کارائيندي خوش ڪندو ھو.

ڄام مدد علي خان کي آئون ۸۰ع کان سڃاڻندو ھئس. ڄام عاشق علي سان نيازمندي ھئڻ ڪري، ڄام نواز علي وڃڻ ٿيندو ھو. جتي ڪڏھن ڪڏھن ڄام مدد علي خان کي ڏسندو ھئس. ساڻس باضابطه ملاقات ۹۰ع ڌاري ان وقت ٿي جڏھن نواب ڄام صادق علي خان سنڌ جو نگران وڏو وزير ھو ۽ ڄام ڳوٺ آيل ھو.

ڄام صادق علي خان جڏھن جلاوطني واري دور ۾ ڪڏھن دبئي ڪڏۡھن لنڊن رھندو ھو. ان دور ۾ آئون نئون صحافي ٿيو ھئس ۽ ڄام ڪانڀو خان جي سخاوت جا قصا ڄام صادق علي خان جي دوستن جا قصا ٻڌي، ھن کان متاثر ھئس ۽ کيس خط لکندو ھئس. ان ڪري ڄام صادق علي خان جڏھن وطن ورڻ بعد مخدوم ھائوس ھالا ۾ مخدوم محمد زمان طالب المولي جي قدم بوسي ڪرڻ آيو، جتي ساڻس ملاقات ٿي. مون کيس انٽرويو لاءِ عرض ڪيو ته پاڻ چيائين ته؛ ايندڙ ھفتي ھو ڳوٺ ھوندو، اوھان ھليا اچجو. ۽ ٻئي ھفتي آئون بنا ٽائيم وٺڻ جي انٽرويو لاءِ ڄام ڳوٺ ويس ته خبر پئي ته ڄام صاحب ھڪ ڏينھن لاءِ اچي وري واپس ھليو ويو آھي. جنھن ڪري ڄام ھائوس تي ويٺل ڄام نورعلي خان سان ملاقات ڪري ڪچھري ڪري رھيا ھياسين ته اتي ڄام مدد علي خان اچي ويو. جتي ڄام نور علي خان جي معرفت ساڻن تعارف ٿيو. بعد ۾ ملاقاتن جو سلسلو جاري رھيو. مون زندگيءَ ۾ سندس ڪيترا ئي انٽرويو ڪيا. ساڻن وڌيڪ ملاقاتون درگاه لطيف سائين تي ۽ سائين حسن بخش شاھ ھادي جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد، سيد يارمحمد شاھ المعروف سيد مٺل شاھ جي اوطاق تي ٿيندي ھئي.

ڄام مدد علي خان، لطيف سائين جو عقيدت وارو مريد ھو کيس پھنجي مرشد لطيف سائين جي شاعري به وڏي تعداد ۾ ياد ھوندي ھئي. سندن، سنڌ جي ثقافت صوفيانه راڳ سان، دلچسپي رھي. پاڻ غريبن جو ھمدرد ھو. ڪيترن ئي غريبن جي، لڪل ھٿ سان مدد ڪندو ھو. پاڻ لطيف سائين جو سچو مريد ھو. وقت به وقت لطيف سرڪار جي مزار تي حاضريون ڀريندو ھو. سندس ڳالھائڻ جو انداز، ڏاڍو من موھيندڙ ھو. سدائين سندن چھري تي، مرڪ ھوندي ھئي.

سال ۲۰۲۰ع ۾، جڏھن سڄي دنيا سميت اسان جي ملڪ ۾ ڪرونا جو راڪاس گھمي رھيو ھو، تڏھن به ڄام مدد علي خان خلق خدا سان ملڻ بند نه ڪيو ۽ کيس ڪرونا ٿي وئي ۽ کيس ڪراچي جي ھڪ نجي اسپتال داخل ڪيو ويو. بعد ۾ سندس ڪرونا ٽئسٽ نگيٽو آئي، پر ڪرونا وائرس ڪري، سندس ڦڦڙن کي نقصان پھتو ۽ پاڻ تقريبن ھڪ مھينو وينٽيليٽر تي رھڻ بعد، ۱۳ نومبر ۲۰۲۰ع جمع جي ڀلاري ڏينھن، اسپتال ۾ ئي دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائون. سندس آخري سفر ۾ عوام جو سمنڊ اٿليل ھو. ھر طرف آھُن، دانھن ۽ سڏڪن جو آواز ھو. ھر ماڻھوءَ جي اک آلي ھئي. ھر ماڻھوءَ کي اٿي مرڪي ملندڙ ڄام مدد علي خان سفيد ڪفن ۾ اگھور ننڊ ۾ ستل ھو. کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء جي حوالي ڪيو ويو.

ڄام مدد علي خان جھڙيون شخصيتون وري پيدا نه ٿينديون. اڄ سندس ۲ ورسي تي کيس خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. دعا ٿا ڪريون ته مالڪ سائين کيس پنھجي ڪرمن سان، جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي ۽ سندس ڀائرن فرزندن ڀائيٽين کي سندس نقش قدم تي ھلي، خلق خدا جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي، آمين.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۳ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا