; سنڌي شخصيتون: ڄام مدد علي خان، علي ٿهيم، نور سنڌي،
Showing posts with label ڄام مدد علي خان، علي ٿهيم، نور سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label ڄام مدد علي خان، علي ٿهيم، نور سنڌي،. Show all posts

25 April, 2023

ڄام مدد علي خان

ڄام مدد علي خان

سندس المناڪ وڇوڙو

علي ٿهيم



سنڌ ۾ سخاوت جي حوالي سان تاريخي ڪردار ڄام ڪانڀو خان جي خاندان جي پونيئرن به ڄام ڪانڀو خان واري سخاوت واري سلسلي کي سنڀالي رکيو آهي. اها ڳالهھ هر ڪنهن کي چڱي ريت خبر آهي ته ڄامن جو دسترخوان اڄ به ڪشادو آهي، ڄام ڪانڀو خان جي اولاد مان ڄام صادق علي خان وڏو نالو ڪمايو، ڄام صادق علي خان سياست ۾پير پاتو ته سندس ذهانت آڏو وڏا وڏا سياسي بُت ڍير ٿي ويا، پ پيپلز پارٽي جو بنياد پوڻ کانپوءِ ڄام صادق علي خان به پ پ ۾شامل ٿيو. ۱۹۷۷ع ۾ضيائي مارشل لا لڳي ته ڄام صادق علي خان لنڊن پهچي جلاوطني اختيار ڪئي، هو ۱۹۸۹ع تائين جلا وطن رهڻ کانپوءِ پاڪستان واپس پهتو، ڄام صادق علي هتي پهچڻ کانپوءِ محسوس ڪيو ته پ پ پ ڄامن کي اهو مان ۽ مرتبو نه ڏنو آهي جيتريون ڄامن جون پارٽي لاءِ قربانيون آهن. اهو جواز ڄاڻائي ڄام صادق علي خان پ پ پ ڇڏي ڄام گروپ ٺاهي سنڌ جو نه صرف وڏو وزير ٿيو پر سنڌ جو بااختيار وڏو وزير هو، سندس فرزند ڄام معشوق علي خان مرحوم، ڄام ذوالفقار علي خان سياسي طور نمايان رهيا ته سندس ڀاڻيجو ڄام مدد علي خان به سياسي افق تي چمڪندو رهيو.