; سنڌي شخصيتون: February 2015

22 February, 2015

مولانا غلام رسول مهر - مختيار احمد ملاح

مولانا غلام رسول مهر
ڪلهوڙا دؤر جو مؤرخ
مختيار احمد ملاح
ڪلهوڙن جو دؤر سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. ڪلهوڙن سنڌ تي مني صدي حڪومت ڪئي. ميان نصير محمد، ميان يار محمد، ميان نور محمد، ميان غلام شاھ ڪلهوڙو، ميان سرفراز خان ڪلهوڙو هن دؤر جا اهم حڪمران ڄاتا وڃن ٿا. هن دور ۾ جيتوڻيڪ ڪيترائي خونريزي جا واقعا رونما ٿيا، ان جي باوجود قومي ترقيءَ لاءِ راھ هموار ڪيائون، جديد آبپاشي نظام ڏنائون، زراعت کي ترقي ڏياريائون نت نوان شهر آباد ٿيا، تختگاھ، ڪوٽ، قلعا ۽ بندگارھ وجود ۾ آيا، ادبي ۽ علمي طور تي به ڪلهوڙن جو دور سونهري دور سمجهيو وڃي ٿو. شاھ للطيف جهڙو آفاقي شاعر هن دور ۾ موجود هو. ڪلهوڙن جي دور تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب ڪلهوڙن جي دور تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. پر ڪلهوڙن جي دور تي سڀ کان وڌيڪ تفصيلي تحقيق غلام رسول مهر ڪئي آهي. مولانا غلام رسول مهر  جو جنم 13 اپريل 1893ع ۾ ڦول پور ضلعي جالنڌر ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ڪاليج جي تعليم لاهور مان حاصل ڪيائين. لاهور ۾ اچي مسلمانن جي سياست ۾ دلچسپي رکيائين. هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتائين.

عامر سيال- ڊاڪٽر شير مهراڻي

عامر سيال
رومانويت ۾ جيئندڙ شاعر
ڊاڪٽر شير مهراڻي
گذريل ڏينهن دوران مون ميڊم شهناز شورو جو انٽرويو ڪيو هو، جنهن دوران ميڊم شورو چيو هو ته پوسٽ ماڊرن ازم جي پراسرار وايو منڊل ماڻهوءَ جو ترغيبات ئي تبديل ڪري ڇڏيون آهن. يورپ جو ماڻهو ڏکيو بکيو نٿو سمهي، هن کي هاڻي ادب جهڙي ڪنهن به داخلي واردات جي ضرورت ناهي. تنهن تي مون ميڊم کان سوال ڪيو هو، ڇا يورپ جو ماڻهو تخيلاتي طور تي به ايترو آسودو ٿي چڪو آهي جو هن کي هاڻي خيالن جي آسودگي يا جماليات گهربل ناهي، ڇاڪاڻ ته ادب صرف بک ۽ بدحالي جي ڳالهه به ته نٿو ڪري، ادب انسان دوستي جو به ته ڏس پنڌ ڏئي ٿو. تنهن تي ميڊم شورو چيو هو، ‘بس ادب جو واحد ڪارج خاص طور يورپ ۾ ذهني آسودگي ۽ جماليات وڃي بچيو آهي، پر ميڊيا جو ڀونچال شايد ان تي به وار ڪرڻ وارو آهي.’

قاضي مقصود گل

مقصُود گل
گُل ڇنو گرنارَ جو...
ياسر قاضي
سنڌي ادب جو ٻهڳڻو گُل، مقصُودگل اسان کان ٻه سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي وڇڙيو، جنهن جي منفرد مزاحمتي توڙي رُومانوي شاعري، ٻارڙن لاءِ سرجيل ادب جي کيتر ۾ ڪيل خدمت، سچل شناسيءَ جي حوالي سان سندس ڪيل ڪمُ ۽ خاص طور سچل رح جي فارسي شاعريءَ جو منظُوم اردُو ترجمو، صحافت، ڪالم نويسي ۽ ادب جي ٻين شعبن ۾ نمايان خدمت، کين اڄ تائين اسان جي دلين ۾ زندهه رکيو ويٺي آهي. اڄ سندن وڇوڙي جي ڏينهن تي اچو ته سندن جيون ۾ جهاتي پايُون ۽ نوجوانن کي هن عظيم شاعر، دانشور ۽ ادب جي خادم سان مُکا ميلو ڪرايُون.

سيٺ هرچند راءِ وشنداس - پروفيسر اعجاز احمد قريشي

سيٺ هرچند راءِ وشنداس
جديد ڪراچيءَ جو مُهندار
پروفيسر اعجاز احمد قريشي
سنڌ ۾ اڄ نظر ايندڙ ڀينگ تي اعتبار تڏهن نه ٿو اچي، جڏهن سنڌ جا مهان ڪردار پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. ڀلا ڪيئن اعتبار ڪجي ته ان صوبي جو به سياسي، ادبي ۽ ثقافتي ڏيوالو نڪري سگهي ٿو، جتي جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ڏيارام گدومل، هرچند راءِ، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ قاضي فيض محمد جهڙن عظيم ماڻهن انسانيت جي خدمت لاءِ پنهنجي سڄي زندگي وقف ڪري ڇڏي هجي. اهي عظيم انسان نه رڳو پنهنجي دؤر جا عظيم ڪردار سمجهيا وڃن ٿا پر انهن جو معيار زندگي ۽ سندن اختيار ڪيل راهه هر نئين دؤر جي ماڻهن لاءِ ڇوٽڪاري جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي. سچ ته سنڌ عظيم ۽ مهان هستين کي جنم ڏنو آهي، جن ديس واسين جي چڱيءَ ريت خدمت ڪئي، جن ڌرتي ۽ قوم جو نه رڳو قرض چڪايو، پر پنهنجي ڌرتيءَ واسين کي وڏين خدمتن عيوض مقروض به بڻائي ڇڏيو. شال الله تعاليٰ اسان کي اهو قرض لاهڻ جي توفيق عطا ڪري. اهي ئي ماڻهو پنهنجو ڪردار اهڙو ته صاف سٿرو بنائي ويا، جو اڄ جو نئون نسل انهن جو نالو کڻڻ سان فخر محسوس ڪري ٿو.

پروانو ڀٽي - غلام حسين لغاري

پروانو ڀٽي
صحافيءَ جي سار لهڻ جو وقت
غلام حسين لغاري
پنهنجي زندگي جا 67 سال کن صحافت، ادب ۽ ثقافت کي ارپيندڙ ميوو خان نالي معروف پروانو ڀٽي جيڪو علالت ڪري پنهنجي گهر تائين هاڻ محدود ٿي چڪو آهي سنڌ سرڪار جي اطلاعات توڙي ثقافت کاتي جي بي حسي کان ته هونئن ئي مايوس ٿي چڪو آهي پر سنڌ جي هڪ اڌ اخباري مالڪن لاءِ به کيس بي پناهه شڪايتون آهن جن جي وڏڙن سان هن اڻهوند ۾ به اهڙي وقت ساٿ نڀايو جڏهن اخبارون مالي بحران هجڻ ڪري شايع ٿيڻ به ڏکيون هيون تن جي پونيئرن به کيس وساري ڇڏيو آهي ۽ بنهه اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن.هن پنهنجي اکين ۾ خوشي وارا لڙڪ وهائيندي پوءِ به مُرڪڻ واري انداز ۾ چيو ته کيس ڪنهن جي به مدد يا سار لهڻ جي ڪا به ضرورت ناهي پر جڏهن ڪو صحافي يا اديب وٽس ٻه پير ڀري لڙي اچي ٿو ته هو پاڻ کي چڱو ڀلو محسوس ڪري ٿو جيڪو انجو علاج آهي.

03 February, 2015

خادم حسين ’ديوانو‘ - ناصر قاضي

خادم حسين ’ديوانو‘
سٻاجھڙو، سريلو ۽ صوفي ڪلاڪار
ناصر قاضي
جيڪب آباد، جيڪو ’جان جيڪب‘ جو ٻڌايل شهر آهي، هن شهر جون جيتوڻيڪ هاڻي اهي نزاڪتون نه رهيون آهن، پوءِ به ماضيءَ جي جھور جھروڪن ۾ جڏهن به جھاتي پائجي ٿي، تڏهن هن شهر جون ديوانگيون ۽ دلربائيون نه ٿيون وسرن، جو عبدالڪريم گدائيءَ جي ڀونءِ تان خانصاحب استاد ارباب علي خان کوسي ۽ خانصاحب استاد موندر خان جا دلفريب آواز ايندا هئا، جيڪي ساهن کي سرهو ڪندا رهندا هئا. انهن دلربائين ۽ ديوانگين جي پيش منظر ۾ هڪڙو اهڙو ديوانو ماڻهو به آهي، جيڪو پنهنجي آواز جي مستين ۾ سدائين مست رهيو آهي ۽ الائي ڪيترن ماڻهن جو دلربا بڻيل رهيو آهي. هي اهو زمانو هو، جڏهن جدت جا سجھندا اڃا ايڏا وائکا ۽ ويڪرا ڪين ٿيا هئا، پوءِ به والن وارن ريڊين ۽ ’هٽاچي‘ ٽيوين جو دور هو ۽ ماڻهن جون نهارون ۽ سماعتون هميشه انهن مشيني پرزن ۾ اٽڪيل هونديون هيون، جن سان روح کي عجيب ڪيف ۽ راحتون نصيب ٿينديون هيون. انهن عجيب ڪيفيتن ۽ راحتن ۾ سنڌ جي سريلي آواز جي مالڪ خادم حسين ديواني جو به اوترو ئي حصو رهيو آهي، جيترو سنڌ جي ٻين ناليوارن ڪلاڪارن جو آهي.  حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه اها چئبي، جو جڏهن هن درويش صفت ڪلاڪار سان موبائيل تي ڪچهري ڪرڻ جو موقعو مليو ته سڀ ڳالهيون وساري، پنهنجو اصلوڪو احوال ڪرڻ کان به اول اها ڳالهه بار بار بانور ٿي ڪرايائين ته:  ”خادم حسين کي عزتن ۽ شهرتن جي منزلن تي پهچائڻ ۾ خداوند قدوس جي ذات بابرڪات کانپوءِ سندس محسن شخصيتن خانصاحب استاد ارباب علي خان، محترم ممتاز مرزا، محترم عبدالحميد آخوند، محترم منظور احمد قناصري، محترم عنايت بلوچ، محترم محمد بخش سميجي، محترم عبدالڪريم بلوچ، محترم قنبر علي  ۽ ٻين جو اهم ڪردار شامل رهيو آهي.“

ڀڳونتي ناواڻي

ڀڳونتي ناواڻي
سنڌ هند جي ڪوئل
سنڌين جي سڪيلڌي ۽ لاڏلي فنڪاره، سنڌوءَ جي نياڻي، ڪماري ڀڳونتي ناواڻيءَ جو جنم، ۱ فيبروري ۱۹۴۰ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جڏهن ته سندس اصل اباڻو ڳوٺ نصرپور ضلعو حيدرآباد (هاڻي مٽياري) هو. سندس تعليم مئٽرڪ هئي. پرائمري تعليم ڪراچيءَ ۾ فريئر روڊ وٽ انڊين گرلس اسڪول مان حاصل ڪيائين. ۱۹۴۷ع ۾ ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ، ۱۹۴۸ع ۾ فسادن سبب سنڌ مان لڏي مائٽن سان گڏ بمبئي هلي وئي. پهرين ڪملا گرلس هاءِ اسڪول بمبئيءَ ۾ پڙهي، ان بعد هاءِ اسڪول فار سنڌيز بمبئيءَ مان ۱۹۵۷ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين.