قاضي مقصود گل
سهڻو شاعر ۽ لوڪ ادب جو
پارکُو - نامياري شاعر، عالم ۽ سچل جي شارحَ، مقصود گل جي ڇهين ورسيءَ جي مناسبت
سان
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
قاضي مقصود گل نه رڳو
علم، ادب، سماج ۽ ثقافت کي وڌائيندر گهراڻي جو ڀاتي هو، پر هو پاڻ به هڪ بهترين
شاعر، نثر نگار، محقق، عالم، اديب ۽ مترجم هو. ان کانسواءِ هو شاعرَ، اديبَ،
نقادَ، محققَ، پبلشر ۽ فنڪارَ گهڙيندڙ به هو. سندس ڪيتريون ئي خوبيون هيون. هن جن
شاعرن، اديبن ۽ محققن کي سنواريو، انهن جي لسٽ ته ڊگهي آهي، مثال لاءِ مان هتي رڳو
سندس اولاد جا نالا پيش ڪيان ٿو: ياسر قاضي، نائله گل قاضي ۽ ناصر گل قاضي. انهن
جون خدمتون اسان سڀني جي آڏو آهن. هتي هڪ ڳالهه ذهن ۾ اچي ٿي ته اسان وٽ اڪثر
اديبن جو اولاد ادب سان دلچسپي ان ڪري به نه رکندو آهي، جو اديب، شاعر ۽ فنڪار اهو
سمجهندا آهن، ته اسان کي ادب جي خدمت مان ڪهڙو فائدو مليو آهي، جو اسان جو اولاد
به ان ڪم کي جاري رکي، پر قاضي مقصود گل جو نظريو ان جي ابتڙ رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو
هن کي ادب جي اهميت کان مڪمّل وافقيت هئي. هُو ادب وسيلي سماج کي تبديل ڪرڻ چاهيو ٿي.
هن وٽ ”ادب، ادب لاءِ!“ نه پر، ”ادب زندگيءَ کي سنوارڻ لاءِ“ وارو نظريو هو. ان
نظريي سان هو تمام گهڻو سچو هو، بلڪه هو ادب سان عشق ڪندو هو. اهو ئي سبب آهي جو
هن ادب کي پنهنجي اولاد ۾ پڻ اوتيو. منهنجي ساڻس واسطيداري سندس اولاد جي ڪري پيدا
ٿي. سندس اولاد، خاص ڪري ياسر قاضيءَ سان وري
ريڊيي پاڪستان وسيلي ڏيٺ ويٺ ٿي. ان کانپوءِ قاضي مقصود گل سان ڪچهريون ٿيڻ
لڳيون. ريڊيي پاڪستان ڪراچيءَ جي ادبي پروگرام ”رسالي“ ۾ به انٽرويوءَ لاءِ قرب ڪري
سائين آيو هو. ياسر سان دوستيءَ سبب مون کي به ڏاڍو ڀائيندو هو. مان هتي ٻن ٽن خاص
ڪچهرين ۽ ملاقاتن جو ذڪر ڪندس. هڪڙو واقعو منهنجي وَيسر جي عادت سان تعلق رکي ٿو.
مان پي ايڇ ڊي ڪيل عالمن کي ”سرٽيفائيڊ ويسارو“ سمجهندو آهيان. پروفيسر به ويسارا ٿيندا
آهن. مان ته وري پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان اڳي ئي ويسارو هئس. اڪثر نالا وسري ويندا آهن. ۲۰۰۳ع ۾ منهنجو ڪتاب ”سنڌي ثقافت جا امر آواز“
شايع ٿيو. تنهن کان پوءِ مقصود صاحب جو ريڊئي ڪراچيءَ تي اچڻ ٿيو، ته مون کيس اهو ڪتاب
سوکڙي ڏنو. سائينءَ چيو: ”هن تي لکي ڏي!“ لکڻ وقت سائينءَ جو نالو ئي مون کان وسري
ويو. هاڻي جيڪڏهن مان سائينءَ کان نالو پُڇان ٿو ته سوچيم ته متان سائين ناراض نه ٿي
وڃي. سو اچي ڦاٿُم... نيٺ ڪتاب تي اهو لکيم ته: ”سڪَّ منجهان سائينءَ لاءِ سُوکڙي“
ڪتاب بند ڪري
سائينءَ جي حوالي ڪيم. شايد گهر وڃي هن کولي ڏٺو هوندو ۽ ڏاڍو کليو هوندو.
مقصود گل صاحب خوش
طبع ماڻهو هو. ڪچهرين ۾ ڀوڳ، ٺڪاوَ ۽ چرچا هڻندو هو. هن هڪڙو ڀوڳ مون سان به ڪيو.
اسان سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽيءَ پاران ممتاز مرزا اسٽوڊيو ڪراچيءَ ۾ مقصود گل صاحب
سان هڪ رهاڻ رچائي. جنهن جي صدارت آغا سليم صاحب ڪئي هئي. ان موقعي تي سائينءَ جي
شخصيت ۽ علمي ادبي پورهئي بابت مختلف شاعرن ۽ اديبن پنهنجا ويچار ونڊيا هئا. مون
قاضي صاحب جي شخصيت ۽ ادبي خدمتن بابت ڳالهائڻ سان گڏ پنهنجيءَ تنظيم، سرهاڻ
ويلفيئر سوسائٽيءَ جي ڪارڪردگي به بيان ڪئي هئي، جنهن کي سڀني دوستن ساراهيو هو. جڏهن
مقصود گل صاحب جي تقرير جو وارو آيو ته چيائين: ”ڪمال ڄامڙي واقعي وڏو ڪم ڪيو آهي.
سماجي خدمت، علمي ادبي خدمت ۽ وري ريڊيي تي ڪم ڪرڻ تي هن نؤجوان کي شابس هجي!“ ان
تقرير ۾ مقصود گل صاحب جي خوش مزاجيءَ جو جيڪو جملو هو، اُهو اِهو هو. چيائين ته:
”مونکي اڄ خبر پئي آهي، جنهن تي حيرت به آهي ته ڄامڙا به ڪمال ڪندا آهن!“ ۽ پوءِ
پنڊال ۾ ٽهڪڙا مچي ويا هئا.
مقصود گل صاحب جي
طبيعت، خاص طور تي عمر جي آخري حصي ۾ ڪجهه ٺيڪ نه هوندي هئي. ان جي باوجود هُو
علمي ادبي تقريبن ۾ ايندو هو. ياسر وارا کيس گهڻو ئي روڪيندا هئا، پر هو وري به
قرب جا قدم ڀري ايندو هو. مون وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران ۶ فيبروري ۲۰۱۵ع تي ”قومي لوڪ ادب ڪانفرنس“ ڪرائي هئي،
جنهن ۾ سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي، براهوي، اردو، سرائڪي ۽ چترالي لوڪ ادب بابت
مختلف اسڪالرن مقالا پڙهيا هئا. لوڪ ادب ڪانفرنس جو افتتاح تعليم جي اڳوڻي وفاقي
وزير، سيّد خورشيد شاهه ڪيو هو. سنڌي لوڪ ادب تي مون کانسواءِ ڊاڪٽر قاسم ٻگهيي ۽ مقصود
گل صاحب ڳالهايو هو. لوڪ ادب جي موضوع تي مقصود صاحب جي اها يادگار تقرير هئي. ان
۾ هن لوڪ ادبي جي ڪجهه صنفن جي باري ۾ مثالن رستي سمجهاڻي پيش ڪئي هئي. هن چيو هو
ته: ”لوڪ ادب کي سمجهڻ لاءِ مُون سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون. جڏهن لوڪ ادب کي سمجهيم
ته مون کي شاهه لطيف جو سمورو ڪلام لوڪ ادب، استاد بخاريءَ جي شاعري، اڌ لوڪ ادب
محسوس ٿي، جڏهن ته شيخ اياز به لوڪ گيت جو شاعر لڳو.“ سندس ان تجزيي ۽ راءِ مان لوڪ
ادب جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، پر افسوس آهي ته اڄ جي دؤر ۾ لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ
کي اهميت نٿي ڏني وڃي. توڙي جو اسان ٻوليءَ ۽ لوڪ ادب کي بچائڻ لاءِ واڪا به ڪريون
پيا، تنهن هوندي به ماٺ آهي. اسان سڀني کي سمجهڻ گهرجي ته لوڪ ادب ۽ ٻولي ڇڏينداسين،
ته هي اسان جون اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب ڪير به نه پڙهندو. ٽي وي چينل به ڪير ڪونه ڏسندو.
جيڪا به قوم پنهنجي ٻولي وڃائي ڇڏيندي، ته اها قوم پاڻ به وڃائي ڇڏيندي. مقصود گل
صاحب جي زندگيءَ جي اها آخري تقريب ۽ تقرير هئي. پاڻ ۶ فيبروري ۲۰۱۵ع تي ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو. سندس صحت ۾ وڌيڪ
خرابي پيدا ٿي ۽ ۱۴ فيبروري ۲۰۱۵ع تي اسان کان موڪلائي ويو.
مقصود گل صاحب
جي وفات کي اڌ ڏهاڪو گذري چڪو آهي، پر
سندس ڪلام ۽ ادبي خدمتن جي تازگي اڃا به تازي گل وانگر برقرار آهي، جيڪا ايندڙ وقت
تائين تازگي پکيڙيندي رهندي. الله سائينءَ کيس پڪ سان جنت ۾ جاءِ ڏني هوندي.
(مقصود گل جي
پنجين ورسيءَ جي موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ مقصود گل اڪيڊميءَ پاران ڪوٺايل ورسيءَ
جي تقريب ۾ ڪيل تقرير)
قاضي مقصود گل
گلن ۾ گُلابي شهنشاهہ
”گُل“ - نامياري شاعر ۽ دانشور، مقصُود گل جي ڇهين ورسيءَ جي مناسبت سان
ياسر قاضي
هر ٻوليءَ جي ادب ۾
اڪيچار قلمي پانڌيئڙا پنهنجي پنهنجي وت ۽ صلاحيت آهر پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمت ڪندا
آهن، پر انهن مان فقط ڪجهه نالا ئي پنهنجي ڪم جي يڪتائيءَ ۽ انفراديت سبب صدين
تائين نشانبر ۽ نروار رهندا آهن. گهڻي وقت گذرڻ کانپوءِ اهو دؤر انهن چند ادبي نالن
جي نمائندگيءَ سبب ڄاتو سُڃاتو ويندو آهي. سنڌ جي نامياري شاعر، عالمَ، دانشور،
ترجمي نگار، صحافيءَ ۽ سچل سرمست رحه جي شارح، مقصودگل جو شمار ۷۰ع کان ۲۰۰۰ع تائين جي چئن ڏهاڪن دؤران لکندڙ انهن
جراءتمند اديبن ۾ ٿئي ٿو، جن جي قلم جي مَسُ، رُومان توڙي مزاحمت، ٻنهي قمسن جي
گُلن جي آبياريءَ جو ڪم ڪاميابيءَ سان ڪيو ۽ ساهت جي گلشن ۾ سخت ترين مزاحمتي گيتن
کان وٺي ڪومل ۽ گُداز ترين رُومانوي گيت رچي پاڻ ملهايو. سندن هر رُومانوي غزل ۾
به ڪونه ڪو شعر ڌرتيءَ جي سڪ سهيڙيُون نظر ٿو اچي ۽ سندن هر مزاحمتي پُڪار ۾ به ڪٿي
نه ڪٿي محبُوب جي حُبَ جو عڪس نظر اچي ٿو.
ڄائو، ۱۵ اپريل ۱۹۵۰ع تي... سنڌ جي ذرخيز ضلعي لاڙڪاڻي جي اهم
شهر رتيديري ۾... جيڪو جنهن ادبي ٽه ـ مُورتيءَ (ا.ح. سام جئه سنگهاڻيءَ، قاضي
عبدالحيُّ ”قائل“ ۽ غمدل فقير) سبب سُڃاتو وڃي ٿو، انهن مان هڪ مُورتي (قاضي
عبدالحيُّ ”قائل“) پاڻ سندس والد... جيڪو پنهنجي دؤر جي برک شاعر، اُستاد،
تعليمدان، مُصوّر، صحافِيءَ ۽ سماج سُڌارڪ طور سنڌ جي سُڃاڻَ... هڪ علمي ادبي
ماحول ۾ اک کولڻ سبب قلم توڙي مصوريءَ سان چاهه، مقصُود گل کي ڊي. اين. اي ۾ مليو
۽ اهو علمي ادبي ماحول کيس چئني پاسي نظر آيو، جنهن ڪري ان دنيا سان سندس وابستگي
فطري هئي. مقصود گل، جو مائٽاڻو نالو، ”قاضي مقصُود حيات“... پر گهر ۾ پيار مان
کيس ”معشوق“ به ڪوٺيو ويو... پرائمري تعليم رتيديري جي پرائمري اسڪُول ۾ حاصل ڪرڻ
کان پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪُول رتيديري مان ۱۹۶۶ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر
جو امتحان آرٽس ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ، ۱۹۷۰ع ۾ سنڌ يُونيورسٽي ڄامشوري مان بي اي جو امتحان پاس ڪيائين
۽ ۱۹۷۲ع ۾ ساڳئي ئي مادرِ علميءَ مان اقتصاديات ۾ ماسٽرس ڪيائين. اڳتي هلي ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ يُونيورسٽيءَ مان ئي سنڌي ادب ۾ به
ايم. اي. جي ڊگري ماڻيائين. روزِيءَ ۽ رزوگار جي لحاظ کان سنڌ حڪومت جي آبڪلاڻيءَ
واري کاتي ۾ فون ڪلارڪيءَ جي ڪرت کان پنهنجي پيشاوراڻي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. ۱۹۶۶ع کان ۱۹۶۹ع تائين ۳ سال ان پيشي سان وابسته رهي، ۱۹۶۹ع ۾ دادُو ضلعي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيتان
۾ ”ڊرائنگ ٽيچر“ مقرر ٿيو، جتي پنج سال تدريسي خدمتُون انجام ڏئي، ٻارن کي رنگن
سان چاهه سيکاري، ۱۹۷۴ع ۾ ان وقت نئين قائم ٿيل لاڙڪاڻي شگر مل ۾ ”تربيتي آفيسر“ طور ملازمت
اختيار ڪيائين. ۱۹۷۶ع ۾ اتي ئي ترقي ماڻي ”اسسٽنٽ مينيجر“ ۽ ۱۹۹۰ع ۾ ترقي ماڻي ”ڊپٽي مينيجر“ جي عهدي تي پهتو.
۱۹۹۳ع ۾ پنهنجي باليٰ آفيسر سان اصُولي اختلافن سبب استعفيٰ ڏئي هڪ نيم سرڪاري
انشورنس ڪمپنيءَ ۾ نوڪري اختيار ڪيائين، جتي ٻه سال ملازمت ڪرڻ پُڄاڻان، ۱۹۹۵ع ۾ واپس پنهنجي خانداني تدريسي پيشي طرف موٽندي،
پنهنجي والد جي علمي خدمتن جي تسلسل جي مقصد کي نظر ۾ رکندي، سندس نالي سان
رتيديري ۾ ”عبدالحيُّ قاضي ماڊل اسڪُول“ قائم ڪيائين، جنهن جو منتظم ۽ پرنسپل ٿي
پاڻ خدمتُون انجام ڏنائين ۽ ۲۰۱۵ع ۾ پنهنجيءَ وفات تائين اها علمي شمع ٻاري رکڻ جي ڪامياب
ڪوشش ۾ مگن رهيو.
مقصُود گلَ، ۱۹۷۵ع ۾ باضابطه طور تي لکڻ جي شرُوعات ڪئي. شعر
۾ شرُوعاتي اصلاح پنهنجي والد صاحب کان ئي ورتائين، پر پوءِ، پنهنجي والد صاحب جي
دوست، ۽ پنهنجي دؤر جي قادرالڪلام شاعر، پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمّد ”حاميءَ“ کي خط
لکي شعر جي اصلاح ڪرڻ جي گذارش ڪيائين، جنهن سندس اها خواهش خوشيءَ سان قبول ڪئي ۽
ايئن پوءِ ورهن جا ورهه هُو حامي صاحب کان شعر جي اصلاح وٺندو رهيو. پنهنجي زماني
جي اهڙي شيرين بيان شاعر جي شاگرديءَ ۾ اچڻ ڪري، مقصُودگل جي شعر ۾ به اهو ميٺاج،
آساني، رواني ۽ سُونهن آئي، جيڪا سنڌي ساهت ۾ سندس الڳ سُڃاڻ بڻجڻ ۾ معاون ٿي ۽
سندس مزاحمتي شعر ۾ زور ۽ رُومانوي سخن ۾ ڪوملتا جو باعث بڻي. نثر ۾ هن پنهنجي
والد جي ٻئي ادبي رفيق ۽ سنڌ جي اهم محقّق، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ کان اصلاح
ورتي ۽ سندن رهنمائيءَ ۾ نثري ڪارناما انجام ڏيڻ جو آغاز ڪيو. بعد ۾ جڏهن گل
سائينءَ سچل سرمست جي فارسي ڪلام جو منظُوم اردُو ترجمو ڪرڻ جو ڪم شرُوع ڪيو، ته
اردُو شعر جي اصلاح لاءِ هن پروفيسر محمُود ”شرف“ صديقيءَ کي اُستاد بڻايو، جنهن
کان پنهنجي اردُو شعر جي اصلاح ورتائين ۽ سچل جي ڪيل ترجمي جي به نظرثاني ڪرائيندو
رهيو.
مقصُود گل جا سندن
زندگيءَ ۾ ۱۰ ڪتاب ڇپيا، جن ۾ ”وکريل موتي“ (ڊاڪٽر عطا مُحمّد
”حاميءَ“ جي مقالن جو مجمُوعو ـ مُرتب ـ شايع: ۱۹۸۳ع)،”زندگيءَ ڏي موٽ“ (ڪرشن چندر جي ڪهاڻين
جو سنڌي ترجمو ـ شايع: ۱۹۸۵ع)، ”ڪرڻا ڪرڻا“ (ٻارڙن لاءِ شاعري ـ شايع: ۱۹۸۶)، ”رت ڀنا رابيل“ (شاعري ـ شايع: ۱۹۹۰)، ”هٺيلي هرڻي“ (ٻارڙن لاءِ ڪهاڻيُون ـ
شايع: ۱۹۹۳)، ”عشق سمندر“ (سچل جي فارسي مثنوين جو منظُوم اردُو ترجمو ـ شايع: ۲۰۰۳ع)، ”اندر رُوح رهيام“ (ڊاڪٽر عطا مُحمّد
”حاميءَ“ بابت لکيل مضمُون ۽ مقالا ـ مُرتب ـ شايع: ۲۰۰۲ع)، ”رتوديرو ــ مختصر تاريخ“ (شايع: ۲۰۰۲ع)، ”اي آهُو چشم کدهر؟“ (شيخ اياز جِي ٻن
شعري مجمُوعن، ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ ۽ ”هرڻ اکي ڪيڏانهن!!“ جو اردُو ترجمو ـ شايع: ۲۰۱۰ع) ۽ ”اکڙيُون نِيل ڪنول“ (شاعري ـ شايع: ۲۰۱۴ع) شامل آهن، جڏهن ته هن، شاگردن جي
رهنمائيءَ لاءِ ڪجهه درسي ڪتاب پڻ لکيا، جن ۾ ”گُلن هار“ جي نالي سان، سيڪنڊري ۽
هاير سيڪنڊري ڪلاسن لاءِ ٻه ڌار ڌار رهنما ڪتابَ، پنهنجي ادبي رفيق مُختار گھُمري
سان گڏ لکيا. مقصُود گل جي اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ نثر توڙي نظم جا لڳ ڀڳ ۱۲ مجمُوعا شامل آهن، جن ۾ ڪارل مارڪس جي
زندگيءَ تي سبطِ حسن جي ڪتاب جي سنڌي ترجمي، سنڌُو درياءَ جي ساراهه ۽ ان جو
موجُوده سوڪهڙي واريءَ ڏکاري حالت تي لکيل شاعريءَ جو مجمُوعو ۽ پنهنجي همعصر
دوستن تي لکيل خاڪن جي ڪتابن جهڙا اهم مجمُوعا شامل آهن، جڏهن ته ”گُل ڇنو گرنار
جو“ جي عنوان سان، مقصود صاحب جي شخصيت تي لکيل مختلف مضمُونن، مقالن، تعزيتي ڪالمن
۽ تاثرات تي مشتمل ضخيم ڪتاب، سندس وفات کان پوءِ پڌرو ٿي چُڪو آهي ۽ شاهه
عبداللطيف يُونيورسٽي خيرپُور ۾ ۲۰۰۹ع ۾ گل صاحب جي ادبي خدمتن تي ايم. اي. فائنل جو
مونوگراف پڻ لکجي چُڪو آهي. مقصُود گل کي پنهنجي قلمي خدمتن تي بهترين گيت نگار جي
پاڪستان ٽيليويزن ايوارڊ، اڪادمي ادبيات پاڪستان جي ”لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ“،
سچل ايوارڊ، سچل چيئر ايوارڊ، انٽرنيشنل صُوفي ايوارڊ ۽ ڊاڪٽر تنوير عبّاسي ايوارڊ
سميت ڪيترن ئي اعزازن جي صُورت ۾ مڃتا ملي. سندس ڪئين گيت ريڊئي ۽ ٽيليويزن تي ڪيترن
ناميارن ڳائڻن ۽ ڳائڻين جي آواز ۾ ڳائجي، عوام ۾ مقبُول ٿي چُڪا آهن. شاعر، مهمان،
مقرر ۽ پينلسٽ جي حيثيت سان مقصُود صاحب، ريڊئي ۽ ٽي ويءَ جي سوين پروگرامن ۾ شرڪت
ڪئي. ڪي ٽي اين جي مقبُول علمي ادبي پروگرام ”پرُوڙ“ جي ڪيترن پروگرامن ۾ ماهر جي
حيثيت سان سندس شرڪت پروگرام کي رونق بخشي.
مقصود گل جي ڳچ
عرصو صحافت سان به وابستگي رهي. هُو رتيديري مان جاري ٿيندڙ، سنڌ هاري تحريڪ جي
ترجمان اخبار، روزانِي ”هارِي“جي ادبي صفحي جو لڳ ڀڳ ۵ سالن تائين ايڊيٽر رهيو. ۲۰۰۳ع ۾ هن پنهنجي اسڪُول، قاضي ماڊل اسڪُول
پاران، رتيديري مان ٻارڙن لاءِ سلسليوار رسالو ”گُلدستو“ جاري ڪيو، جنهن جو پاڻ لاڳيتو
۳ سال پبلشر ۽ ايڊِيٽر رهيو. حالاتِ حاضره جي حوالي سان سندس لکيل چؤسٽو
مختلف وقتن تي روزاني ”پُڪار“ سکر، روزاني “مهراڻ“ حيدرآباد ۽ روزانِي ”عوامِي
آواز“ ڪراچيءَ ۾ ڇپبو رهيو، جيڪا سندس مهارت جي صنف پڻ بڻي. سنڌ جي مختلف اخبارن ۾
مختلف عنوان سان، سياسي ۽ سماجي پسمنظر ۾ لکيل سندس ڪالم ۱۹۹۵ع کان سندس لاڏاڻي تائِين لاڳيتا ڇپبا رهيا.
انهن ۾ ”ڪُجهه سچ، ڪجهه ڪُوڙ“ جي عنوان سان لکيل سندس ڪالم ـ ڪهاڻين جي سلسلي کي پڙهندڙن
ڏاڍو پسند ڪيو.”علامه رُوحانيءَ“ جي نالي سان سندس لکيل ”جنت مان خط“ جي سلسلي کي
به وڏي پذيرائي ملي، جنهن ۾ هن گذري ويل قومي هيروز جي زباني سندن پوئينرن جي نالي
”جنت مان خط“ لکيا، جن ۾ انهن جي ”سياسي مصلحتن“ تي ڇتي تنقيد ڪيائين. ۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ هن ”ٽمُون شرارتي“ جي عنوان سان
”هلال پاڪستان“ ۾ ٻارن جي ڪالمن جي مقبُول سيريز پڻ لکي. ادبي تنظيم سازيءَ جي
حوالي سان به متحرڪ مقصُود گل، لطيف ادبي سنگت رتيديري جو سيڪريٽري، شاهه عنايت
ادبي سنگت نئين ديري جو باني ۽ ان ۾ رُوح ڦُوڪيندڙ ۽ سنڌي ادبي سنگت رتيديري شاخ
جو باني رهيو. اشاعتي خدمتن جي حوالي سان پنهنجي والد جي شروع ڪيل ”سنڌڙي ڪتابي
سلسلي“ کي گل صاحب متحرڪ رکي ان پاران سنڌي ادب جا يادگار ڪتاب شايع ڪرايا.
مقصُود گل، ٻن ڏينهن
جي معمُولي بخار ۽ زڪام جي ڪيفيت کان پوءِ، اسپتال جي ايمرجنسيءَ ۾ ڪجهه ڪلاڪن جي
تپاس ۽ ٽيسٽن دؤران دل جو دؤرو پوڻ سبب، اڄ کان ۶ ورهه اڳ، ڇنڇر، ۱۴ فيبروري ۲۰۱۵ع تي رات ۱۰:۵۰ لڳي ڪراچيءَ جي سنڌ انسٽِيٽيُوٽ آف يُورالاجِي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن
(ايس آءِ يُو ٽي) ۾ اسان کان موڪلايو. کيس سندس لاڏاڻي جي ٻئي ڏينهن آچر، ۱۵ فيبروري ۲۰۱۵ع تي رتيديري جي مُبارڪ شاهه قبرستان ۾ مٽيءَ
ماءُ حوالي ڪيو ويو.
مقصُود گل، سخن،جي ڏيهه
۾ پنهنجي اظهار جي منفر خوشبُوءِ سان پاڻ کي ساهت جي ستارن ۾ چنڊُ ۽ ادب جي گلشن
جي سڳنڌ وَر گُلن ۾ ”گلابي شهنشاهه“ گل ثابت ڪيو ۽ سندس سخن توڙي تحقيق ۽ ترجمن جا
اُجالا سنڌي ادب کي ايندڙ ڪئين جُڳن تائين روشن ڪندا رهندا ۽ سندس ادبي ڪارناما
علم ۽ ڏاهپ جي اُڃارن ۾ خوشبُوءِ جو خير ونڊيندا رهندا:
نه پُڇ حال نيڻن جي
برسات جو
سڄي رات سانوڻ رُنو
رات جو
گُلن ۾ گلابي
شهنشاهه ”گل“
ونڊي خيرُ خوشبُوء
جي خيرات جو.
(روزاني ”ڪاوش“
حيدرآباد ۾ آچر، پهرين رجب المرجب ۱۴۴۲ هجري، ۱۴ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
قاضي مقصود گل
املهه انسان - مڻيادار
ماڻهو
حفيظ چانڊيو
شاعري ايتري سولي
هجي ها ته هوند هر ڪوئي شاعر هجي ها، هو نه صرف نظم جو سهڻو نانءُ هو، پر مزاحمتي
شاعريءَ کان بيباڪ ليکڪ، ٻارڙن لئي سهڻا نغما لکندڙ برجستي شاعر جي سڃاڻپ کان
علاوه سائين مقصود گل قاضي صاحب ناليوارو تعليم دان، ناميارو شاعر، عالم اديب،
دانشور، مترجم، تعليمدان لطيف شناس ۽ سچل سرمست شارح هو، ساڻس منهنجي خاندان جو
شعوري ۽ گهرو لاڳاپو هو. شروعاتي دور کان ساه جي آخري دم تائين سنڌ ۽ سنڌين جي وڪالت
ڪرڻ نه ڇڏيائون، هن گذريل چئن ڏهاڪن کان نهايت بيباڪيءَ سان لکيو، سندس شمار صف
اول جي اديبن ٿيندو آهي.
سندس جنم ۱۵ اپريل ۱۹۵۰ع تي تعلقي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو،
رتيديرو هونئن به انقلابي رومانس جو شهر رهيو آهي. پنهنجي تعلقي ۾ علمي ادبي حلقو ٺاهي،
نوجوانن جي ادبي آبياري پڻ ڪندا رهيا.
هن پرائمريءَ جا
پنج درجا رتيديري مان پرايا، ۱۹۶۶ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر
جو امتحان آرٽس ۾ پاس ڪيو، ۱۹۷۰ع ۾ سنڌ يُونيورسٽي ڄامشوري مان بي. اي. جو امتحان پاس ڪيائون.
سنڌ يونيورسٽيءَ مان ئي اقتصاديات ۾ ماسٽرس جي ڊگري پوري ڪرڻ کان پوءِ پروفيشنل
زندگيءَ ۾ آبڪلاڻيءَ واري کاتي ۾ فون ڪلارڪيءَ طور شروعات ڪئي. گڏوگڏ ايم اي سنڌي
جو امتحان پڻ ڏئي ادب سان نڀايو هيائين. ٽن سالن جي مختصر عرصي بعد ۱۹۶۹ع ۾ سائين قاضي مقصود گل صاحب گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو سيتا ۾ بطور ”ڊرائنگ ٽيچر“
مقرر ٿيو، جتي هن محنت سان شاگردن کي پاڙهيو، احسن نموني سان تدريسي خدمتُون
سرانجام ڏنيون ۽ ٻارڙن ۾ آرٽ ۽ برش سان شناسائي ڪرائي.
ان کان علاوه قاضي
صاحب شگر مل نئين ديري ۾ بطور ”ڊپٽي مينيجر“ واري نوڪري پڻ ڪئي، جتي سندس آدرشن ۽ اصولن
آڏو ڪرپٽ آفيسرن سان الجهيو، ڪاوڙيو ۽ استعيفا ڏئي گهر هليو آيو.
قاضي مقصود گل جي
سموري ڄمار هلچل ۽ جدوجهد جي تاريخي واقعن سان ڀري پئي آهي، شگر مل ڇڏڻ کانپوءِ به
سندس هالار جيڏو حوصلو رهيو پنهنجي والد صاحب جيڪو پڻ اعلي پايي جو مصور، صحافي ۽
مثالي استاد ۽ شاعر هو، سندس نالي سان ”عبدالحي قاضي ماڊل هاءِ اسڪُول“ قائم ڪيو،
اسڪول جو ڊائريڪٽر ۽ انتظامي حوالي سان پرنسپال بڻيو، جتي آخري دم تائين علمي جوت
جلايائون.
ڪي ڪي ماڻهو دلين
تي راڄ ڪندا آهن، مقصود گل صاحب پڻ اهڙن ماڻهن منجهان هو، جنهن واقعي دلين تي راڄ ڪيو،
هو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، جنهن شعرن وسيلي عوامي امنگن جي نمائندگي ڪئي، هو ماکيءَ
جي لار جيان مٺڙو ماڻهو هو، جتي به هوندو هو، چوڦير اديبن جو ميڙو متل هوندو هو.
هو هڪ مصور هو، وٽس لطيف جذبا هئا، هو پيار ۽ پيڙائن جو ڄاڻو هو، شعور سان سرشار، علم
ادب جو وٽس ڀنڊار هو. سندس لکڻيون سندس اجري اندر جو آئينو ۽ آواز آهن. هو سهڻو
سرجڻهار هو، سندس سٽ سٽ ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي وڪالت هئي، وٽس قوم جو الڪو هو،
آئيندي جو اونهو هو، هو سخنور صاحبِ ڪشف ڪوي هو، سندس شاعريءَ جون ميخون ڌرتيءَ ۾
کتل هيون، جيڪو لکيو تنهن ۾ ڌرتيءَ ۽ سرتي جي ڏکن ۽ سورن جون ڪٿائون بيان ٿيل آهن.
ڪنهن به معاملي تي هو پنهنجا چپ سبائي نه ويٺو، پر بيباڪي سان راتين جون راتيون جاڳي
لکيائين، سندس شاعري سندس ذهن ۽ ضمير جو پورهيو آهي. هو ڌرتيءَ جو هڪ ارڏو شاعر
هو، جنهن لئي سڀ کان وڌيڪ مٽي ئي مهان هئي. سندس شاعري سنڌ جي سياسي سماجي، علمي
ادبي توڙي مذهبي حالتن جو عڪس آهي، سندس شاعري ۾ ديس جي انچ انچ جي وارثي آهي، هو
شعرن وسيلي خوف سبب هيسيل ماڻهن ۾ همت ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ چاهيو، هن جي شاعري انهن
قومي هاڃن، ويساهه گهاتين، وسيلن تي قابض ڌرين خلاف اظهار جو باغياڻو نمونو آهي،
جنهن سندس لفظن بارود ٿي استحصالي قوتن جا سينا چيريا، هنن کي احساس ڏياريو ته
قاضي مقصود گل ڌرتيءَ جو هڪ وارث شاعر آهي.
سندس شعري جو محور
سنڌ جي مظلوم قوم ۽ سندس بنيادي مسئلا هئا. سندس شاعري مختلف پهلوئن جو ڳوڙهو اڀياس
هوندي هئي. ادب براءِ زندگيءَ جو تصور ئي حقيقت ۾ قومن کي سنئين واٽ پسائيندو آهي،
جنهن جا شاعر سندس ڏکين حالتن ۾ ڀي رهبر جو ڪردار ادا ڪرڻ کان ناهن ڪيٻائيندا. مزاحمتي
۽ رومانوي شاعريءَ جي تاريخ لکبي ته رتيديري شهر جي بيباڪ شاعر سائينءَ مقصود گل
جو نالو سرفهرست هوندو، سنڌي ادب سندس ذڪر بغير بي رنگ رهندو، جنهن شاعر زندگيءَ
جا هڙئي ڏينهن ۽ راتيون مظلوم قوم جي لاءِ خون مان ڪلڪون ٻوڙي لکيون، ان محبوب
استاد شاعر کي ڀلا ڪير وساريندو. سائين مقصود گل صاحب پنهنجي چوڌاري ٿيندڙ وارتائن،وقت
جي بدترين آمريت خلاف خوب لکيو، سياسي ۽ سماجي حالتن آڌار ادب تخليق ڪيو هيائين. هن
وڏيرن، پيرن ۽ ميرن جي پليٽ سازشن کي شاعريءَ ۾ وائکو ڪرڻ چاهيو، هو وڏي پائي جو
اديب، ليکڪ، شاعر ۽ سهڻو چترڪار هو، جنهن جي اک کان ڪائنات جي چپي چپي جي سونهن ڳجهي
ڪو نه هئي، هن مايا جي موهه کي تش سمجهيو، قوم جي وڪالت ڪيائين. هو هڪ باڪردار
انسان هو، جنهن مٽيءَ کي مهان سمجهيو، ڌرتيءَ سان بي انتها پيار ڪيائين، ان جي
محبت ۾ ڪيترائي گيت لکيائين.
قاضي مقصُود گل
صاحب جا لڳ ڀڳ ۱۰ ڪتاب ڇپيا، جن ۾ ”وکريل موتي“ (ڊاڪٽر عطا مُحمّد ”حاميءَ“
جي مقالن جو مجمُوعو ـ مُرتب ـ شايع: ۱۹۸۳ع)
”زندگيءَ ڏي موٽ“
(ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو ـ شايع: ۱۹۸۵ع)
”ڪرڻا ڪرڻا“
(ٻارڙن لاءِ شاعري ـ شايع: ۱۹۸۶)، ”رت ڀنا رابيل“ (شاعري ـ شايع: ۱۹۹۰) ”هٺيلي هرڻي“ (ٻارڙن لاءِ ڪهاڻيُون ـ
شايع: ۱۹۹۳)، ”عشق سمندر“ (سچل جي فارسي مثنوين جو منظُوم اردُو ترجمو ـ شايع: ۲۰۰۳ع)
”اندر رُوح
رهيام“ (ڊاڪٽر عطا مُحمّد ”حاميءَ“ بابت لکيل مضمُون ۽ مقالا ـ مُرتب ـ شايع: ۲۰۰۲ع)، ”رتوديرو ــ مختصر تاريخ“ (شايع: ۲۰۰۲ع)، ”اي آهُو چشم کدهر؟“ (شيخ اياز جِي ٻن
شعري مجمُوعن، ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ ۽ ”هرڻ اکي ڪيڏانهن!!“ جو اردُو ترجمو ـ شايع: ۲۰۱۰ع) ۽ ”اکڙيُون نِيل ڪنول“ (شاعري ـ شايع: ۲۰۱۴ع) شامل آهن. ان کان علاوه سندس اڻ ڇپيل
مواد ۾ پڻ لڳ ڀڳ ۱۲ ڪتاب اڃان باقي آهن، سندس وڇوڙي بعد سندس پٽ ياسر قاضيءَ
"گل ڇنو گرنار جو" تاثرات ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو.
نوٽ : ڪتابن ۽
تاريخن جي تفصيل پياري ياسر قاضيءَ جي مضمون مان کنيل)
سندس سموري شاعري
آرٽسٽڪ اک سان سنڌي سماج جا اهي خوبصورت اسڪيچ آهن، جن ۾ قاضي صاحب انهن سڀني
حالتن جي نبض تي هٿ رکي بي ڌڙڪ ٿي لکيو، اسٽيج تي ساڳي بيباڪي سان مظلوم ماڻهن جي
حمايت ڪئي. سائين مقصود گل قاصي صاحب جي شاعري سنڌ جي مظلوم ماڻهن جي وارثي جو
تاريخي دستاويز آهي، جيتوڻيڪ هن جي اڀ تي اڻ ڳڻيا ستارا ۽ ٽِڪ هڻي بيٺل "لولي
جهڙو" چنڊُ هن جي شاعريءَ جو موضوع رهيا،
هن کي استحصالي قوتن کان سخت نفرت هئي، سندس ناپاڪ ارادن کي وقتن بوقتن
ننگو به ڪيائين.
قاضي مقصود گل جي
شاعري فن ۽ ٽيڪنڪ جي حوالي سان ڀرپور آهي، هن کي اهڙن ماڻهن کان نفرت هئي جيڪي سر
بچائڻ لاءِ قوم جي خوشحاليءَ تان هٿ کڻي منهن تي ڪانئرتا جي ڪارنهن مليندا آهن، هو
انهن سپورنج ۽ بيباڪ ليکڪن مان هو جيڪي پنهنجي قوم جي لڄ ۽ لوئيءَ خاطر بي خوف پنهنجي
ارادن ۾ اٽل بڻجي، غير مشروط مسلسل جدوجهد ڪندي، ڪڏهن ٿڪجندا ئي نه آهن.
هو ادبي دنيا جو هڪ
نهايت برجستو شاعر، مصور، اديب، ليکڪ ۽ ڪمال جو مقرر هو، سندس شاعريءَ ۾ پيار ۽ پاٻوهه جون مٺڙيون لاتيون به آهن ته
مزاحمتي رنگ پڻ موجود آهي. قاضيءَ صاحب محبتن جو امين شاعر هو، مشاعرن ۾ مخصوص لب
و لهجي سان مشاعري ۾ آيل مهمانن جي دل کٽي وٺندو هو. اعليٰ ظرفيءَ سبب هو ادبي دنيا ۾ الڳ سڃاڻپ جو
مالڪ بڻيو هو.
هو جديد سنڌي
شاعريءَ جو سرواڻ شاعر هو، جنهن سدائين قوم لاءِ لکيو، نور نچوئيو، پير پٿون ڪيا، ان
ادبي سفر ۾ کيس ڀوتارن جي چرچ تي ڌاڙيلن کان اغوا ڪرايو ويو هو، سچ چوڻ ۽ لکڻ جي ڏوهه
۾ کيس ڏکن مان گذرڻو پيو هو.
جيتوڻيڪ سندس آسپاس
۾ سماج سنوارجي چڪو هو، سچ چوڻ ۽ لکڻ وڏو مسئلو هو، وڏيرا شاهيءَ انساني زندگيءَ
کي هيسائي رکيو هو، اهڙين حالتن ۾ بي خوف ٿي مقصود گل صاحب انهن بدترين حالتن سان
مڙسي سان مهاڏو اٽڪايو ۽ شاعريءَ جا ڪيئي ديپ جلائي، ٻين شاعرن لئي اتساهه جو سبب
بڻيو ۽ روشن راهه هموار ڪيائين. سندس شاعري منجهيل ماڻهن جي لاءِ آڪسيجن جو ڪردار
ادا ڪيو. ادبي سنگت ۾ نئون روح ڦوڪي ادبي ماحول کي پروان چاڙهيو، قاضي مقصود گل
صاحب کي اڃا جيئڻو ھو، سنڌ جي سورن تي گهڻو لکڻو هو، پر ڇا ڪجي، موت اڻ ٽر آهي، اچڻو
ئي آهي، سو سائين قاضي مقصود گل جي وڇوڙي نه صرف گهر ڀاتين کي ڏکارو ۽ سوڳوار ڪيو
هو، پر سچ سندس وڇوڙي جو ٻڌي هر ساڃاهه وند تڏو وڇايو هو ۽ سندس غم ملهايو هو.
(حفيظ چانڊيو جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)
مقصود گل
سندس وڇوڙي جي ستين
ورهَه جي سارَ ۾
ياسر قاضي
هي ڌرتيءَ جو درد
رکندڙ شاعر ڪير آهي!؟ جنهن لاءِ ”سونهن سراسر سوني ڌرتي... ڌرتي ڀاڳن واري...“ آهي...
جنهن جو منُ ”ماندا منهنجا ماروئڙا... سُڏڪن ۾ هن سانگيئڙا“ ڏسِي جھڄي ٿو... جيڪو
”جيئي سنڌ سدائين جيئي، جيئي سنڌ سمُوري... ڀُونءِ اسانجي ڀاڳن واري، سائي اهي
سدوري...“ جو نعرو ٿو بلند ڪري. هي سُونهن جو شاعر ڪير آهي؟ جنهن جي ”نينهن ۾ نرتڪي
دل نچي ٿي پرين...“، جنهن جو پنهنجي مطلُوب کانسواءِ ”وقت گذري نٿو...“، جيڪو
پنهنجي محبُوب کي پيار جي پارت ڪندي ”پيارا هجيئي پيار جي پارت وري وري... گھرجي ٿي
مونکي تُنهنجي عنايت وري وري...“ جو آلاپ ٿو آلاپي. جنهن جو ”نينهن نکريو دل لڳيءَ
جي رُوپَ ۾... رنگَ، خوشبُو، روشنيءَ جي روپ ۾...“ جيڪو ”تنهنجو حسين خيال وساري نٿو
سگھي... پنهنجن هٿن سان پاڻ کي ماري نٿو سگھي...“ جيڪو ”تُنهنجو لکي ٿو نانءٌ هٿن
تي چُمي پيو... پوتر اکر ٿو ڄڻ ته پنن تي چُمي پيو...“ جنهنجي ”سُونهن تنهنجي ڏسي،
سوچ سجدو ڪيو... عشق لاتو ڳلي، پيارَ پنهنجو ڪيو...“ جيڪو اڄ به سُڏڪي ”ڄامشوري
جُون هوائون ٿو گُھري...“ ۽ جنهن جو ”رُوح وڇڙيلَ واسنائُون ٿو گُھري...“ جيڪو ڪنهن
جي وڇوڙي پڄاڻان کيس ساريندي ”ڪي ڪي ماڻهو ڏُور هجن ته به ويجھا ٿيندا آهن... ڪي ڪي
گھاوَ به گُلڙن وانگر پيارا ٿيندا آهن...“ جا ورلاپ ٿو ورائي. هي ساهتڪار ڪير آهي؟
جنهن ادب جا ”وکريل موتي“ سهيڙي، ادب جي ”زندگيءَ ڏي موٽ“ ڪئي، جنهن ٻارن کي ”ڪرڻا
ڪرڻا“ جوت ارپي، مزاحمت جي گلشن ۾ ”رت ڀنا رابيل“ پوکيا. جنهن ”هٺيلي هرڻيءَ“ جي
هوڏَ کي قلمبند ڪندي، ”عشق سمندر“ ۾ ٽپو ڏئي، شاعريءَ جا قيمتي ماڻڪ، موتي، لعل ڳولي
آندا. جنهن انهن جو اُنس سهيڙيو، جيڪي منجھس ”اندر رُوح رهيا“ هن ”رتوديرو ــ
مختصر تاريخ“ جي آئيني ۾ تاريخ جا عڪس پسي هرڻ اکيءَ ڏانهن نهاري، بي ساخته ”اي
آهُو چشم کدهر!؟“ جو سوال ڪندي، ”اکڙيُون نِيل ڪنول“ ۾ گم ٿي، انهن اکڙين جي سونهن
کي شعر جي ڪالب ۾ قابُو ڪري شعري دنيا ۾ امرتا ماڻي.
اهو سنڌي ساهت جي
گلشن جو اهو گل ئي ته آهي، جيڪو ”سنڌڙيءَ جي لئه سوچي سوچي، سنڌ جو نقشو بڻجي
ويو.“ جنهن ”قائلَ“ جي قلم جي پاسبان کي سنڌ، ’مقصود گل‘ جي نالي سان ڄاڻي سُڃاڻي ٿي...
جيڪو گل، پنهنجي نثر توڙي نظم جي انفراديت ۽ عظمت سبب اڄ به سنڌ کي ”مقصُود“ آهي ۽
هميشه رهندو. جنهن کي اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڀيٽا طور ياد ڪندي، سندس ياد جا ميڙاڪا
منعقد ڪيا وڃن ٿا... اهو گل، جيڪو ضلعي لاڙڪاڻي جي شهرَ، رتيديري جي تاريخي مبارڪ
شاھ قبرستان ۾ اطمينان سان آرامي آهي. جنهن کي ياد ڪندي، سندس سارَ جي سوز ۾ اڄ
اسان سندس وڇوڙي جي اٺين ورشَ ۾ داخل ٿي رهيا آهيون... ’المنظر ــ رتيديري‘ کان ڪراچيءَ
جي ’ايس آءِ يُو ٽيءَ‘ (اسپتال) تائين ۽ ڪراچيءَ
جي ’منزلِ مقصود‘ کان سندس جنم ڀوميءَ رتيديري جي مٽيءَ تائين، سندن زندگيءَ جي ان
ڪامياب سفر جي تڪميل کي اڄ ستون سال پُورو ٿي رهيو آهي... پر پوءِ به اهو وڇوڙي جو
وڍُ ڄڻ ڪلهه جي ڳالهه ٿو لڳي.
ضلعي لاڙڪاڻي جي
رتيديري شهر جو قاضي خاندان، علمي، ادبي توڙي سماجي خدمتن سبب سنڌ جي سڃاڻپ جو
مثال ۽ علامت رهيو آهي ۽ آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ڪلام تي قدرت رکندڙ شاعر، استاد،
تعليمي ماهرَ ۽ عالم جي سڃاڻپ رکندڙ، هڪ
عظيم ۽ شفيق شخصيت ’قاضي صاحبَ‘ (بابا وڏي) يعني قاضي عبدالحيُّ ”قائل“ جي گهر، امڙ
رضيه بيگم جي جهوليءَ ۾ ۱۹۵۰ع جي بهار رُت ۾ ۱۵ اپريل تي هڪ گلاب ڦٽو. جنهن جي خوشبوءِ رڳو سندس گهر ئي نه، پر سموري سنڌ
۽ ان جي ساهت جي گھٽين کي مهڪائي ڇڏيو ۽ اڳتي هلي هي ٻار، جنهن جو ڇٺيءَ جو نالو
ته ”مقصود“ (قاضي مقصود حيات) ئي هو، پر کيس ٻالجتيءَ ۾ گھر ۾ پيار مان ”معشوق“ سڏيو
ويندو هو، سنڌي ادب جو به معشوق بڻيو. سنڌ جي هن نرالي اسلوب ۽ لهجي واري، منفرد ۽
مشهور شاعر، عالم، دانشور، مترجم، ڪالم نگار، صحافيءَ، ٻارن جي اديب، فارسيءَ جي ڄاڻوءَ،
سچل جي شارح ۽ استادَ، سائين مقصود گل جو جنم، هجري تقويم جي لحاظ کان ۲۷ جمادي الثاني ۱۳۶۹ هجريءَ تي ٿيو.
شروعاتي تعليم،
رتيديري جي پرائمري اسڪول نمبر ۱ مان حاصل ڪري، ميٽرڪ جو امتحان رتيديري جي گورنمينٽ
هاءِ اسڪول مان پاس ڪري، انٽرميڊيٽ گورنمينٽ
ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪاميابيءَ سان پاس
ڪيائون. تنهن کانپوءِ بي. اي. جو امتحان سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پاس ڪري، اتان
ئي اقتصاديات ۽ سنڌي ادب ۾ ماسٽرس جون ٻه ڊگريُون ماڻيائون.
هن مطلوبَ ۽ مقصود
گلَ، عملي زندگيءَ جي شروعات ۱۹۶۶ع ۾ آب ڪلياڻي کاتي ۾ فون ڪلارڪ طور ملازمت ڪرڻ سان ڪئي.
جتي ۳ سال روزگار ڪرڻ پڄاڻان ۱۹۶۹ع ۾، ضلعي دادوءَ جي سيتان روڊ ۽ لاڙڪاڻي جي مختلف اسڪولن ۾ ڊرائنگ جي استاد طور
خدمتون انجام ڏنائون. ۱۹۷۴ع ۾ نئين ديري شگر مِل ۾ پهريان ’اپرينٽس آفيسر‘ طور مقرر ٿيا ۽ بعد ۾ ’اسسٽنٽ مينيجر‘ ۽ ’ڊپٽي مينيجر‘ طور سندن
ترقيون ٿيون. جتي ۱۹۹۳ع تائين پنهنجيون خدمتون انجام ڏئي، اصولي اختلافن سبب ان ئي سال شگر مل جي
ڊپٽي مينيجريءَ تان استعيفيٰ ڏئي، ڪجهه عرصو اسٽيٽ لائيف ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾
سيلز مينيجر طور ڪم ڪيائون ۽ زندگيءَ جي تلخ تجربن جي باوجود پنهنجي زندگيءَ جا ڏکيا
ڏينهن، خود داريءَ سان گذاريائون. جنهن بعد ۱۹۹۵ع ۾ پنهنجي خانداني ڪرت کي مستقل پنهنجو ڪندي،
مقصود گل، رتيديري ۾ پنهنجي والد جي نالي
سان ”عبدالحيُّ قاضي ماڊل اسڪول“ قائم ڪيو، جتي ان جي بانيءَ ۽ پرنسپل طور پنهنجي
آخري ساهه تائين علم جا چراغ روشن ڪندا رهيا.
مقصود سائينءَ،
شاعريءَ جي باضابطه شروعات، ۲۵ سالن جي عمر ۾ ڪئي. شاعريءَ جي اصلاح پنهنجي والد ۽ ڊاڪٽر
عطا محمّد ”حاميءَ“ کان ورتائون. نثر ۾ سندن رهنمائي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ
ڪئي. جڏهن ته پروفيسر محمود ”شرف “ صديقي سندن اردو شعر ۽ فارسيءَ جو استاد هو.
مقصود گل روايتي توڙي
جديد شاعريءَ جي لڳ ڀڳ هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. نظم ۽ غزل سندس مرغوب صنفون
رهيون ۽ پڙهندڙن کيس ٻنهي صنفن جي شاعر طور ڄاتو ۽ سُڃاتو. مقصود گل جو ڪلام عام
توڙي خاص ۾ مقبول آهي. جتي ادبي حلقن سندس مزاحمتي شاعريءَ جي ڪتاب ”رت ڀنا رابيل“
کي انقلابي رنگ ۽ ”اکڙيون نيل ڪنول“ کي رُومانوي رنگ سبب پسند ڪيو، اتي گھٽ تعليم
يافته لوڪَ ريڊيي، ٽيليويزن ۽ ڪيسيٽس ۾ ريڪارڊ ٿي، نشر ۽ رليز ٿيندڙ سندس گيتن کي
والهانه موٽ ڏني. هن سُهڻي گيت نگارَ ــ گلَ جي گُلشن جي سرهاڻ سان واسيلَ گيتن کي
مُلڪ جي نالي وارن راڳين ۽ گلوڪارائن ڳايو، جيڪي گيت بيحد مقبول رهيا ۽ اڄ به
مختلف چينلن تان نشر ٿي رهيا آهن. سندس شاعريءَ ۾ سنجيدگيءَ سان محبُوب جي محبّت
جو پيغام به سمايل آهي ته ڌرتيءَ سان اُڪير جو اظهار به اوترو ئي موجود آهي. هو هڪ
ئي وقت انقلاب ۽ رُومان، ٻنهي جو ڪامياب شاعر آهي.
ٻه مهينا گھٽ، ۶۵ ورهين جي ڄمار ماڻي، ۲۰۱۵ع ۾ ۱۴ فيبروريءَ تي، محبّتن جي عالمي ڏينهن جي سانجھه لڙڻ پُڄاڻان،
رات ۱۰ لڳي ۵۰ منٽن تي، ڪراچيءَ جي فضا ۾ آخري
ساهه کڻي، سنڌي ٻوليءَ جو هي محبوب شاعر، مقصود ”گل“ پنهنجي ونيءَ گلنار بدر جي
گھر توڙي دل جي اڱڻ سميت سنڌ جي دالان ۾ پنهنجي منفرد مهڪ ڇڏي، هميشه لاءِ موڪلائي ويو ۽ گلنار جي لبن تي ان ازلي وڇوڙي
جو دردُ، فقط هڪ ڳُوڙهي جملي جي صُورت ۾
اظهارجي مُنجمد ٿي ويو ته... ”منهنجو گلاب جو گل!“
بهار جي آفيشل آمد
واري تُز ڏينهن ۱۵ فيبرويءَ تي سڄيءَ سنڌ کي سوڳوار ڇڏي،
پنهنجي مستقل خوشبوءِ کنڊيري، گل پنهنجي ابدي سفر ڏانهن روانو ٿيو ۽ ان ڌرتيءَ
ماءُ کيس ’بسم الله...‘ ڪري هميشه لاءِ پنهنجي ڀاڪُرَ ۾ ڀري سمهاري ڇڏيو، جنهن جي
چاهت جا گيت رچيندي، کيس جيون ۾ ڪئين ڀيرا صحوبتن جو منهن به ڏسڻو پيو هو.
مقصود گل جي علمي
ادبي خدمتن عيوض مڃتا جو اهتمام اڻ ڳڻين ايوارڊن جي صورت ۾ ته ڪيو ئي ويو، پر سندس
ياد ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ڄامشوري ۾ قائم ميوزيم جي ”مشاهير گيلريءَ“ ۾
تازو ئي خاص ڪارنر جو قيام به سندس ادبي خدمتن جي سنڌ گير مڃتا آهي، جتي ڊسپلي ڪيل
سندن زندگيءَ دؤران استعمال هيٺ آيل شيون، سندن ڪامياب ۽ شاندار زندگيءَ جو ڏس ڏين
ٿيون.
سنڌي ٻوليءَ جو هي
عظيم شاعر، وڏو اديب ته بجا طور تي هو ئي، پر وضعداريءَ، رک رکاءَ، بردباريءَ،
سهپَ، ڏيا ۽ قائداڻين صلاحيتن سان ڀرپور هڪ عظيم انسان به هو، جيڪو پنهنجن جي روّين
جا گهاوَ وساري، پنهنجي اعليٰ ترين ظرف جو مظاهرو ڪندي، پنهنجي وڏائيءَ ۽ عظمت جو
پنهنجي مثبت ۽ درگذر واري روّيي رستي اظهار ڪندي، سڀني ننڍن وڏن کي هدايت طور بس
اهو جملو چوندو هو ته: ”دل ڪر درخت جي دستُور...“
اڄ سندس متعلقين
سميت سنڌ، کيس ان درخت جهڙي ڇانودار وجُود ۽ شخصيت جي ڪري به ياد ڪري ٿي، جنهن
پنهنجي جيون ۾ ڪئين ڀيرا پاڻ پنهنجي سِرَ تي، وقت توڙي حالتن جي تکي اُسَ برداشت ڪري
به ٻين کي ڇانورو ڏنو ۽ پنهنجي ان سٻاجھي پُٽَ جي سار ۾ سنڌ جُون پنبڻيون اڄ به ڀنل
آهن:
دل ڪر درخت جي
دستور !
ڇاڙپ لڳي... ڇُڳا ڪِرَن،
ميوا جهلي نت ٻور!
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۴ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
مقصود گل
محبت جي سرهاڻ سان واسيل
حسيب ناياب منگي
سنڌي ٻوليءَ جو
نامور شاعر ۽ اديب، استاد ۽ ڀلوڙ انسان سائين مقصود گل پنهنجي ذات ۾ انسان دوست ۽
همدرد توڙي محبت ۽ خلوص سان سرشار شخص هو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي لکڻين يا
عام رواجي حوالي سان محبت جي پرچار ڪئي. پنهنجي سُٺي سڀاءُ سبب نه صرف پنهنجن وٽ
پر ڌارين ۾ به اتساهيندڙ شخصيت ثابت ٿيو. همدرد ۽ حوصلو ڏيڻ وارو، سڀني سان کلي
عاجزي سان پيش ايندڙ وڏي ڪردار جو مالڪ ثابت ٿيو. گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هئڻ سان گڏوگڏ
سنڌي ساهت لاءِ خوشبودار گل ثابت ٿيو.
شاعري جي شمع کي
روشن رکندي سائين مقصود گل پنهنجي شروعاتي ڏينهن کان زندگيءَ جي هر عڪس کي شاعريءَ
۾ محفوظ ڪري پنهنجي گيتن، غزلن ۽ نظمن کي سڀ رنگ بڻائي پيش ڪيو زندگيءَ جي هر عڪس
کي سندس ڪلام ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو. محبت جي حوالي سان سائين جي ڪلام جي گهڻائي ڏسڻ
وٽان آهي. ائين چوڻ ۾ به ڪا وڌائي ناهي ته سائين مقصود گل محبت جو شاعر هو. محبت
جا عڪس هن طرح ٿو پسائي :
تنهنجو لکي ٿو
نانءُ هٿن تي چمان پيو،
پوتر اکر ڄڻ ته پنن
تي چمان پيو.
ڀاڪر سان تنهنجي
منهنجو معطر وجود ٿيو،
خوشبوءِ تنهنجي،
پنهنجي لڱن تي چمان پيو.
جهڙي طرح انساني
زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا پل اچي ويندا آهن جن کي هو ڪڏهن به وساري نه سگهندو آهي يا وري
محبت جي ميدان ۾ سونهن جي سمائجي وڃڻ جو عمل ٿي وڃي ته اهو ڪڏهن به وسرڻ جو ناهي
هوندو، تهڙي طرح سائين مقصود گل جي حياتي نفرت کان پاڪ ۽ محبت جي سمنڊ ۾ ڇوليون هڻندڙ
هئي.
منهنجي نيت ۾ نچن ٿيون
محبتون،
نفرتن کان پاڪ
آهيان دوستو!
انساني سماج ۾ هڪ
پاسي محبت آهي ته ٻي پاسي بي دردي ۽ درد ڏيڻ واري روايت عام هجي ٿي، ان عَالم ۾
شاعر پنهنجي محبت واري رنگ سان گڏ نرم لهجي ۾ گهاون جو ذڪر به ڪري ٿو. دردن جي
داستان کي وائکو ڪندي شاعر ان درد کي به نرالو تسليم ڪري ٿو جيڪو پرين وٽان کيس
پلئه پيو آهي. سائين مقصود گل جي هڪ غزل ۾ اهڙو اظهار هن ريت ملي ٿو:
ڪيڏو سندر سپنو
هوندو،
جنهن ۾ تنهنجو جلوو
هوندو.
جنهن ۾ تنهنجي ياد
سمايل،
درد به ته ڇا انوکو
هوندو.
بي درديءَ سان درد ڏنا
جنهن،
سو به ته پنهنجو پنهنجو
هوندو.
شاعر جي محبت واري ٻولي
نون نون احساسن کي جنم ڏياري شاعريءَ جي خوبصورتي کي وڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.
سائين مقصود گل جي شاعريءَ ۾ سونهن، سندرتا ۽ حسن جي اپٽار گهڻي آهي. فطرتي حسن
کان محبت جي ڳالهه تائين شاعر گهڻن ئي جذبن جو اظهار ڪيو آهي. حقيقت آهي ته جهڙو
هو پاڻ مٺو هو تهڙو ئي ٻين کي سمجهيائين. عشق ۽ محبت واري راهه جو راهي هو ته ان
جي سوچ جو محور به سندر سندر خيال هو. سائين مقصود گل جون هيٺيون ٻه ڪويتائون به پڙهڻ
جهڙيون آهن:
قُربن قرار تون آن،
پل پل جو پيار تون
آن.
جانم! تون جان
منهنجي،
جانِ بهار تون آن.
نيڻن ۾ ڏس نهاري،
نيڻن جو ٺار تون
آن.
سيني ۾ ساهه وانگر،
قلبي قرار تون آن.
ـــــــــــــــ
ذهن، ضمير ۽ ذات به
تون!
سونهن ، وفا ،
سوغات به تون!
رم جهم رُت آ بوند
بهار،
برکا ۽ برسات به
تون!
تون ئي سِڪ جو روشن
سج،
اونداهي، اڌ رات به
تون.
روز ازل کان الفت
انگ،
عشق ابد آيات به
تون!
مقصود گل عشق جي ڪيفيتن
کان واقف ٿيل شاعر آهي. هو انساني زندگيءَ ۾ عشق جي حوالي سان داخلي ۽ خارجي
وارداتن کان واقف ٿيل ٿو ڏسجي. ڪڏهن غم جانان ته ڪڏهن خوبصورتي کي ٿو ويٺو ساراهي.
قديم زماني کان وٺي شاعريءَ ۾ شاعرن جهڙي ريت ساجن جي ساراهه ڪئي آهي اتي وري پرين
جي شوخي جو به احوال ڏنو آهي. سائين مقصود گل سونهن جي ساراهه کان غم جانان کي به
بهترين نموني ۾ لکيو آهي:
پرين! سور تنهنجا
سنڀالي رکيم،
قدر ٿم سڄڻ ! تنهنجي
سوغات جو.
ـــــــ
سوچ جي رستي سمايو
سونهن کي مون ساهه ۾،
تو سوا باقي نه آهي
چاشني ڪا چاهه ۾.
رومانويت ۽ جماليات
جا رنگ سائين مقصود گل جي شاعريءَ ۾ گهڻا ئي آيل آهن. سائين جا غزل ان حوالي سان
نه صرف اخبارن ۽ رسالن ۾ پڙهيا ويا آهن بلڪه مشاعرن ۾ شوق سان ٻڌا به ويا آهن.
سائين جي شاعريءَ جو چڱو خاصو حصو ريڊيو ۽ ايف ايم جي مختلف اسٽيشنس تان ڳايو پڻ
ويو آهي. سائين جون محنتون محبت کان خالي هرگز نه آهن. سائين معنيٰ جو ماهر ۽ لفظن
جو جادوگر ٿو ڏسجي. سندس ڪويتائون لفظن جي خوبصورتيءَ ۽ سادگي سبب سڀني جي ويجهو ٿيون
آهن. سائين مقصود گل کي الله پاڪ جنت ۾ جايون جوڙي ڏئي هو واقعي محبت جو شاعر هو
مون محسوس ڪيو آهي ته سندس ڪلام محبت جو مظهر آهي، ڇو جو هن جي نظر ۾ محبت
کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه هو. اهڙي ناليواري شاعر جي ڪلام جو اڀياس ٿيڻ گهرجي ۽
سندس شخصيت ۽ فن تي لکي ثابت ڪرڻ گهرجي ته هو سنڌي ادب جو هڪ منفرد گل هو جيڪو ۱۵ اپريل ۱۹۵۰ع تي رتيديري ۾ ڄائو هو ۽ ۱۴ فيبروري ۲۰۱۵ع تي ڪراچيءَ ۾ گذاري ويو.
تصور ۾ تنهنجي آ
تصوير جاني!
سنواري ٿي منهنجي
سا تقدير جاني!
جا منهنجي نگاهن کي
روشن ڪري پئي،
سا رخُ پاڪ تنهنجي
جي تنوير جاني!
ٻه ٽي خط ۽ تنهنجي
هي تصوير دلبر،
حياتيءَ سڄيءَ جي آ
جاگير جاني.
ڏسي سونهن ۽ بخت
تنهنجي کي حاسد،
سڙن ٿا اڃا کوڙ
خنزير جاني!
ڏئي پيار پنهنجو ڪيئه
جنهن کي پيارا!
مٽائي ڇڏيئه تنهنجي
تقدير جاني!
چُمي تنهنجي چپڙن
کي “گل” لال ٿي ويا،
ملي تن کي جنت جي
جاگير جاني!
(ڏھاڙي ايڪتا ڪراچيءَ
۾ ۱۷ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
قاضي مقصود گل
”گُل“ پوئي مون هار
بنايا
ياسر قاضي
سنڌي ساهت جي ”وال
آف فيم“ جي آڏو بيهي، اڻ ڳڻين روشن چهرن جي ڏيا ۽ سوڀ ڏسي رشڪ اچڻ لڳُم. ته هنن
”ساڻيهه واسين جي شعوري تربيت ڪندڙن“ جي ڪيل قلمي پورهئي کي رڳو اسان پنهنجي
حياتين ۾ پڙهي سگھون، ته به اسان جا جيون سڦل ٿي وڃن. هڪ کان هڪ چهرو... پنهنجي
طويل علمي ۽ قلمي سفر جو داستان بيان ڪندڙ... جن جو ادب جي مختلف شعبن ۾ ڪيل ڪم، لفظن
جي صورت ۾ ڪتابن جي سينن ۾ سُتو ڪونهي پيو، بلڪه ساهت جي سنسار ۾ رڙيون ڪري، پنهنجي
امرتا جو احساس پيو ڏياري... ۽ انهن منجھان اڪثر جو ڪم، دؤرِ حاضر سان پنهنجي
مطابقت جو احساس پڻ... اُنَ ”وال آف فيم“ ۾ هر چهري مان هڪ الڳ خوشبوء به پئي آهي،
جيڪا سندس قلمي پورهئي جو واس هئي. انهن اڪيچار چهرن تي نظر ڦرندي ڦرندي، سنڌي ادب
جي اُن ’گلَ‘ جي چهري تي وڃي ٽڪي، جنهن جي روشن پيشانيءَ جي وسعت ۽ اکين ۾ ڏاهپ جي
گهرائيءَ، سندس منفرد شاعراڻي لهجي جي نشاندهي پئي ڪئي. اهو يڪتا لهجو، جيڪو جڏهن
محبوب جي ناز انداز ۽ حسن جمال جو بيان ٿو ڪري ته ڄڻ سندس قلم، گلاب جي پنکڙي بڻجي
ڪوملتا سان ٿو لکي:
رات ساري چنڊُ ڀاڪُرَ
۾ هيو
دل جي آڳُرَ ۾ اڃا
آ سوجهرو
چانهه جي پيالي چپن
تي مُون رکي
پر نگاهن ۾ سندس چهرو
هيو
پر اهو ئي محبوب جو
مشتاق، جڏهن ڌرتيءَ کي دردن ۾ ٻُڏل ٿو ڏسي، ته سندس ان ئي قلم مان باهه جا شعلا ٿا
نڪرن ۽ هُو ڄڻ ته ڏاٽي يا تلوار سان پني تي اهي مزاحمتي شعر رهڙي ٿو لکي، جيڪي ڌرتيءَ
دشمن جي سيني ۾ به ايئن ئي ڀالي جيان چُڀن ٿا.
دُونهان، ڄڀيُون ۽
گوليُون، رت جُون هتي ٿيون هوليون
مهراڻ ريٽو ڇوليُون،
چيهاڙيُون ٿيُون چوليون
پيئرَ پُٽن جي لئه
رُنا، ڪيئي ٿيا ڇورا ڇِنا
دل دردَ جو ديوان آ،
انسانيت حيران آ
سنڌ جو اهو سجيلو ۽
البيلو شاعر ڪو ٻيو نه، پر بقول استاد بخاريءَ جي ” ’وکريل موتي‘ جو ميڙيندڙ، ’زندگيءَ
ڏي موٽ‘ جو سنڌيڪار، ’ڪرڻا ڪرڻا‘ جو قلمڪار، ’رت ڀنا رابيل‘ جو سرجڻهار“ ـ مقصود
گل آهي.
۱۵ اپريل ۱۹۵۰ع تي سنڌ جي ساهت توڙي سياست جي حوالي سان ڀَرئي تَرئي ضلعي لاڙڪاڻي جي
قديم تاريخي شهر رتيديري ۾ سنڌ جي برک شاعر، اُستاد، تعليمدان، مُصوّر، صحافِيءَ ۽
سماج سُڌارڪ، قاضي عبدالحيُّ ”قائل“ جي گھر ۾ جنم وٺڻ وارو مقصود گل، قلم توڙي برش
سان چاهه، اکرن، ڪتابن توڙي رنگن سان عشق ورثي ۾ کڻي ڄائو. مقصود گل، مرحوم هدايت
منگيءَ کي هڪ ريڊئي انٽرويوءَ ۾ پاڻ ئي ٻڌايو هو ته ”جيئن ڪا مڇي پاڻيءَ جي
گُوناگُون ذخيري ــ ساگرَ ۾ اک کوليندي آهي، يا جيئن اسان آڪسيجن جي سمنڊ ۾ اک
کولي سؤلو ساهه کڻون ٿا، تيئن منهنجي پيدائش به ساهت ۽ مصوّريءَ جي ماحول ۾ ٿي. جتي
چوڌاري مون اهو ئي سڀ ڪجھه ڏٺو.“
مقصود گل جو وڌيڪ
تعارف استاد بخاريءَ کان ئي پُڇون ته اهو لکي ٿو: ”شاعريءَ جي حوالي سان ڪراچيءَ
کان ڪشمور، مشهور ــ اشاعتي سلسلي سان سندس اُهاءُ، سنڌ کان دُور دُور هند تائين
رسي ٿو. ’گُل‘، گھڻ گُڻو ماڻهو، محفلن جو مور، اهلِ دل به، اهلڪار به. ملڻو، جلڻو،
ٻهڪڻو، ٽهڪڻو هوندي به سڀاءَ ۾ سنجيدگي، همدرد انسان. محنتي ساهتڪار سان گڏ محبتين
جو يار به. ڪلاڪاريءَ سان لڳاءَ ۽ ساهت سان سچي برتاءَ اهو رنگ لاتو آهي، جو قومي
دردمند، حساس دل رکندڙ شاعرن جي قطار ۾ شامل ٿي چڪو آهي.“
مقصود گل جو ڀائرن ڀينر
۾ ٻيو نمبر هو. هُو پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ سنڌ جي نامياري چترڪارقاضي خضر حيات کانپوءِ
قاضي ’قائل‘ جي ٻئي فرزند جي حيثيت سان ڄائو. هڪ مثالي استاد جو اولاد هجڻ سبب
مقصود صاحب جو ٻين ڀينرن ڀائرن سميت معياري تعليم جي حاصلات طرف خاص ڌيان رهڻ فطري
هو. پرائمري تعليم رتيديري جي پرائمري اسڪُول ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ هاءِ
اسڪُول رتيديري مان ۱۹۶۶ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر جو امتحان آرٽس
۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ، ۱۹۷۰ع ۾ سنڌ يُونيورسٽي ڄامشوري مان بي. اي. جو امتحان پاس ڪيائين ۽ ۱۹۷۲ع ۾ ساڳئي ئي مادرِ علميءَ مان اقتصاديات ۾
ماسٽرس ڪيائين. اڳتي هلي ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ يُونيورسٽيءَ مان ئي سنڌي ادب ۾ به ايم. اي. جي ڊگري
ماڻيائين. ملازمت ۽ پيٽ ڪوت جي تلاش ۾ سڀ کان پهريان کان سنڌ حڪومت جي آبپاشيءَ واري
کاتي ۾ فون ڪلارڪ جي ڪرت کان پنهنجي پيشاوراڻي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. ۱۹۶۶ع کان ۱۹۶۹ع تائين ۳ سال ان پيشي سان وابسته رهي، ۱۹۶۹ع ۾ دادُو ضلعي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيتان
۾ ”ڊرائنگ ٽيچر“ مقرر ٿيو، جتي پنج سال تدريسي خدمتُون انجام ڏئي، ٻارن کي رنگن
سان چاهه سيکاري، ۱۹۷۴ع ۾ ان وقت نئين قائم ٿيل لاڙڪاڻي شگر مل ۾ ”تربيتي آفيسر“ طور ملازمت
اختيار ڪيائين. ۱۹۷۶ع ۾ اتي ئي ترقي ماڻي ”اسسٽنٽ مينيجر“ ۽ ۱۹۹۰ع ۾ ترقي حاصل ڪري ”ڊپٽي مينيجر“ جي عهدي تي
پهتو. ۱۹۹۳ع ۾ اصُولن ۽ آدرشن سبب شگر مل جي ملازمت تان استعفيٰ ڏئي هڪ نيم سرڪاري
انشورنس ڪمپنيءَ ۾ عارضي نوڪري اختيار ڪيائين، جتي ٻه سال ملازمت ڪرڻ پُڄاڻان، ۱۹۹۵ع ۾ واپس پنهنجي خانداني تدريسي پيشي طرف موٽندي،
پنهنجي والد جي علمي خدمتن جي تسلسل جي مقصد کي نظر ۾ رکندي، سندس نالي پٺيان
رتيديري ۾ ”عبدالحيُّ قاضي ماڊل اسڪُول“ قائم ڪيائين، جنهن جو منتظم ۽ پرنسپل ٿي
پاڻ خدمتُون انجام ڏنائين ۽ ۲۰۱۵ع ۾ پنهنجي پوئين پساهه تائين علم جي اها ڏياٽي ٻاري رکڻ
جي ڪامياب ڪوشش ۾ رُڌل رهيو.
ساهت سان پيدائشي
سنٻنڌ جي باوجود، مثالي تربيت جي اصول طور، والد پاران تعليمي سلسلي پوري ٿيڻ تائين
کيس ڪل وقتي لکڻ لاءِ همٿايو ڪونه ويو. انڪري هن ۱۹۷۵ع ۾ باضابطه ادب جي ميدان ۾ پير پاتو. ايئن ڪونهي
ته ان کان اڳ هن لکيو ڪونه! هڪ شاعر ’پيدائشي شاعر‘ هوندو آهي، تنهنڪري ان کان اڳ
جون به اڻڳڻيون شعري توڙي نثري تخليقون، ’گل‘ جي ساهتي سفر جو حصو آهن، پر هن پنهنجي
اندر جي شاعر جو آواز ٻڌي ان کي ڪُل وقتي ڪنائڻ جو آغاز ۱۹۷۵ع ۾ ڪيو. سندس سُڃاڻپ جا ڪيترا حوالا هجڻ جي
باوجُود هن لاءِ پاڻ لاءِ سڀني کان وڌيڪ فخر لائق حوالو ”شاعر“ وارو هو. شاعريءَ ۾
غزل ۽ نظم تي قدرت سان لکڻ واري گُلَ، پنهنجي همعصر سمورين مُروج صنفن توڙي هن مٽيءَ
مان ڦُٽي نڪرندڙ اساسي شاعريءَ جي صنفن تي پڻ ڪاميابيءَ سان قلم کنيو، جنهنکي پڙهندڙن
ڀرپور موٽ ڏني. نثر ۾ مضمون، تحقيقي مقالن کان وٺي، ڪهاڻيءَ، سفرنامي، اخباري ڪالم
۽ تنقيد تائين هن قلمي رندا روڙيا. ان کانسواءِ ترجمو ۽ ٻارن جو نثري توڙي شعري ادب
به هن جي سڃاڻپ جا ڀرپُور حوالا بڻيا. ترجمي جي ميدان ۾ جيتوڻيڪ هن محمود درويش
کان رسول حمزه توف ۽ سبطِ حسن کان شيخ اياز تائين ڪيترن ئي عظيم تخليقڪارن جا
ترجما ڪيا، پر سچل سائينءَ جي فارسي مثنيون جو منظُوم اردو ترجمو، هن جو اهڙو
نشانبر ڪم ثابت ٿيو، جيڪو سندس تصوير کي ڪڏهن به هن ”وال آف فيم“ تان ميسارجڻ ڪونه
ڏيندو. مقصُود گل جا سندن زندگيءَ ۾ ۱۰ ڪتاب ڇپيا، جن ۾ ”وکريل موتي“ (ڊاڪٽر عطا
مُحمّد ”حاميءَ“ جي مقالن جو مجمُوعو ـ ترتيب ـ شايع: ۱۹۸۳ع)، ”زندگيءَ ڏي موٽ“ (ڪرشن چندر جي ڪهاڻين
جو سنڌي ترجمو ـ شايع: ۱۹۸۵ع)، ”ڪرڻا ڪرڻا“ (ٻارڙن لاءِ شاعري ـ شايع: ۱۹۸۶)، ”رت ڀنا رابيل“ (شاعري ـ شايع: ۱۹۹۰)، ”هٺيلي هرڻي“ (ٻارڙن لاءِ ڪهاڻيُون ـ
شايع: ۱۹۹۳)، ”عشق سمندر“ (سچل جي فارسي مثنوين جو منظُوم اردُو ترجمو ـ شايع: ۲۰۰۳ع)، ”اندر رُوح رهيام“ (ڊاڪٽر عطا مُحمّد ”حاميءَ“
بابت لکيل مضمُون ۽ مقالا ـ مُرتب ـ شايع: ۲۰۰۲ع)، ”رتوديرو ــ مختصر تاريخ“ (شايع: ۲۰۰۲ع)، ”اي آهُو چشم کدهر؟“ (شيخ اياز جِي ٻن
شعري مجمُوعن، ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ ۽ ”هرڻ اکي ڪيڏانهن!!“ جو اردُو ترجمو ـ شايع: ۲۰۱۰ع) ۽ ”اکڙيُون نِيل ڪنول“ (شاعري ـ شايع: ۲۰۱۴ع) شامل آهن.
مقصُود گل، ٻه ڏينهن
مليريا جي ضعف سبب، اسپتال جي ايمرجنسيءَ ۾ ڪجهه ڪلاڪن جي تپاس ۽ ٽيسٽن دؤران دل
جو دؤرو پوڻ سبب، ۷ سال اڳ، ڇنڇر، ۱۴ فيبروري ۲۰۱۵ع تي رات ۱۰:۵۰ لڳي ڪراچيءَ جي سنڌ انسٽِيٽيُوٽ آف يُورالاجِي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (ايس
آءِ يُو ٽي) ۾ سنڌ کي الوداع چيو. کيس سندس رخصت جي ٻئي ڏينهن آچر، ۱۵ فيبروري ۲۰۱۵ع تي رتيديري جي مُبارڪ شاهه قبرستان ۾ مٽيءَ
ماءُ حوالي ڪيو ويو.
مقصود گل جي ڪومل
اظهارن وارا گُلَ، ايڏا خوشبودار آهن، جو دؤرِ حاضر جي پاٺڪ جيان، ايندڙ يُگن جا پڙهندڙ
به سندس انهن شبدن جي گُلن مان هار پوئي پيا پائيندا ۽ پنهنجن پيارن کي پارائيندا
۽ سندس لهجي جي خوشبُو ڪڏهن به ماٺي ڪانه ٿيندي.
اؤکا ويڻَ ورائين ڇو
ٿو؟
گھايلَ من کي
گھائين ڇو ٿو؟
”گل“ پوئي
مُون هارَ بنايا
پاءِ! اهي اُڇلائين
ڇو ٿو!
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۴ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
قاضي مقصود گل
ڀلي آئينءَ چمن ۾ بهارَ
....!!
ناصر مقصود
هُو پاڻ هڪ گل هو.
انهيءَ ناتي سان گلن خوشبوئن، سُرهاڻين، بھارن ۽ سڳنڌن سان سندس انسيت فطري هئي، تڏهن
ئي ته کيس ماسٽر چندر جو ڪلام ’آئينءَ چمن ۾ بھارَ... ‘ ڏاڍو وڻندو هو. ڪنھن به
محفل ۾ مان ڳائيندو هجان ۽ جيڪڏهن مونکي رُوبرو ٻڌندو هجي، ته مونکي ماسٽر چندر جي
ان ڪلام ڳائڻ جو حڪم ضرور ڪندو هو. صرف مونکي ئي نه، پر فقير عبدالغني ’اياز‘ ڀٽي
مرحوم کي به هر محفل ته ڇا، پر عام ڪچھريءَ ۾ به ان ڪلام ڳائڻ جي فرمائش ضرور ڪندو
هو. اهو ئي فقير غني ڀٽي، جيڪو اڪثر ماسٽر چندر جا ڪلام ڳائيندو هو، ايتريقدر جو
فقير جو نالو ئي مورڳو ’آئينءَ چمن ۾ بھار... ‘ رکي ڇڏيو هئائين.
هڪ رات مونکي خواب
۾ آيو. ڇا ٿو ڏسان ته حيدرآباد ۾ منھنجي رهائشگاهه تي منھنجا سمورا عزيز قريب موجود
آهن. ڏينھن جو پھر آهي... حيدرآباد واري اُن ئي گهر جي آڳر تي ٻه چار کٽون رکيل
آهن، جن تي منھنجا ويجها مٽ مائٽ، خاص طور تي منھنجا گهر ڀاتي، ويٺل آهن ۽ محسوس ايئن
ٿي رهيو آهي ته اسين سڀ ’ھُن‘ جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهيون. اوچتو اسان سڀني
جو انتظار هن جي اچڻ سان ختم ٿي وڃي ٿو ۽ هو دروازي کان پنهنجي مُرڪندڙ مُک سان
داخل ٿئي ٿو. کيس ناسي رنگ جي سلوار قميص ۽ ساڳئي رنگ جي ميچنگ تي واسڪوٽي پاتل
آهي ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي پھريل اٿس... چھرو بلڪل تازو توانو، تازي شيو ٿيل ۽ سندس ڳچيءَ
۾ ڪيترا ئي تازن گلن جا هار پاتل آهن... ڄڻ گھر جي ٻاهران ئي سندس شاندار استقبال ڪري،
کيس گلن جا هار پارايا ويا هجن... پاڻ اندر داخل ٿيڻ شرط ئي بنا ڪنھن ٻئي ڏي ڏسڻ
جي، سڌو اچي مونسان ملي ٿو ۽ پيار سان مٺيون ارپيندي، مون کي چوي ٿو:
“ناصر! يار
مون پنھنجن سڀني دوستن ۽ پرين پيارن کان کوڙ سارا گل وٺي ڇڏيا آهن... سي به پيار ڪرڻ
واري ڏينھن تي... بس ايئن سمجهه ته تنھنجي حصي جا گل به انهن کان مون وٺي ڇڏيا آهن...
بس مٺا! پنھنجي شاديءَ تي منھنجن پيارن کي گلن جي تڪليف نه ڏجانءِ! هو اڳ ئي اسان کي
کوڙ سارا گل ارپي چڪا آهن... !”
مون بار بار پئي ڏٺو...
۲۰۱۵ع واري ’محبتن جي عالمي ڏينهن‘ جي ٻئي ڏينهن... سفيد ڪفن ۽ گلاب جي گلن
۾سندس مُشڪندڙ چپ ساڳيا ئي هئا، جيڪي جيون جي جُھڙالن توڙي جھولن دؤران ساڳئيءَ ئي
سورهيائيءَ واري مُرڪ مُرڪندا هئا. سي موڪلاڻيءَ ويل به اُهائي ابدي مُرڪ مرڪي رهيا
هئا، جيڪا هميشه سندس شخصيت جي سڃاڻ هئي. ها! اهي ئي چپ... جن مان ’حاميءَ جو ڪلام‘،
’وکريل موتي‘ بڻجي نڪرڻ جو هيراڪ هو... انهن ئي چپن جي مُرڪ ۾ ’سُر ڪلياڻ‘ کان
’سُر بلاول‘ جا سمورا نقش ۽ نياپا نمايان هوندا هئا. سچل جون سڀئي مثنويون، جن
’نيل ڪنول جھڙين اکڙين‘ مان ’ڪرڻا ڪرڻا‘ بڻجي جرڪنديون هيون، اهي ئي ٻئي ’آهُو
چشم‘ ان سال پيار ڪرڻ واري ڏينهن ۱۴ فيبروريءَ تي هميشه لاءِ ٻُوٽجي چڪا هئا ۽ اُهو شخص
اندر ۾ هڪ ’عشق سمندر‘ سانڍي، اسانجي دلين ۾ محبّتن جا سمورا جام اوتي، هنگلاجان پري
اُسهي چڪو هو... مونکي چاڙهي چيئن، وڻجارو اوهري وڃي چُڪو هو.
اهو الاهي حڪم آهي،
يا سماجي فرض... جو مُنهنجن ٻنهي ڀائرن سندس لوڙهه پئي لٽيو، پر منهنجي بي ستي جسم
۾ نه ئي اهڙي سگھ هئي ۽ نه ئي وري منهنجي عقيدتن مونکي اهڙي اجازت پئي ڏني، جو آءٌ
سندس مانائتي ميت جي مرقد مٿان پنهنجا ميرا پير ڌريان! سندس لوڙهه ڪونه لٽيم، مون
کي ان عمل جو نه پڇتاءُ آهي ۽ نه ئي وري ٿيندو.
ڪونه وسريو آهي اهو
منظر، جڏهن هو منهنجي ننڍڙي وجود کي پيار سان پنهنجي پيٽ تي ويهاري ’اولَ ۾ الله ڀلو،
سائينءَ وڌو ساهه ڀلو... ‘ وارا محمد فقير مشڪرَي جا چيل لوڪ ٻولَ مڪمل رڌم ۽
روانيءَ سان اُچاريندو هو... ۽ مونکي سيکاريندو هو... ڪٿي وسريون آهن فل اسڪيپ ڪاغذ
جي چوٿاڙ تي سندس هٿ اکرن ۾ لکيل حامي صاحب جون اهي رباعيون، جيڪي ڪنهن نصابي نظم
جيان ياد ڪرڻ اسان ڀائرن ۽ ڀيڻ تي ڄڻ فرض هونديون هيون. سندس آڏو ويهي ڪنهن محفل ۾
هارمونيم تي آڱريون رکي ڪي سٽون جھونگاريان... ڊائس تي اچي ڪابه لکڻي پڙهان... يا
اخبار ۾ منهنجو ڪوبه ڪچو ڦِڪو مواد ڇپجي... تڏهن سندس مُرڪن جي تحفن سان گڏ شاباسي
جملا منهنجي همت افزائي ضرور ڪندا هئا... سندس محبت ۽ مرڪُون منهنجي هر ادائگيءَ
جي سدائين آجيان ڪنديون هيون... پر ايئن زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪونه ٿيو، جيئن نومبر ۲۰۱۴ع ۾ منعقد ٿيل ان مشاعري ۾ ٿيو، جو منهنجي
شعر پڙهڻ دؤران پاڻ به اشڪبار هو ۽ مون کي به روئاري وڌائين. اها هڪ محفلِ مسالمه
هئي، جڏهن مون پنهنجو هي نوحو پئي پڙهيو:
ٻن قارين پئي قرآن
پڙهيو، ڪعبي ۾ ۽ بازارين ۾
هڪ دين جو پايو
وجھندڙ ۽ ٻيو دين بچائڻ وارن ۾
ڪربل جي ڪلُور واري
ذڪر ۾ مصائب دؤران غم محسوس واري حقيقت ته اٽل، پر ان مشاعري ۾ سندس توڙي منهنجي
اکين جُون پُڇڙيون آليون ٿيڻ جو هڪ ڪارڻ شايد اهو به هجي ته سندس حضور ۾ منهنجو
اهو اظهار، آخري اُپٽار هو، جنهن کان پوءِ مونکي سندس آڏو ڪجھ به پڙهڻ جو موقعو نه
هو ملڻو. مان ان وقت ان حقيقت کان يقينن ناآشنا هئس، پر منهنجو اهو گمان آهي ته
سندس دل جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ ان جلد ايندڙ وڇوڙي جو پتو هو، تڏهن ته سندس اکيون ايئن
آليون هيون.
کيس جڏهن به ڪال ڪبي
هئي، تڏهن موهت چوهاڻ جو ڳايل گيت ’يه دوريان... ‘ جي لفظن سان هر ڪالر جو استقبال
ڪندو هو. نه ڄاڻ اهي ڪهڙيون دُوريون هيون، جن جو ذڪر هر دلعزيز هوندي به ان شخص جي
موبائيل جي ’رنگ ٽون‘ طور سڃاڻپ بڻجي چڪو هو. جيتوڻيڪ ان گاني جي آخر ۾ ’فنا هون سڀي
دوريان... ‘ جهڙن لفظن سان انهن دُورين کي پاراتو به ڏنل هوندو هو، پوءِ به ايڏيون
دوريون... !؟ مستقل دُوريون... ؟
هُو ڀٽائيءَ جو
فدائي، سچل جو شيدائي، ’حاميءَ‘ جو حامي ۽ ’قائلَ‘ جو قائل پاڻ ته ڪنهن ساحل تي
طلاطم مچائي هليو ويو ۽ سندس پڄاڻان گھڻيون ئي خوشيون ’رت ڀنا رابيل‘ ٿي ويون، پر
سندس يادون منهنجي مرڻ گھڙيءَ تائين ’اندر روحَ رهيام‘ جو ادراڪ ۽ پرچار بڻجي رُوح
سان پيوست رهنديون.
هُو چندر جي ان ڪلام
جو شيدائي ۽ بھارن جو عاشق هو... بھارن کي چاهيندو هو... ۽ اڄ ان بهارن جي عاشق جو
۷۲هون جنم ڏينهن آهي. يقينن اهو ۱۵ اپريل ۱۹۵۰ع جو ڏينهن به بهارن جي آمد کان گھٽ ڪونه هوندو، جنهن ڏينهن
هِن گُلَ، قاضي عبدالحي ’قائل‘ جي گھر، رضيه بيگم جي جھوليءَ ۾ اکيون کوليون هونديون.
بھارُون ڀلي هن جي پويان، اسان لاءِ کڻي نه به آيون هجن، پر منھنجو اهو ايمان آهي
ته هو جتي به آهي، اتي بھارن ۽ بھارين ۾ آهي ۽ هيلوڪي سال وارين بھارن کي ڀليڪار ڪرڻ
کان وٺي، اڄوڪي ڏينهن جي خوشين ملهائڻ تائين، ايئن ئي جهونگاري رهيو آهي ته:
“آئينءَ چمن
۾ بھارَ ڙي! ڀلي آئينءَ چمن ۾ بھارَ ... .!!!”
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
مقصود گُل
تعليم تدريس جو ڪم ۽ ٻار
جي نفسيات
سرمد کوسو
سنڌ جي نامياري
شاعر، عالمَ، دانشور، ترجمي نگار، صحافيءَ ۽ سچل سرمست رحه جي شارح، مقصود گُل کي
مون پهريون ڀيرو هڪ ٽي وي چينل جي علمي ادبي پروگرام “پروڙ” ۾ ڏٺو هو. اُن پروگرام
۾ سنڌ جي علم، ادب، ڪتابن، شخصيتن ۽ ماڳ مڪانن جي باري ۾ مدعو ڪيل مهمانَ، ڳجهارت
واري انداز ۾ پارکن جي سامهون سوال رکندا هئا ۽ پوءِ پارکو انهن ڳجهارتن کي
سلجهائيندا هئا، جنهن سان ناظرين جي سنڌ بابت ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو هو. اُن پروگرام ۾
جن شخصيتن پارکوءَ طور شرڪت ڪئي پئي، تن ۾ سائين قلندر شاهه لڪياري، ڊاڪٽر نواز علي
شوق ۽ سائين مقصود گُل شامل هُئا. اهي شخصيتون جنهن انداز ۾ سوالن کي سلجهائينديون
هُيون ته لڳندو هو، انهن وٽ علم ۽ ادب جو اٿاهه خزانو آهي ۽ ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ به
نه هو.
مقصود گل صاحب سان
منهنجي ٻي ملاقات سندن شاعريءَ جي ڪتاب “اکڙيون نيل ڪنول” ذريعي ٿي. اُن به ڏاڍو
متاثر ڪيو هو. مقصود سائينءَ جي خوبصورت شاعري مختلف فنڪارن پڻ ڏاڍي سُهڻي انداز ۾
ڳائي آهي. اُها ٻُڌڻ سان اهو احساس ٿيندو آهي ته، سندن شاعريءَ ۾ ڪيڏو نه رومانس ۽
رڌم آهي.
مقصود گل صاحب جي
شخصيت جي مٿي بيان ڪيل چند تخليقي حوالن سميت ٻيا به ڪيترائي حوالا آهن. سائين
مقصود گُل جي ڪيل انهن سمورين خدمتن تي ته ڳالهايو توڙي لکيو وڃي ٿو، پر پوءِ به
مونکي ايئن لڳندو آهي ته، سائينءَ جي شخصيت جا اڃا به ڪيترائي پاسا آهن، جن تي ڳالهائڻ،
لکڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ئي ڪنهن شخصيت جي هماگيريت ۽ وُسعت هوندي آهي ته،
سندس شخصيت جي مختلف پاسن ۽ ڪيل علمي ادبي ڪم کي وڌ کان وڌ ’ايڪسپلور‘ ڪيو وڃي.
مقصود گل صاحب
صحافي، شاعر، مترجم، نثر نويس، ڪهاڻيڪار ۽ سچل سرمست جو شارح هو، پر مونکي سائينءَ
جي شخصيت جو سڀني کان اهم پاسو هڪ استاد ۽ تعليمدان وارو لڳندو آهي ۽ اهو به احساس
ٿيندو اٿم، ته سائينءَ جي شخصيت جي ان پاسي تي تمام گهٽ ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي.
مقصود گل صاحب هڪ عظيم ۽ شفيق استاد هو. سندس شخصيت جي اها جھلڪ سندس صالح اولاد
توڙي شاگردن ۾ نظر اچي ٿي، جيڪي دل سان اهو اعتراف به ڪن ٿا ته سائين هڪ شفيق ۽
مثالي استاد هو.
تازو ئي ڪجهه ڏينهن
اڳ سائين مقصود گل جو ٻارن لاءِ لکيل ڪهاڻين جو ڪتاب “هٺيلي هرڻي” پڙهي پورو ڪيم
ته ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻين ذريعي اها ڳالهه وڌيڪ پختي ٿي سامهون آئي ته، مقصود گل
صاحب نه رڳو سُٺو شاعر، نثر نويس، مترجم ۽ صحافي آهي، پر هڪ سُٺو ڪهاڻيڪار، ٻارڙن
جو اديب، استاد ۽ ٻارن جي نفسيات جي ڄاڻ رکندڙ هڪ ماهر تعليمدان به آهي.
جڏهن “هٺيلي هرڻي” ڪتاب
جي هر ڪهاڻي نظر مان گذري، ته ايئن محسوس ٿيو ته هن حساس دل رکندڙ انسان کي ٻارن
جي خواهشن، بُک، معصوم سوالن، محرومين ۽ مفلسين جو ڪيڏي نه گهرائيءَ سان احساس ۽
اونو آهي. هر ڪهاڻيءَ ۾ هڪ درد به آهي ته هڪ سبق به! هنن ڪهاڻين جو ڪمال اهو آهي ته
هي ڪهاڻيون هر عمر جي ٻار لاءِ ته آهن ئي آهن، پر وڏن لاءِ به آهن. هِن ڪتاب ۾ ڪل ۹ ڪهاڻيون آهن، جن مان هر ڪهاڻي لاجواب آهي. ان سان گڏ هر ڪهاڻيءَ سان گڏ هڪ خوبصورت
اسڪيچ به ڏنل آهي، جيڪو ٻارن جي دلچسپيءَ جو سبب آهي. اهي سمورا اسڪيچ نامياري چترڪار
۽ مقصود گل صاحب جي ننڍي ڀاءُ قاضي اختر حيات صاحب جا ٺاهيل آهن، جڏهن ته ڪتاب جو ٽائيٽل
نامياري مصوّر فتاح هاليپوٽي (شرجيل) جو ڊزائن ڪيل آهي. ڪتاب کي پرواني سيوهاڻي صاحب،
“سرهاڻ پبليڪيشن سيوهڻ” پاران شايع ڪرايو آهي.
اچو ته سراسري طور
هن ڪتاب جي هر ڪهاڻيءَ تي نظر وجهون:
۱ ــ ڪانون جي سازش: هيءَ ڪتاب ۾ موجود پهرين ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ڪانون جي
سازش جي منظر ڪشي ڪئي وئي آهي، ته اهي ڪهڙيءَ طرح طوطن جي ميزباني ۽ رحمدليءَ جو
فائدو وٺي، سندن آکيرن تي قابض ٿي ٿا وڃن. ان ڪهاڻيءَ ۾ وڏو پيغام سمايل آهي ته
اسان ڪيئن رحم کائي ’ڌارين‘ کي جيءَ ۾ جايون ڏيون ٿا ۽ هُو ڪيئن اسانجي وسيلن تي
قابض ٿي اسانجو هر طرح سان استحصال ڪن ٿا. انڪري مهمان نوازي ۽ رحم سوچي سمجهي ڪجي!
ايئن نه ٿئي جو اسانکي سڀاڻي پنهنجن اجھن تان به هٿ ڌوئڻا پون.
۲ ــ هٺيلي هرڻي (ٽائيٽل ڪهاڻي): هن ڪهاڻيءَ رستي ٻارڙن کي اهو سبق ڏنو ويو
آهي ته ڪنهن به قسم جو هٺ ۽ وڏائي چڱي ناهي. جنهن جو مثال اُها هرڻي آهي، جنهن کي
سندس غرورَ عذاب ۾ وڌو. انسان جي نجات وري به عاجزيءَ ۽ انڪساريءَ ۾ ئي آهي.
۳ ــ غدّار ڏيڏر: هن ڪهاڻيءَ ذريعي پنهنجن جي روپ ۾ لڪل پراون ۽ غدّارن جو ذڪر
ڪيو ويو آهي. جيڪي بظاهر ته پنهنجائپ جو لباس پهري پيا هلندا آهن، پر سندن هر ڪوشش
اسانکي نقصان ڏيڻ لاءِ هوندي آهي.
۴ ــ ايمانداري: هيءَ به هڪ منفرد ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ اهو ڏَسيو ويو آهي ته
جيڪي ماڻهو ٻين جي سامهون هر وقت ايمانداريءَ جو راڳ آلاپيندا رهندا آهن، تن مان ڪي
ڪي پنهنجي مزاج ۽ عملاً ڪيڏا نه بي ايمان هوندا آهن. سو، اهڙن ماڻهن کي سڃاڻجي ۽ انهن
کان بچجي!
۵ ــ ڪارو چنڊ: هيءَ ڪهاڻي مسڪين ٻارڙن جي محرومين جي عڪاسي ڪري ٿي. جن ٻارن
کي عيد لاءِ ڪپڙا يا خرچي به ميسّر ناهي هوندي، انهن لاءِ عيد جو چنڊ ڪاري رنگ جو ٿي
ويندو آهي. هِن احساساتي ڪهاڻيءَ ۾ وڏو درد سمايل آهي.
۶ ــ ڳاڙهو ڀت: هيءَ ڪهاڻي هڪ بُکئي ٻار جي ڪٿا آهي. هن ظالم سماج ۾ اميرن
جي ڪُتن کي به طرحين طرحين طعام ملن ٿا. جڏهن ته غريب هڪ لولي لاءِ به پريشان آهن.
هيءَ ڪهاڻي، خود مقصود گل صاحب جي هن شعر جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪو شعر هن ڪنهن ٻئي
جاءِ تي ڪنهن غزل ۾ چيو، ته:
هِيٽرن تي بند ڪمرن
۾ سُتا ڪنهن جا ڪُتا
ڪنهن جي ٻچڙي کي
لُريءَ ۾ جسم تي چولو نه هو
۷ ــ شهيد جو مؤت: هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ يتيم ٻالڪ جو ذڪر آهي. جنهن جو والد شهيد
ٿي ٿو وڃي ۽ پوءِ دنيا جي بيرحمي اُن ٻالڪ کي به ڌاڙيل ۽ چور بڻائي ٿي ڇڏي، جنهن
جو انت وري به خوفناڪ مؤت جي صورت ۾ ٿئي ٿو.
۸ ــ اٽل فيصلو: هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ٻار جي ارادي جي پختگيءَ جي عڪاسي ڪئي وئي
آهي، ته جڏهن ماڻهوءَ جا حوصلا بلند هوندا آهن، ته پوءِ هُو ڪوبه ڏونگر ڏاري ۽ ڏوري
سگهي ٿو ۽ پنهنجي زندگيءَ کي ڪارائتو بڻائي سگهي ٿو.
۹ ــ ﷲ سائينءَ جي ڳولا: هيءَ ڪهاڻي پڙهندي، پڙهندڙ روئي ٿو پوي.
هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيڪار هڪ اهڙي ٻار کي مرڪزي ڪردار طور کنيو آهي، جيڪو الله
سائينءَ بابت پنهنجي امڙ کان تمام اهم ۽ وڏا سوال ڪري ٿو، پر اُهي سوال اسان سڀني
کي جهنجهوڙي ٿا ڇڏين. پوءِ اهو نونهال هڪ شام پنهنجي عقل آهر پاڻ الله سائينءَ کي ڳولڻ
ٿو نڪري پوي، ته جيئن هو هن عدم مساوات تي ٻڌل سماج جي جوڙجڪ جي حوالي سان پالڻهار
کان پڇي سگھي ته هن اهڙو اڻ برابريءَ تي ٻڌل سماج ڇو جوڙيو آهي.
هِنن سڀني ڪهاڻين
مان لڳ ڀڳ هر ڪهاڻيءَ جو ڪو نه ڪو سياسي ۽ سماجي پسمنظر آهي. هنن ڪهاڻين ذريعي
مقصود گل صاحب اسانجي نادانين، مهمان نوازيءَ، امن پسنديءَ، ڌارين جي قبضي، پنهنجن
جي ويساهه گھاتين، مفلسيءَ، بُک، بدحاليءَ، غلاميءَ ۽ تعليم جي کوٽ سميت انيڪ مسئلن
کي نروار ڪيو آهي. هنن ڪهاڻين ذريعي ٻارن کي نفسياتي طور تيار ۽ باخبر ڪيو ويو آهي
ته، اوهان هڪ ظالم سماج ۾ ساهه کڻي رهيا آهيو. اُنڪري باخبر، باعلم ۽ باعمل رهو.
ان ۾ ئي اوهان جو آجپو آهي، نه ته بحيثيت قوم اسانکي اڃا به وڌيڪ ڏکئي وقت کي منهن
ڏيڻو پوندو.
هي ڪهاڻيون مقصود
گل صاحب جو هڪ ڪهاڻيڪار سان گڏ هڪ تعليمدان ۽ نفسيات جي ماهر طور به هڪ ڀرپُور
تعارف ڪرائين ٿيُون. ظاهر آهي ته ٻارن جي نفسيات کي هڪ استاد ئي سُٺي نموني سمجهي
سگهي ٿو. انهن جي درد کي پنهنجو درد سمجهي ٿو ۽ سندن خوشين کي پنهنجيون خوشيون
سمجهي ٿو.
اڄ مقصود گل صاحب
جو ۷۲يون جنم ڏينهن آهي. اسان کين سندن جنم ڏينهن تي محبّتن جي ڀيٽا پيش ڪندي،
سندن هن خوبصورت ڪتاب جو تعارف پنهنجي پڙهندڙن جي سامهون رکون ٿا.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
قاضي مقصود گل
چهرن جا “گلَ” گلابَ نچن
ٿا نگاهَه ۾
ياسر قاضي
اڄ سنڌ جي سجيلي
مزاحمت نويس ۽ رُومان نگار شاعر، عالم، دانشور، مترجم، سچل سائينءَ رحه جي شارح، ڪالم
نويس، ٻارن جي اديب ۽ پنهنجي ذات ۾ اداره ساز ۽ شخصيت ساز مٺڙي ماڻهوءَ، ’مقصُود
گل‘ (۱۹۵۰ع ــ ۲۰۱۵ع) جو جنم ڏينهن آهي، جيڪو اڄ کان ۷۲ ورهه اڳ سهڻيءَ سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي جي سهڻي شهر رتيديري
۾، پنهنجي دؤر جي نامياري سنڌي شاعر، استاد، تعليمدان، صحافيءَ ۽ سماج سڌارڪ، قاضي
عبدالحيّ “قائل” جي گھر ۾ ۱۵ اپريل ۱۹۵۰ع تي ڇنڇر ڏينهن پيدا ٿيو، جيڪا هجري ڪيلينڊر جي لحاظ کان
٢٧ جمادي الثاني ١٣٦٩ هجريءَ جي تاريخ هئي.
جنهن ڏينهن تي ضلعي
لاڙڪاڻي جي ننڍڙي شهر رتيديري ۾ مقصود گل ڄمي ٿو، ان وقت پاڪستان کي وجود ۾ آئي اڃا
پُورا ۳ سال به ناهن ٿيا ۽ سندس جنم کان پورا ۴ مهينا پوءِ هن ملڪ کي پنهنجيءَ ٽن سالن جي
عمر کي پهچڻو هو. يعني عمر ۾ پاڪستان، مقصود گل کان فقط ۲ سال، ۸ مهينا وڏو هو.
جيتوڻيڪ برطانوي
تسلط کان آزاد ٿيل ڀارت جي عمر به اوتري ئي هئي، پر پاڪستان ۽ ڀارت ۾ هڪ فرق اهو
هو ته ڀارت کي مقصود صاحب جي جنم واري سال هڪ نئون جنم مليو هو. ڇو ته ۱۹۴۷ع کان ۱۹۵۰ع تائين ڀارت جي حيثيت، ان جي گھڻين ’راجائي
رياستن‘ جي هندوستان ۾ شامل ٿيڻ يا نه ٿيڻ واريءَ ٻُڏتر جي ڪري، اڃا به ’ڊومينين
آف انڊيا‘ (مُسلط ڀارت) واري رهي، جنهن تحت هندوستان، برطانيه سان ذاتي اتحاد ۾ هڪ
بادشاهت جي وفاقي رياست واري ’نيم آزاد ملڪ‘ وانگر رهيو ۽ ڀارت جي ڪئين رياستن جي
علائقن کي سياسي طور تي ’هندوستاني يُونين‘ ۾ ضم ڪيو ويو هو. ۲۶ جنوري ۱۹۵۰ع کان (جنهن ڏينهن کي هر سال ڀارت ۾ ’يومِ
جمهوريه‘ ڪري ملهايو ويندو آهي) ڀارت هڪ مڪمّل جمهوري رياست جي حيثيت ۾ پنهنجي
خودمختار حيثيت ماڻي.
هوڏانهن ڏسجي ته
عالمي فضا تان اڃا ٻي مهاڀاري جنگ جي ڪڪرن جي ڪارنهن ئي ڪانه لٿي هئي ۽ اڃا ٻي جنگِ
عظيم کي پوري ٿئي اڌ ڏهاڪو به ڪونه ٿيو هو، جو قاضي ’قائل‘ جي گھر هن مزاحمتي شاعر
اک کولي هئي. ۲ سيپٽمبر ۱۹۴۵ع تي ختم ٿيل ’ورلڊ وار ٽُو‘ کي ان ڏينهن پُورا ۴ سال، ۷ مهينا ۽ ۱۳ ڏينهن ٿيا هئا، جنهن ڏينهن سنڌ جو هي سجيلو شاعر ڄائو.
انسان تي سندس ڄمڻ
جي جُوءِ ۽ وقت تي ان دؤر جُون عالمي معروضي حالتون سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح اثر
انداز ضرور ٿينديون هونديون. جي اهو قياس سائنسي حوالي سان درست آهي، ته اها حقيقت
هر عالمي ادب پڙهندڙ تي آشڪار ٿيل هوندي، ته ۱۹۵۰ع وارو ڏهاڪو انگريزي ادب ۾ ’ڪاوڙ جي ڏهاڪي‘
(اينگري ڊڪيڊ) جي طور تي ڳڻيو ويندو آهي. انگريزي محقق ۽ نقاد ’گريگ بزويل‘ جي
تحقيق موجب اهي حقيقتون عالم آشڪار آهن، ته ۱۹۵۰ع جي ڏهاڪي ۾ ڪيئن ان ڪاوڙ واريءَ لهر تحت،
برطانوي شاعر ۽ ناول نويس’فلپ لارڪن‘ (۱۹۲۲ع ــ ۱۹۸۵ع) ۽ انگريزي شاعر ’ٿام گن‘ (۱۹۲۹ع ــ ۲۰۰۴ع) جي تحريڪ، شاعريءَ کان انگريز ناول نويس،
شاعر ۽ نقاد ’ڪنگسلي ايميس‘ (۱۹۲۲ع ــ ۱۹۹۵ع) جي ڪهاڻين ۽ نام نهاد ’اينگري يَنگ مين‘ (ڪاوڙيل
نؤجوان) جي ڊرامن تائين، نئين قسم جي ادب کي جنم پئي ڏنو. اولهه جي ادب ۾ ان ڪاوڙ
واريءَ لهر واري سال پيدا ٿيندڙ مقصود گل کي به ڄڻ مزاحمت سُتيءَ ۾ ملي، تڏهن ته
ان لهجي جي تلخي ان لمحي کان ٺيڪ ۳ ڏهاڪا پوءِ به محسُوس ڪئي وئي ۽ ڄڻ ته سندس
لفظ لفظ ۸۰ع واري آمريت جي اکين ۾ باهه جو بلور بڻجي چُڀيو:
ڪائَي وانگر دل ٿي
جرڪي، من ۾ مير نه آهي
پر جو جيجل جو ويري
آ، تنهن سان خير نه آهي
لانگڙ لاهَه لُچي
کان آهي لتَ اسانجي ڳؤري
ٻِي مهاڀاري جنگ
کان سُتت پوءِ جي سالن ۾ برطانيه هڪ ڀيرو ٻيهر اڳتي پئي وڌيو. انگلنڊ مجمُوعي شڪستن
جو ڌڪ پچائي هڪ پرجوش مستقبل ڏانهن پئي ڏٺو. جنگ جي نقصان ڪري ٿيندڙ ٿَڪُ گھٽجي
رهيو هو... ويڙهه جا ڦَٽَ ڀرجي رهيا هئا... امريڪا پاران ملندڙ مالي امداد ملڪ جي
نئين سر اڏاوت ۾ مدد ڪري رهي هئي. پر فنونِ لطيفه، خاص طور اتان جو ادب ۽ ٿيئٽر، اڃا
زبون حاليءَ جو شڪار هو. جنگ کان اڳ واري دؤر وارن لکيل آرام دي ڊرائنگ روم ڊرامن
هاڻي اسٽيج تي غلبو ماڻي ورتو هو، ۽ ۱۹۵۴ع ۾ ’دي آبزرور‘ ۾ مضمونن جي هڪ سلسلي، انهن ڏينهن ۾ اهو
سوال به اٿاريو هو ته ’ڇا ناول مري چڪو آهي؟‘ اسٽيج توڙي پنن ٻنهي تي لکجندڙ ۽ پيش
ٿيندڙ انگريزي ناولن، تي برطانوي سامراجي ماضيءَ اهڙو غلبو حاصل ڪري ورتو هو، جو
انگريزي ناول ان کان جند ڇڏائڻ کان قاصر هو. ان جمود کي ٽوڙڻ لاءِ هڪ بنياد پرست
هلچل جي ضرورت هئي ۽ ان ڪاوڙ کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ ادب جي ضرورت ھئي، جيڪو ان ڏهاڪي ۾
اولهه ۾ تخليق ٿيو، جنهن ڏهاڪي جي پهرين سال ۾ مقصود گل ڄائو ۽ تيستائين اهو ادب
پروان چڙهيو، جيسين مقصودگل جو ٻالڪپڻ پروان چڙهيو.
اشتراڪيت جي مارڪسي
نظريي جو پوئلڳ، سنڌ جو هي منفرد انسان دوست مزاحمت نگار، ان نظريي جي باني ’ڪارل
مارڪس‘ (۱۸۱۸ع ــ ۱۸۸۳ع) جي لاڏاڻي کان ۶۷ سال پوءِ ۽ ’ولاديمير لينن‘ (۱۸۷۰ع ــ ۱۹۲۴ع) جي وڇڙڻ کان ۲۶ سال پوءِ ٿو پيدا ٿئي، پر سندن سوشلسٽ
نظريو ساڻس ايئن همسفر رهي ٿو، ڄڻ سندس تربيت انهن جي صحبت ۾ ٿي هجي! مقصود گل جي
اڻ ڇپيل تصنيفن منجھان، سبطِ حسن جي اردو ڪتاب ’ڪارل مارڪس‘ جو سنڌي ترجمو به شامل
آهي، جنهن ۾ ڪارل مارڪس جي مختصر سوانح ۽ سندس ڪارنامن جو احوال درج آهي. پر صوفي
شاهه عنايت شهيد (۱۶۵۵ع ــ ۱۷۱۸ع) جي شهادت کان ۲۳۲ ورهه بعد ڄمندڙ مقصود گل کي ان ڳالهه جو اوس
ادراڪ آهي ته اشتراڪيت جي باني سرزمين سنڌ جي مٽي ئي آهي، جتان پهريون ڀيرو جھوڪ
جي شهيدَ، ’جو کيڙي، سو کائي!‘ جو نعرو بلند ڪيو هو. تڏهن ته نئين ديري ۾ ادبي تحرڪ
پيدا ڪندي، جڏهن کيس ادبي تنظيم جي صورت ۾ پليٽ فارم جي ضرورت پئي، ته ان سٿ جو
نالو ’شاهه عنايت ادبي سنگت‘ رکيائين.
مقصود گل جي جنم جي
ٽائيم لائن تي نظر وجھجي ته سندس پسنديده ليڊر، ’ذوالفقار علي ڀٽو‘ ان وقت ۲۲ سالن جو جوان هو ۽ انقلاب جي دنيا ۾ سندس
پسنديده شخصيت ’ياسر عرفات‘ ان وقت ۲۱ سالن جو هو، جڏهن مقصود سائينءَ هن دنيا ۾ اک کولي. ۱۹۵۰ع، ڀُٽي صاحب جي زندگيءَ ۾ انڪري به هڪ
يادگار سال هو، جو ان سال هن ’يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، بارڪلي‘ (امريڪا) مان
’پوليٽيڪل سائنس‘ ۾ بي. اي. (آنرز) جي ڊگري حاصل ڪري، پنهنجي تعليمي حاصلات جو هڪ
نئون ’ميل جو پٿر‘ عبُور ڪيو هو.
ڪڏهن ڪڏهن مفهوم جي
لحاظ کان مقصود سائينءَ جي نالي تي غور ڪندو آهيان، ته سندس نالي جي ڳُوڙهائيءَ
سبب ان تي ڏاڍو پيار ايندو آهي. ڇاڪاڻ ته مقصُود گل جي معنيٰ اهو گل آهي، جيڪو
مقصود/ مطلُوب/ گھربل هجي ۽ ظاهر آهي، هر ڪنهن کي اهو ئي گل گھربل هوندو آهي، جيڪو
سڀني گلن ۾ سهڻو هجي. تڏهن ته سهڻو شاعر ۽ مقصود صاحب جو دوست، شمشيرالحيدري کيس
سندس نالي جي انگريزي ترجمي سان ’وانٽيڊ فلاور‘ (گھربل گُل) ڪري پُڪاريندو هو.
شمشير، بظاهر مزاح جي پردي ۾ ان سهڻي انسان جي ذات جي گهرائيءَ جو اظهار ۽ اقرار
پيو ڪندو هو ۽ ڄڻ ته سندس نالي جي اصل مفهوم کان آشنائي ڏيندو هو. هونئن ڏٺو وڃي
ته مقصود صاحب جو پيدائش جو نالو ’مقصُود حيات‘ آهي. جيڪڏهن ان نالي جي مفهُوم تي
به غور ڪجي ته اهو نالو پڻ انتهائي با مفهوم آهي. لفظ ’مقصُود‘ کي زيرِ اضافت ڏئي
پڙهجي ته سندس ان مائٽاڻي نالي جو مفهوم ٿيندو ’زندگيءَ جو مقصد‘، جيڪو پڻ پنهنجي
معنيٰ جي لحاظ کان هڪ ڀرپُور لفظ آهي. وري انهن ٻنهي نالن کان هٽي ڪري مقصود گل
صاحب کي سندس گھر جي پياري واري نالي (نِڪ نيم) جي آئيني ۾ ڏسجي ته کيس گھر ڀاتي
’معشوق‘ سڏيندا هئا ۽ هُو واقعي پنهنجن دوستن ۽ گھڻگھرن جو ئي نه، پر پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ
واري هڪ وسيع حلقي جو پڻ معشوق ٿي اُڀريو.
سچل جهڙي سرمستي
صدا واري عظيم وحدت الوجُودي شاعر جي برقعي مٽائڻ کان ۱۲۳ ورهه پوءِ اک کوليندڙ مقصود گل جي والدين
کي يقيناً اهو اندازو ڪونه هوندو ته سندن هي معشُوق فرزند، وڏو ٿي پنهنجي شاعريءَ،
ترجمي توڙي تحقيق واري هنر رستي سچل کي عقيدت جا گل ارپيندي، سندس مترجم ۽ شارح بڻبو.
هن سال اهو اتفاق آهي ته مقصود گل جو جنم ڏينهن ان ئي ڏينهن تي واقع ٿي رهيو آهي،
جنهن ڏينهن درازا شريف ۾ سچي سائينءَ جو ٻه سؤ پهريون عرس مبارڪ شروع ٿي رهيو آهي.
ان حسنِ اتفاق ۾ شايد ڪٿي نه ڪٿي مقصود گل جو سچل سان عشق ۽ نينهن جو ناتو به شامل
هجي!
اچو ته سڄيءَ سنڌ
کي ’منصُورِ ثاني‘، سچل سرمست جي ميلي سان گڏوگڏ مقصُود گل جي ۷۲هين جنم ڏينهن جي به مبارڪباد ڏيون!
(سنڌ جي نامياري شاعر، عالمَ، دانشور، مترجم، صحافيءَ ۽ سچل سرمست رحه جي شارح، مقصود گل جي ۷۲هين جنم ڏينهن جي مناسبت سان، جمعي، ۱۳ رمضان المبارڪ ۱۴۴۳ هجري، ۱۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي، روزاني “ڪاوش” حيدرآباد ۾، ڇپيل)
قـاضي مقصود گل
سندس شاعري جو تنقيدي اڀياس
رياض ڪلھوڙو
تاريخ جي سونهري ورقن ۾ چڱي
خاصي جڳهه والاريندڙ رتوديرو، چانڊڪي پرڳڻي جو اهم شهر آهي. ڪيترين ئي عظيم هستين
کي پنهنجي ڪُک مان جنم ڏيندڙ هي شهر ۱۹۱۹ع ۾ به تعلقي جي حيثيت سان دنيا جي نقشي تي نروار هو.
سياسي توڙي سماجي، ادبي توڙي ثقافتي، تعليمي توڙي صحافتي، تهذيبي توڙي تمدني لحاظ
کان جيڪا رم جهم، رنگيني ۽ چاشني هن شهر ۾ رهي آهي، تنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ هڪ
اوکو عمل آهي. ڇو ته هن شهر، جيڪي انمول ۽ امر ڪردار پيدا ڪيا آهن سي خود تاريخ
آهن. هن بي بها باغيچي جو هر گل پنهنجي خوشبو ۽ خوبصورت رنگت سان سڃاتو ۽ ساراهيو
ويندو آهي. هتي جنهن گل جو ذڪر ٿي رهيو آهي، سو گھڻ رخي شناخت رکندڙ، عظيم انسان
قاضي مقصود گل آهي. قاضي مقصود گل جا هڪ ئي وقت ڪيترائي تعارف آهن. هو ناميارو
استاد به آهي ته صحافي به، موسيقيءَ جو ماهر به آهي ته مصور به، سماج سڌارڪ به آهي
ته محقق به، مصنف به آهي ته مولف به، شاعر به آهي ته مترجم به، ڪهاڻيڪار به آهي ته
ٻارن جو اديب به، مضمون نويس به آهي ته ڪالم نگار به، دانشور به آهي ته سچل سرمست
رح جو شارح به. علي دوست ”عاجز“ لکي ٿو ته: ”سائين مقصود ”گل“ صاحب اهڙي ول جو
ميوو آهي، جنهن جا سموارا ميوا مٺا، رسيل ۽ خوشبودار آهن. قاضي عبدالحئي گھراڻي جي
فردن جي هٿن ۾ اوهان کي فقط ٻه شيون نظر اينديون. قلم يا برش! هڪڙا زندگيءَ جا رنگ
چٽيندي نظر ايندا ته ٻيا زندگيءَ جي رنگن جي اپٽار ڪندي. مان هن گھر تي ڏات جي اوت
ڏسي دنگ رهجي ويندو آهيان!”.(۱)
۱۵اپريل ۱۹۵۰ع تي سنڌ جي برک شاعر، استاد، مصور، صحافي ۽ سماج سڌارڪ
قاضي عبدالحئي ”قائل“ جي گھر ۾ جنم وٺندڙ قاضي مقصود حيات، ابتدائي ۽ ثانوي تعليم
پنهنجي اباڻي شهر رتوديرو ۾ حاصل ڪرڻ بعد بي اي ۽ ايم اي جي سَندَ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو
مان حاصل ڪيائين. قاضي مقصود حيات کي ننڍپڻ ۾ ”معشوق“ سڏيندا هئا. بعد ۾ کيس پيار
۽ پريت منجھان ”ادا گل، ”گل بابا“ ۽ ”سائين گل“ به سڏيو ويندو هو. سندس ادبي نالو
”مقصود گل“ هو. پاڻ شاعريءَ جي باضابطه شروعات ۱۹۷۵ع کان ڪيائون. سندس شروعاتي
شاعري، مرحوم علي نواز ”وفائي“ جي هفتيوار ”آزاد“ اخبار ۾ شايع ٿي. قاضي مقصود گل
شاعريءَ جي ابتدائي اصلاح پنهنجي والد قاضي عبدالحئي ”قائل“ کان ورتي. بعد ۾ سنڌ
جي بيباڪ ۽ ڀلوڙ شاعر ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ جي رهنمائي حاصل ڪيائين. نثري حوالي
سان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سندس استاد هو. اردو ٻوليءَ جي حوالي سان حڪيم برڪت
الله ”تائب“ صديقي ۽ محمود ”شرف“ صديقيءَ کي پنهنجو استاد ۽ سونهون قبول ڪيائين.
سندس پر اثر شاعريءَ بابت پروفيسر نذير قاضي لکيو آهي ته: ”مقصود ”گل“ سونهن ۽
سرهاڻ جو سودائي، حسن تي هرکيل ۽ دلبرن جو داس آهي. سندس هر شعرُ، سگھاري سوچ ۽ اڻ
– مَيو اثرُ ڇڏي ٿو. پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي نه رڳو جذباتي طور بلڪه فڪري لحاظ سان پڻ
لوڏي ۽ ڌوڏي ٿو ڇڏي”.(۲)
قاضي مقصود گل ۱۹۶۶ع کان ۱۹۶۹ع تائين، آب ڪلياڻي
کاتي ۾ فون ڪلارڪ رهيو. ان کان پوءِ ۱۹۶۹ع ڌاري کيس تعليم کاتي ۾ ڊرائنگ جي استاد طور ڀرتي ڪيو
ويو جتي ۱۹۷۴ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. ۱۹۷۴ع ڌاري شگر مل نئين ديري ۾ ”تربيتي آفيسر“ طور مقرر ڪيو
ويو، جتي ڪم سان لڳاءَ سچائي ۽ محنتن جي ڪري، اسسٽنٽ مئنيجر ۽ ۱۹۹۰ع ۾ ڊپٽي
مئنيجر طور ترقي حاصل ڪيائين. ۱۹۹۳ع کان ۱۹۹۵ع تائين اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾
”سيلز مئنيجر“ جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. قاضي مقصود گل سنڌ جو کاهوڙي ڪردار
هو. سندس فن ۽ ڪاريگريءَ جي واکاڻ ڪندي، ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ لکي ٿو ته: ”قاضي
مقصود گل ڪهنه مشق ۽ استاد شاعر هو. هو لفظن جو جادوگر شاعر، ڪڏهن به لفظن جو
محتاج نه هو، بلڪه لفظ سندس اڳيان ٻَڌي ٻانهي وانگر هٿ ٻڌي حاضر هوندا هئا”.(۳) شاعرَ قدرتي
سونهن ۽ ساڀيان سان محبت ڪندا آهن. سندن تخيل جي پرواز آسمان کي ڇهندي آهي. فڪر،
ويچار ۽ مشاهدي کان پوءِ پنهنجي تخليق ۾ جيڪو سماجي حالتن جو عڪس آڻيندا آهن.
تَنهِنجو مثال ملڻ محال ٿي پوندو آهي. قاضي صاحب، هنس پکيءَ وانگر موتيءَ جهڙا لفظ
چونڊي، انهن کي انوکي ۽ نرالي ترتيب ڏئي، بيت نه پر هِيرن ۽ موتِين جون مالها بڻايون
آهن. سندس شاعريءَ، کٿوريءَ جيان سڄي سنڌ کي واسي ڇڏيو آهي.
مشهور شاعر منظور منگي، مقصود
گل کي استاد مڃيندي، سندس شان ۽ شاعريءَ بابت لکيو آهي ته: ”سائينءَ جي شاعراڻي فڪر
۾ انسانيت سان بي پناهه محبت ۽ وطن سان عشق جو فلسفو سمايل آهي. منهنجو استاد علم
۽ ادب جي افق تي جرڪندڙ سج هو. جنهن جي روشني سدائين اسان جي نئين نسل جِي رهنمائي
۽ رهبري ڪندي رهندي”.(۴)قاضي مقصود گل جو قلمي پورهيو ادبي دنيا ۾ کير ۾ کنڊ
برابر آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (۱) ”وکريل موتي“ (ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جي مقالن جو
مجموعو-ترتيب)۱۹۸۳ع، (۲) ”زندگيءَ ڏي موٽ“ (ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو)۱۹۸۵ع، (۳) ”ڪرڻا ڪرڻا“ (ٻارڙن لاءِ شاعري) ۱۹۸۶ع، (۴) ”رت ڀنا رابيل“
(شاعري) ۱۹۹۱ع، (۵) ”هٺيلي هرڻي“ (ٻارڙن لاءِ ڪهاڻيون) ۱۹۹۳ع، (۶) ”اندر روح رهيام“ (ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ بابت لکيل مضمون
۽ مقالا) جون ۲۰۰۲ع، (۷) ”رتوديرو- مختصر تاريخ“ (۸)“عشق سمندر“ (حضرت سچل سرمست رح جي فارسي مثنوين جو منظوم
اردو ترجمو) جون ۲۰۱۳ع، (۹) ”اي آهُو چشم کدهر“ (شيخ اياز جي ٻين شعري مجموعن، ”پتڻ ٿو پور ڪري“ ۽ ”هرڻ
اکي ڪيڏانهن!!“ جو ترجمو) ۲۰۱۰ع ۽ (۱۰) ”اکڙيون نيل ڪنول“ (شاعري) ۲۰۱۴ع شامل آهن. درسي ڪتابن ۾ ”گلن
هار“ (سنڌي نصاب جي گائيڊ، نائين ۽ ڏهين درجي لاءِ) ۽ ”گلن هار“ (سنڌي نصاب جي
گائيڊ، يارهين ۽ ٻارهين درجي لاءِ) ڇپجي پڌرا ٿيا.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، جديد
شاعري جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”جديد ۽ روايتي شاعريءَ جي تسلسل ۽ سنگم جي لڙهيءَ
جا شاعرَ، خليفو گل محمد، عبدالڪريم ”گدائي”، قاضي عبدالحئي ”قائل”، احمد خان
”مدهوش”، سرڪش سنڌي، ادل سومري، اياز گل کان مقصود گل تائين جيڪا به شاعري ۽ فن
ارپيو ويو آهي، ان سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي ۽ هڪ وڏو شاعر ۽ فنڪار سائين قاضي مقصود گل
هو. هو نه صرف هڪ سٺو دوست ۽ وڏو انسان هو، پر هڪ خوبصورت شاعر به هو”.(۵) قاضي مقصود
گل، حمد، نعت، قصيدي، بيت، دوهي، وائي، غزل، نظم، ترائيل، چوسٽي، رباعي، پنجڪڙا ۽ ٻين
صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس شاعري جا ڪجهه نمونا هيٺ ڏجن ٿا. هونئن به چوندا
آهن ته خرارن واريءَ جنس جو نمونو لپ مان معلوم ٿي پوندو آهي.
“تون قوم جي
امانت اي نو نهال ٻچڙا،
هردم رهي ٿو
مونکي تنهنجو خيال ٻچڙا.
هن قوم جي بقا
جو توتي مدار آهي،
تون آن! چمن
جي رونق توسان بهار آهي.
اخلاق سک سٺا
۽ ”گل“ جي مثال ٿي وڃ،
خوشبوءِ ڏي سڀن
کي ۽ خوش خصال ٿي وڃ”.(۶)
ٻارڙن لاءِ شاعريءَ جي ڪتاب ”ڪرڻا
ڪرڻا“ مان ورتل هنن سٽن مان خبر پوي ٿي ته قاضي صاحب کي نئين نسل ۽ مستقبل جي
معمارن کي سڌيءَ راهه ڏيکارڻ جو ڪيڏو انتظار ۽ الڪو هوندو هو. هن ٻاراڻي شاعريءَ ۾
ادب ۽ اخلاق سيکارڻ سان گڏوگڏ هڪ قومي پيغام به سمايل آهي. ٻارڙن لاءِ لکيل ڪتابن
بابت، پروفيسر منظور حسين کهڙو لکي ٿو ته: ”اسان جي هن فرض شناس شاعر، شعور ۽ ادب
جي نرسريءَ ۾ موجود نازڪ ۽ نونهال ٻوٽن جي به خوب آبياري ڪئي آهي”.(۷) رتيديري ۽
نئين ديري ۾ قاضي صاحب جي ڪوششن سان ادبي ماحول جڙيو. ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ ڪيترائي نوجوان
قاضي صاحب جي تربيت ۽ صحبت سبب شاعر ۽ اديب بڻيا. جن شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع
آزمائي ڪئي. قاضي صاحب سنڌي ادب ۾ غزل جو تمام سٺو شاعر هو. سندس غزل پوري سنڌ جي
اديبن ۾ مڃتا ماڻي چڪا آهن. پاڻ استاد گُر شاعر هو. شاعريءَ ۾ ڌرتي ۽ دلبر، پورهيت
۽ پاپي، ساڻيهه ۽ سنسار سندس موضوع رهيا آهن. انسانيت، انسان جي عظمت ۽ محبت سندس
ايمان جا جز رهيا آهن. سندس غزل جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
هت انسانن
جي بستيءَ ۾ انسان اڪيلو بيٺو آ،
لک دعوائون ايمان سنديون، ايمان اڪيلو بيٺو آ.
ڪنهن ڪونه ٻڌا،
ڪنهن ڪو نه مڃيا، بس وحشت دهشت وڌندي وئي،
فرمان هٿن
۾ بي ساها،
سلطان اڪيلو بيٺو آ. (۸)
قاضي مقصود گل غزل کان علاوه
رباعيون به لکيون. ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾، سنڌ ۾ رباعي تي طبع آزمائي تمام گھٽ ڪئي
ويندي آهي. قاضي صاحب جون رباعيون پنهنجي اسلوب واريون آهن. سندس رباعي ۾ پنهنجي
ماحول، خاص ڪري سنڌ جي حالتن ۽ ماڻهن جي اهنجن ۽ ايذائن جو ذڪر ٿيل آهي. قاضي صاحب
جي شاعري پنهنجي وقت جي ترجمان شاعري آهي. جنهن ۾ ان دؤر جا مسئلا ۽ ڏک سور بيان ٿيل
آهن. جيڪي عام ماڻهن تي وهيا واپريا. سندس رباعي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
گھر گھر ۾ جتي
ظلم جو گھاڻو هوندو
هر شخص اتي ڇو
نه ڏکاڻو هوندو
ان شهر ۾ آ
عدل ۽ انصاف ڪٿي!
جنهن شهر جو
مفتي جي وڪاڻو هوندو. (۹)
قاضي مقصود جديد شاعريءَ جي صنف
ترائيل تي پڻ تجربا ڪيا. جيڪي ڪامياب ويا. ترائيل سنڌ جي وڏن شاعرن لکي آهي. جن
مان شيخ اياز سرموڙ آهي. اياز جو انداز پنهنجو آهي ۽ اياز جي شاعري تمام گھڻي
مشهور ٿي. قاضي صاحب پنهنجي انداز سان ترائيل لکي آهي. جنهن ۾ پڻ سنڌ جو درد ۽ سنڌي
ماڻهوءَ جي مسئلن جو ذڪر آهي. خالي مسئلا نه پر انهن جي حل لاءِ به قاضي صاحب
پنهنجي شاعريءَ ۾ پيغام سمايو آهي. مير محمد پيرزادو لکي ٿوته: ”ترائيل جي اصل جڳهه
فرانس آهي. اتي جي شاعريءَ جي هيءَ مقبول ترين صنف ليکي وڃي ٿي. جنهن ۾ ڪنهن به
قسم جي مواد جي پابندي نه هوندي آهي. پر اسان جي هن محترم دوست مقصود گل ترائيل کي
معياري ترتيب ۾ رکي، گيت ۽ لوڪ گيت جو مواد ڏيئي ان کي ڏيهي صنف بڻائي ڇڏيو آهي.
تن من توڏي
تانگهي منهنجا محب مسافر موٽ!
سانوڻ گذريو،
سيارو آيو، تون نه اڃا ڇو آئين؟
ڪانگل کي مون
باسيو آهي مٺڙا!! مٺڙو روٽ
تن من توڏي
تانگهي منهنجا محب مسافر موٽ! (۱۰)
رنگ نسل جون ڳالهيون
ڇيڙي ڀاڱا ڀيل ڪرڻ ٿو چاهي
ايجنسين جو ماڻهو
آهي، ماڻهن کي ويڙهائي ويٺو
رت جا ريج
وهائي پاپي ور ور ويل ڪرڻ ٿو چاهي
رنگ نسل جون ڳالهيون
ڇيڙي ڀاڱا ڀيل ڪرڻ ٿو چاهي-
دوهو هندوستاني ڇندوديا جي
اصولن مطابق لکي ويندڙ هڪ قديم صنف آهي. چيو ويندو آهي ته جديد بيت جو بنياد به
دوهي تي رکيل آهي. جديد شاعريءَ ۾ اسان جي شاعرن پراڻين صنفن کي نوَن خيالن سان
آراسته ڪري، جن صنفن کي جياريو آهي. انهن مان دوهو به هڪ آهي. شيخ اياز جا دوها
تمام گھڻو مقبول ٿيا. ان بعد جديد شاعرن ۾، ان صنف کي لکڻ جو رجحان وڌيو. قاضي
مقصود گل پڻ ڏاڍا منفرد دوها لکيا آهن. جيڪي سندس مختلف ڪتابن ۾ ڇپيل آهن. سندس
دوهي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
بم ڌماڪا ڌرتيءَ
تي ڇو پڄرن انسان
پاڻ لهي اچ
باهه وسائڻ ڀونءِ مٿي ڀڳوان! (۱۱)
قاضي مقصود ”گل“ متعلق رضوان گل
لکي ٿو ته: ”مقصود گل کلڻو ملڻو، محبتي ۽ زندهه دل ماڻهو آهي. ساڻس گڏ ويهي ڪچهريون
ڪبيون آهن ته وقت جو احساس ئي ناهي رهندو. هن جي گفتگوءَ ۾ اهڙو ته سحر آهي جو هر
ماڻهو ساڻس ملاقات ڪرڻ بعد سندس محبت جو قائل ٿيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھي”.(۱۲) قاضي مقصود
”گل“ جي شاعريءَ کان علاوه هڪ ٻي سڃاڻ مشهور ڪالم نگار واري هئي. هو بيباڪ ڪالم
نگار هو. جنهن پنهنجي ڪالمن ۾ مختلف سياسي سماجي مسئلن تي مستقل مزاجيءَ سان ڪالم
لکيا. جن ۾ سندس انداز جرئت منديءَ وارو رهيو. شاعري ۽ ڪالم نگاري جيتوڻيڪ ٻئي
مختلف شعبا آهن. پر هُن ٻنهي شعبن سان ڀرپور نڀاءُ ڪيو. هن سنڌ جي سينڌ جو قسم کڻي
چيو ته سچ تي قلم کڻڻ کان ڪڏهن به نه مڙبو، پوءِ ڀل ڪيترا به ايذاءَ ڇو نه اچن!
سنڌ جي سينڌ
جو مون اڄ کنيو آهي قسم،
ڀل ته ڏي
ايذاءَ تون پر سچ تي کڻبو قلم. (۱۳)
قاضي مقصود ڪيترن ئي ادبي ادارن
سان سلهاڙيل رهيو. نئين ديري ۾ شاهه عنايت ادبي سنگت جو پايو وڌائين. ڪافي سال ان
جو سرواڻ رهيو. ان کان علاوه شاهه لطيف ادبي سنگت رتيديري جو سيڪريٽري، سنڌي ادبي
سنگت رتيديري جو سيڪريٽري، سنڌڙي ڪتابي سلسلي جو سرواڻ، ٻاراڻي ادبي رسالي
”گلدستو“ جو روح روان، جيڪو پنهنجي ادارت ۾ رتيديري مان جاري ڪيائين. لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ
هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر هئڻ کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي ادبي ۽ سماجي ادارن سان
مختلف حيثيتن سان سلهاڙيل رهيو. انهيءَ حوالي سان سندس حيثيت هڪ منتظم سان گڏوگڏ هڪ
پبلشر واري پڻ هئي. سنڌڙي ڪتابي سلسلي پاران هن ڪيترائي اهم ڪتاب ڇپرايا جن کي پڙهندڙن
پاران مانائتي موٽ ملي. قاضي مقصود گل جي شاعريءَ جون هي ٻه سٽون سموريءَ سنڌ ۾
مقبول ٿيون ۽ ڄڻ ته سندس سڃاڻ بڻجي ويون. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ قاضي
مقصود گل صاحب کان تقاضا ٿيندي هئي ته اهي ٻه سٽون ٻڌائي.
“هن چيو
”مذهب“ هجي ۽ مون چيو ”انسانيت”
سمجهه جو ڦيرو
هيو ٻيو ته ڪو جھڳڙو نه هو”.(۱۴)
قاضي صاحب جا نظم ڏاڍا سونهن ڀريا
آهن. جنهن جا عنوان تڙپائيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ آهن. هن جي نظم ۾ سونهن، سندرتا، امن،
انصاف، بهادريءَ جون صفتون ڏنل آهن. هن جي نظم ۾ سنڌ جي مٽيءَ سان محبت ڀريل عنوان
پڻ آيل آهن. هن جي نظم ۾ موزونيت، شهريت، تسلسل ۽ رڌم موجود آهن. جن ۾ ”ڌرتيءَ جي ڌيءُ”،
”مورڙي جو ماڳ”، ”ڪراچي ڪلهه ۽ اڄ”، ”رت ڀنا ربيل”، ”سڳيون ڀينر”، ”امن جي ڳولها“
۽ ”ڏوهي ڪير“ عنوان تمام مقبول و مشهور آهن. رت ڀنا رابيل جي عنوان سان جيڪو نظم
لکيو اٿس، تنهن جون ڪجهه سٽون هيٺ ڏجن ٿيون. جيڪي سندس مشهور ڪتاب ”رت ڀنا رابيل“
۾ ڇپيل آهن.
ڳليءَ ڳليءَ ۾
گل ورکا ٿي، رت ڀنا رابيل ڏسون ٿا،
اهڙو ڪِيس نه ڪنهن
سان ٿيو آ، جهڙو هي ٿيو شاهه ڀٽائي! (۱۵)
قاضي مقصود گل هڪ سچو ۽ کرو
شاعر هو. جنهن جي شاعريءَ ۾ مزاحمت، پيار ۽ محبت جا جذبا جھلڪا ڏيندي محسوس ٿين ٿا.
سندس شاعري پنهنجي دؤر ۾ مقبوليت ماڻي. قاضي صاحب محفلن جو مور هوندو هو. سگھڙ ڪچهريون
هجن يا ادبي مشاعرا، سدائين پنهنجي شاعريءَ جي ادا سان محفل لُٽي وٺندو هو. سندس
شاعري وقت بوقت مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندي رهندي هئي. سنڌ جي مشهور ماهوان
رسالي ”نئين زندگي“ ۾ سندس شاعري هن نموني ڇپيل آهي.
“ذهن جي سهڪار
سان جو نقش دل آهي چٽيو،
ان سواءِ ٻيو ڪو
عڪس آڻي سوچ ڪا سڪڻي نه آ.
سوچ، سچ، سج،
سونهن کي ڪر قيد تون احمق ڀلي،
سوڀيا، سرهاڻ
ليڪن لوڪ کان لڪڻي نه آ”(۱۶)
قاضي مقصود گل سگھڙن جو به
سرپرست رهيو. رتيديري ۽ نئين ديرو جي سگھڙن کي گڏ ڪري ڪچهريون ڪرايائين. جن سگھڙن
کي ريڊيو، ٽي وي تي متعارف ڪرايائين، انهن ۾، سگھڙ محمد خان سيال، سگھڙ علي گل ٻرڙو
۽ سگھڙ عظيم جت سر فهرست آهن. قاضي صاحب جي شاعري سنڌ جي مشهور ٽه ماهي رسالي
”مهراڻ“ ۾ پڻ اڪثر ڇپبي هئي. ۲۰۱۲ع جي پهرين ڇاپي ۾ سندس ڇپيل غزل مان ڪجهه سٽون هيٺ ڏجن ٿيون.
نينهن ۾ ناچاڪ
آهيان دوستو،
تنهن ڪري غمناڪ،
آهيان دوستو!
عشق وحدت ۾، پڪو
ايمان آ،
برهه ۾ بيباڪ،
آهيان دوستو!(۱۷)
عبدالحئي قاضي ماڊل اسڪول لاڙڪاڻي
جو بنياد وجھندڙ، قاضي مقصود گل، روزاني اخبار ”هاري“ جو ايڊيٽر، ٻارڙن لاءِ جاري ٿيندڙ
رسالي ”گلدستو“ جو پبلشر ۽ روزاني ”عوامي آواز“ جو ڪالم نويس پڻ هو. قاضي مقصود گل
جي حياتي لڳاتار محنت ۽ جدوجهد ڪندي گذري. پاڻ زندگيءَ ۾ ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيائين.
(۱) قومي گيتن جي مقابلي ۾ پهريون نمبر ماڻيندڙ گيت جي ٻولن تي کيس ۱۹۸۹ع ۾ پي.ٽي.وي
ايوارڊ مليو. (۲) مهراڻ آرٽ سرڪل نوابشاهه پاران ۱۹۹۷ع ۾ کيس ”بهترين شاعر“ جو ايوارڊ ڏنو ويو. (۳) سنڌ چلڊرين اڪيڊمي
خيرپور پاران کيس ٻاراڻي ادب ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ”سنڌ چلڊرين اڪيڊمي
ايوارڊ“ ڏنو ويو. (۴) سچل يادگار ڪاميٽي خيرپور، پاران کيس ۲۰۰۰ع ۾ ”سچل
سرمست ايوارڊ“ ڏنو ويو. (۵) عباسي ڪلهوڙا تنظيم، سنڌ پاران، کيس ۲۰۰۱ع ۾ ”ڊاڪٽر
تنوير عباسي ايوارڊ“ ڏنو ويو. (۶) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سچل چيئر پاران سچل
سرمست رح جي فارسي ڪلام جي، ڪامياب منظوم اردو ترجمو ڪرڻ تي، کيس ”سچل چيئر ايوارڊ“
ڏنو ويو. (۷) حامي يادگار ڪاميٽي خيرپور پاران، ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ جي ڪيل تحقيقي ڪم
جي ڪامياب سهيڙ جي حوالي سان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي کيس ”حامي ايوارڊ“ ڏنو ويو. (۸) انٽرنيشنل
صوفي ڪائونسل پاران، سچل سرمست رح جي فارسي ڪلام جي ڪامياب منظوم اردو ترجمو ڪرڻ
تي کيس ”انٽرنيشنل صوفي ايوارڊ“ ڏنو ويو. (۹) سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ پاران، زندگي ڀر جي قلمي
حاصلات تي کيس ”سرهاڻ لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ“ ڏنو ويو. (۱۰) اڪامي ادبيات
پاڪستان پاران، زندگي ڀر جي ادبي حاصلات تي کيس ”اڪادمي ادبيات پاڪستان لائيف
اچيومينٽ ايوارڊ“ ڏنو ويو.
قاضي مقصود جي ڪيل خدمتن ۽ سندس
شخصيت بابت، عاشق منگي لکي ٿو ته: ”قاضي مقصود گل، بلند اخلاق جو مالڪ هو. مون کيس
سڀني جو همدرد ڏٺو... برد بار۽ سنجيده هو. سيد احمد شاهه عرف ”استاد “ بخاري، ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالجميد سنڌي ۽ عطا محمد حاميءَ جو پروانو هو... قاضي ”گل“ جي سنڌ ۽ سنڌ جي
پورهيت ماڻهن سان وابستگيءَ کيس نرم دل، ذميوار ۽ اڻٿڪ ليکڪ، شاعر ۽ دانشور بڻايو”.(۱۸) قاضي مقصود گل
جي شاعريءَ ۾ ساڻيهه سان سڪ، ملڪ سان محبت، محبوب ماروئڙن سان موهه ۽ پريم نظر
ايندو آهي. سندس استعمال ۾ آيل هر لفظ ملڪ دشمن عنصرن خلاف جنگ جو اعلان ڪندي نظر
ايندو آهي. قاضي مقصود شخصي طور تي هڪ مهربان انسان هو جنهن نه رڳو پنهنجي اولاد
جي تربيت ڪئي پر شاعريءَ جي وسيلي قوم ۽ قوم جي ٻچن جي به خدمت ڪئي. پيار ۽ پريت،
عزت، شفقت ۽ محبت ڏئي پراون کي پنهنجو بڻائيندڙ قاضي مقصود گل، ۶۵ ورهين جي ڄمار
۾، ڇنڇر، ۱۴ فيبروري ۲۰۱۵ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. سندس وڇوڙي سموري سنڌ کي سوڳوار بڻايو.
سندس وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪندي، برڪت جيهي لکيو آهي ته: ”مقصود گل صاحب سنڌي ادب
جي گرنار جو سهڻو گل هو، جيڪو هميشه لاءِ گلن جي لڙيءَ مان ڇڄِي، مٽيءَ ماءُ حوالي
ٿي ويو”.(۱۹)
حوالا:
۱. گل، مقصود. رت ڀنا رابيل.
رتوديرو: سنڌڙي ڪتابي سلسلو. ڇاپو پهريون، ۱۹۹۱ع، ص ۹
۲. گل، مقصود. اکڙيون نيل ڪنول.
حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو پهريون، ۲۰۱۴ع، ص ۳۱
۳. قاضي، ياسر. ”گل“ ڇنو گرنار
جو. ڪراچي/رتوديرو: سنڌڙي ڪتابي سلسلو. ڇاپو پهريون، ۲۰۱۵ع، ص ۷۷
۴. ايضا، ص ۷۱
۵. کهڙو، منظور حسين، پروفيسر.
شاعراڻو اڀياس. ڪراچي: شاهه حسين اڪيڊمي. ڇاپو، مئي ۲۰۱۰، ص ۲۴۸
۶. قاضي، ياسر. ”گل“ ڇنو گرنار
جو. ڪراچي/رتوديرو: سنڌڙي ڪتابي سلسلو. ڇاپو پهريون، ۲۰۱۵ع، ص ۱۲۰
۷. گل، مقصود. اکڙيون نيل ڪنول.
حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو پهريون، ۲۰۱۴ع، ص ۵۴
۸. ايضا، ۱۶۰
۹. کهڙو، منظور حسين، پروفيسر.
شاعراڻو اڀياس. ڪراچي: شاهه حسين اڪيڊمي. ڇاپو، مئي ۲۰۱۰، ص ۲۴۸
۱۰. گل، مقصود. اکڙيون نيل ڪنول.
حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو پهريون، ۲۰۱۴ع، ص ۱۷۴
۱۱. ايضا، ص ۲۵
۱۲. گل، رضوان. ساهت ڏاهه جا
سرجڻهار. لاڙڪاڻو: ڏاهپ پبليڪيشن. ڇاپو پهريون، ۲۰۱۱ع، ص ۱۰۵
۱۳. ايضا، ص ۱۰۵
۱۴. گل، مقصود. رت ڀنا رابيل.
رتوديرو: سنڌڙي ڪتابي سلسلو. ڇاپو پهريون، ۱۹۹۱ع، ص ۵۰
۱۵. ايضا، ص ۸۲
۱۶. داس، ٺاڪر. ماهوار، ”نئين
زندگي“ حيدرآباد. شمارو، ۶،۷ جون، جولاءِ ۲۰۰۵، ص ۵۳
۱۷. جميل الزمان، مخدوم. سه ماهي، مهراڻ. حيدارآباد:
سنڌي ادبي بورڊ، جنوري - مارچ، ۲۰۱۲،۱ع، ص ۲۵
۱۸. منگي، عاشق. اکئين ڏٺم جو.
قنبر: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، ڇاپو پهريون، آگسٽ ۲۰۱۷ع، ص ۱۲۶
۱۹. قاضي، ياسر. ”گل“ ڇنو گرنار
جو. ڪراچي/رتوديرو: سنڌڙي ڪتابي سلسلو. ڇاپو پهريون، ۲۰۱۵ع، ص ۱۴۱
مقصود گل
اوڀرَ کان نيٺ اُڀرِي
”گُل“ انقلاب ايندو
سنڌ جو ناميارو شاعر،
عالمَ، دانشور، ترجمي نگار، صحافيءَ ۽ سچل سرمست رحه جو شارح - اٺين ورسيءَ جي
مناسبت سان
ياسر قاضي
سنڌي ساهت جي ”وال آف فيم“ جي آڏو
بيهي، اڻ ڳڻين روشن چهرن جي ڏيا ۽ سوڀ ڏسي رشڪ اچڻ لڳُم. ته هنن ”ساڻيهه واسين جي
شعوري تربيت ڪندڙن“ جي ڪيل قلمي پورهئي کي رڳو اسان پنهنجي حياتين ۾ پڙهي سگھون،
ته به اسان جا جيون سڦل ٿي وڃن. هڪ کان هڪ چهرو... پنهنجي طويل علمي ۽ قلمي سفر جو
داستان بيان ڪندڙ... جن جو ادب جي مختلف شعبن ۾ ڪيل ڪم، لفظن جي صورت ۾ ڪتابن جي
سينن ۾ سُتو ڪونهي پيو، بلڪه ساهت جي سنسار ۾ رڙيون ڪري، پنهنجي امرتا جو احساس
پيو ڏياري... ۽ انهن منجھان اڪثر جو ڪم، دؤرِ حاضر سان پنهنجي مطابقت جو احساس پڻ...
اُنَ ”وال آف فيم“ ۾ هر چهري مان هڪ الڳ خوشبوء به پئي آهي، جيڪا سندس قلمي پورهئي
جو واس هئي. انهن اڪيچار چهرن تي نظر ڦرندي ڦرندي، سنڌي ادب جي اُن ’گلَ‘ جي چهري
تي وڃي ٽڪي، جنهن جي روشن پيشانيءَ جي وسعت ۽ اکين ۾ ڏاهپ جي گهرائيءَ، سندس منفرد
شاعراڻي لهجي جي نشاندهي پئي ڪئي. اهو يڪتا لهجو، جيڪو جڏهن محبوب جي ناز انداز ۽
حسن جمال جو بيان ٿو ڪري ته ڄڻ سندس قلم، گلاب جي پنکڙي بڻجي ڪوملتا سان ٿو لکي:
رات ساري چنڊُ ڀاڪُرَ ۾ هيو
دل جي آڳُرَ ۾ اڃا آ سوجهرو
چانهه جي پيالي چپن تي مُون رکي
پر نگاهن ۾ سندس چهرو هيو
پر اهو ئي محبوب جو مشتاق، جڏهن
ڌرتيءَ کي دردن ۾ ٻُڏل ٿو ڏسي، ته سندس ان ئي قلم مان باهه جا شعلا ٿا نڪرن ۽ هُو ڄڻ
ته ڏاٽي يا تلوار سان پني تي اهي مزاحمتي شعر رهڙي ٿو لکي، جيڪي ڌرتيءَ دشمن جي
سيني ۾ به ايئن ئي ڀالي جيان چُڀن ٿا.
دُونهان، ڄڀيُون ۽ گوليُون، رت
جُون هتي ٿيون هوليون
مهراڻ ريٽو ڇوليُون، چيهاڙيُون ٿيُون
چوليون
پيئرَ پُٽن جي لئه رُنا، ڪيئي ٿيا
ڇورا ڇِنا
دل دردَ جو ديوان آ، انسانيت
حيران آ
سنڌ جو اهو سيبتو ۽ البيلو شاعر
ڪو ٻيو نه، پر بقول استاد بخاريءَ جي ” ’وکريل موتي‘ جو ميڙيندڙ، ’زندگيءَ ڏي موٽ‘
جو سنڌيڪار، ’ڪرڻا ڪرڻا‘ جو قلمڪار، ’رت ڀنا رابيل‘ جو سرجڻهار“ ـ مقصود گل آهي.
۱۵ اپريل ۱۹۵۰ع تي سنڌ جي ساهت توڙي سياست جي حوالي سان ڀَرئي تَرئي ضلعي لاڙڪاڻي جي
قديم تاريخي شهر رتيديري ۾ سنڌ جي برک شاعر، اُستاد، تعليمدان، مُصوّر، صحافِيءَ ۽
سماج سُڌارڪ، قاضي عبدالحيُّ ”قائل“ جي گھر ۾ جنم وٺڻ وارو مقصود گل، قلم توڙي برش
سان چاهه، اکرن، ڪتابن توڙي رنگن سان عشق ورثي ۾ کڻي ڄائو. مقصود گل، مرحوم هدايت
منگيءَ کي هڪ ريڊئي انٽرويوءَ ۾ پاڻ ئي ٻڌايو هو ته ”جيئن ڪا مڇي پاڻيءَ جي
گُوناگُون ذخيري ــ ساگرَ ۾ اک کوليندي آهي، يا جيئن اسان آڪسيجن جي سمنڊ ۾ اک
کولي سؤلو ساهه کڻون ٿا، تيئن منهنجي پيدائش به ساهت ۽ مصوّريءَ جي ماحول ۾ ٿي.
جتي چوڌاري مون اهو ئي سڀ ڪجھه ڏٺو.“
مقصود گل جو وڌيڪ تعارف استاد
بخاريءَ کان ئي پُڇون ته اهو لکي ٿو: ”شاعريءَ جي حوالي سان ڪراچيءَ کان ڪشمور،
مشهور ــ اشاعتي سلسلي سان سندس اُهاءُ، سنڌ کان دُور دُور هند تائين رسي ٿو.
’گُل‘، گھڻ گُڻو ماڻهو، محفلن جو مور، اهلِ دل به، اهلڪار به. ملڻو، جلڻو، ٻهڪڻو، ٽهڪڻو
هوندي به سڀاءَ ۾ سنجيدگي، همدرد انسان. محنتي ساهتڪار سان گڏ محبتين جو يار به. ڪلاڪاريءَ
سان لڳاءَ ۽ ساهت سان سچي برتاءَ اهو رنگ
لاتو آهي، جو قومي دردمند، حساس دل رکندڙ شاعرن جي قطار ۾ شامل ٿي چڪو آهي.“
مقصود گل جو ڀائرن ڀينر ۾ ٻيو
نمبر هو. هُو پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ سنڌ جي نامياري چترڪارقاضي خضر حيات کانپوءِ قاضي
’قائل‘ جي ٻئي فرزند جي حيثيت سان ڄائو. هڪ مثالي
استاد جو اولاد هجڻ سبب مقصود صاحب جو ٻين ڀينرن ڀائرن سميت معياري تعليم
جي حاصلات طرف خاص ڌيان رهڻ فطري هو. پرائمري تعليم رتيديري جي پرائمري اسڪُول ۾
حاصل ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪُول رتيديري مان ۱۹۶۶ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين.
۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ ڊگري
ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر جو امتحان آرٽس ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ، ۱۹۷۰ع ۾ سنڌ يُونيورسٽي ڄامشوري مان
بي. اي. جو امتحان پاس ڪيائين ۽ ۱۹۷۲ع ۾ ساڳئي ئي مادرِ علميءَ مان اقتصاديات ۾ ماسٽرس ڪيائين.
اڳتي هلي ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ يُونيورسٽيءَ مان ئي سنڌي ادب ۾ به ايم. اي. جي ڊگري ماڻيائين.
ملازمت ۽ پيٽ ڪوت جي تلاش ۾ سڀ کان پهريان کان سنڌ حڪومت جي آبپاشيءَ واري کاتي ۾
فون ڪلارڪ جي ڪرت کان پنهنجي پيشاوراڻي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. ۱۹۶۶ع کان ۱۹۶۹ع تائين ۳ سال ان پيشي
سان وابسته رهي، ۱۹۶۹ع ۾ دادُو ضلعي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيتان ۾ ”ڊرائنگ ٽيچر“ مقرر ٿيو، جتي
پنج سال تدريسي خدمتُون انجام ڏئي، ٻارن کي رنگن سان چاهه سيکاري، ۱۹۷۴ع ۾ ان وقت
نئين قائم ٿيل لاڙڪاڻي شگر مل ۾ ”تربيتي آفيسر“ طور ملازمت اختيار ڪيائين. ۱۹۷۶ع ۾ اتي ئي
ترقي ماڻي ”اسسٽنٽ مينيجر“ ۽ ۱۹۹۰ع ۾ ترقي حاصل ڪري ”ڊپٽي مينيجر“ جي عهدي تي پهتو. ۱۹۹۳ع ۾ اصُولن ۽
آدرشن سبب شگر مل جي ملازمت تان استعفيٰ ڏئي هڪ نيم سرڪاري انشورنس ڪمپنيءَ ۾
عارضي نوڪري اختيار ڪيائين، جتي ٻه سال ملازمت ڪرڻ پُڄاڻان، ۱۹۹۵ع ۾ واپس پنهنجي خانداني تدريسي
پيشي طرف موٽندي، پنهنجي والد جي علمي خدمتن جي تسلسل جي مقصد کي نظر ۾ رکندي،
سندس نالي پٺيان رتيديري ۾ ”عبدالحيُّ قاضي ماڊل اسڪُول“ قائم ڪيائين، جنهن جو منتظم ۽ پرنسپل ٿي پاڻ
خدمتُون انجام ڏنائين ۽ ۲۰۱۵ع ۾ پنهنجي پوئين پساهه تائين علم جي اها ڏياٽي ٻاري رکڻ
جي ڪامياب ڪوشش ۾ رُڌل رهيو.
ساهت سان پيدائشي سنٻنڌ جي
باوجود، مثالي تربيت جي اصول طور، والد پاران تعليمي سلسلي پوري ٿيڻ تائين کيس ڪل
وقتي لکڻ لاءِ همٿايو ڪونه ويو. انڪري هن ۱۹۷۵ع ۾ باضابطه ادب جي ميدان ۾ پير پاتو. ايئن ڪونهي ته ان
کان اڳ هن لکيو ڪونه! هڪ شاعر ’پيدائشي شاعر‘ هوندو آهي، تنهنڪري ان کان اڳ جون به
اڻڳڻيون شعري توڙي نثري تخليقون، ’گل‘ جي ساهتي سفر جو حصو آهن، پر هن پنهنجي اندر
جي شاعر جو آواز ٻڌي ان کي ڪُل وقتي ڪنائڻ جو آغاز ۱۹۷۵ع ۾ ڪيو. سندس سُڃاڻپ جا ڪيترا
حوالا هجڻ جي باوجُود هن لاءِ پاڻ لاءِ سڀني کان وڌيڪ فخر لائق حوالو ”شاعر“ وارو
هو. شاعريءَ ۾ غزل ۽ نظم تي قدرت سان لکڻ واري گُلَ، پنهنجي همعصر سمورين مُروج
صنفن توڙي هن مٽيءَ مان ڦُٽي نڪرندڙ اساسي شاعريءَ جي صنفن تي پڻ ڪاميابيءَ سان
قلم کنيو، جنهنکي پڙهندڙن ڀرپور موٽ ڏني. نثر ۾ مضمون، تحقيقي مقالن کان وٺي، ڪهاڻيءَ،
سفرنامي، اخباري ڪالم ۽ تنقيد تائين هن قلمي رندا روڙيا. ان کانسواءِ ترجمو ۽ ٻارن
جو نثري توڙي شعري ادب به هن جي سڃاڻپ جا ڀرپُور حوالا بڻيا. ترجمي جي ميدان ۾
جيتوڻيڪ هن محمود درويش کان رسول حمزه توف ۽ سبطِ حسن کان شيخ اياز تائين ڪيترن ئي
عظيم تخليقڪارن جا ترجما ڪيا، پر سچل سائينءَ جي فارسي مثنيون جو منظُوم اردو
ترجمو، هن جو اهڙو نشانبر ڪم ثابت ٿيو، جيڪو سندس تصوير کي ڪڏهن به هن ”وال آف
فيم“ تان ميسارجڻ ڪونه ڏيندو. مقصُود گل جا سندن زندگيءَ ۾ ۱۰ ڪتاب ڇپيا، جن ۾ ”وکريل موتي“ (ڊاڪٽر عطا مُحمّد ”حاميءَ“ جي مقالن جو مجمُوعو
ـ ترتيب ـ شايع: ۱۹۸۳ع)،”زندگيءَ ڏي موٽ“ (ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو ـ شايع: ۱۹۸۵ع)، ”ڪرڻا ڪرڻا“
(ٻارڙن لاءِ شاعري ـ شايع: ۱۹۸۶)، ”رت ڀنا رابيل“ (شاعري ـ شايع: ۱۹۹۰)، ”هٺيلي هرڻي“ (ٻارڙن لاءِ ڪهاڻيُون
ـ شايع: ۱۹۹۳)، ”عشق سمندر“ (سچل جي فارسي مثنوين جو منظُوم اردُو
ترجمو ـ شايع: ۲۰۰۳ع)، ”اندر رُوح رهيام“ (ڊاڪٽر عطا مُحمّد ”حاميءَ“ بابت لکيل مضمُون ۽
مقالا ـ مُرتب ـ شايع: ۲۰۰۲ع)، ”رتوديرو ــ مختصر تاريخ“ (شايع: ۲۰۰۲ع)، ”اي آهُو
چشم کدهر؟“ (شيخ اياز جِي ٻن شعري مجمُوعن، ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ ۽ ”هرڻ اکي ڪيڏانهن!!“
جو اردُو ترجمو ـ شايع: ۲۰۱۰ع) ۽ ”اکڙيُون نِيل ڪنول“ (شاعري ـ شايع: ۲۰۱۴ع) شامل آهن.
مقصُود گل، ٻه ڏينهن
مليريا جي ضعف سبب، اسپتال جي ايمرجنسيءَ
۾ ڪجهه ڪلاڪن جي تپاس ۽ ٽيسٽن دؤران دل جو دؤرو پوڻ سبب، ۸ سال اڳ، ڇنڇر، ۱۴ فيبروري ۲۰۱۵ع تي رات ۱۰:۵۰ لڳي ڪراچيءَ
جي سنڌ انسٽِيٽيُوٽ آف يُورالاجِي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (ايس آءِ يُو ٽي) ۾ سنڌ کي
الوداع چيو. کيس سندس رخصت جي ٻئي ڏينهن آچر، ۱۵ فيبروري ۲۰۱۵ع تي رتيديري جي مُبارڪ شاهه
قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
مقصود گل جي ڪومل اظهارن وارا
گُلَ، ايڏا خوشبودار آهن، جو دؤرِ حاضر جي پاٺڪ جيان، ايندڙ يُگن جا پڙهندڙ به
سندس انهن شبدن جي گُلن مان هار پوئي پيا پائيندا ۽ پنهنجن پيارن کي پارائيندا ۽
سندس لهجي جي خوشبُو ڪڏهن به ماٺي ڪانه ٿيندي. ڇاڪاڻ ته هُو سچ جو ساٿي ۽ دردن جو
دوست، دلبند قلمڪار آهي، جنهنجي زندگيءَ جو مقصد ذهنن جي روشني آهي:
سچَ ساڻ ساٿُ آهي، دردن سان
دوستي آ
هن زندگيءَ جو مقصد ذهنن جي
روشني آ
اوڀرَ کان نيٺ اُڀرِي ”گُل“
انقلاب ايندو
پوشاڪَ سُرخ پائي ڏس! باهه باک ٿي
آ.
(ڏھاڙي مومل ڪراچيءَ ۾ ۱۴ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
مقصُود گل
پنهنجي ڪتابن ۽ گيتن جي
آئيني ۾
نصرت سڪندر
اڄ سنڌ جي اُنَ سجيلي شاعر کي
اسان کان وڇڙئي ۸ ورهيه پورا ٿي رهيا آهن، جنهن ادب جا ”وکريل موتي“ سهيڙي، اُن ”زندگيءَ ڏي
موٽ“ ڪئي، جيڪا سندس وڏڙن ساهت ــ ديس ۾ ورهن کان گھارِي پئي ۽ مٿس پنهنجي پُرکَن
جي ان سهڻي ادبي ورثي جي حفاظت ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ جي خوشگوار ذميواري عائد هئي.
تنهنڪري ئي هن سنڌي ادب جي سِينڌ ۾ پنهنجي ڏات جا ”ڪرڻا ڪرڻا“ اوتي، ان کي پنهنجي
رت ۽ ست جو ريج ڏنو ۽ جتي سندس قلم مان وهندڙ شبنم جي قطرن، ادب جَي باغ ۾ حسين
غزلن ۽ ترائيلن جِي آبياري ڪئي، اتي ئي سندس مزاحمتي نظمن به ساهت جي اُن گلشن ۾
انقلاب جا ”رت ڀنا رابيل“ پوکيا. جيتوڻيڪ آمريت جِي ”هٺيلي هرڻيءَ“ سندس قلم تي
بندشون هڻڻ ۽ سندس زبان بنديءَ جا حيلا ڪندي، ڪڏهن کيس ”صوبي بدر“ ڪيو، ڪڏهن اغوا ڪرايو
ته ڪڏهن کانئس روزگار کسڻ جي ڪوشش ڪئي، پر حق گوئيءَ جي عادت منجھس ”اندر رُوح
رهيام“ جو سراپا اظهار بڻجي، سندس اندر ۾ اُٿلندڙ ”عشق سمندر“ جي مؤجن کي دوام
بخشيو ۽ وفا جِي راهه ۾ سندس آڏو ايندڙ هر مصيبت کي دُور ڪري، سندس رستو سڌو ڪيو.
اهو ئي سبب آهي، جو ”رتوديرو“ پنهنجي ”مختصر تاريخ“ ۾ پنهنجي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ
جن هستين تي نازان آهي، انهن ۾ ڌرتيءَ جي هِن حسين شاعر ــ ’مقصود گل‘ جو نالو به
يادگار اکرن ۾ لکيل آهي. جنهنجَي هوڏِي قلمَ، مزاحمت سان گڏوگڏ نه رڳو ــ هرڻ
اکيُن نگارن کي ”اي آهُو چشم، ڪڌر“ جي هڪلَ ڪندي پنهنجي سٽن ۾ سموهيو، بلڪه سندس
تغزل جو موضوع، ڪئين اڻ ڳڻين ”اکڙيون ــ نيل ڪنول“ به بڻيون. اڄ کان ۸ ورهه اڳ سنڌ
کان اهو ئي ”گل ڇنو گرنارَ جو“، جيڪو هو ”شاعر گل ۽ خوشبو گيت“ سندس...
جِي ها! هي ذڪر آهي ۱۵ اپريل ۱۹۵۰ع تي ’قائل ــ
سام ۽ غمدل‘ جِي شهرَ رتيديري (ضلعي لاڙڪاڻي) جي سون ورني ڀونءِ تي جنم وٺندڙ ۽ ۸ ورهه اڳ ڇنڇر
۱۴ فيبروري ۲۰۱۵ع تي، سنڌ جي
راڄڌاني، ’مورڙي جي شهر‘ ڪراچيءَ ۾، آخري ساهه کڻي، اُن سنڌڙيءَ کان وڇڙي ويل سندس
سوڀ ــ وَر پُٽَ، مقصُود گل ابنِ قاضي عبدالحيّ ”قائل“ سرشاريءَ جو، جنهن ان ئي ڌرتيءَ
لاءِ چيو ته:
سنڌڙي! تولئه سوچي سوچي،
”گُلَ“! مان سنڌ جو نقشو ٿي پيس
جنهن ۱۹۷۵ع کان قلم کڻي پنهنجي ڌرتيءَ توڙي
سَرتيءَ لاءِ لکڻ جو شروع ڪيو، ته پنهنجِي آخري گھڙيءَ تائين، نثر توڙي نظم ۾،
شاعريءَ کان سچل شناسيءَ تائين، حالاتِ حاضره جي ڪالمن ۽ مضمونن کان، ٻارن جي ادب
تائين، ترجمن کان تحقيق تائين، افسانن کان منظوم مقالن ۽ منظوم خطن تائين، لکڻ جو
اڻکٽ سلسلو، اڻٿڪ انداز ۾ جاري رکيو ۽ سڄي عمر ۾ ڪو لمحو واندو نه ويٺو.
مقصود گل جَي قلمَ، محبوب جِي
فرقت ۾ ”وقت جي پيرن ۾ لڦُون ٿي پوڻ“ جهڙي احساس کي دل سان محسُوس ڪندي ”وقت گذري
نٿو...“ جو ورلاپ ورايو ته ڪڏهن وصل جِي موسم کي ايندو ڏسي جُھومندڙ قلم سان
”نينهن ۾ نرتڪي دل نچي ٿي پرين... مندَ تُنهنجي ملڻ جي اچي ٿي پرين...“ جو اظهار
اوريو. ڪڏهن خوشنما محبوب جي دلنشين نيڻن جي سونهن کي ”تنهنجي نيڻن جي نرالي بات آ...
ڪنهنجي لاءِ آ ڏينهن ڪنهن لاءِ رات آ...“ جِي اپٽار رستي بيان ڪيو، ۽ انهن ئي نيڻن
جي لافاني حسن جي هٻڪار کي قلمبند ڪندي ”ساري دنيا جي مئه ڪدن کان مٿي، تنهنجي اکڙين
جو مئه ڪَدو آهي... تُنهنجي اکڙين ۾ جن ڏٺو هيڪرَ... تن کي ٿيو عمر ڀر نشو آهي...“
جو ورلاپ واريائين، ته ڪڏهن هجر جِي موسم ۾ تڙپندڙ قرطاس تي ”ڪي ڪي ماڻهو ڏُور
هجن، ته به ويجھا ٿيندا آهن... ڪي ڪي گھاوَ به گلڙن وانگر پيارا ٿيندا آهن.“ جِي
عبارت رقم ڪئي. ڪڏهن ”سُونهن تنهنجِي ڏسي سوچَ کي سجدو“ ڪرايائين ۽ ”عشق لاتو ڳلي،
پيار پنهنجو ڪيو“ جو اقرار ڪيائين، ته ڪڏهن علي الاعلان محبوب کي ڏَسيائين ته
”تنهنجو حسين خيال وساري نٿو سگھان.. پنهنجن هٿن سان پاڻ کي ماري نٿو سگھان...“ ته
ڪڏهن ان ئي محبّت جي محور ۽ مرڪز ــ مطلوبَ جو نانءٌ هٿن تي لکندي اوريائين ته
”تنهنجو لکي ٿو نانءٌ هٿن تي چُمان پيو... پوتر اکر ٿو ڄڻ ته پنن تي چُمان پيو...“
ڪڏهن پنهنجي چاهتن جي قبلي کي اُنس مان ايلاز ڪندي ”پيارا! هجيئي پيار جي پارت وري
وري...!!“ ڪيائين، ڇاڪاڻ ته سندس اهو ايمان هو ته ”گُھرجي ٿي مونکي تنهنجي عنايت
وري وري...“ ته ڪڏهن وري سندس ئي دلڪشيءَ جي جلون جي اڳيان ڪائنات جي رعنائين کي ڪُوماڻو
محسوس ڪندي، فضا ۾ اقرار جو علم بلند ڪيائين ته ”تنهنجي صُورت ڏسي چنڊ ٿي چلولو،
چنڊَ سان گڏ ستارا به ٿا رقص ڪن...“ جنهن پنهنجي محبّت جي سرچشمي جي مُرڪڻ کي فطرت
جي مُرڪَ سان تشبيهه ڏيندي اهو به چيو ته ”تُون جي مُرڪين، ته فطرت به مُرڪي پوي...
تنهنجي آئي نظارا به ٿا رقص ڪن...“
مقصود گل رڳو دل جي اڱڻ تي رقص ڪندي،
پاڻ کي رُومان جو عاليشان ۽ يڪتا شاعر ئي ثابت نه ڪيو، بلڪه پنهنجي مٽيءَ سان
محبّت جي محاذ تي به پاڻ ملهايو. هُو، جيڪو اهو اعلانيه چوندو هو ته ”رومان ئي
مزاحمت جو وڏَي ۾ وڏو مُحرڪ آهي جنهن ۾
رومانويت ناهي، اهو ڪڏهن به ڌرتيءَ سان عشق جي ڳالهه ئي نٿو ڪري سگھي...“ ان جَي رڳو
قلم ئي سنڌڙيءَ کي سجدو نه ڪيو بلڪه هن پاڻ به پنهنجي مٽيءَ اڳيان پنهنجو سِر
نوائي ”سنڌ آهي پاڪ ڌرتي، سنڌ کي سجدو ڪبو...“ جو اعلان ڪيو ، ته ڪڏهن ”سُونهن
سراسر سوني ڌرتي، ڌرتي ڀاڳن واري... شاهه، سچل ۽ ساميءَ واري، بيشڪ ڀُونءِ ڀلاريءَ“
جا ڳُڻ ڳائيندي نه ٿڪيو. ڪڏهن ٻوڏ ستايل ماروئڙن کي ڏسي ”پاڻي ڙي! پاڻي“ جا پارَ ڪڍندي،
”ماندا منهنجا مارُوئڙا... سُڏڪن ۾ هِن سانگيئڙا...“ جي تصوير دنيا کي ڏيکاري ته
”جيئي سنڌ“ اُچارڻ کي ڏوهه قرار ڏيڻ واري دؤر ۾ وڏي واڪي چيائين: ”جيئي سنڌ سدائين
جيئي، جيئي سنڌ سمُوري... ڀُونءِ اسانجي ڀاڳن واري، سائي آهه سدوري...“
ڌرتيءَ جو اهو عاشق، جنهن جو هر
گيت ڪومل ڪومل سپنن وانگر، محبوب جِي خوشبوءِ ۾ سمايل آهي ۽ ان جي وجود کي گھيريل
هوا، سندس مطلوب جي پاڙي مان آيل ٿي لڳي. جيتوڻيڪ کيس ان ڳالهه جو به ادراڪ آهي ته
سپنا سپنا ٿيندا آهن جنهنجي هر تخليق
پنهنجي ادا ۾ ايئن آهي، ڄڻ ته ڪارونجھر تي مورُ نچي ٿو.
سندس هر گيتَ... هر پستڪ جو ورق
ورق ورائيندو وڃجي... ته سرهاڻ جا انيڪ نوان استعارا، پڙهندڙ جي اکين کي ٿڌڪار،
سماعتن کي آهنگ ۽ ذهن کي روشني بخشن ٿا ۽ سندس لفظ در لفظ... اسانکي سندس تخليق
سان محبّت ۾ وڌيڪ مبتلا ڪري ٿو. هي اهو دلپزِير شاعر آهي، جنهن جي وصف سندس پنهنجي
حسين شاعري ئي آهي. جنهنجو تعارف کانئس پاڻ کان ئي پڇي سگھجي ٿو، يا وري بقول
استاد بخاريءَ جي (جنهن سندس لاءِ ئي لکيل قطعي ۾ چيو آهي، ته):
حقيقت ”گل“ جِي بُلبل کان ٻُڌڻ
گھرجي
تعارف سمنڊ جو طُوفان کان پُڇ!
خُدا آهي خُدا، حيوان حيوان آ
پتو انسان جو انسان کان پُڇ!
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ
۾ ۱۴ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
مقصود گل
ڌرتيءَ جو خير گھرندڙ
شاعر، عالمَ، دانشور، ترجمي نگار، صحافيءَ ۽ سچل سرمست رحه جي شارح جي اٺين ورسيءَ
جي مناسبت سان،
ياسر قاضي
شاعرَ، انقلابن جا سرواڻ ۽ قومن
جا فڪري امامَ ٿيندا آهن، جيڪي رڳو پنهنجي داخلي جذبن جو اظهار ڪري پنهنجي وارتا
ناهن بيان ڪندا، بلڪه پنهنجيءَ قوم سان ٿيندڙ ويساهه گھاتين جو احوال منظوم انداز
۾ قلمبند ڪري، پنهنجي دؤر جي تاريخ به رقم ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي
عظيم ترين انقلابن جي سرواڻي شاعرن ئي ڪئي آهي. سنڌ جي اهڙن منظوم مؤرخن ۾ مقصود
گل جو نالو انڪري واضح ۽ مٿڀري لڙهه جي ڪوتا ــ گرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، جو هُو جتي هڪ
منفرد لهجي وارو خوبصورت رومانوي شاعر آهي، اتي ۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ مزاحمت جو آواز
بڻيل انهن چند شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن پنهنجي قلم کي تلوار جي ڌارَ کان وڌيڪ
تيزيءَ جهڙي اثرائتي انداز ۾ استعمال ڪندي، وقت جي ظالم، آمرَ جي خلاف بنا ڊپ ڊاءَ
جي قلم جو عَلم بلند ڪيو، جنهنجي نتيجي ۾ کيس صعوبتون به برداشت ڪرڻيون پيون، پر
هو پنهنجي عزم کان پوئتي نه هٽيو ۽ پنهنجي قلم کي پنهنجي قوم جي امانت سمجھي،
پنهنجي ڌرتيءَ سان پنهنجي ڪمٽمنٽ کي آخري دم تائين نباهيائين ۽ ديانتداريءَ سان
قوم جي درد کي رقم ڪندو رهو. اهو ئي سبب آهي جو ۸ ورهه گذري وڃڻ جي باوجود سنڌ،
مقصود گل کي وساري ناهي سگھي ۽ پڪ آهي ته وڏي عرصي تائين وساري نه سگھندي. هڪ
مزاحمتي توڙي ڪومل جذبن جي شاعر کان سچل سرمست جي شارح ۽ مترجم تائين، هڪ ڪهاڻيڪار
کان ڪالم نگار تائين، روزاني بنياد تي حالاتِ حاضره جي تناظر ۾ سالن جا سال مختلف
اخبارن ۾ قطعي (چؤسٽي) رستي اظهاريندڙ شاعر کان ريڊئي ۽ ٽيليويزن جي عُمدي ۽ بصيار
نويس گيت نگار تائين، ٻارن جي اديب کان ٻارن جي رسالي ”گلدستو“ جي ايڊيٽر ۽ ناشر
تائين، سنڌڙي ڪتابي سلسلي جي روحِ روان کان وٺي لطيف ادبي سنگت، شاهه عنايت ادبي
سنگت ۽ قاضي عبدالحيّ ”قائل“ اڪيڊميءَ جو پايو رکندڙ تائين، عبدالحيّ قاضي ماڊل اسڪول
جي باني ۽ پرنسپل کان وٺي هڪ ڪميٽيڊ ذميوار انسان تائين، مقصود صاحب جي شخصيت جا
جيترا به روپ آهن، سڀ سهڻا، سلوڻا، سچيت ۽ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙا آهن. معاشري ۾ سندس
ادا ڪيل هر ڪردار تقليد جوڳو آهي. هُو رڳو ادارا ساز ۽ تنظيمون جوڙيندڙ ئي نه هو،
بلڪه انسان سازيءَ ۾ به هن پنهنجو جيڪو مثبت ڪردار ادا ڪيو، اهو سماج کي ڪارائتا
فرد ڏيڻ جي حوالي سان روشن حوالي طور هميشه ياد رکيو ويندو.
هڪ شاعر جي حيثيت سان مقصود گل
صاحب رڳو لفظن جي جادو بيانيءَ سان پڙهندڙ کي مرعوب ڪرڻ جا حيلا ڪندي، مافوق
الفطرت تشبيهن ۽ استعارن جو استعمال ڪندي، محبوب جي زلفن ۾ الجھيل ناهي، بلڪه ڌرتيءَ
جي دردن کان به چڱيءَ ريت واقف آهي ۽ ڪيف ۾ به سندس اک اجتماعي دردن تي آلي آهي.
اهو ئي سبب آهي جو گل جي رومانوي غزلن ۾ به بعضي ڪو ڪو شعر سنڌ جو سُور بيان ڪري ٿو
وجھي.
سُڏڪِي سُڏڪِي سُڏڪو ٿِي پيُس
اوسيئڙي ۾ اُلڪو ٿي پيس
سنڌڙيءَ جي لئه سوچي سوچي
”گلَ“! مان سنڌ جو نقشو ٿي پيس
مقصود گل جِي شاعري، انسان
دوستيءَ، اجتماعي اُنسَ ۽ عالمي محبّت جو پرچار آهي. هُو دنيا جو وڏي ۾ وڏو مذهب
”انسانيت“ کي ٿو سمجھي ۽ هر جيءَ جي احترام ۽ اهميت کي پنهنجو مَرڪُ ٿو ڄاڻي:
هُن چيو مذهب هجي، پر مون چيو
انسانيت
سمجھه جو ڦيرو هيو، بس ٻيو ته ڪو
جھڳڙو نه هو
مقصود گل وٽ انساني احساس، دنيا
جي هر مامري کان مٿانهون آهي ۽ سندس سِٽَ سِٽَ، معاشرتي اڻ برابريءَ کي نِندڻ جو
سربستو اظهار آهي. هن جو خواب هڪ اهڙو سماج آهي، جنهن ۾ هر فرد کي هڪجيترا ۽ هڪ جهڙا
حق حاصل هجن ۽ زندگي ڪنهن لاءِ به سزا نه هجي.
هِي تفاوت ڪونه ٿا سمجھي سگُھون
آهه سوچڻ کان مٿي هي مامرو
زندگي ڪنهن لاءِ جنت جي هوا،
۽ وري ڪنهن لاءِ دوزخَ جو تَرو
مقصود گل سدائين ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ
وارن جو خير گھرندڙ ڪوي آهي. مختصر اهو ته هن جو ڪلام سراپا احساس جو اظهار آهي.
اهو ئي سبب آهي، جو سنڌي ادب جي گلشن ۾ اگر ڌرتيءَ جو شاعر مقصود گل ”گلن ۾ گلابي
شهنشاهه گل“ آهي، ته سندس گيت سندس خوشبو آهن.
دشمنن تي رک نظر ۽ دوستيءَ جو
خير گُھر!
خوش رهي عالم سڄو، ڌرتيءَ سڄيءَ
جو خير گُھر!
ٿي نه تُون چمڙو، چريا! اُوندهه
جو پُوڄاري نه ٿي!
روشني آ زندگي، ڪجھه روشنيءَ جو
خير گُھر!
(آچر، ۲۶ شعبان المعظم ۱۴۴۴ هجري، ۱۹ مارچ ۲۰۲۳ع تي، روزاني
”ڪاوش“ حيدرآباد جي هفتيوار ميگزين ”ڪاوش دنيا“ ۾، ڇپيل، منهنجو لکيل مضمون، بعنوان:
”ڌرتيءَ جو خير گھرندڙ شاعر ــ مقصود گل“)
قاضي مقصود گل
”گلَ!“ مان سنڌ جو نقشو ٿي
پيس
ياسر قاضي
ڀَلئُون ڀليءَ جو ڇيهه ته
ناهي... ڏاهپ جي ڏيهه ۾ هڪ کان هڪ، ماڻڪَ، موتي، لعل اسانکي نصيب ٿيا، جن تي صديون
ناز ڪنديون. شاعريءَ جي جهان ۾ به ڏسجي ته بظاهر ته هر دؤرَ ۾ سوين نه، هزارين
ساهتڪار، پنهنجي پنهنجي وت آهر، قلمي پورهئي سان جُنبيل رهيا آهن... ۽ آهن... پر
اهو ڪو ته ڍنگ هوندو يا ڪسوٽي هوندي نه، جنهنڪري ڪجهه سخنورن کي ئي ”صاحبِ طرز“ ٿو
ڪوٺيو وڃي. اها طرز جي يڪتائي ئي ته ڪنهن ڪنهن ”گُل“ جي هُٻڪار کي ٻين گُلن کان ڌار
ڪيو بيهاريو ڇڏي...! واس ته ٻين گلن جو به موچارو، پر جيڪو هانءَ ۾ هنڌ ڪري... ۽
اهڙو هنڌ ڪري، جو هردي ۾ وڃي، مستقل سڪونت اختيار ڪري وڃي، ان ساهتڪار جي تخليق جو
واسُ ئي صدين تائين رهڻو آ. پر جيڪو تخليقڪار اڄ سخن جو موضوع آ، ان جي ته تخليقن
جو واس به اوڏو ئي نرالو آ، جيڏي سندس ذات ۽ شخصيت جي خوشبُوء... جيڪا خوبي هزارن
مان شايد ڪنهن هڪ ڪويءَ جي پُکي ۾ پوندي هجي!
شعر پڙهي ڏسو ته، شعر ناهن...! ڄڻ،
پينٽنگس آهن. جن کي پڙهڻ سان ان جو عڪس يا فلم ذهن جي پردي تي هلڻ ٿي لڳي:
چنڊُ، وڻ جي ٻانهن تي کاڏي رکي،
تُنهنجي درشن جُون دعائون ٿو
گهري
رنگَ، خوشبُو، روشنيءَ جي رُوپ
۾
نينهن نکريو دل لڳيءَ جي رُوپ ۾
وقت جي پيرڙن ۾ لڦُون ٿي
پيون...
وقت کان اڄ وکُون يا ته وسري
ويُون
فاصلو ٿورڙو... سوبه نبري نٿو...
وقت گذري نٿو....
ساهت جي چمن جي اُن گل کي سنڌ،
”مقصود گل“ جي نالي سان سُڃاڻي ٿي، جيڪو اڄ کان ۷۳ سال اڳ، ۱۵ اپريل ۱۹۵۰ع تي،
امرت راءِ حشمت راءِ سام جئه سنگهاڻيءَ، غمدل فقير ۽ قاضي ”قائل“ جي شهرَ...
موچاريُن ماڙيُن ۽ ’مِٺي مائي‘ جي ڪري مشهور تاريخي شهر رتيديري ۾، سنڌي شاعريءَ
جي روايتي دؤر جي نامياري شاعر، صحافيءَ، تعليمدان ۽ سماج سُڌارڪ، قاضي عبدالحيّ
”قائل“ جي گهر ۾ ڄائو. تخليقڪار گهراڻي ۾ ڄمي، سڀني ۾ پاڻ مڃائڻ ڏکيو ٿي پوندو
آهي، پر جيتوڻيڪ قاضي ”قائل“ جي گلشن جي چئني گلن جي تخليقي هُٻڪار مُلڪان مُلڪ
پهتي، پر بقول آڪاش انصاريءَ جي، ”مقصُود گل ڪير سڏائي!“ پنهنجي والد جي ادبي ورثي
جو وارث، هي ”گلن ۾ گلابي شهنشاهه’گل‘“ پنهنجي انداز جي اسلُوب، اظهار جِي نواڻ،
لهجي جي رُومان سان گڏوگڏ، گفتار ۾ مزاحمت جُون سختيون سهيڙي، 1975ع ۾ لکڻ شروع ٿو
ڪري، ته 1977ع کانپوءِ ايندڙ مارشلائي دؤر ۾ نشانبر آوازن منجهان واضح نموني ٻُجهندڙ
ڪُوڪ بڻجي ايئن ٿو گُونجي، جو استاد بخاريءَ کي سندس تعارف ڪرائيندي، رقم طراز ٿو ٿيڻو
پوي، ته:
حقيقت ’گل‘ جي بُلبل کان ٻڌڻ
گهرجي
تعارف سمنڊ جو طُوفان کان پُڇ!
خُدا آهي خُدا، شيطان شيطان آ
پتو انسان جو انسان کان پُڇ!
ان آمراڻي دؤر ۾ کيس صوبي بدر ٿيڻ
جُون صحوبتون به سهڻيون پيون، ٻيون به قسمين قسمين مصيبتُون سَهڻيون پيس. بعد ۾
نئين ديري شگر مل جي نوڪريءَ تان هٿ به ڌوئڻا پيس، پر سچ چوڻ جي جراءت توڙي جبلّت ڄڻ
منجهس ’بِلٽ اِن‘ هُئي، جيڪا سندس شخصيت جي سڃاڻ هئي.
رڪارڊ تي نالو: ”قاضي مقصود
حيات“... گهر ۾ ”معشوق“ سڏيو ويو. اُڀريو به پنهنجي رفيقن جي حلقي توڙي ساٿي اديبن
جو ”معشُوق“ ٿي... ڄڻ فقط ۽ فقط محبّتُون ڏيڻ ۽ وٺڻ جي ڪرت ۽ ايجنڊا تحت ئي هن
جهان ۾ موڪليو ويو هجي... ۽ پَڪ سان هيو به ايئن...! شمشيرالحيدري کيس پيار توڙي حُجّت
گاڏڙ ”وانٽيڊ فلاور“ (لفظ ’مقصُود گل‘ جو تُزُ ترجمو) ڪوٺيندو هو.
ميٽرڪ، رتيديري هاءِ اسڪول ۽ انٽر
لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج مان ڪري، گريجوئيشن ۽ ماسٽرس، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين.
اڳ اقتصاديات ۽ بعد ۾ سنڌي ادب ۾ ايم. اي. جي ڊگري ماڻيائين. روزيءَ ۽ روزگار جي ڏس
۾ آبپاشي کاتي ۾ فون ڪلارڪيءَ کان، سيتاروڊ هاءِ اسڪول ۾ ’ڊرائنگ ٽيچر‘ ۽ پوءِ ’ڊرائنگ
ماسٽر‘ طور خدمتون انجام ڏيڻ کان پوءِ نئين قائم ٿيل نئين ديري شگر مل ۾ پهريان
’تربيتي آفيسر‘ (اپرينٽس آفيسر)، پوءِ ’اسسٽنٽ مينيجر‘ ۽ ڊپٽي ’مينيجر ‘ رهيو. 10
اپريل 1995ع تي رتيديري ۾ والد جي علمي ۽ تعليمي لاٽ کي ٻرندو رکڻ جي جستجوءَ تحت،
سندس نالي پٺيان هڪ اسڪول جي پيڙهه رکي، اتي مستقبل جي معمارن کي پاڙهڻ شروع ڪيائين
۽ اڻ ڳڻيا پُوڄارا پُر ڪيائين.
سندس زندگي، سوجهري جو استعارو
هئي. سندس تڪيو ڪلام هو ”دل ڪر درخت جي دستُور...!“ پاڻ ان جو عملي اظهار به بڻيو،
تڏهن ئي ٻين کي به ان جي صلاح ڏيڻ سؤلي هوندي هئس. اکين ڏٺا اڻ ڳڻيا واقعا ڏٺاسي،
ته پنهنجي ذاتي دشمنن کي به دل، درخت ڪري، بخشي ڇڏيائين ۽ کِلي سيني سان
لاتائين... نه بخشيائين ته ڌرتيءَ جي دشمن کي نه بخشيائين. سندس زندگيءَ جو
منشُور، سندس استاد ۽ سخن جي رهبر، عطا محمّد ’حاميءَ‘جو هي شعر هو:
ڪنهن سان به ڪائنات ۾ ڪُلفت نٿا
رکُون
مذهب اسانجو آهه محبّت خدا
گواهه
هڪ دفعي انٽرويوءَ ۾ پُڇيو
مانس: ”ڪنهن سان نفرت ڪَيَوَ...!؟“
چيائيون: ”سخت ترين... ڪُوڙ
کان... منافقت کان... بغض کان... ۽ هر ان دل کان، جنهن ۾ انهن ٽنهي مان ڪابه هڪ
بلا رهندي هجي...“
هڪ ٻئي انٽرويُوءَ ۾ پڇيو مانس:
”سمجهه ۾ ناهي ايندو، ته اوهان رومانوي شاعر وڌيڪ سٺا آهيو... يا مزاحمتي... اوهان
جو ’رت ڀنا رابيل‘ ٿا پڙهئون ته سڄي گلشن جي گُلَ گُلَ تي رت جُون ڦينگُون ٿيون
نظر اچن. ’اکڙيون نيل ڪنول‘ ٿا پڙهئُون، ته رڳو پوپٽ، گؤنچَ، رنگ، روشنيون، هٻڪارون
۽ ماڪ ڦُڙا ٿا پسئون... اوهان پنهنجو پاڻ کي ڪيئن ’ڊِفائين‘ ڪندئو!“
ورندِي ڏنائين: ”ڪوئي شاعر
تيسين ڀرپُور مزاحمت ڪري ئي نٿو سگهي، جيسين منجهس رُومان نه هجي ۽ هو رُومان جو
اظهار ڀرپُور نموني نه ڪري سگهندو هجي! سرتيءَ جي درد کانسواءِ ڌرتيءَ جو درد ڪيئن
ٿو محسُوس ڪري سگهجي!“
تڏهن ته سندس هر رومانوي تخليق
پڙهندي، جڏهن سرخوشيءَ ۾ قاريءَ جا حواس خمارجڻ ٿا لڳن ، ته اوچتو هڪ شعر ڌرتيءَ
جي درد يا انسانيت تي ٿيندڙ ڪنهن اهڙي وارَ جي ذڪر سان ڀرپُور ٿو اچي، جو اهي
سرشار اکيون، ان اذيت جي شدّت مان ڇِرڪ ڀري کُلي ٿيُون پون:
مُلڪ جو نئين سِر بڻايو آهه
نقشو سازشن
مون ڏٺو جانچي ته ان ۾ ’سنڌ جو
نقشو‘ نه هو
هِيٽرن تي بند ڪمرن ۾ سُتا ڪنهن
جا ڪُتا
ڪنهن جي ٻچڙَي کي لُريءَ ۾ جسم
تي چولو نه هو
يا وري،
سُڏڪِي سُڏڪِي سُڏڪو ٿي پيس
اوسيئڙي ۾ اُلڪو ٿي پيس
سنڌڙيءَ جي لئه سوچي سوچي،
”گلَ“! مان سنڌ جو نقشو ٿي پيس
ادب جي ميدان ۾ سندس هر ڪم
منفرد... شاعري، سندس اهم ترين واسُ (هُو چوندو به هو ته ”ٻيا سڀ ڪمَ پنهنجيءَ
جاءِ تي، پر بنيادي طور تي آهيان مان شاعر!) ترجما... ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جي
ترجمن کان وٺي، اياز جي اردُو ترجمي ۽ سچل سائينءَ جي فارسي مثنوين جي منظُوم اردو
ترجمي تائين... ”ڪجهه سچ ڪُجهه ڪُوڙ“ جي عنوان سان هڪ روزاني اخبار ۾ريگيولر ڪالم
لکڻ کان وٺي... ٻارن لاءِ لکيل ڪهاڻين توڙي شاعريءَ کان وٺي، ”ٽمُون شرارتيءَ“ جي
عنوان سان لکيل ڪالمن تائين ۽ ماهوار ”گلدستو“ (ٻارن جي رسالي) جي ادارت تائين... ڊاڪٽر
’حاميءَ‘ جي مقالن جي سهيڙ کان وٺي... سندس بابت لکيل مضمونن جو ڪتاب سهيڙڻ
تائين... هر ڪم، قدر لائق... هر ڪرت ياد رکڻ جهڙي...
هر سال، اڄوڪي ڏينهن تي جنم ڏينهن
جو ڪيڪ ڪٽائيندا هئاسونس، ته ڪيڪ ڪٽِيندي، بخاريءَ جو شعر پڙهندو هو:
سانگين سان گڏ سالگرهه مان
وڇڙي ويُس، ته ورسي آهيان
اڄ ان شعر کي سندس ئي لهجي ۾
سوچي، اکيون آليُون ته آهن، پر ڏاهپ جو آواز ٿو اچي: ”نه هُو وڇڙي سگهي ٿو ۽ نه ئي
’ورسِي‘ ٿي سگهي ٿو... هر سال 15 اپريل تي هن جي ڪيڪ تي اضافو ٿيل ميڻ بتي، اڃا وڌيڪ
ذهن روشن ڪندِي ۽ ايئن هر سال ان سوجهري ۾ اضافو ٿيندو ويندو.“
(ڏھاڙي ”سوڀ“ ڪراچيءَ ۾، ۱۵
اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
مقصود گل
ڪجھه يادُون، ڪجھه ڳالهيُون
- جنم ڏينهن جي مناسبت سان
ياسر قاضي
اڄ سنڌ جي ناليواري شاعر، عالم،
دانشور، محقق، ٻارن جي اديب ۽ سچل سائينءَ جي شارح ۽ مترجم، مقصود گل جو ۷۳هون جنم
ڏينهن آهي. هو اڄ کان ۸ سال اڳ، ۶۵ ورهين جي ڄمار ۾ ۱۴ فيبروري ۲۰۱۵ع تي اسان کان هميشه
لاءِ وڇڙي ويا. مقصود گل صاحب جي شاعريءَ سميت ٻين علمي توڙي ادبي ڪارنامن تي ته
لکيو به ويندو آهي ۽ ڳالهايو به ويندو آهي، پر پاڻ هڪ اديب ۽ دانشور هئڻ سان گڏوگڏ
پنهنجي ذات ۾ انسان دوست، محبتي ۽ شگفته مزاج شخصيت جا مالڪ به هئا. اڄ سندن جنم ڏينهن
تي اچو! ته توهان سان سندن ڪجھه اهڙا واقعا ونڊيان، جن مان اوهانکي لڳندو ته هو هڪ
عظيم اڪابر هئڻ سان گڏوگڏ حاضر جواب، ڏاهپ سان ورندي ڏيندڙ، خوش مزاج ۽ حليم طبع
انسان به هئا، جن سان هڪ ڀيرو ملي، وري وري ملڻ تي دل چوندي هئي.
شاعري؟ يا نعري
بازي؟
۱۹۹۰ع ۾ مقصود گل صاحب جو
مزاحمتي شاعريءَ تي مشتمل لوڪ پسند ڪتاب “رت ڀِنا رابيل” منظرِ عام تي آيو. اهو ڪتاب
تازو ئي پڌرو ٿيو هو ته انهن ئي ڏينهن ۾ مقصود صاحب پنهنجي نجي ڪم ڪار سان ڪراچيءَ
آيو ۽ پنهنجي عزيز وٽ ڪراچيءَ جي باٿ آئيلينڊ جي علائقي ۾ محمد علي بوگرا روڊ تي
واقع سندس اپارٽمينٽ ۾ ترسيل هو، جتان شيخ اياز جو “پرنس ڪامپليڪس” وارو گھر (اپارٽمينٽ)
بمشڪل ۵ ــ ۱۰ منٽن جي پيدل سفر تي هو. انهن ڏينهن ۾ مقصود صاحب جو ننڍو ڀاءُ،
قاضي منظر حيات، سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ۾ هائوس جاب ڪري رهيو هو ۽ اياز سان سندس روزاني
بنياد تي ملاقاتون ٿينديون هيون. مقصود صاحب جيترا ڏينهن به ڪراچيءَ ترسيل هوندو
هو، ٽنپهرن ڌاري پنهنجي ننڍي ڀاءُ، منظر سان گڏجي اياز سان ملڻ پرنس ڪامپليڪس
ايندو هو. اهو اياز جي چهل قدميءَ (واڪ) جو ٽائيم هوندو هو، پوءِ مقصود صاحب، شيخ
اياز ۽ قاضي منظر گڏجي، ڪلفٽن برج وارو روڊ ڪراس ڪري باٿ آئيلينڊ ۾ واقع ‘آغا خان
پارڪ’ ۾ واڪ لاءِ ويندا هئا ۽ سانجھيءَ ڌاري واپس پرنس ڪامپليڪس موٽندا هئا. انهن
ئي ڏينهن دؤران هڪ شام مقصود صاحب، اياز کي پنهنجو اهو مذڪوره تازو پڌرو ٿيل ڪتاب
“رت ڀِنا رابيل” تحفي ۾ ڏنو. اياز، بسيار نويس هئڻ سان گڏو گڏ بسيار خوان به هو،
سو اهو ڪتاب رات ۾ ئي پڙهي پورو ڪيائين. ٻئي ڏينهن معمول موجب مقصود گل صاحب ۽
چاچا قاضي منظر حيات، اياز وٽ ٽيپهريءَ ڌاري پهتا. اڄ مقصود صاحب جو جگري دوست ۽
ناميارو سنڌي شاعر مختار گھمرو به ساڻن گڏ هو. هي چارئي ڄڻا شام جي واڪ تي گڏ
روانا ٿيا. اياز لڪڻ هٿ ۾ کنيو اڳيان اڳيان ٿي هليو ۽ مقصود صاحب ساڻس قدم، قدم
سان ملائي پئي هليو. جڏهن ته مختيار ۽ منظر هڪ قدم پويان ساڻن گڏ پئي هليا. ڳالهه ٻولهه
ڪندي، مقصود صاحب شيخ اياز کان پڇيو: “ڪتاب ڏِٺُوَ!؟” اياز وراڻيس: “مون پڙهي پورو
به ڪري ڇڏيو رات ئي...” مقصود صاحب پڇيس: “اوهان جي راءِ!؟” اياز چيس: “مون جيڪا
تنهنجي شاعري رسالن ۾ پڙهي آهي، ان جي روشنيءَ ۾ مان ڄاڻان ٿو ته تون ته زبردست
رومانوي شاعر آهين، پر تنهنجي هن ڪتاب ۾ شاعري گھٽ ۽ ‘نعري بازي’ وڌيڪ آهي!” مقصود
صاحب ٺهه پهه چيس: “جي منهنجي ’رَت ڀِنا رابيل’ ۾ شامل شاعري نعري بازي آهي، ته
پوءِ اوهانجي ‘سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميارَ! او يار!’ واري شاعري ڇا
آهي!؟ اوهان ۶۰ع واري ڏهاڪي جي مزاحمت ۾ اهي نعرا هنيا هئا... مون ۸۰ع واري ڏهاڪي
جي مزاحمت ۾ اهي منظُوم نعرا هنيا آهن...”
اياز ماٺ رهيو... ڄڻ مقصود گل
جي ڳالهه سان سمهت هجي!
ويٺو آهيان، ته
خوش آهيان:
سنڌ جو سرموڙ شاعر شمشير
الحيدري، مقصود گل صاحب جو سينيئر دوست هو. مقصود گل، جتي شمشير صاحب جو تمام گھڻو
احترام ڪندو هو، اتي ٻنهي ۾ ڪمال جي حُجت به هئي. ٻنهي ۾ قدرِ مشترڪ ٻنهي جي شگفته
مزاجي به هئي... جتي شمشير جي برمهل جملي بازي مُلڪان مُلڪ مشهور آهي، اتي مقصود
صاحب به ساڻن گفتگو ڪندي ‘سير تي سوا سير’ وارو ڪردار ادا ڪندا هئا. ٻنهي جي ڀوڳن
۾ گهرائي هجڻ ڪري ان محفل ۾ موجود ٻيا ماڻهو ٻنهي جي گفتگوءَ مان محظُوظ پيا ٿيندا
هئا. شمشير صاحب ۽ مقصود صاحب جي نمڪين
جملي بازيءَ کي قلمبند ڪجي ته ان لاءِ هڪ طويل تحرير جي ضرورت آهي، پر هتي فقط هڪ
واقعو قلمبند ٿو ڪريان:
هڪ ڀيري پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ
جي اسٽوڊيو ‘ڊِي’ ۾ ڪنهن مشاعري جَي سيٽ تي ٻنهي جي ملاقات ٿي، جنهن جي نظامت مون
پئي ڪئي. ياد رهي ته ٻنهي اڻ ڳڻيا مشاعرا گڏ پڙهيا هئا، جن مان ڊزنين ته ٽي ويءَ
جا مشاعرا هئا. ان مشاعري ۾ شاعرن کي ترتيب سان ويهارڻ کانپوءِ اڃا ريڪارڊنگ شروع ٿيڻ
جو انتظار پئي ڪيوسين ته مقصود صاحب، شمشير کان اشارن ۾ احوال پڇيو ۽ ٻنهي هٿن سان
دريافت ڪيائين ته “خوش آهيو نه!؟” ته شمشير صاحب اکين ۽ ڀرُوَن جي اشاري سان ڄڻ ته
سوال جي وضاحت گُھريَس. تنهن تي مقصود صاحب زبان سان پُڇيس: “ويٺا ته خوش آهيو!؟” تنهن
تي شمشير وراڻيس: “ويٺو آهيان، ته خوش آهيان!”شمشير جي ان جملي تي سڀني شاعر دوستن
جي مک تي مرڪُون وکري ويون.
هلي آ هُنڊا ڏيانءِ
وٺي:
ناميارو مزاحمتي شاعر، سرڪش سنڌي،
مقصود گل جي ديرينه حجائتن دوستن مان هو. هنن جو تعلق جيترو پراڻو هو، اوڏو حجت ۽
محبت جي ڳنڍين ۾ ڳنڍيل به هو. سرڪش جي شاعريءَ جي سڃاڻپ جيتوڻيڪ مزاحمت هئي، پر هو
جڏهن رومانوي شاعري ڪندو هو، ته به خوب نباهيندو هو. هڪ دفعي سرڪش ٻه ٽي رومانوي
گيت هلڪي ڦُلڪي انداز ۾ لکيا ۽ رتيديري ۾ اسانجي گھر جي بيٺڪ (اوطاق) ۾ ڪنهن ڪچهريءَ
دوران مقصود صاحب کي ٻُڌڻ لاءِ چيائين! سرڪش هي ٻه ٽي گيتَ، پنهنجي مخصوص انداز ۾
نظر وارو چشمو پنهنجي نڪ تي رکي، گل صاحب کي جُھونگاري ٻڌائڻ شروع ڪيا. انهن مان هڪ
گيت هو: “پنڌ نه گھم او پوپٽ جهڙا! هلي آ هُنڊا ڏيانءِ وٺي... هلي آ هُنڊا ڏيانءِ
وٺي... هلي آ مزدا ڏيانءِ وٺي...”
مقصود صاحب سڄي گيت دؤران
شرارتي مرڪ مرڪندو رهيو. جيئن ئي سرڪش گيت جھونگاري پورو ڪيو ته حجت مان پڇيائينس:
“ڇا ٿو ڀائين!؟” مقصود صاحب وراڻيس: “پاڻ سائيڪل تي ٿو گھٽيون ڪڇيندو وتين، محبوب
کي هُنڊا ۽ مزدا وٺي ڏيندين!؟”
خرچ ۽ خرچي:
مان ڪلاس نائين کان انٽرميڊيٽ
تائين پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ پڙهيس ۽ ميٽرڪ توڙي انٽر جو امتحان اتان ئي پاس ڪيم.
هي هڪ رهائشي ادارو هو، جتي اسانجي تعليم سان گڏوگڏ رهائش جو انتظام به ٿيل هوندو
هو ۽ اسان ٽن مهينن ۾ هڪ ڀيرو (مڊ ٽرم يا ٽرم بريڪ ۾) ميرپورخاص کان ۱۰ ڏينهن جي
موڪل ملڻ تي گھر ايندا هئاسين. مان جڏهن به اها ۱۰ ڏينهن جي موڪل پُوري ڪري واپس
اسڪول لاءِ روانو ٿي رهيو هوندو هئس، ته بابا (مقصود گل صاحب) مونکي ۳ مهينن جي
خرچ جا ٻَڌا پيسا ڏيڻ کانپوءِ، ٻه ٽي سؤ روپيه الڳ به ڏيندا هئا. پڇندو هومانس ته،
“هي ڇا جا!؟” ته جواب ڏيندا هئا ته، “هُو (ٻَڌا پيسا) تُنهنجي خرچ جا آهن... جڏهن
ته هي خرچيءَ جا...”
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۵ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
مقصُود گل
سنڌ جو ناميارو شاعر،
عالمَ، دانشور، ترجمي نگار، صحافي ۽ سچل سرمست رحہ جي شارح - سنڌي مزاحمتي شاعريءَ
جو مھندار شاعر
طارق عزيز شيخ
شاعرِي ته اڻ ڳڻين شاعرن جِي
روز نظر مان گذري ٿي، يا گيتن ذريعي ٻُڌجي ٿي، پر جيڪو ڪلام دل توڙي دماغ تي سنئون
سڌو اثرانداز ٿئي، سو ئي حافظي ۾ رھجي وڃي ٿو. سنڌ جو نمائندو مزاحمتي توڙي
رومانوي شاعر مقصود گل به سنڌي ٻوليءَ جي اھڙن منفرد ۽ ڪامياب شاعرن ۾ سرِ فهرست
آهي، جن جي شاعري نه فقط دل ۽ دماغ تي اثرانداز ٿئي ٿي، پر ورھين جا ورھيه گذرڻ
باوجود به يادداشت ۾ محفُوظ رھجي ٿي وڃي، جيئن ضيائي آمريت جي ڏينهن ۾ مقصود گل
صاحب جي ڪيل مزاحمتي شاعريءَ رستي اٿاريل آواز اڄ به سنڌ ڄاون کي ياد آهي ۽ جيڪڏهن
ڪنھن کي لفظ به لفظ ياد نه به ھجي، ته به ورھين بعد اهي سٽُون سامھون اچڻ تي اھو ڪارو
زمانو، ذهن جي پردي تي فلم جيان اکين ۾ تَري اچي ٿو. جيئن، گل صاحب جو ههڙو اظھار:
رات رُئندي رھِي، ماڪ پوندي
رھِي
داغ ڌرتيءَ سندا، باک ڌوئندي
رھي
درد جَي ديوَ دھشت وِڌي ديسَ ۾،
سوچَ سَڙندِي رھِي، لوچَ لُڇندي
رھي
گھر ڌڻين جي مٿان، رات گوليون
وسيُون،
پرھ پڙلاءَ کان، پارَ پُڇندي
رھِي
لاشَ بي ڏوھ، رستن تي نَچندا
رھيا
ڏنگَ ڏاھپ ڏِٺا، ڏات ڏُکندي
رھِي
رات کي مات سورج ڏني آ ڪٿي!
ڏند ڏائڻ ڪَڍي، کوڳَ کِلندي رھي
پيارَ وارا پرَي، ڪيئن نه دلڙي ڪرَي،
سارَ جي سُوٽَ، ھينئڙي ۾ ھُرندي
رھِي
ڪنھن ته چُوچِي ڏنِي، باغ ڀڙڪِي
پَيو،
”گل“ ڄريٽي ۾، سرھاڻ سَڙندِي
رھِي
مقصود گل جي شاعري جيتوڻيڪ گهڻ
رُخي ۽ گھڻ موضوعاتي آھي، پر ان ۾ رومانوي، مزاحمتي، انقلابي توڙي سماجي پھلو وڌيڪ
نمايان آھي. ان جو سبب اھو آھي ته مقصود گل صاحب عام ماڻھوءَ سان اُٿندو ويھندو
ھو، جنھن ڪري عوامي امنگن جي نمائندگي ڪيائين، جھڙيءَ طرح ھتي چوي ٿو:
ڌرتيءَ جِي سِڪَ سِيني لائي،
پيار وفا کي پنهنجو ڀانئي،
چنڊ ستارا مرڪُون ميڙي، باک ڀليرِي
سوچ سهيڙَي،
صبح ٿيڻ جِي ساک ڏيان ٿو،
لهندَي سجَ کان لاکَ وٺان ٿو
سنڌوءَ مان سنگيت کڻان ٿو، لاک
ــ رَتا مان گيت لکان ٿو
پنهنجي فن ۾ ماهر آهيان، مان ڌرتيءَ
جو شاعر آهيان
مقصود صاحب سنڌي ادب جو وڏو ماڻهو هوندي به
پنهنجي فطرت ۾ هرگز مغرور نه ھو. پنهنجي زندگي سادگيءَ سان گذاريائين ۽ ڪڏهن به
خود پرست نه رهيو. هُو سدائين سخي دل رهيو. کل مُک، مکڻ ماڻهو، زندهه دل ۽ هڏڏوکي
انسان. پنهنجي قلم کي سماج جي تصوير ڪشيءَ لاءِ ھن ريت استعمال ڪندو رهيو:
گھر گھر ۾ جتي ظُلم جو گھاڻو
هوندو،
هر شخص اتي ڇو نه ڏُکاڻو هوندو،
ان شهر ۾ آ عدل ۽ انصاف ڪٿي!
جنهن شهر جو مفتي جَي وڪاڻو
هوندو
مقصود گل صاحب سنڌ جو يگانو،
دلير شاعر ۽ اديب هو، جيڪو حق ۽ سچ لاءِ هر محاذ تي اٽل بيٺل رهيو. ايم آرڊي تحريڪ
هجي! يا سنڌي ٻوليءَ جو مسئلو... هر ميدان ۾ عملي توڙي قلمي محاذ تي سدائين اڳڀرو
هو. مقصود گل کي ۱۹۸۲ع ۾ ڌاڙيلن اغوا ڪيو (يا کيس اغوا ڪَرايو ويو) جتان ۱۱ ڏينهن ۱۱ راتين بعد هو بازياب ٿيو. ھن کي مزاحمتي اظھار کان روڪڻ لاءِ لاڙڪاڻي شوگر
مل ۾ ڊپٽي مئنيجر جي حيثيت ۾ سرڪاري نوڪريءَ دؤران شديد تنگ ڪيو ويو، جو بالآخر
کيس استعفا ڏئي اها ملازمت مجبوراً ڇڏڻي پئجي وئي. کيس پنهنجي قلمي بيباڪيءَ سبب
صوبي بدر به ڪيو ويو ۽ بيشمار ذهني اذيتون پڻ ڏنيون ويون، پر ان جي باوجود ھن
شاعريءَ سان گڏوگڏ مزاحمتي ادب لاءِ به پنهنجو قلمي پورهيو ڪٿي به ڪڏهن به ڪونه روڪيو.
ان حوالي سان به سندن ھهڙا اعترافَ جابجا ملن ٿا:
سنڌڙيءَ جي سينڌ جو مُون اڄ
کنيو آهي قسم
ڀل ته ڏي ايذاءَ تُون، پر سچ تي
کڻبو قلم
مقصود گل صاحب جو گھراڻو علمي
ادبي حوالي سان، نسل در نسل ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سائينءَ جي خاندان جو ھر فرد مرد
توڙي عورتون، پيڙهين کان علم، ادب ۽ آرٽ سان وابسته رھندا پيا اچن. مقصود گل پاڻ
به پنهنجي آخري دم تائين قلم سان نباھيندو رھيو. سندن وڇوڙو بھار جي آمد ۾ ٿيو، جيڪو
يقيني طور تي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو وڏو نقصان هو، جيڪو خال ڀرجڻ ڪنهن به طور ممڪن
ناھي. سندس ترقي پسند سوچ سنڌ جي ساڃاهه جي نمائندگي ڪندڙ رھِي. ھن ادب جي ھر صنف
۾ نھايت مھارت سان قلم آرائي ڪئي. اڄ سندن پاڇو ۽ خوشبو سندس اولاد ۾ موجود آھي.
مقصود گل صاحب جھڙي منفرد علمي ادبي پورھيت کي وسارڻ ناممڪن آھي، خاص طور تي اڄ
سندن وڇوڙي واري ڏينهن تي سندس قلمي ڪرت توڙي شخصيت کي ياد ڪري سندن خدمتن کي
ساراهيندي سرهائيءَ سان گڏگڏ فخر به محسوس ٿئي ٿو.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ اربع، ۳ شعبان المعظم ۱۴۴۵ هجري، ۱۴ فيبروري ۲۰۲۴ع تي، ڇپيل)
مقصُود گل
سنڌ جو سهڳڻو سُخنوَر -
جنم ڏينهن جي مناسبت سان
الطاف اثيم
مالدار ماڻهن، وڏن ليڊرن ۽
صاحبِ ثروت سرمايه داران جي ساراهه کان اکين کي اوجھل ڪري، جڏهن پنهنجن انهن سِڪَ
وارن سڄڻن جي ساروڻين کي قلمبند ڪرڻ ويهجي ٿو، جن جي محبتن ۽ مروّتن منهنجي
زندگيءَ کي زينت بخشي ۽ خود اعتمادي پيدا ڪئي، ته روح کي راحت ۽ قلب کي قرار ملي ٿو
پئي. اڄ هتي اهڙي ئي قربدار، جيءَ جيارَ جو تذڪرو ڪريان ٿو، جيڪو سون ورنيءَ سنڌ
جو سهڳڻو سخنور هو ۽ ادبي سنسار ۾ “مقصود گل” جي نالي سان مشهور آهي.
هر هڪ ماڻهوءَ کي مالڪ جُدا
جُدا صفتن سان سينگاريو آهي، پر جيئن ته منهنجو مهربان مقصود گل منهنجي نظر ۾ انيڪ
خوبين جو گلدستو هو، انڪري مان کيس ‘سهڳڻو’ لکيو آهي، يعني جنهن ۾ هڪ يا ٻه نه پر
سوين گُڻَ يا خُوبيون هجن. هُو سُخنور به هو ته سُخن شناس به! ادب جي مختلف ميدانن
۾ هن هڪ هوشيار شهسوار جيان پنهنجو ڪونتل ڪُڏايو، جيڪو سندس سُخن شناس هجڻ جو ثبوت
آهي. پياري مقصود گل سان منهنجي سِڪَ پريت جو جيڪو رستو هو، ان آڌار مون سندس
شخصيت ۽ حيثيت جو جيڪو مشاهدو ڪيو، هي مضمون ان پسمنظر ۾ آهي.
سچل سائينءَ جي فهم ۽ فڪر سان
سانڀر لاڪون ساهه جي سُٻنڌ رهيو آهي. بابو سائين مرحُوم هر سال ۱۴هين رمضان جي
صبح جو گادي ڌڻي سائين خواجه عبدالحق فاروقيءَ جي تاج پوشي ۽ “عشق مبارڪ” تقريب ۾
شرڪت لاءِ درازه وٺي ويندو هو. ڇا ته وجد آور ڪيفيت هوندي هئي حاضرين جِي! بيان
کان قاصر آهيان!
“بهارِي ڪئي سخي مولا! سڄو
سنسار هُو.. هُو.. هُو..”
انهن ٻولن سان صوفي سماع شروع ٿيندو
هو ۽ پُڄاڻي ٿيندي هئي سچل سائينءَ جي هن ڪلام تي:
“آءٌ ٻانهِي تُون سائين وي،
پاتم پاند ڳچيءَ ڳل ڪپڙو”
راڻي پور ۾ “سچل سرمست ڪاليج”
کلڻ کانپوءِ سچل سائينءَ جي طالبن “عشق مبارڪ” جي تقريب کانپوءِ منجھند ڌاران سچل
سرمست ادبي ڪانفرنس جي شروعات ڪئي. اسٽيج ۽ پنڊال وغيره سينگارڻ جو ڪم سچل ڪاليج
جي اسٽاف ۽ شاگردن حوالي هو، باقي عالمن اديبن کي مدعو ڪرڻ جو ذمو “سچل اڪيڊميءَ”
حوالي هو. پنهنجي دؤرَ جا نامور اديب ۽ شاعرَ سموريءَ سنڌ مان فقط سچل سائينءَ جي
عقيدت ۾ پنهنجي ڀاڙي ڪرائي تي ايندا ڏٺاسون. نه آڊيٽوريم هو، نه سماع هال ۽ نه ڪو
ريسٽ هائوس وغيره. اڄ جيان تيز رفتار سواريون ۽ روڊ رستا به موجود ڪونه هئا.
“محبت وڌي هئي مامري، نه ته ڪير
ڪشالا ڪري!”
چند سالن کانپوءِ “سچل اڪيڊميءَ”
جي جاءِ تي “سچل يادگار ڪميٽي” جوڙي وئي، جنهن جا سرواڻ هئا ڊاڪٽر تنوير عباسي،
هادي بخش لاڙڪ، سيّد قائم علي شاھ، سيّد غوث علي شاھ ۽ عطا محمّد حامي. جيئن ته هاڻي
ادبي ڪانفرنس جي انتظاميه جو تعلق ساڳئي ضلعي سان هو، تنهنڪري شاعرَ، اديبَ وڏي
تعداد ۾ شريڪ ٿيڻ لڳا. خالص سچل شناسيءَ جي فروغ جي مقصد سان نه رڳو اتر سنڌ، پر
سموري سنڌ جي شاعرن اديبن کي هڪ وسيع غير سرڪاري پليٽ فارم ملي ويو. اسان جهڙن
نؤجوانن ان وقت مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ، شيخ اياز، فيض بخشاپوري، نياز
همايوني، بردي سنڌي، نُور عباسي، الطاف عباسي، عبدالڪريم گدائي، استاد بخاريءَ ۽
پرواني ڀٽي وغيره کي پهريان پهريان اتي ڏٺو ۽ ٻڌو. اڳتي هلي ادبي قافلي ۾ سچل جي
صحن تي جن نون شاعرن پاڻ مڃايو، تن ۾ شمشيرالحيدري، تاجل بيوس، عنايت بلوچ، هدايت
بلوچ ۽ قاضي مقصود گل وغيره شامل آهن. تنهن وقت درازا ڪي ٻيا هئا. اڄوڪو گوڙ گند ڪونه
هو. نه شاعرن کي شُهرت لاءِ ششدر ڏٺوسين، نه سرڪاري چيڪ لاءِ چريو! “ڀلي بُکَ ڀرمَ
جي، شلَ نه وڃي شان” اهو حقيقت ۾ اسان پاڻ ڏٺو. سچل ادبي ڪانفرنس ۾ هر سال جن مڻيادار
ماڻهن سان ملڻ ۽ چار چونڪَ بامقصد گفتگو ڪرڻ جو موقعو ملندو رهيو، تن ۾ صاف سهڻي
صورت ۽ موهيندڙ مُرڪَ وارو ماڻهو قاضي مقصود گل مون لاءِ منفرد هو. درازي درويش جي
ادبي اسٽيج تي سنڌ جي هن روشن ضمير شاعر، سچل کي ڀيٽا ڏيڻ سان گڏوگڏ عوامي جمهوري
حقن جي حاصلات واري جدوجهد ۽ ڪالاباغ خلاف مزاحمتي معرڪا وڏي دليريءَ سان وڙهيا:
سنڌ جو پاڻي سُڪائڻ ٿا گُھرَن
باغَ کي برپٽ بڻائڻ ٿا گُھرَن
جھوڪَ، ڀِٽَ جو ۽ درازَن جو سچل
سنڌ سان ناتو نڀائڻ ٿا گُھرَن
پنهنجي ديس ۾ وحشت ۽ دهشت جو
دؤر ڏسي، وڏي واڪ چوڻ لڳو:
بُکَ هڙتالي تال پکيڙي،
دهشتگردَ ڇڏائڻ چاهِن
ڪُوڙا ڍونگَ رچائي ڪُوڙا،
ٻين جا حقَ ڦٻائڻ چاهِن
مقصُود گل، پنهنجي همعصرن ۾
منفرد مترجم، نقاد، شاعر، نثر نويس ۽ ڪالم نگار رهيو. مگر هن جو قلمي ڪردار سچل
شناس جي حيثيت ۾ هميشه يادگار رهندو. سچل سائينءَ جي شارحَ، ڊاڪٽر عطا محمّد
حاميءَ سان ساڻس عقيدت جو رستو هو. پاڻ نه فقط سندس شاعرانه عظمتن جو معترف هو، پر
گھڻي قدر پنهنجي شاعريءَ جو لساني ۽ صنفي سٽاءُ به ساڳيو اختيار ڪيائين. حامي صاحب
جا پراڻي دؤر ۾ ڇپيل تحقيقي مقالا هن وڏي جفاڪشيءَ سان ڪَٺا ڪري “وکريل موتي” جي
نالي سان ڪتابي صُورت ۾ ڇپرائي حامي صاحب جي پهرين ورسيءَ تي پڌرا ڪيا. ان کانپوءِ
هن حامي صاحب جي ڪيل سچل جي فارسي مثنوين جي منظوم سنڌي ترجمي “نينهن جا نعرا” کي
اردُوءَ جو ويس ڍَڪائي هڪ وڏو ادبي ڪارنامو سرانجام ڏنو. اهو ڪم هن ڪنهن جِي
فرمائش يا معاوضي جي آسري تي شروع نه ڪيو. ان جي پويان سندس سچل سائينءَ جي فڪر
کان متاثر ٿيڻ وارو سبب سمايل هو. اڃا مثنوين جو ترجمو مڪمل نه ڪيو هئائين، ته
مونکي خط لکي آگاھ ڪيائين ۽ راءِ معلوم ڪيائين. منهنجي خوشيءَ جي ڪا انتها نه هئي.
مون فوراً ساڻن رابطو ڪري کين ان ڪم لاءِ وڌيڪ وقت ڪڍڻ جي گذارش ڪئي، ته جيئن
مقصود گل سان گڏ سچل چيئر جو ڊائريڪٽر الطاف اثيم به پنهنجي زندگيءَ لاءِ اهو
اعزاز حاصل ڪري سگھي. پوءِ پاڻ ايئن ئي ڪيائين. مسودو جائزي کانپوءِ تڏهوڪي وائيس
چانسلر ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ آڏو رکيم، جنهن بنا دير ڇپرائڻ جي منظوري ڏني. عزيزم
ياسر قاضيءَ، حميد سبزوئيءَ ۽ طارق عزيز شيخ جي گڏيل ڪاوشن سان “عشق سمندر” جلدي ڇپجي
آيو. سچل سائينءَ جي عرس جي موقعي تي شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي سچل چيئر پاران
مقصود گل کي جناب اي. اين، جي عبّاسي مرحوم جي هٿان “سچل سرمست ايوارڊ” ڏنو ويو.
سچل جي مثنوين جي منظوم اردو ترجمي وارو ڪتاب “عشق سمندر” اداري جو سڀ کان وڌيڪ وڪامندڙ
۽ پڙهجندڙ ڪتاب ليکيو وڃي ٿو. منهنجي نظر ۾ قاضي مقصود گل جا ٻيا مڙيئي قلمي ڪارناما
هڪ طرف، “عشق سمندر” جو اعزاز هڪ طرف.
مقصُود گل سان ٻئي هنڌ گھٽ، پر
سال ۾ ٻه ڀيرا خيرپور ۾ ملاقات ضرور ٿيندي هئي. هڪ سچل ادبي ڪانفرنس ۾ ۽ ٻي عطا
محمّد حامي صاحب جي ورسيءَ تي منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ هونئن ته خط و ڪتابت سمورو
سال هلندي رهندي هئي، ڇوته موبائيل اڃا عام نه ٿي هئي. ملاقاتن جي پسمنظر ۾ مون
کيس اندر ڪارو ڪانءُ رکي ٻاهر هنجَ جِي ٻولي ٻوليندي ڪونه ڏٺو. پاڻ سخن جي سچائيءَ
۽ دوستيءَ جو ڀرم هر حال ۾ قائم رکندڙ انسان هو. هو خواه مخواه وچ ويهڻ، ٺونٺيون هڻي
اڳين صفن ۾ سلهاڙجڻجو سعيو نه ڪندو هو. صدارتي صدرِي پائڻ يا مُک مهماني ماڻڻ جو
متوالو نه هو. دستِ حاجت دراز ڪرڻ جي عادت ڪانه هيس. سدائين صبر سان منهن تي مُرڪون
سجائي شعُور جون شمعون روشن ڪرڻ ۾ رڌل رهيو. “جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي!”
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۵ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
مقصود گل قاضي
نِينهن جي نعرن ۾ ڇُلڪندڙ
”عشق سمندر“
ناصر گل قاضي
اِنسان جي
عظمت کي سچو سمجُهون ٿا،
هر ڪنھن کي
اسان صاف سُٺو سمجهون ٿا،
پر جو ديس جو
دُشمن جو ٿئي ٿو ’حامي‘،
اُن ڪڙم جي
ويريءَ کي ڪُتو سمجهون ٿا.
اِن رُباعيءَ سان سندس بيان جي
شروعات ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ اُن وقت خيرپور وارو ’سچل اڪيڊمي آڊيٽوريم‘ اَديبن سان
کچاکچ ڀريل آهي، تنھن هوندي به هال ۾ مڪمل سانت ڇانيل آهي ۽ هر هڪ اُن سچل جي
يگاني عاشق ۽ ’حاميءَ‘ جي حاميءَ طرف متوجھه آهي. سندس آواز پنھنجي مڪمّل آب ۽ تاب
سان گُونجي رهيو آهي، جيڪو آواز پنھنجي پُر شڪوهه اندازَ جي سَنگهر سان سڀني
حاضرين کي سُڪ ڪري ڇڏيو آهي. اها سندس استاد سان عقيدت چئجي يا نئين روايت جي
ابتدا، جو ڪانفرنس، سيمينار يا مشاعري ۾ پڙهجندڙ سندس نثري تحرير يا شعر جو موضوع
کڻي ڪھڙو به هجي، پر ابتدا ’حاميءَ‘ جي ڪلام سان ئي ڪندو هو. اَڄ به سچل سائينءَ
جي شاعري سندس موضوع آهي، پر هميشه جيان پنھنجي اظهارَ جي پنٿ تي، ’حاميءَ‘ جو گس
وٺي، سچل طرف راهي آهي.
منھنجو ڳاٽ اِن ڳالهه تي هميشه
اُوچو رهندو ته آءٌ سندس ئي ذات ۽ ڏات جو تسلسل، سندس ئي اولاد آهيان ۽ هي جيڪي به
ٻه ٽي اُبتا سُبتا اَکر لکي سگهان ٿو، اهو سندس ئي چِيچ پڪڙي هلڻ جو ثمر آهي. هو هڪ
مثالي پيءُ ۽ هڪ بي مثال رهبر هو.
ڪونه وسريو آهي اهو وقت، جڏهن
هو منھنجي ننڍڙي وجود کي پيار سان پنھنجي پيٽ تي ويھاري ’اوّلَ ۾ الله ڀلو،
سائينءَ وڌو ساهه ڀلو‘ وارا لوڪ ٻول مڪمل آهنگَ ۽ روانيءَ سان اُچاريندو هو. ڪٿي
وسريُون آهن فل اسڪيپ ڪاغذ جي عمودي اَڌ تي سندس هٿ اکرن ۾ لکيل ’حامي‘ صاحب جُون
اُهي رباعيون، جيڪي ڪنھن نصابي سبق جيان ياد ڪرڻ مون تي ڄڻ فرض هونديُون هيون.
سندس آڏو ويھي ڪنھن محفل ۾ هارمونيم تي هٿ رکي ڪي سِٽون جهونگاريم، ڊائس تي اچي ڪابه
لکڻي پڙهيم يا اخبار ۾ منھنجو ڪوبه مواد ڇپيو، تڏهن سندس مرڪن جي تحفن سان گڏ
شاباسي جملا منھنجي همت افزائي ضرور ڪندا هئا. سندس محبت ۽ اهي مرڪُون منھنجي هر
ادائگيءَ جي سدائين آجيان ڪنديون هيون. نصابي ڪتابن کان هٽي ڪري، علم اَدب سان
چاهه هڪ ننڍڙي نونھال جي اَندر ڪيئن اوتجي، اهو هنر هو چڱيءَ ريت ڄاڻندو هو. اِن
حوالي سان مون کي هڪ ننڍپڻ جو هڪڙو واقعو ياد پوي ٿو ته هڪ ڀيري جمعي جي موڪل واري
ڏينھن تي اسين گهر جا ننڍڙا ٻالڪ راند روند ۾ مصروف هئاسين، راند به ڪا خاص نه، پر
ڪرڪيٽ، اَک ٻُوٽ، يا ڀڄڻ ڊڪڻ واري ڪا راند هئي. اُن جمعي واري ڏينھن کان هڪ ڏينھن
اڳ، يعني خميس جي شام جو اسان جي گهر ۾ ٻاهران ڪي کوکا (ڪارٽن) آيا هئا، جيڪي گهر
جي اَڱڻ جي هڪ پاسي کان رکيل هئا، جن کوکن ۾ سندس ئي تازي ڇپجي آيل ڪتاب ’ڪرڻا ڪرڻا‘
جُون ڪاپيون پيل هيون. هاڻ ٻارڙن کي فضول راند مان آجو ڪري، کين مصروف ڪيئن رکڻو
آهي، اها سندس ڪمال مھارت هئي. ڇا ڪيائين، جو گهر جي اَڱڻ تي هيٺ ڪا فراسي/تڏو وڇارايائين
۽ اسان ٻارن کي ’ٽاسڪ‘ ڏِنائين ته هنن کوکن مان ڏهه ڏهه ڪاپيون اَلڳ ڪندا، هيٺ تڏي
تي رکندا وڃو ۽ پاڻ تڏي جي هڪ پاسي ويھي، اسان پاران ڳڻيل ڪتابن مان هڪ هڪ ڪتاب کڻي،
اُنھيءَ جي پھرين صفحي تي ڪجهه لِکي، هڪ هڪ يا ٻه ٻه ڪاپيون ڌار ڌار لفافن ۾ بند ڪندو
ويو. اسين ٻار اُن ڪم ۾ ايترو محو ٿي وياسين، جو سج لھڻ تائين به نه ڪتابن جون ڪاپين
جي ڳڻپ مڪمل ڪري سگهياسين ۽ نه ئي اسان کي ڪنھن قسم جي بوريت محسوس ٿي.
هو پاڻ سنڌي ساهت جو منفرد سرهاڻ
رکندڙ هڪ گل هو، جنهن پنھنجا ۱۰ علمي گُلَ سنڌي اَدب تي نڇاور ڪيا، جن ۾ (۱) ’وکريل موتي‘ (ڊاڪٽر
عطا محمد حاميءَ جي مقالن جي سھيڙ)، (۲) ’زندگيءَ ڏي موٽ‘ (ڪرشن چندر جي ڪھاڻين جو سنڌي ترجمو)، (۳) ’ڪرڻا ڪرڻا‘ (ٻاراڻي
شاعري)، (۴) ’رَت ڀنا رابيل‘ (مزاحمتي شاعري)، (۵) ’هٺيلي هرڻي‘ (ٻارن لاءِ ڪھاڻيون)، (۶) ’اَندر رُوح
رهيام‘ (ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جي شخصيت تي لِکيل مضمونن جي سھيڙ)، (۷) ’اَکڙيون نيل ڪنول‘
(شاعري)، (۸) ’اي آهو چشم ڪدهر‘ (شيخ اَياز جي ٻن ڪتابن ’هرڻ اَکي ڪيڏانھن‘ ۽ ’پتڻ ٿو پور
ڪري‘ جو اُردو ترجمو، جيڪو هڪ ئي ڪتاب طور ڇپيو)، (۹) ’رتو ديرو‘ (مختصر تاريخ) ۽ (۱۰) ’عشق سمندر‘
(سچل سرمست جي فارسي مثنوين جو اُردو منظوم ترجمو.ـ ۲ ڇاپا) شامل آهن. هي ته سندس اُهو اَدبي ۽ تاريخي سَرمايو آهي، جيڪو اسان جي
اَکين اڳيان آهي. اُن کانسواءِ هن جا ڪجھه اڻ چپيل ڪتاب به موجود آهن، جيڪي آهستي
آهستي شايع ٿي پڙهندڙن تائين پهچندا، اُن کان علاوه هُو هڪ اَخلاق اُجار اُستاد
طور سُڃاتو ويندڙ، شاعراڻي نگاهه سان صحافت ڪندي ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح جي
اهم واقعن کي چئن سِٽن ۾ بيان ڪري سنڌي اَخبارن ۾ نالو ڇڏيندڙ املهه موتي به هو.
هڪ حساس انسان طور توڙي هڪ اديب
طور ٻارَ هن لاءِ وڏي اتساهه جو سبب هئا. هُو جڏهن انهن ٻارڙن سان قلم رستي پنهنجي
پاٻوهه جو اظهار ڪرڻ گھري ٿو ته چئن مندن تي مشتمل ڪيترن ئي مندائتن گلدستن کي
سلسليوار ’گلدستو‘ جو روپ وٺرائي، پنهنجي اسڪولَ ’عبدالحي قاضي ماڊل اسڪول
رتيديري‘ پاران شايع ڪري سڄيءَ سنڌ جي ٻارن جي ذهني آبياريءَ جو اهتمام ڪري ٿو.
اَڄ سندس جنم ڏينھن آهي ۽ شايد
سندس دل گُهريا ’سچل‘ ۽ ’حامي‘ به بھشت جي ايوان جي ڪنھن ڪُنڊ ۾ پنھنجي ان شارح،
مرتب ۽ مترجم کي سندس ۷۴هين جنم ڏينھن جي مبارڪباد ڏيندا هوندا ۽ اُهي به پنھنجي
پنھنجي حِصي جا گُلابي گُل کيس اَرپيندا هوندا ۽ سندن نينھن جي نعرن جي گونج سان
اتي به هڪ عشق سمندر موجزن هوندو.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۵ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا