; سنڌي شخصيتون: عامر سيال- ڊاڪٽر شير مهراڻي

22 February, 2015

عامر سيال- ڊاڪٽر شير مهراڻي

عامر سيال
رومانويت ۾ جيئندڙ شاعر
ڊاڪٽر شير مهراڻي
گذريل ڏينهن دوران مون ميڊم شهناز شورو جو انٽرويو ڪيو هو، جنهن دوران ميڊم شورو چيو هو ته پوسٽ ماڊرن ازم جي پراسرار وايو منڊل ماڻهوءَ جو ترغيبات ئي تبديل ڪري ڇڏيون آهن. يورپ جو ماڻهو ڏکيو بکيو نٿو سمهي، هن کي هاڻي ادب جهڙي ڪنهن به داخلي واردات جي ضرورت ناهي. تنهن تي مون ميڊم کان سوال ڪيو هو، ڇا يورپ جو ماڻهو تخيلاتي طور تي به ايترو آسودو ٿي چڪو آهي جو هن کي هاڻي خيالن جي آسودگي يا جماليات گهربل ناهي، ڇاڪاڻ ته ادب صرف بک ۽ بدحالي جي ڳالهه به ته نٿو ڪري، ادب انسان دوستي جو به ته ڏس پنڌ ڏئي ٿو. تنهن تي ميڊم شورو چيو هو، ‘بس ادب جو واحد ڪارج خاص طور يورپ ۾ ذهني آسودگي ۽ جماليات وڃي بچيو آهي، پر ميڊيا جو ڀونچال شايد ان تي به وار ڪرڻ وارو آهي.’


يورپ ۾ صورتحال ڪيئن به هجي پر گهٽ ۾ گهٽ اسان جهن سماج ۾ رهون ٿا اسانکي ادب، آرٽ، فن جهڙن نفيس ۽ لطيف علمن جي گهرج آهي.اسان کي شاعري جي گهرج آهي ڇاڪاڻ ته اسان دنيا جهان مان بيزار ٿي جڏهن ٿڪجي ٽٽي بسترن ڀيڙا ٿيون ته ان آنڌ مانڌ جي دنيا مان نڪري ڪي گهڙيون ڪنهن حسين جهان ۾ گهارڻ چاهيندا آهيون. ۽ اهو حسين جهان شاعري ۽ موسيقيءَ جو آهي.
تنوير عباسيءَ لکيو هو:
”اڄوڪو شاعر سادي، سولي ۽ سٻاجهي انداز ۾، انفرادي ذاتي مشاهدي احساس ۽ فڪر سان، وڻندڙ ۽ پياري لهجي ۾ پنهنجي ئي چوڌاري پکڙيل سونهن جو اظهار، مٺي موسيقي ڀريل ٻوليءَ ۾ ٿو ڪري.” تنوير عباسي جي اها راءِ عامر سيال جي لاءِ بلڪل ٺهڪي بيهي ٿي ڇاڪاڻ ته  عامر سيال انتهائي سادن لفظن ۾ پنهنجا رومانوي ۽ وڻندڙ خيال پيش ڪندو پئي آيو آهي. سندس شاعري هر رومانوي طبيعت رکندڙ دل جي ترجمان شاعري آهي. هو نفيس احساسن جو مالڪ ۽ شاعراڻي دنيا ۾ نفيس ۽ نازڪ خيالن ۽ لفظن جو خالق آهي. سندس شاعري ۾ هڪ سئفٽنيس آهي، جيڪا ڪنهن ڇيت وانگر دل کي ڇهي ٿي وٺي. ۽ مٺڙي درد جو احساس اندر جي اٿاھ گهراين مان نڪري پڙهندڙ کي سرشار ڪري ڇڏي ٿو.
اکين ۾ سمائي رکي ٿي ڇڏي
هو سپنا سجائي رکي ٿي ڇڏي
سمهڻ کان اڳي مونکي مس ڪال ڏئي
وري سم مٽائي رکي ٿي ڇڏي
يا سندس هيءُ غزل ڏسو، جنهن جيتري خوبصورت ٻولي ۽ لفظ آهن، اوترائي خوبصورت خيال ۽ نفيس سوچون آهن، جن ۾ هڪ رومانس جو جهان پوشيده آهي.
لڳي ٿو: آسماني خواب آهي
اها تنهنجي جواني خواب آهي
متان سمجهين انهيءَ کي تون حقيقت
اهو عامر به جاني خواب آهي.
عامر سيال جتي خوبصورت غزل لکيا آهن، اتي سندس نظم پڻ انتهائي طاقتور آهن. ڇاڪاڻ ته سندس خيال ته وڻندڙ آهن ئي پر سندس ٻولي پڻ انتهائي خوبصورت آهي.
نظم
آئون سارو انتظار،
توسوا بڻجي وَيسُ !
جيڪڏهن ڪائي بهار،
مون کان تنهنجو ٿِي پُڇي،
جِسمُ سارو اشڪبار،
دَردُ بڻجي ٿو وڃي،
يا عامر جو هيءُ غزل ڏسو جنهن ۾ ٻولي سان محبت جو اظهار به آهي، ته  ديس واسين لاءِ الڪو به آهي.
اَڄُ تَرن ٿا لفظ ڇوليءَ جي مٿان!
جان ڏيندس؛ پنهنجي ٻوليءَ جي مٿان!
چؤڏسا رنگن جي بارش ٿي وَسي،
رنگَ هِن مڌمست هوليءَ جي مٿان!
آخر ۾ آئون عامر سيال جي شاعري پڙهڻ کانپوءِ منهنجي جيڪا راءِ بڻي آهي؛ اُها اِها آهي ته، عامر سيال جي شاعري بنيادي طور رومانوي شاعري آهي، جنهن ۾ خوبصورت خيالن کي انتهائي خوبصورت لفظ ڏئي عامر پنهنجي شاعراڻي دنيا جوڙي آهي. سندس شاعري ۾ جيڪڏهن ڪا ڳڻتي آهي ته اها به رومانوي آهي، ڪو درد آهي ته اهو به رومانوي آهي، ڪو الڪو، اڊُڪو يا ڪا ٻيو اظهار آهي ته اهو پڻ رومانوي آهي. ڪيترن نقادن جو چوڻ آهي ته رومانوي ادب پنهنجو ڪارج وڃائي ويٺو آهي، پر آئون چوندو آهيان، جيسيتائين ماڻهو هن ڌرتيءَ تي پيار ڪن ٿا، هڪٻئي کي چاهن ٿا، رسن ٿا پرچن ٿا، وڇڙن ٿا، ملن ٿا، کلن ٿا روئن ٿا، انتظار ڪن ٿا، وفا ڪن ٿا، بيوفائي ڪن ٿا، پنهنجي پيارن کي ياد ڪن ٿا، وسارن ٿا وري سارين ٿا، هڪٻئي سان ڊوڙي اچي ملن ٿا، اکين جي ڪنارن تان ڪرندڙ ڳوڙهن کي لڪائين ٿا، مرڪن ٿا، ٽهڪ ڏين ٿا تيسيتائين رومانوي شاعري ۽ ادب رهندو. سڀ کان اهم ڳالهه ته جيستائين شاعر رومانوي شاعري ڪن ٿا ۽ ماڻهو انهن کي پسند ڪن ٿا، ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته رومانوي شاعري جو ڪارج ختم ٿي سگهي ٿو، 20هين جنوري تي اسانجي دوست ۽ سنڌ جي ڀلي رومانوي شاعر عامر سيال جو جنم ڏينهن آهي، آئون سندس جنم ڏينهن تي هنن ٻن چئن سٽن سان گڏ سندس ئي هيءُ غزل کيس ئي ڀيٽا طور پيش ڪيان ٿو.  جنهن ۾ هن چيو آهي ته، ‘اڄ پرين منهنجي جنم جو ڏينهن آ، اڄ لڙا ئي ايتري ناهي چڱي.’
خودنمائي ايتري ناهي چڱي
بيوفائي ايتري ناهي چڱي
اڄ پرين منهنجي جنم جو ڏينهن آ

اڄ لڙائي ايتري ناهي چڱي

No comments:

راءِ ڏيندا