; سنڌي شخصيتون: April 2011

29 April, 2011

ذوالفقار علي ڀٽو - عبدالستار ڀٽي


ذوالفقار علي ڀٽو
عبدالستار ڀٽي
ذوالفقار علي ڀٽو تاريخ 5 جنوري 1928ع صبح جو 3 وڳي سر شاهنواز خان ڀٽو جي لاڙڪاڻي واري رهائشگاهه المرتضيٰ ۾ سندس ٻي گهر واري ليڊي خورشيد بيگم مان پيدا ٿيو. سندس پيدائش تي ڪيترن ڏينهن تائين خوشيون ملهائڻ لاءِ جشن منعقد ٿيا. سڄي سنڌ کان ايندڙ ملاقاتين ۽ مبارڪ ڏيندڙن لاءِ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي جا دروازا رهائش ۽ طعام سميت کليل رهيا، سندس نالو هڪ بزرگ پاران تجويز ڪيو ويو. سندس والد هڪ مسجد ۾ تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ موجود ماڻهن اڳيان خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته آئنده هن ٻار کي ذوالفقار علي سان سڏيو وڃي، در اصل ذوالفقار نالو ئي ڏاڍ ۽ جبر خلاف جدوجهد جي تصور جو آهي، حضرت علي پنهنجي ذوالفقار کي حق سچ ۽ ظلم کي ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو هيو ۽ حضرت علي جي تلوار کي ذوالفقار سڏيو ويندو هيو جيڪو وڏي عزت ۽ احترام لائق هيو. جيئن ته ذوالفقار کي پيار مان ذلفي به سڏيو ويندو هيو ۽ ننڍپڻ جو عرصو هن پنهنجي والده محترمه خورشيد شاهنواز ڀٽو سان گذاريو جيڪا هڪ غريب گهراڻي جي اولاد هئي، تنهن ڪري ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي پرورش ۾ والده طرفان رحم، عزت، محبت، احترام، سادگي، صفائي ۽ سچائي جي لوري ملي ته والد طرفان شان، مان ۽ رعب، اعليٰ سوسائٽي، اعليٰ تعليم، بلند ۽ روشن خيالن جا دروازا کليل مليا.

ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي - عبدالستار ڀٽي


عبدالستار ڀٽي
دنيا ۾ تمام ٿورا ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي شخصيت ۾ تاريخ جو ڏيک ڏيندا آهن. خاموش ڪتابن اندر ورقن ۾ لفظن سان ڀريل سچن يا ڪوڙن مثالن واري تاريخ نه پر زندگيءَ ۾ روزانو هلندڙ ڦرندڙ ڏسندڙ ٻڌندڙ ۽ ڳالهائيندڙ تاريخ، زندگيءَ جي سچين حقيقتن سان ٽٻٽار جرڪندڙ تاريخ، زندگي ۾ ڪي ڪي ماڻهو حاصلات، هار  جيت يا سماجي قد ڪاٺ يا ماپ سان نه پر پنهنجي سونين سوچن ڏيئي جي پهرين لاءُ جيان چمڪندڙ، روشن ذهن ۽ اندر جي کير جهڙي اجري نڪور انساني اعتقاد سان پرکيا ۽ توريا ويندا آهن، سندن سڃاڻپ سماج ۾ موجود بدبودار ناسور خلاف بغاوت جا ٻول الاپيندي ٿيندي آهي، سندن واتان سچائيءَ جا گفتا تاريخ ٺهندڙ ورق بڻجي نروار ٿيندا ۽ پنهنجي روپ کي تاريخ جي آرسي بڻائيندا آهن، سندن معيار ۽ مقصد سماج جا نفعا ۽ نقصان نه پر عظيم ۽ اٽل ارادن ساڻ اڻ موٽ قدم هر وقت زمين تي کتل هوندا آهن. پهاڙ جيڏا اڏول مهان ماڻهو بدلجندڙ ريتن رسمن سان اڀار ڀريل نون لاڙن ۾ ڪين لڙهندا آهن، پر سندن جيل جيڏا حوصلا هر ڏاڍ جي طوفان اڳيان ديوار چين وانگر مضبوط مقابلن ۾ مصروف ۽ تاريخ کي پنهنجي گرد پيا ڦيرائيندا آهن. اهڙا اڙ ٻنگ ٻلواڻ جواڻ اونداهين دور ۽ دنيا ۾ اميدن جي دوش تي آسرن ڀريل اٿاهه سهڻين جڳ مڳ روشن صبح ۽ شامن جا راڳ الاپي پيغام ڏيندا رهن ٿا. هو پاڻ پنهنجا سپنا ۽ خوشيون وساري مسڪين ماروئڙن جي منهن تي مسڪراهٽن ۽ خوشين جي خوشبو جا طالب رهن ٿا. اهڙا ماڻهو پنهنجي وقت ۽ دور جا سرجڻهار، اوتار ۽ ديوتا هوندا آهن. جيڪي ناسور جو علاج ڪندا آهن. سماجڪ سڌار سرواڻ ٿيندا آهن. اهڙن ماڻهن کي راج دروهي جي لقبن سان نوازيو ويندو آهي. اهڙن مرد مٿيرن جي جيون جوت گهڻو ڪري ڳنڀير، ڏک ڀري، ڀوائتي ۽ دل ڏاريندڙ هوندي آهي. اهڙن تاريخ ساز انسان کي ڳولهڻ  مهل سنڌ ۾ سوڀو گيانچنداڻي ئي هر هڪ جي اکين اڳيان اچي وڃي ٿو. سندس نالو ئي هر هڪ زبان تي اڪري اچي ٿو. سوڀو نالو آهي سوڀ ماڻڻ جو، سچ ۽ حق چوڻ ٻڌڻ جو. شايد هن مهان ماڻهوءَ پنهنجي نالي جو ڀرم رکندي پنهنجي جوڀن جوانيءَ جا ڪيترائي سال، خوبصورت رنگ ڀريل ٿڌڙيون راتيون، لامحدود آسمان تي چمڪندڙ جهر مر جهر مر ستارن جي دنيا ۽ چوڏهين جي سوني چمڪندڙ چنڊ جي انڊلٺ جهڙي رنگين چانڊوڪي ڏسڻ، آزاد دنيا جي آزاد انسانن وانگر آزاديءَ سان ساهه کڻڻ، يارن دوستن ٻچڙن ۽ جيون ساٿي سان ٽهڪن ۽ مسڪراهٽن يا سندن روشن مستقبل لاءِ سوچڻ لوچڻ بدران پاڪستان جي مختلف جيلن جي چئن ديوارن، هٿڪڙين، زندان جي زنجيرن ۽ لاهور جي شاهي قلعي ۾ اڪيلو راڪاس ديو جهڙي ڏهڪاءَ ڀريل اونداهه ڪاري ٻوساٽ واري ماحول ۾ گذاريون. ڪنهن سان ڏک سور سلي ديوارن سان، هن پنهنجي ئي من ۾ سوال گهڙيا ۽ پاڻ کي ئي جواب ڏئي مطمئن ڪيو. سوڀي هوليون، ڏياريون، تهوار ۽ عيدون پنهجن عزيزن ۽ ڌرتي دوستن سان گلي ملي نه گذاريون پر جيلن جي ديوارن سان گهاريون.

پير حسام الدين راشدي

پير حسام الدين راشدي

صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو



پير حسام الدين راشدي، مشهور تاريخدان ۽ محقق علم و ادب جي افق تي چمڪندڙ هڪ روشن ستارو اسان جي نظرن کان هميشه لاءِ اوجهل ٿي ويو، پهرين اپريل ۱۹۸۲ع جي هي خبر نهايت ڏک سان ٻڌي وئي ته اڄ سنڌ جو مشهور تاريخ دان اديب علم دوست شخصيت سيد حسام الدين راشدي وفات ڪري ويو، راشدي صاحب جي وفات جي خبر باهه وانگر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلجي وئي، هر جاءِ تي علم دوست ساٿين جا عذر خواهي وارا اجلاس ٿيا ۽ راشدي صاحب جي وفات کي سنڌي ادب جو وڏو نقصان قرار ڏنو ويو، راشدي صاحب جي وفات سبب اهڙو ته خال پيدا ٿي ويو آهي، جنهن جو پورائو ڪرڻ مشڪل آهي. سندس ساري زندگي علم ادب جي خدمت ڪندي گذري. پاڻ مشهور تاريخدان محقق ۽ دانشور هو. ڏاهپ ڄاڻ پروڙ ۾ ته هو يڪتا هو، تاريخ داني ۾ ملڪ اندر مشڪل سان سندس ڪو ثاني ملندو. سنڌ شناسي ۾ ته پنهنجو مٽ پاڻ هو، هلندڙ مدي ۾ سنڌ جون تقريباً ٽي پيڙهيون سندس اعليٰ خيالن ۽ ويچارن کان فيض ياب ٿينديون رهيون.

عبدالقادر ميوا خان کوکر عبدالستار ڀٽي


عبدالقادر ميوا خان کوکر
عبدالستار ڀٽي     
سنڌ صدين کان عالم، اڪابر، دانشور ۽ رهبر پيدا ڪيا آهن، جيڪي سنڌو جي ڀلاري ڀُونءِ تي ڪڏهن دودي جهڙي دلير، دريا خان جهڙي جنگجو، مخدوم بلاول جهڙي سچائي جي سرواڻ، هوشو جهڙي هشمت، شاهه عنايت شهيد، لطيف، سچل ۽ سامي جي رنگ ۾ پنهنجي پنهنجي دور ۾ ڏاڍ جبر ۽ ڏهڪاءُ خلاف مجبور مظلوم مسڪين ماروئڙن جي دلين جي ترجماني ڪندي ظلم جا گهاءُ پنهنجي مضبوط سيني تي برداشت ڪيون اچن، ظلم خلاف حق سچ جي صدا بلند ڪيو اچن، حقن جي جنگ ۾ مظلومن  جو جهنڊو انل حق جي سين سان بلند ڪيو پيا اچن، سنڌ جي اهڙي قومي هيرن پنهنجي جان نذرانو ڌئي ڌرتي جو مان مٿانهون ڪيو آهي. جيجل جو سڏ ورنائي سنڌ سينگاري آهي. اهڙن گهوٽ اڻ موٽ جوانن ۾ لاڙڪاڻي هميشه پاڻ ملهائيندي ميدان ماڻيو آهي، تاريخ جي اهڙي هڪ امر باب، خاموش انقلاب جي اڳواڻ، سنڌ ۾ صدين کان جاگيرداري نظام جي واڳون وانگر تيز ۽ مضبوط چنبن ۾ جڪڙيل تڙپندڙ زخم زخم چور بي زبان هاري جي جسم ۾ ڪجهه جان وجهندڙ، ٿڌو ساهه ڏيندڙ، ماءُ جي پيٽ مان تازو ڄمندڙ  ٻار جي ڪن ۾ سچ جي آذان ڏيندڙ باعمل انقلابي جوان جو ڪردار ڪامريڊ عبدالقادر ميوا خان کوکر به آهي، غريب جي گهر مان پيدا ٿي، هٿين خالي سچ جي سولي سينگاريندڙ، هاري انقلاب جو رهبر بنا ڪنهن وسيلن، مال، ملڪيت ۽ دولت جي سنڌ جي اڻپڙهيل جاهل هاري وٽ هڪ پيغمبري پيغام ڏيندڙ، هارين جي دلين تي راڄ ڪندڙ بادشاهه، پڙهيل لکيل ڪامريڊن جو به اڳواڻ ٿي اڀريو. ڪامريڊ عبدالقادر کوکر جي عظيم ڪارنامن ۽ دليراڻي جدوجهد کي اڄ اسان جي تاريخ صفا وساري ڇڏيو آهي، پر اڄ به سندس پيغام سنڌ جي هوائن ۾ پڙاڏو پيدا ڪري هارين کي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ هن مجاهد جي جدوجهد جا گيت پيو رسائي، سندس سجاڳي ۽ هاري جي گهر ۾ هاري حقن بابت ٻاريل پهريون ڏيئو پانڌيئڙن کي پنڌ پيچرا ماڳ منزل ماڻڻ لاءِ هڪ نه ختم ٿيندڙ لاٽ جي روشني سان منور پيو ڪري پوءِ ڀلي اسان ان مهان شخصيت کي وساري ڇڏيون پر وقت ڪنهن کي به ڪو نه ٿو وساري. ڪارڪردگي جو وقت تاريخ جي ورق ۾ لفظن جي مالا جي روپ ۾ سموئجي امر ٿي وڃي ٿو. چون ٿا ته دنيا گول آهي، حضرت انسان ۽ ڪائنات جي هر شيءِ جتان  هلي ٿي اها گول چڪر هڻي اتي پهچي ٿي، اڄ اسان به هڪ اهڙي تاريخ جي وساريل ورق کي اٺاسي سالن بعد ڳولهي لڌو آهي، جيڪو اڄ ڪنهن به سياسي ۽ تحريڪي جدوجهد ڪندڙ ورڪر کي ياد ئي ڪونهي ته ڪامريڊ کوکر هڪ دور ۾ شهرن جي گهٽين، ڳوٺن جي پيچرن ۾ هزارين هارين جي جلسن کي پرجوش خطاب ۽ باعمل جدوجهد ذريعي پنهنجي قيادت ۾ حق ڏياريندو هيو. هو ڪلهه جي جيئرن انسانن جي جلسن ۽ جلوسن جي قيادت ڪندو هيو. هن جي احترام ۾ هزارن جي عوامي ميڙ اٿي بيهي رهندا هيا. کيس سلامي ڏيندا هيا، ان جي رانهن ۾ پنهنجي خلوص جا غاليچا وڇائيندا هيا، ميڙاڪن جون صدارتون ڪرائيندا هيا، سياسي گڏجاڻين، هر سياسي جدوجهد ۽ تحريڪن جو مير هيو، هارين پاران مٿس مسڪراهٽن جي گلن جي ورکا ٿيندي هئي. 

پير علي محمد راشدي - عبدالستار ڀٽي


پير علي محمد راشدي
عبدالستار ڀٽي
سنڌ ۾ ڪيترائي خاندان اهڙا آهن جيڪي تاريخ جو حصو آهن، يا سندن خاندان جي حوالي سان تاريخ جڙي آهي، اهڙن معتبر خاندانن مان هڪ راشدي خاندان آهي. جنهن ۾ ڪيترا ئي جڳ مشهور اديب محقق، دانشور ۽ اڳواڻ پيدا ٿيا، جن سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي باب پنهنجن ڪارنامن وسيلي جوڙيا آهن، اهڙين نه وسرندڙ هستين ۾ سنڌ جو ڏاهو زيرڪ سياستدان، ادب ۽ لفظن وسيلي موتين مالا ٺاهيندڙ اديب، سنڌين جي صدين جي رسم ۽ رواج تي کوجنا ڪندڙ محقق، ٻئي کي جملن ۾ مٺڙي جادو ساڻ پنهنجي مقصد تي راضي ڪرائيندڙ سفارتڪار، صحافي، ايڊيٽر جنهن پنهنجي قلم ڪالم اخبار ۽ ايڊيٽوريل وسيلي سنڌي قوم جي حقن ۽ سنڌ ۾ قائم سياسي پارٽين جي تنظيم سازي ۾ مدد ڪئي. نظرين جو پرچار ڪيو، تحريڪن کي رهنمائي ڏني ۽ تحريڪن جو پيغام عوام کي پهچايو اهو پير علي محمد راشدي صاحب آهي. سنڌ جي هن مهان هستي پنهنجي زندگي جا ڀرپور 82 سال تحرير ۽ تقرير ۾ تحريڪ سان گذاريا. جنهن پنهنجي قلم کي عبادت سمجهندي تحريڪن لاءِ گس ۽ لاڙا ڏنا پوءِ چاهي اها سنڌ ۾ انگريز راڄ خلاف تحريڪ هجي يا مسجد منزل گاهه، يا سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي ۽ تحريڪ پاڪستان هجي. هن پنهنجي قلم سان سنڌي اردو ۽ انگريزي اخبارن وسيلي سنڌ جو مقدمو وڙهيو، جبل جيڏي هن اعلى دماغ شخصيت جي زندگي عملي طرح سان ڪجهه حصن ۾ ورهائيل آهي، جنهن ۾ هڪ زميندار ۽ پير گهراڻي ۾ پيدا ٿيڻ پر پنهنجي صلاحيت ۾ جدوجهد وسيلي قوم ۾ شناخت ڪرائڻ، ٻيو صحافت، ادب، ٽيون سياست ۽ سفارت شامل آهن. پير علي محمد راشدي ڪيترن ئي دورن جو ترجمان ۽ تاريخساز انسان هيو جنهن زندگي ۾ جيڪو به ڪم يا شعبو هٿ ۾ کنيو ان ۾ پنهنجي فن ۽ ڪمال سان ڪاميابي ماڻي. سندس سحر انگيز شخصيت ۾ دنيا جي گهڻين ٻولين تي عبور کي وڏو دخل هيو. هن صحافت، ادب ۽ سفارت جي عهدن تي تاريخساز ڪارناما سر انجام ڏنا. جنهن جي تحقيق ڪرڻ بعد اسان کي اڄ ۽ سڀاڻي تي ناز رهندو پر پير علي محمد راشدي جي سياسي دور ۾ حڪومتن جي جوڙ توڙ ۽ ون يونٽ قائم ڪرڻ سخت تنقيد جو نشانو بڻيو رهندو. سندس سياسي غلطيون اڄ جي وڏيرن، سياستدانن لاءِ سبق آهن. هن طوفاني شخصيت جنهن پنهنجي سوچ عقل ۽ عمل سان منصوبابندي ڪري حاڪمن جي سوچن جا رخ بدلايا، سندس منصوبن سان اقتدار ڊهندا ۽ ٺهندا رهيا. سياسي تاريخ جا ورق ۽ حالتن جا موڙ مڙيا. مٿس ڪجهه لکڻ کان اڳ اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته سندس پيدائش وارو دور پيري جاگيرداري جي عروج وارو دور هيو. هي جهالت جو دور هيو، علم ڪو نه هيو. پير علي محمد راشدي صاحب جو خاندان لڪياري سيدن جي شاخ مان آهي. سندن نسب جو سلسلو سيد علي مڪي جي سنڌ ۾ اچڻ سان شروع ٿئي ٿو، جيڪو 1127ع ڌاري سنڌ ۾ لڏي آيو. سيد علي مڪي جي اولاد لڪيءَ جي ڳوٺ ۾ رهائش پذير ٿي تنهن ڪري لڪياري سڏجڻ لڳا. راشدي خاندان جي باني سيد محمد راشد جي پيدائشي شجري مطابق سيد محمد راشد شاهه جنهن 6 جون 1818ع تاريخ وفات ڪئي، ان کي ٻه پٽ هيا هڪ سيد ميان صبغت اللھ شاهه اول جيڪو صاحب دستار يا پير پاڳارو سڏيو ويندو هيو. ٻيو سيد محمد ياسين شاهه جيڪو صاحب علم يا جهنڊي وارو پير سڏيو ويندو هيو، پير ميان صبغت اللھ شاهه 1831ع جي تاريخ 18 فيبروري تي وفات ڪئي، کيس ٻه فرزند هيا، هڪ سيد علي محمد شاهه جنهن مان راشدي خاندان آهي، ٻيو ننڍو سيد علي گوهر شاهه جنهن مان حضرت پير پاڳارو جو اولاد آهي، سيد علي محمد شاهه جي وفات 17 جولائي 1867ع تي ٿي کيس پنج فرزند هيا جنهن مان هڪ سيد پير شاهه کي هڪ فرزند سيد محمد حامد شاهه ٿيو، جيڪو 31 مارچ 1937ع تي گذاري ويو. سيد حامد شاهه کي ٽي فرزند ٿيا. هڪ سيد پير علي محمد شاهه راشدي ٻيو پير حسان الدين راشدي ٽيون سيد احمد شاهه آهن. پير علي محمد راشدي تاريخ 5 آگسٽ 1905ع جمعي ڏينهن صبح جو ساڍي پنجين وڳي قديم ڳوٺ ”بهمڻ“ تعلقو رتوديرو ضلعو لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.

خانبهادر محمد ايوب کهڙو - عبدالستار ڀٽي



عبدالستار ڀٽي
خانبهادر محمد ايوب کهڙي بابت اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته هو هڪ پڪي وڏيرڪي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. اهو وڏيرڪو گهراڻو جنهن جي تعليم ۽ سياست ۾ ڪا به دلچسپي ڪا نه هئي. حڪومت جي معاملن سان ڪو به واسطو ڪو نه هيو. سندس والد ميان شاهه محمد کهڙو پنهنجي علائقي جو وڏو زميندار هيو. وڏيرو ميان شاهه محمد کهڙو پنهنجي محنت، ڪفايت، شعاري، هٿ جي ڪنايت سبب علائقي ۾ تمام گهڻي زمين ٺاهي. هن بنجر زمينون آباد ڪري وڏي جائداد ۽ دولت گڏ ڪئي. سنڌ جي وڏيرڪي سماج ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن وڏيري وٽ ڪجهه زمين آباد ٿي ۽ ڏوڪڙ مليو ته پوءِ رڇ ڪتا مقابلا، ڏاندن جي گوءِ، اوطاق تي نوڪر چاڪرن جا فالتو ٽولا، شراب، ڪباب ۽ شباب کان علاوه ڪي دعوتون ٿينديون. وڏيري جي هر طرف هاڪ هوندي. واه واه وڏا جا ٻول ۽ خوشامندڙيا هوندا. ڪي جهيڙا ٿيندا ڪي پلاند ٿيندا. اوطاق تي نوڪر چاڪر حاضر هوندا چاهي وڏيرو قرضي ٿي وڃي پر اوطاق ۽ وڏيري جو شان قائم دائم هوندو. گهڻو ڪري وڏيرا هندن واپارين جا قرضي هوندا هئا پر ان ئي سماج ۾ وڏيرو شاهه محمد کهڙو به هيو. جيڪو انهن سڀني وڏيرڪي صلاحيتن کان واجهايل هيو. هن پنهنجي جدائداد به وڌائي ته وري پونيئرن لاءِ به گهڻو پئسو ڇڏيو. هٿ جي  ڪفايت سبب وڏيري شاهه محمد بابت ڪيترا ئي قصا ۽ ڪهاڻيون مشهور هيون جيڪي محفلن ۽ ڪچهرين ۾ ٻڌايون وينديون هيون. ميان شاهه محمد کهڙي کي ٻه زالون هيون، جن مان چار پٽ هيس پهريون پٽ خانبهادر محمد ايوب کهڙو، حاجي محمد مراد، ميان محمد نواز ۽ ميان علي گوهر کهڙو شامل آهن. محمد ايوب کهڙو صاحب آگسٽ 1901ع ۾ ڳوٺ عاقل تعلقو لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ڳوٺ عاقل سنڌو درياهه جي ڪناري تي آهي. جنهن زماني ۽ ماحول ۾ کهڙو صاحب پيدا ٿيو. اهو صدين کان قائم وڏيرڪي سوسائٽي جو عروج وارو دور هيو. تعليم حاصل ڪرڻ کي اجايو وقت جو زيان ۽ بيڪار سمجهيو ويندو هيو. خاص طرح وڏيرا پنهنجي اولاد کي ته پڙهائيندا ئي ڪو نه هيا ۽ سندن چوڻ هيو ته پٽ ڇا لاءِ پڙهي؟. پٽ کي ڪا نوڪري ته ڪرائڻي ڪونهي. رب پاڪ جو سڀ ڪجهه ڏنل آهي. جوان ٿي زمينداري ۽ جائداد سنڀاليندو، جڏهن ته عام ماڻهو جي اولاد خاطر تعليم جي سهولت ڏيارڻ، اسڪول قائم ڪرڻ کي عيب سمجهيو ويندو هيو. غريب جي اولاد کي تعليم وٺڻ گناهه هيو. هي اهو دور هيو جڏهن مڊل ڪلاس اڃا وجود ۾ ڪو نه آيو هيو. يا ته غريب هوندو يا وري وڏيرو هوندو هيو. بس ٻه ڪلاس يا طبقا هيا. عزت ۽ شان جو معيار صرف دولت هئي، دولت ئي عزت وارو سمجهيو ويندو هو. جيڪڏهن ڪو نيڪي جو ڪم ڪنهن وڏيري کان ٿي سگهندو هيو ته ڳوٺ ۾ مسجد قائم ڪيائين ۽ تعليم لاءِ به ڪو مولوي رکندا هئا ته جيئن ماڻهو ا﷢ ا﷢ ڪن. اخبارن کي ان دور ۾ گلا ڪرڻ وارو ادارو ۽ صحافين کي گلاخورن جو ٽولو سمجهيو ويندو هيو. ملڪ ۽ قومي مسئلن ۾ شريڪ ٿيڻ کي وڏيرا فسادي ٽولي جو ساٿ ڏيڻ سمجهندا هيا. سياست، نظريا يا شعور وارا شاعر اديب ميدان ۾ ڪو نه هيا. جيڪڏهن ڪنهن وڏيري کي ڪا انگريز سرڪار وٽ ڪچهري ۾ ڪرسي ملي يا اقتدار جو ڪو ننڍڙو حصو نصيب ٿيو ته اهو وڏيرو هوش کان نڪري ويندو هيو. پاڻ کي وڏو حاڪم سمجهڻ لڳندو هيو. اهڙي سماج واري صورتحال صرف سنڌ سان نه پر برصغير ۾ موجود هئي. اهڙي ماحول ۾ ڪير پاڻ کي ڪيترو تبديل ڪندو. پنهنجي شخصيت کي ڪيترو خوبصورت يا ذهن کي وري روشن خيال ڪندو. ان بابت تاريخ ۽ تاريخدان ئي ڄاڻيندو هوندو. اهڙي ئي جهالت، تڪبر ۽ غرور واري معاشري ۾ محمد ايوب کهڙو صاحب پرورش پائڻ لڳو. هن پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ عاقل ۾ پڙهي، سيڪنڊري تعليم لاءِ لاڙڪاڻي جي واحد انگريزي مدرسي اسڪول ۾ داخلا ورتي جتان ڇهه درجا پاس ڪري پوءِ سنڌ ۾ مئٽرڪ لاءِ اهل حيثيت صاحبن جي اولاد لاءِ واحد اسڪول سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ داخلا ورتي جتان اٽڪل 1918ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ڪراچي جي ڊي جي ڪاليج ۾ دخلا ورتائين. پاڻ اڃان ڪاليج جي پهرين سال ۾ هيو ته سندس والد ميان شاهه محمد 1920ع ۾ وفات ڪئي. نيٺ کهڙو صاحب تعليم کي اڌ ۾ ڇڏي. گهر ۾ وڏي پٽ هئڻ سبب پنهنجي والد جي ڇڏيل زمينداري سنڀالڻ شروع ڪئي. جڏهن محمد ايوب کهڙو صاحب ڪٽنب ۽ جائداد جي ذميواري سنڀالي. ان وقت سندس عمر صرف 19 سال هئي.

سر شاهنواز خان ڀٽو - عبدالستار ڀٽي


سر شاهنواز خان ڀٽو
عبدالستار ڀٽي
ڀٽو خاندان جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ ضروري آهي ته ٿورو علائقائي تهذيب ۽ روايت جو جائزو ورتو وڃي. سنڌ هڪ اهڙو اڏول ۽ سخت علائقو آهي جتي صدين کان رائج دوستي ۽ دشمني جون هميشه نه وسرندڙ يادون، ڌرتيءَ جي سيني تي وهندڙ دادلو دريا هن ڌرتي مٿان واريءَ ۽ هوا جي تيز وهڪري سان آباديون ۽ برباديون، ڏک ۽ سک ڏيندو. صوفين، جوڳين، درويشن، هارين، جاگيردارن جي هن سرزمين تي هڪ طرف يڪتارو چپڙي، سرندي، الغوزي، مرلي ۽ بانسري جا خمار ڀريل سُر ثقافتي شاهڪار ميٺ ۽ محبت جا داستان پيش ڪن ٿا ته ٻئي طرف وڻج واپار لاءِ قائم منڊين ڏانهن ڀلوڙ ڏاندن ۽ موهن جي دڙي جي وقت کان هلندڙ بيل گاڏيون ساريون، ڪڻڪ، ڪمند، گاهه، ڦٽيون، ڦل ڦروٽ کڻي وڃڻ وقت رستن تي ڦيٿن جا رينگٽ ڪنديون هيون ته وري محبت جا داستان جهڙوڪ سهڻي ميهار، عمر مارئي، مومل راڻو، نوري ڄام تماچي، سسئي پنهون جي حوالن سان هر هنڌ هاڪاري هيا جن کي لاکيڻو لطيف پنهنجي گيتن ۽ بيتن ۾ سموئيندو رهيو. اهڙي سٻاجهڙي سنڌ جي ڀلوڙ ماحول ۾ وقت جو وهڪرو وهندو رهيو. سمن، سومرن، ڄامن، ڪلهوڙن، ٽالپرن، انگريزن جا دور ايندا ويندا رهيا. تغلق، ترخان، ارغون ۽ ٻيا ڌاريا به سنڌ جا لوڙها لتاڙيندا رهيا. جاگرافي حدون طاقت ۽ تلوار جي زور تي وڌنديون ۽ گهٽجنديون رهيون. قبيلا لڏ پلاڻ ڪندا رهيا. ارڙهن اڻويهين صدي ۾ جاگيرداري جا محل انسانيت دشمني ۽ اذيت گاهن جا ڏيک ڏيندا هئا. جاگيردارن جي محل کي غريب پنهنجي خون سان سجائيندا سنواريندا رهيا. انگريز پنهنجو اقتدار برقرار رکڻ لاءِ جاگيرون مفت ۾ اتي جي اصل رهندڙن غريبن بدران پنهنجي دربار ۾ ايندڙن کي تحفي ۾ ڏنيون، هڪ طرف سنڌي زبان بند خاموش اٻوجهه رعيت ڏٺي ته ٻئي طرف دودو، دولهه دريا خان، جنرل هوشو، جنرل شاهه بهارو، شاهه مردان پير پاڳارو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو به ڏٺو. سنڌ جي سرسبز زرخيز زمين تي ڪافي ٻاهرين لڏپلاڻ ٿي. ڪيترا قبيلا لڏ پلاڻ ڪري هتان جا ٿي ويا. لاڙڪاڻي ضلعي جا گهڻا رهاڪو قبيلا ۽ ذاتيون قديم سنڌ ۾ لڏ پلاڻ ڪيل آهن. جن ۾ چانڊيا، کهاوڙ، مگسي، مهيسر، هڪڙا ۽ جتوئي وڏي تعداد ۾ هيا، پر انهن سڀني مان لاڙڪاڻي جي سرزمين تي مضبوط ۽ کتل پير ڀٽو خاندان جا آهن. لاڙڪاڻو شهر 18- هين صديءَ ۾ ڪلهوڙا شروعاتي ڏينهن ۾ قائم ٿيو. لاڙڪاڻو سنڌ ۾ سدائين زرخيز شهر رهيو آهي. قديم سنڌ ۾ ڪراچي کان پوءِ ٻيو نمبر مالدار ۽ شاهوڪار شهر لاڙڪاڻو ليکيو ويندو هيو ۽ سنڌ ۾ سڀ کان گهڻي آباد زمين ڀٽو سردارن کي هئي. ڀٽو قبيلو ڪيئي سئو سال اڳ جيسلمير ۾ آباد راجپوت مهاجرن جي شاخ آهي. هن خاندان جو پهريون فرد سهتو خان ڀٽو 16 هين صدي جي وچ ۾ هتي پهتو ۽ ڀٽو نالي ڳوٺ ٻڌائين پر مقدر جو سڪندر ڀٽو خاندان ۾ سردار دودا خان ڀٽو ئي آهي. دودا خان ڀٽو ۽ سندس پٽ الهه بخش ڀٽو گڏجي لاڙڪاڻي کان جيڪب آباد تائين چانڊين، جمالين ۽ بروهين جي قبيلن سان مختلف وقتن تي سخت جنگيون ڪندا رهيا ۽ پنهنجي زمين جو دائرو تمام گهڻو وڌايو. سردار دودا خان پنهنجي ڪوششن سان ڀٽو خاندان جو شمار سنڌ جي معزز خاندانن ۽ قبيلن ۾ ڪرايو. ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ سنڌ ۾ حڪمران کان علاوه شاندار حاڪميت جو ڏيک ڏيندڙ ڏولي ۾ گهمڻ ۽ سفر ڪرڻ جو اختيار ڀٽو خاندان جي سردارن دودا خان ۽ پير شاهه مردان پاڳارو کي هيو. هو جڏهن سفر تي نڪرندو هو ته سندس سجايل سيج ساڻ نوڪر چاڪرن جو هڪ وڏو جلوس به هوندو هو. هڪ طرف جائداد ۽ ملڪيت ٺاهڻ جو اعزاز سردار دودا خان کي وڃي ٿو ته ٻئي طرف سياست ۾ عزت، شهرت ۽ تعلقات ٺاهڻ جو سهرو سر شاهنواز ڀٽو کي ، جڏهن ته عوام ۾ شعور، سجاڳي، خدمت، محنت، حق حاصل ڪرڻ جو ڪريڊٽ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جدوجهد ، محنت، منزل حاصل ڪرڻ جو ڏانءُ محترمه بينظير ڀٽو کي آهي. 

رئيس المهاجرين بئريسٽر جان محمد جوڻيجو


رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو
 [۱۸۸۶هه – ۱۹۲۱ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
رئيس المهاجرين؛ جان محمد ولد حاجي ڪريم بخش جوڻيجو ڳوٺ ”ڌامراها“ (لاڙڪاڻو) ۾ ۱۳۰۴هه مطابق ۱۸۸۶ع تي تولد ٿيو. سندس والد شهر جو بااثر زميندار ۽ آسودو انسان هو. حاجي صاحب پاڻ حالانڪ اڻ پڙهيل هو. مگر پٽ کي ولايت مان بئريسٽريءِ جي سند حاصل ڪرڻ لاءِ به آماده ٿيو. وطن وري؛ وڪالت کي وڌايائين.

24 April, 2011

مخدوم شهيد عبدالرحيم گرهوڙي رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مخدوم شهيد عبدالرحيم گرهوڙي رح [ 1739 – 1787 ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
هن برگزيدي مجتهد، عالم، صاحبِ شريعت ۽ شاعر، مخدوم عبدالرحيم ولد سعدالله مڱريو رح جي ولادت 22 ذوالقعد 1152هه مطابق 3 جولاءِ 1739 تي ڳوٺ گروهڙ، تعلقي ساماري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٿي آهي. ابتدائي تعليم گروهڙ جي اُترين طرف ڳوٺ چوٽيارين مان آخوند نور محمد مبين بن رد کان ورتائين. پاڻ ڄمنديئي ڄام هو. خداوند کيس ذهين ۽ عقل ۾ اڪابر بڻايو هو؛ جنهن ڪري ذڪائت سببان ننڍڙي ڄمار ۾ ئي وڏا وڏا ڪتاب پڙهي پورا ڪيا هئائين. ايتري تائين جو بحث مباحثي ۾ به ساڻس ڪو برميچي نه ٿي سگهيو.

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح [ 1691ع – 1760ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌ جي بزرگ هستي، يگاني شخصيت ۽ جيد عالم، مخدوم محمد هاشم ولد مولوي عبدالغفور سنڌي، ضلعي ٺٽي، تعلقي ميرپور بٺوري جي ڪچي واهڻ ۾، 10 ربيع الاول 1104هه مطابق 1691ع ۾ ولادت ورتي. سندس جدِ امجد قريش قبيلي مان هئا، جيڪي پنهنجي ڏاڏي حارث جي اولاد مان آهن. سندس والد بزرگوار نيڪ مرد ۽ خدا دوست انسان هو؛ جنهن کان ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين. سندس وفات 1113هه (1700ع) بعد، مولوي محمد سعيد ۽ مخدوم ضياءُ الدين جن وٽان فارغ التحصيل ٿيو.
مخدوم صاحب، ميرپور بٺوري لڳ ”محراب پور“ ۾ ديني درسگاه کوليو هو. پاڻ باشريعت انسان هو. سندس اقبال ۽ انتظام کان وقت جا عالم خفي ٿيڻ لڳا. ايتري تائين جو مٿس ٽوڪون ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. حتيٰ ڪه من گهڙت بهتان مڙهي کيس داغدار بڻائڻ جي به ازحد ڪوشش ڪيائون. آخر مخدوم صاحب تنگ ٿي محرابپور مان موڪلائي، ٺٽي ۾ وڃي ٺڪاڻو ٺاهيو.
ٺٽو، ان وقت علم ادب جو مرڪز هو. منجهس مختلف فرقن جا عالم، صوفي، درويش ۽ اعليٰ پايي جا شاعر رهندا هئا. ازانسواءِ علمي بحث مباحثن جو پڻ چڱو چهچٽو هو. انهيءَ علمي جستجو ۾ مخدوم صاحب جو ديني درسگاه به ديسان ديس مشهور ٿيڻ لڳو، ايتري قدر تقريرن خواه تحريرن توڙي شرعي تبليغ ۾ پڻ وڏي شهرت ورتائين.
ايتري ساري سجاڳيءَ جي باوجود به ٺٽي شهر ۾ ڪيترون ئي غير شرعي ۽ دين جي خلاف ڪار گذاريون ٿينديون رهيون، جن کي مخدوم صاحب ٻڌي ۽ ڏسي برداشت ڪري نه سگهيو. باالخصوص مخدوم محمد معين ٺٽوي رحه  به سندس ضد ۾ اچي ويو. پوءِ ته انهن براين جي پاڙ پٽڻ لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيائين. انهيءَ سلسلي ۾ وقت جي حاڪمن: ميان غلام شاه ڪلهوڙو، نادر شاه بادشاه ۽ احمد شاه ابداليءَ جن سان به خط و ڪتابت شروع ڪيائين. ميان غلام شاه پنهنجي تمام ڪامورن کي مخدوم صاحب جي هن سلسلي ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيڻ جو حڪم صادر ڪيو  .
مخدوم صاحب علم ۽ عمل جو مجسمو، اسلامي دنيا جو داناءُ، مصلح ۽ اعليٰ پايي جو مقرر هو؛ ۽ ساڳئي وقت تقريباً ڏيڍ سؤ کن عربي، فارسي ۽ سنڌي ڪتابن جو مصنف به هو. (1135هه = 1722ع) ۾ حج بيت الله شريف جي زيارت لاءِ اُسهيو. مديني شريف پهچي، اتي به دين جو درس ڏيڻ لڳو. واپسيءَ تي (1137هه = 1724ع) ۾ سورت بندر وٽ، نقشبندي بزرگ سيد محمد سعدالله سورتيءَ جو معتقد بڻيو. پوءِ ٺٽي پهچي لڳاتا لڳن سان دين جي خدمت ڪندو رهيو. هي عالم رباني، زاهد الزمان، ساده طبع، تڪلف ۽ تصنع کان عاري، علم جو ڀنڊار 1174هه مطابق 1760ع ۾ هي فاني جهان ڇڏيو. سندس آخرين آستانو مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي ٿيو. مخدوم عبداللطيف نالي فرزند هوس  مخدوم صاحب جي تصنيفات مان عالمانه ۽ محققانه انداز - بيان جو پتو پوي ٿو. اڄ به سندس ڪجهه ڪتاب مصر جي الازهر يونيورسٽيءَ ۾ درسي طور پاڙهيا پيا وڃن. سندس تحرير مولوي ابوالحسن جي سنڌيءَ جيان آهي. سنڌي زبان ۾ سندس شاهڪار ”فرائض الاسلام“، ”زاد الفقير“، ”قوت العاشقين“ ۽ ”ذبح شڪار“ چيا وڃن ٿا. شاعريءَ جي لحاظ کان ”الف اشباع“ کي ترجيح ڏني هئائين. نموني طور سندس سنڌي هيٺ ڏجي ٿي:-
”بقا ناه بلاد کي دنيا ناهه دوام؛
اجل ٿيو اوتون ڪري ٿي قريب قيام؛
سمر سندي ساٿيا ڪرهو تات تمام؛
ڊڄو ڊاءِ ڌڻيءَ جي آگل پر علام؛
ڪريو ياد ڪريم کي سنجهي صبح شام؛
ڪهو ڪلمو صدق سين مٿي محمد ڄام“.

(1) – موجوده تعلقو ميرپور بٺورو، اُن زماني ۾ ڪراچي ضلعي جو حصو هو، جيڪو پوءِ ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ اچي ويو.
(1)- مخدوم ٺارو المعروف محمد معين، وقت جي بزرگ ۽ عالم مخدوم عنايت الله (وفات 1114هه= 1702ع) جو شاگرد هو. ڪماليت جو صاحب ۽ سلوڪ جي راه جو ڀليءَ ڀت ڄاڻو هو. ميان ابوالقاسم ولد شيخ عبيدالله انصار نقشبندي جو پوئلڳ هو. آخري وقت ۾ سيد عبداللطيف ”تارڪ“ ڀٽائي4 جي صحبت مان فيض حاصل ڪيائين. مخدوم محمد هاشم سان سندس علمي مناظرا ٿيندا رهيا. ڪافي ڪتاب لکيائين. وقت جا حاڪم به سندس تعظيم ڪندا هئا. ”السماع معراج الاولياءُ“ – مصداق ”سماع“ کي موسيقيءَ جي طرز تي اوليت ڏنائين – (1161هه = 1747ع) ۾ وفات ڪيائين. فارسي شاعريءَ ۾ ”تسليم“ ۽ هنديءَ ۾ ”بيراکي“ تخلص هوس [تحفته الڪرام – مير علي شير ”قانع“، سنڌي ادبي بورڊ (سنڌي ترجمو، جلد 3)، 1957ع؛ صفحو 563].
(1) – پنهنجي وڏي چاچي ۽ سهري، حاجي محمد عثمان ملا مينهون ميمڻ (عمر 80 ورهيه) جي زباني معلوم ٿيو آهي، ته هڪ دفعي مخدوم صاحب ڪنهن ڏوهه ۾ هڪ سيد کي شرعي تعزير ڏيندي ديڙن هڻائڻ لاءِ پڙهو ڦيرايو. جڏهن پسگردائي اچي گڏ ٿي؛ ۽ پاڻ مجمي ۾ بيهي ڏوهاريءَ کي هڪ ڪاٺ جي قلعي ۾ سوگهو ٻڌرايائين. اڃا ديڙن هڻائڻ جي اجازت ڏيڻ تي ئي هو، ته کيس ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن، سيد کي ڀاڪر ۾ بيٺل نظر آيا. پوءِ سندس حيرت جي حد نه رهي ۽ ٺهه پهه حڪم ڪيائين، ته سيد کي آزاد ڪري ڇڏيو. جڏهن گهر پهتو ۽ قرآن پاڪ کولي ڏٺائين، ته سندس صبر جو پيمانو لبريز ٿي آيو. ٻئي ڏينهن تي وري سزا لاءِ مجموعو ڪٺو ڪيائين. ان ڏينهن تي به ساڳئي ماجرا ڏسي، واپس وريو. گهر ۾ وري به چين نه آيس؛ ۽ شريعت کان پاسيرو به رهي نه پئي سگهيو. مجبوراً ٻي ڪا واه نه ڏسي، پوري پسگردائيءَ مان قرآن پاڪ گڏ ڪرائي، بيل گاڏين تي آڻي تعزير واري هنڌ جمع ڪيائين. آخر ٽيون ڀيرو ماڻهو مڙي، اُن سيد کي شرعي سزا لاءِ تيار بيهاريائين، ته کيس اهو ساڳيو منظر نظر آيو. مگر پاڻ وڏي عجز سان ڪائنات جي ڪارڻيءَ کي عرض ڪيائين، ته ”ٻنهي جهانن جا سردار! انهيءَ ڏوهاريءَ کان پري ٿيو؛ يا هي (قرآن پاڪ) واپس وٺو!!“ چوڻ ۾ اچي ٿو، ته آنحضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن شريعت کي افضل ڄاڻي پري ٿي بيٺا؛ ۽ سيد کي مقرر سزا ملي.
(1) – علامه مخدوم (ثاني)، پيءُ جو صحيح جاءِ نشين هو – 1187هه (1773ع) ۾، ميان سرفراز ڪلهوڙي جي لشڪر ۾ قضا جي عهدي تي فائز هو. عربي زبان ۾ ”ذب الذبابات“ (ٻه جلد) نالي سندس لازوال تصنيف ڇڏيل آهي. [ ”تکملہ مقالات الشعرا“ (فارسي) – مخدوم محمد ابراهيم ”خليل“۾ تتوي، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، صفحو 46].

مـــــــــــــدن ڀـــڳـت - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مـــــــــــــدن ڀـــڳـت [ 1667ع – 1744ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌ جي عظيم انسانن ۾ صوفي سنت، مدن پٽ چيتن تولاڻيءَ جو نالو وسارڻ بالڪل بي انصافي ٿيندي. سندس جنم وسپت 12 جنوري 1667ع تي، تعلقي هالا جي ڳوٺ ڪوٽ ڪلاڻي ۾ ٿيو هو. سندس پتا ننڍپڻ ۾ ئي ماتا جي بيماريءَ وگهي اکين کان ضعيف هو؛ جنهن ڪري راتيان ڏينهان ڌڻيءَ در وينتي ڪندي، عامل بڻيو هو. شاه حبيب سان بيحد عقيدت هيس. اهڙي نيڪ انسان جي پٺ مان ”مدن“ جهڙو سدا ملوڪ نينگر پر گهٽ ٿيو.
مدن ننڍپڻ کان ئي ماٺيڻو ۽ سلڇڻو ڇوڪر هو. پاڻ کي هڪ جيڏن ۾ ڪڏهن به هٺيلو ۽ معتبر نه پئي ڀانيائين؛ ويتر ڀٽ جي آس پاس ڳوٺن ۾ گهمندي ڦرندي صوفين ۽ سنتن جي صحبت مان ڪافي پرايو هئائين. سنڌ جي سرتاج صوفي شاعر، شاه عبداللطيف ڀٽائي رح (1689ع – 1752ع) سان گهڻي سلام دعا هيس. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته هڪ دفعي ڪچهريءَ ۾ مدن، شاه سائين رح سان گڏ ويٺو هو. شاه سائينءَ کيس چرچي ۾ چيو، ته ”محبت جي ميدان ۾، مهتا ڪندين ڪيئن“؟ - مدن ان وقت ته بالڪل خاموش رهيو. آخر شاه صاحب جي زور ڀرڻ تي جواب ۾ صرف ايترو عرض ڪيائين، ته ”سائين! انهيءَ جو جواب اوهان کي ڪنهن مناسب موقعي تي ڏيندس!!“ ڪجهه ڏينهن بعد، درياه جي پتڻ تي سندن ملاقات ٿي. کين پار پهچڻو هو، پر جيئن ته ڪنڌيءَ کان پاٽڻي پڳهه ڇوڙي پتڻ کان پرڀرو هاڪار چڪو هو؛ جنهن ڪري ٻئي ڄڻا بي وس بيٺا هئا. کيس سڏ ته گهڻائي ڪيائيون، مگر هن (پاتڻيءَ) وراڻين، ته ”ٿورو ترسو؛ ٻئي پور ۾ توهان کي اڪاريندس“. مدن، نه ڪا ڪئي هم نه تم، کيسي مان ڪلدار روپيو ڪڍي، وڏي واڪي پاتڻيءَ کي هڪل ڪري چيو، ته ”ٻيلي! اسان ٻنهي کي هن ئي پتڻ ۾ کنيو هل!! اسان توکي پهرين پور ۾ پهچائڻ لاءِ ٻيڻو پتڻ ڏينداسين!!!“ ٻيڻي پتڻ جي لالچ تي پاتڻي پٺتي موٽيو. پتڻ چڙهڻ وقت مدن، ڀٽائي صاحب کي کلي چيو، ته ”سائين! هينئر شايد توهان کي پنهنجي سوال جو جواب ضرور ملي ويو هوندو!!“ شاه سائين مشڪيو؛ جنهن تي مدن جي زبان مان آواز نڪتو، ته
”هٿ جنين جو هيئن، پهرين پتڻ سي چڙهيا.“
مدن، ”ڀڳت“ سٺي وجهندو هو. انهيءَ ڪري ”مدن ڀڳت“ ڪري سڏبو هو. پاڻ شاه عنايت رضوي رح (1624ع – 1712ع) جو بيحد عقيدتمند هو. اڪثر ڪري وٽس ڪچهري ڪري، شام جو گهر واپس ٿيندو هو.  پاڻ وڏو داناءُ هو، جنهن ڪري اڳ پوءِ جي وڏي سوچ رکندو هو. هميشہ گهرجي چوديواريءَ کان ٻاهر، مڪان اڏي جهوپڙيءَ ۾ رهندو هو. اڪيلائي پسند ۽ هميشہ بندگيءَ ۾ رڌل رهيو. هڪ دفعي ڀٽائي ڀلاري جي ڪچهريءَ مان لطف اندوز ٿي رهيو هو، ته شاه سائين پنهنجن مريدن کان سوال پڇيو، ته ”ابا! الله سائينءَ جو گهر، ڪيڏو وڏو نه هوندو؛ جنهن مان ساري مخلوق اندر ويندي !!“ عقل جي آڌار تي حاضرين مان ڪنهن ڪهڙو، ته ڪنهن ڪهڙو جواب ڏنو. مدن به خاموش ويٺو هو. جان کڻي شاه صاحب جي مٿس نظر پيئي، ته نوڙت وچان ڪنڌ جهڪائي عرض ڪيائين، ته ”قبلا سائين! ڌڻيءَ جي درگاه جو در اجهو ايترو ٿئي ٿو!!“ اهو معقول جواب ٻڌي ڀٽائي صاحب کلي حاضرين کي چيو، ته ”ابا ڏٺو! اسان تڏهن ته مدن کي ڀائيندا آهيون!!“
مدن بذات خود شاعر به هو. هندي ۽ سنڌي زبانن جي وٽس وڏي پرکا هئي. ڪيترائي کيس شش هئا، جن کي سندس ڪلام برزبان ياد هوندو هو. زندگيءَ جون 77 بهارون سنبري، آرتوار 29 نومبر 1744ع تي پرلوڪ پڌاريائين. يادگار طور سندس مڙهي، ڀٽ شاه ۽ ٽنڊي آدم ريلوي اسٽيشن وچ ۾ اتر طرف اڄ به قائم آهي.
مدن، جيتوڻيڪ هندو هو، مگر پالڻهار کي پيارو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته هڪ ڏينهن مالها کڻي مسجد ۾ ويو ۽ ڪنڊ ۾ ويهي بندگي ڪرڻ لڳو. مڄاڻ جهرڪين ڇت ۾ آکيرو ٺاهيندي اتفاق سان مٿس ڪک ڪيرايا. ملا به قرآن پاڪ پڙهي رهيو هو؛ جنهن سموري ماجرا اکين سان پئي ڏٺي. ڪکن ڪرندي مدن ڇرڪ ڀريو ۽ مٿي نهاريو. خدا جي قدرت سان اُهو جهرڪ ۽ جهرڪي اچي پٽ تي پيا ۽ مري ويا. ملا کي اها ڳالهه البته ڏکي لڳي؛ جنهن ڪري خاموشي ٽوڙي، وات ڪري چيائينس، ته ”واڻيا! ڪوڙ ٿو بڪين!!“ تنهن تي مدن وراڻيو، ته ”ملا صاحب! برابر جهرڪين ڪک اڇلايا، برابر مون به مٿي نهاريو ۽ برابر جهرڪيون به اچي پٽ پيون ۽ مري ويون.... اهو ضرور آهي، ته ڌڻي پنهنجن پيارن تي ڪک به پيو نه سهندو آهي. شايد مالڪ کي اها ڳالهه نه وڻي آهي، جو هي ڪم ٿيو آهي!!“ بس، پوءِ ته ملا لڄي ٿي، اچي مدن کي ڀاڪر پاتو.
هڪ دفعي ڀٽائي صاحب پنهنجن مريدن کان سوال پڇيو، ته ”رب کي ڪهڙي شيءَ پسند آهي؟“ مريدن بنا سوچ ۽ ويچار جي وراڻيو، ته ”قبلا! مرشد جي ذات“. تنهن تي شاه سائينءَ کين مدن ڏانهن موڪليو. مدن جواب ۾ وراڻيو، ته ”گڏهيون ۽ ڏيڏر“. مريد مٿس تپي باه ٿي ويا؛ ۽ شاه سائينءَ کي پڻ اهڙي اڍنگي جواب ٻڌائڻ کان ڪيٻائڻ لڳا. پر پوءِ اخلاقي قدرن کي آڏو رکي، منجهانئن هڪ مريد اُٿي، مدن جو جواب، شاه سائينءَ کي ٻڌايو. شاه صاحب جواب ٻڌي خوب خوش ٿيو. مريدن جون وايون بتال ڏسي، شاه صاحب کين واضح ڪندي فرمايو، ته ”ابا! رب سان گڏ ”هنيون“ (دل) ۽ ڏيڏر مان مراد آهي ”ڏي“ به ۽ ”ڏر“ (ڊڄ) به.... توهان ته اجايو مدن کي گهٽ وڌ پيا چئو، وڃو ۽ وڃي کانئس معافي وٺي اچو!“.
(1) – روايتون آهن، ته مدن ڀڳت جو شاه سائين رح سان گڏ ويهڻ، مريدن کي پسند نه هو. گهڻائي اعتراض ڪيائيون، مگر شاه سائين رح کين چيو، ته ”ابا! مدن درويش فقير آهي!! الله تعاليٰ وٽ ذات پات جو ڪو ڀيد ناهي!!!
(1) – هڪ ڏينهن شاه عنايت جي ڪچهريءَ مان ايترو ته مزو اچي ويس، جو سج لهڻ جو به پرو نه پيس. پوءِ ته اونده ٿينديئي، جان کڻي ڳوٺ ورڻ لاءِ سنسري نڪتو، شاه عنايت چرچي طور چيس، ته ”مدن! تنهنجي ڳوٺ واري جهنگ ۾ شينهن ٿو رهي.... تون هن ڪمهلي وقت نه وڃ .... اڄ رات رهي پؤ ته ڪي روح رهاڻيون ڪريون!!“ مدن، جيڪو روز جو هيراڪ هو؛ تنهن ڪري آرام ڪٿي ٿو اچي. هلڻ کان اڳ چيائين، ته:
”جنهنجي رات تنهنجو ڏينهن - جنهنجو مدن تنهنجو شينهن“
(2) – هڪ دفعي شاه عبداللطيف ڀٽائي رح پنهنجن مريدن کان پڇيو، ته ”مان ڇا آهيان؟! ۽ مدن ڇا آهي!؟“ مريدن وراڻيو، ته ”قبلا سائين! توهان مرشد آهيو ۽ مدن واڻيو آهي!!“ معقول جواب نه ملڻ تي کين مدن ڏانهن موڪليائين. مدن کان ته هو اڳ ئي عاري هوا، مگر مرشد جو چوڻ موٽائي نه سگهيا پوءِ جيئن تيئن ڪري کانئس سوال جو جواب پڇيائون، ته ”لطيف ڪير آهي؛ ۽ تون ڪير آهين؟ مدن ٺهه پهه جواب ۾ چين ته ”لطيف، ”ڌوڙ“ آهي ۽ مان ”ڇائي“ آهيان!“ – مريد گستاخي سمجهي مٿس ڏمريا. مگر ڪن سنجيده ماڻهن جهيڙي جي نوبت ٽاري، ڀٽائيءَ تائين موٽائي آندو. جواب ٻڌي ڀٽائي صاحب کلي خوش ٿيو؛ ۽ حاضرين کي چيائين، ته ”ابا! مدن برابر سچ چيو آهي؛ ڇاڪاڻ جو منهنجو جسم آخر مٽيءَ (ڌوڙ) ۾ لٽبو ۽ مدن جو بت خاڪ (ڇائي) ٿي پوندو!