; سنڌي شخصيتون: مـــــــــــــدن ڀـــڳـت - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

24 April, 2011

مـــــــــــــدن ڀـــڳـت - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مـــــــــــــدن ڀـــڳـت [ 1667ع – 1744ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌ جي عظيم انسانن ۾ صوفي سنت، مدن پٽ چيتن تولاڻيءَ جو نالو وسارڻ بالڪل بي انصافي ٿيندي. سندس جنم وسپت 12 جنوري 1667ع تي، تعلقي هالا جي ڳوٺ ڪوٽ ڪلاڻي ۾ ٿيو هو. سندس پتا ننڍپڻ ۾ ئي ماتا جي بيماريءَ وگهي اکين کان ضعيف هو؛ جنهن ڪري راتيان ڏينهان ڌڻيءَ در وينتي ڪندي، عامل بڻيو هو. شاه حبيب سان بيحد عقيدت هيس. اهڙي نيڪ انسان جي پٺ مان ”مدن“ جهڙو سدا ملوڪ نينگر پر گهٽ ٿيو.
مدن ننڍپڻ کان ئي ماٺيڻو ۽ سلڇڻو ڇوڪر هو. پاڻ کي هڪ جيڏن ۾ ڪڏهن به هٺيلو ۽ معتبر نه پئي ڀانيائين؛ ويتر ڀٽ جي آس پاس ڳوٺن ۾ گهمندي ڦرندي صوفين ۽ سنتن جي صحبت مان ڪافي پرايو هئائين. سنڌ جي سرتاج صوفي شاعر، شاه عبداللطيف ڀٽائي رح (1689ع – 1752ع) سان گهڻي سلام دعا هيس. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته هڪ دفعي ڪچهريءَ ۾ مدن، شاه سائين رح سان گڏ ويٺو هو. شاه سائينءَ کيس چرچي ۾ چيو، ته ”محبت جي ميدان ۾، مهتا ڪندين ڪيئن“؟ - مدن ان وقت ته بالڪل خاموش رهيو. آخر شاه صاحب جي زور ڀرڻ تي جواب ۾ صرف ايترو عرض ڪيائين، ته ”سائين! انهيءَ جو جواب اوهان کي ڪنهن مناسب موقعي تي ڏيندس!!“ ڪجهه ڏينهن بعد، درياه جي پتڻ تي سندن ملاقات ٿي. کين پار پهچڻو هو، پر جيئن ته ڪنڌيءَ کان پاٽڻي پڳهه ڇوڙي پتڻ کان پرڀرو هاڪار چڪو هو؛ جنهن ڪري ٻئي ڄڻا بي وس بيٺا هئا. کيس سڏ ته گهڻائي ڪيائيون، مگر هن (پاتڻيءَ) وراڻين، ته ”ٿورو ترسو؛ ٻئي پور ۾ توهان کي اڪاريندس“. مدن، نه ڪا ڪئي هم نه تم، کيسي مان ڪلدار روپيو ڪڍي، وڏي واڪي پاتڻيءَ کي هڪل ڪري چيو، ته ”ٻيلي! اسان ٻنهي کي هن ئي پتڻ ۾ کنيو هل!! اسان توکي پهرين پور ۾ پهچائڻ لاءِ ٻيڻو پتڻ ڏينداسين!!!“ ٻيڻي پتڻ جي لالچ تي پاتڻي پٺتي موٽيو. پتڻ چڙهڻ وقت مدن، ڀٽائي صاحب کي کلي چيو، ته ”سائين! هينئر شايد توهان کي پنهنجي سوال جو جواب ضرور ملي ويو هوندو!!“ شاه سائين مشڪيو؛ جنهن تي مدن جي زبان مان آواز نڪتو، ته
”هٿ جنين جو هيئن، پهرين پتڻ سي چڙهيا.“
مدن، ”ڀڳت“ سٺي وجهندو هو. انهيءَ ڪري ”مدن ڀڳت“ ڪري سڏبو هو. پاڻ شاه عنايت رضوي رح (1624ع – 1712ع) جو بيحد عقيدتمند هو. اڪثر ڪري وٽس ڪچهري ڪري، شام جو گهر واپس ٿيندو هو.  پاڻ وڏو داناءُ هو، جنهن ڪري اڳ پوءِ جي وڏي سوچ رکندو هو. هميشہ گهرجي چوديواريءَ کان ٻاهر، مڪان اڏي جهوپڙيءَ ۾ رهندو هو. اڪيلائي پسند ۽ هميشہ بندگيءَ ۾ رڌل رهيو. هڪ دفعي ڀٽائي ڀلاري جي ڪچهريءَ مان لطف اندوز ٿي رهيو هو، ته شاه سائين پنهنجن مريدن کان سوال پڇيو، ته ”ابا! الله سائينءَ جو گهر، ڪيڏو وڏو نه هوندو؛ جنهن مان ساري مخلوق اندر ويندي !!“ عقل جي آڌار تي حاضرين مان ڪنهن ڪهڙو، ته ڪنهن ڪهڙو جواب ڏنو. مدن به خاموش ويٺو هو. جان کڻي شاه صاحب جي مٿس نظر پيئي، ته نوڙت وچان ڪنڌ جهڪائي عرض ڪيائين، ته ”قبلا سائين! ڌڻيءَ جي درگاه جو در اجهو ايترو ٿئي ٿو!!“ اهو معقول جواب ٻڌي ڀٽائي صاحب کلي حاضرين کي چيو، ته ”ابا ڏٺو! اسان تڏهن ته مدن کي ڀائيندا آهيون!!“
مدن بذات خود شاعر به هو. هندي ۽ سنڌي زبانن جي وٽس وڏي پرکا هئي. ڪيترائي کيس شش هئا، جن کي سندس ڪلام برزبان ياد هوندو هو. زندگيءَ جون 77 بهارون سنبري، آرتوار 29 نومبر 1744ع تي پرلوڪ پڌاريائين. يادگار طور سندس مڙهي، ڀٽ شاه ۽ ٽنڊي آدم ريلوي اسٽيشن وچ ۾ اتر طرف اڄ به قائم آهي.
مدن، جيتوڻيڪ هندو هو، مگر پالڻهار کي پيارو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته هڪ ڏينهن مالها کڻي مسجد ۾ ويو ۽ ڪنڊ ۾ ويهي بندگي ڪرڻ لڳو. مڄاڻ جهرڪين ڇت ۾ آکيرو ٺاهيندي اتفاق سان مٿس ڪک ڪيرايا. ملا به قرآن پاڪ پڙهي رهيو هو؛ جنهن سموري ماجرا اکين سان پئي ڏٺي. ڪکن ڪرندي مدن ڇرڪ ڀريو ۽ مٿي نهاريو. خدا جي قدرت سان اُهو جهرڪ ۽ جهرڪي اچي پٽ تي پيا ۽ مري ويا. ملا کي اها ڳالهه البته ڏکي لڳي؛ جنهن ڪري خاموشي ٽوڙي، وات ڪري چيائينس، ته ”واڻيا! ڪوڙ ٿو بڪين!!“ تنهن تي مدن وراڻيو، ته ”ملا صاحب! برابر جهرڪين ڪک اڇلايا، برابر مون به مٿي نهاريو ۽ برابر جهرڪيون به اچي پٽ پيون ۽ مري ويون.... اهو ضرور آهي، ته ڌڻي پنهنجن پيارن تي ڪک به پيو نه سهندو آهي. شايد مالڪ کي اها ڳالهه نه وڻي آهي، جو هي ڪم ٿيو آهي!!“ بس، پوءِ ته ملا لڄي ٿي، اچي مدن کي ڀاڪر پاتو.
هڪ دفعي ڀٽائي صاحب پنهنجن مريدن کان سوال پڇيو، ته ”رب کي ڪهڙي شيءَ پسند آهي؟“ مريدن بنا سوچ ۽ ويچار جي وراڻيو، ته ”قبلا! مرشد جي ذات“. تنهن تي شاه سائينءَ کين مدن ڏانهن موڪليو. مدن جواب ۾ وراڻيو، ته ”گڏهيون ۽ ڏيڏر“. مريد مٿس تپي باه ٿي ويا؛ ۽ شاه سائينءَ کي پڻ اهڙي اڍنگي جواب ٻڌائڻ کان ڪيٻائڻ لڳا. پر پوءِ اخلاقي قدرن کي آڏو رکي، منجهانئن هڪ مريد اُٿي، مدن جو جواب، شاه سائينءَ کي ٻڌايو. شاه صاحب جواب ٻڌي خوب خوش ٿيو. مريدن جون وايون بتال ڏسي، شاه صاحب کين واضح ڪندي فرمايو، ته ”ابا! رب سان گڏ ”هنيون“ (دل) ۽ ڏيڏر مان مراد آهي ”ڏي“ به ۽ ”ڏر“ (ڊڄ) به.... توهان ته اجايو مدن کي گهٽ وڌ پيا چئو، وڃو ۽ وڃي کانئس معافي وٺي اچو!“.
(1) – روايتون آهن، ته مدن ڀڳت جو شاه سائين رح سان گڏ ويهڻ، مريدن کي پسند نه هو. گهڻائي اعتراض ڪيائيون، مگر شاه سائين رح کين چيو، ته ”ابا! مدن درويش فقير آهي!! الله تعاليٰ وٽ ذات پات جو ڪو ڀيد ناهي!!!
(1) – هڪ ڏينهن شاه عنايت جي ڪچهريءَ مان ايترو ته مزو اچي ويس، جو سج لهڻ جو به پرو نه پيس. پوءِ ته اونده ٿينديئي، جان کڻي ڳوٺ ورڻ لاءِ سنسري نڪتو، شاه عنايت چرچي طور چيس، ته ”مدن! تنهنجي ڳوٺ واري جهنگ ۾ شينهن ٿو رهي.... تون هن ڪمهلي وقت نه وڃ .... اڄ رات رهي پؤ ته ڪي روح رهاڻيون ڪريون!!“ مدن، جيڪو روز جو هيراڪ هو؛ تنهن ڪري آرام ڪٿي ٿو اچي. هلڻ کان اڳ چيائين، ته:
”جنهنجي رات تنهنجو ڏينهن - جنهنجو مدن تنهنجو شينهن“
(2) – هڪ دفعي شاه عبداللطيف ڀٽائي رح پنهنجن مريدن کان پڇيو، ته ”مان ڇا آهيان؟! ۽ مدن ڇا آهي!؟“ مريدن وراڻيو، ته ”قبلا سائين! توهان مرشد آهيو ۽ مدن واڻيو آهي!!“ معقول جواب نه ملڻ تي کين مدن ڏانهن موڪليائين. مدن کان ته هو اڳ ئي عاري هوا، مگر مرشد جو چوڻ موٽائي نه سگهيا پوءِ جيئن تيئن ڪري کانئس سوال جو جواب پڇيائون، ته ”لطيف ڪير آهي؛ ۽ تون ڪير آهين؟ مدن ٺهه پهه جواب ۾ چين ته ”لطيف، ”ڌوڙ“ آهي ۽ مان ”ڇائي“ آهيان!“ – مريد گستاخي سمجهي مٿس ڏمريا. مگر ڪن سنجيده ماڻهن جهيڙي جي نوبت ٽاري، ڀٽائيءَ تائين موٽائي آندو. جواب ٻڌي ڀٽائي صاحب کلي خوش ٿيو؛ ۽ حاضرين کي چيائين، ته ”ابا! مدن برابر سچ چيو آهي؛ ڇاڪاڻ جو منهنجو جسم آخر مٽيءَ (ڌوڙ) ۾ لٽبو ۽ مدن جو بت خاڪ (ڇائي) ٿي پوندو!

No comments:

راءِ ڏيندا