مفتي غلام عمر جتوئي رح [ 1833ع – 1935ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
لاڙڪاڻي جو لعل، سونو جتوئيءَ جو لقمان، صاحبِ تقويٰ ۽ اُستادِ تحريرات، عمدة العلماءُ ابوالفيض غلام عمر ولد محمد صادق جتوئي رح، 4 شوال 1249هه مطابق 2 ڊسمبر 1833ع تي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ سونو جتوئيءَ ۾ تولد ٿيو. سندس والد بزرگوار متقي ۽ باشريعت شخص هو.
اٺن ورهين جي ڪمسنيءَ ۾ غلام عمر، آخوند نور محمد چني وٽان قرآن پاڪ ناظران پڙهي، اباڻي ڪرت ”ڪڙمت“ ڪرڻ لڳو. ڪافي وقت کيتيءَ جو ڪم ڪيائين. هڪ ڏينهن جيئن ئي پنهنجي زمين تي ڪم ڪري رهيو هو، ته مخدوم محمد عثمان رح نالي شخص اچي وٽس نڪتو ۽ هدايت ڪندي چيائينس؛ ”مونکي ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن جي طرفان اوهان لاءِ ارشاد ٿيو آهي، جيئن ته اوهان هينئر بلوغت کي رسيا آهيو؛ تنهن ڪري کيتيءَ کي ڇڏي، ميهڙ ۾ رهڙي شريف آخوند مولانا محمد صالح مهيسر وٽان وڃي درس وٺو!“.
مخدوم صاحب جي پيغام پهچائڻ سان غلام عمر، ميهڙ جو رخ رکيو؛ ۽ رهڙي شريف پهچي، فارسيءَ جا ڪتاب پڙهڻ لڳو. رات ڏينهن جي لڳاتار جستجوءَ بعد سندس استاد کيس، فخرالعلماءُ مخدوم حسن الله صديقي پاٽائي رح (1850ع – 1920ع) جن جي مدرسي مان عربي زبان جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ارشاد فرمايو. پوءِ پاڻ پاٽ پهچي، ڏهن ورهين جي وقفي اندر فارغ التحصيل ٿي، دستارِ فضيلت ٻڌائين. مخدوم پاٽائي جي هدايت موجب ٻيهر رهڙي شريف موٽي، درس و تدريس ڏيڻ لڳو. هڪ سال جي انهيءَ مشق بعد کيس اجازت ملي؛ ”هاڻي توهان بالڪل خبردار ٿي چڪا آهيو، بهتر ائين ٿيندو، ته اوهان واپس ڳوٺ وڃي ديني ڪم کي پايهء تڪميل تي پهچايو!“ استادن جي متفق اجازت سان مولوي غلام عمر، سونو جتوئيءَ ۾ ”مدرسه دارالفيض“ قائم ڪري درس و تدريس ڏيڻ لڳو.
مولانا غلام عمر صاحب پنهنجي ڳوٺ ۾ توڪل علي الله سان گوڏو ڀڃي پنهنجن طالبن کي نهايت ئي ڪاميابيءَ سان فيض رسائيندو رهيو. سندس شاگردن جو تعداد هڪ هزار کان به زياده چيو وڃي ٿو، جن مان مولانا دين محمد وفائي مرحوم، مولانا محمد قاسم مشوري، مولانا تاج محمد آريجائي، مولانا محمد احمد کوکر، مولانا دوست علي جتوئي، مولانا عبدالباقي همايوني، مولانا غلام حسين وليدائي مرحوم، مولوي محمد يوسف صوڀو ديرو (خيرپور ميرس)، مولانا عبدالرحيم جتوئي، مولوي مولابخش ”فنائي“ (ملا ابڙا، ڏوڪري)، مولوي عزيز الله جتوئي خاران (بلوچستان)، مخدوم روشن الدين صديقي پاٽائي، سيد اصغر شاه بقاپوري ۽ مولانا سيد نظام الله امروٽيءَ جا نالا قابلِ ذڪر آهن. وٽانئس ايران، افغانستان، بلوچستان، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات کان به ڪيترا ئي عالم سڳورا اچي فيضياب ٿيا.
مفتي صاحب جيد عالم، بزرگ ۽ ولي الله هو. صوم صلواة جو پابند، سحر خيز، اشراق ۽ صلوات تي مواطبت رکندڙ هو. هر جمعي تي فجر جي نماز بعد قبرستان وڃي، بزرگن جي روحن کي ختما بخشيندو هو. پاڻ شريعت جي هتڪ حرمت تي سخت غصو کائيندو هو؛ ۽ بدعتي ۽ بدمذهب ماڻهن کان ڌڪار هوندي هيس. صوفياءِ ڪرام جي عزت ۽ صالحن جي صحبت کي افضل ڄاڻندو هو. حديث جو ماهر ۽ فقہ حنفيءَ جو وڏو ڄائو هو. سندس قلم مان فارسي، عربي ۽ سنڌي زبانن ۾ ڪافي ڪتاب نڪتل هئا، جيڪي زماني جا انقلابن ۽ پوين جي لاپرواهيءَ سان اڄ ناپيد آهن. التبه ”صاحبِ فتويٰ“ ۽ ”تحريرات“ قلمي صورت ۾ سندس پونيرن وٽ ڪٻٽن جي زينت بڻيل آهن.
پاڻ پنهنجي مطالعي، ذهن ۽ ذڪاءَ ذريعي طبابت ۾ به خاص دلچسپي ورتائين؛ جنهن ڪري انهيءَ ۾ خاصي مهارت حاصل ٿيس. حسن اخلاق سان گڏ باطني رعب سان يزداني هو. وٽس وقت جا وڏا وڏا آفيسر خواه جابر زميندار به هيٺ پٽ تي اچي ويهندا هئا. شاعر به سُٺو هو. جوانيءَ ۾ مولود ۽ مداحون به چيائين. هي حڪمت جو ستارو، هڪ سؤ ويهه ورهين جي دراز عُمر ۾، 29 شوال 1323هه مطابق 2 فيبروري 1923ع تي هميشہ هميشہ لاءِ غروب ٿيو؛ ۽ پوين ۽ پيارن شاگردن کي داغِ مفارقت ڏيئي ويو. کيس ڳوٺ جي مدرسي ۾ آرامي ڪيو ويو. پاڻ پٺيان نرينه اولاد ۾: فضل الله ۽ وهب الله ڇڏيائين. سندس خاص صحبتي: مولانا عبدالله جان سرهندي ۽ مخدوم بصرالدين سيوهاڻي رح چيا وڃن ٿا.
(1) – مخدوم محمد عثمان مٽياري رح پنهنجي وقت جو باخبر عالم، محدث ۽ فقيہ هو. سندس ولادت غالباً 1235هه (1819ع) ۾ ۽ وفات 1336هه (1917ع) ڌاري ٿي آهي. پاڻ صحيح بخاريءَ جي ٻن جلدن جي شرح به لکي هئائين.
(2) – ”رهڙو شريف“، تعلقي ميهڙ (دادو) ۾ هڪ قديم ڳوٺ آهي، جيڪو ميهڙ شهر کان اتر – اوير ڪنڊ تي، 5 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. تاريخي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته هي ڳوٺ ديري غازي خان جي شهر ستپور جي هڪ ”راه رو“ (رستي ويندڙ) درويش ۽ ناهري بزرگ، مولانا عبدالله ولد ميان حبيب الله ميهسر عرف ”ڪاڇو فقير“، ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾، 1132هه (1719ع) ۾ آباد ڪيو هو. هن وقت منجهس ٻن هزارن جي لڳ ڀڳ آدم رهي ٿو. ڳوٺ ۾ ڪسابن کان ديني درسگاه قائم آهي؛ جنهن ۾ ايران، عراق، افغانستان، هندستان، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان طالب اچي علم جي اُڃ اُجهائي، ديسان ديس پکڙجي ويا آهن [سنڌڙي تنهنجا ڳوٺ وسن – ميمڻ عبدالغفور سنڌ، 1978ع، (قلمي) صفحو 162].
(1) – چوڻ ۾ اچي ٿو، ته هن مدرسي ۾ ايترا ته طالب هئا، جو سندن فرحين (پٽين) لکڻ لاءِ وڏو مس جو مٽ ڀريل هوندو هو؛ جنهن کي ”ڪارو مٽ“ سڏيندا هئا. سندن ڏينهن ۾ ڪن شاگردن جي شرارت سببان مٽ ٻه اڌ ٿي پيو؛ جنهن تي شاگردن واويلا مچائي ڏني. جڏهن اها خبر مولانا غلام عمر صاحب کي پيئي، تڏهن پنهنجي ڊگهيءَ پڳ مان ڳپل ڦاڙي، اهڙيءَ طرح ته پنهنجن هٿن سان ويڙهيائين، جو ڪيترن سالن تائين ڪم ڏيندو رهيو.
No comments:
راءِ ڏيندا