; سنڌي شخصيتون: مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 April, 2011

مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني رح
[ 1844ع – 1918ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

مولانا عبدالغفور ”مفتون“ ولد مولانا محمد يعقوب پيچوهو ، 13- ربيع الاول 1261هه مطابق 7 مارچ 1844ع تي، تعلقي شڪارپور جي ڳوٺ ”همايون“ ۾ تولد ٿيو. سندس جد- امجد، محمد مبارڪ (1741ع – 1793ع) جهٽ پٽ (بلوچستان) ضلعي جي ڳوٺ ”ڀاڳناڙي“ جو باشندو هو، جيڪو پنهنجي وقت ۾ سکيو ستابو شخص هو. وٽس ڌڻيءَ جو ڏنل ته جهجهو هو، مگر جبل جي زندگيءَ ۾ رهندي منجهن علم جي بوءِ ڪانه هئي. هڪ دفعي جيئن ئي پاڻ ٻڪريون چاري رهيو هو، ته ڪنهن اجنبي  اچي کانئس پاڻي گهريو. طلب تي کير سان سندس اُڃ اُجهائي. پوءِ ان راه روءِ کيس دعا ڏيندي چيو، ته ”اي پوڙها! تنهنجي مهمان نوازيءَ ۽ بلند اخلاقيءَ عيوض توکي مشورو ٿيو ڏيانءِ، ته پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارج!!“ ٿورن ڏينهن بعد کيس پٽ ڄائو؛ جنهن جو نالو محمد يعقوب رکيائين. سمجهه سوائي ٿيڻ سان کيس ڪنڊي واري مدرسي ۾ آخوند عبدالحليم ڪنڊويءَ وٽ ويهاريو ويو ، جتان عربي، فارسي ۽ پشتو ۾ پختو ٿيو. پوءِ سنڌ ۾ وڌي، پاٽ مان آخوند ميان محمود وٽان خرقه- خلافت ڍڪيائين.
خلافت جي خلوت حاصل ڪرڻ بعد، واپس وطن وري، جهٽ پٽ ۾ پنهنجو مڪتب کوليائين. سندس ذهانت ۽ سچائيءَ جي هاڪ هنڌين ماڳين وائکي ٿي وئي؛ جنهن ڪري پنجاب، سنڌ، ايران عراق، افغانستان ۽ هندستان مان به ماڻهو اچي وٽانئس فارغ التحصيل ٿيا.
ان زماني ۾ ڳوٺ همايون جا ٻه معزز: ميان غازي خان سومرو ۽ وڏيرو مسو خان سڌايو وٽس لنگهي آيا، انهيءَ ارادي سان ته ”هتان لڏي همايون ۾ هلي رهو“ – پهريائين ته پاڻ انڪار ڪيائين؛ پر پوءِ ميان محمود پاٽائيءَ جي چوڻ تي باقبائل لڏي اچي همايون ۾ آستانو اڏائيان. هتي به هزارين انسانن کي فيض ڏيندي، 25 ذوالقعد 1253هه مطابق 17 جون 1837ع تي راه رباني ورتائين. پٺيان هڪ پٽ ۽ ٻه نياڻيون ڇڏيائين.
مولانا عبدالغفور جو ابتدائي استاد، والد بزرگوار هو. وٽانئس اڃا شروعاتي سبق مس پورا ڪيا هائين، ته والد جو وڇوڙو مليس ؛ جنهن ڪري پنجابي عالم مولانا سلطان محمود سيتپوريءَ وٽان باقي ڪتاب پڙهي، دستار – فضيلت ٻڌائين. ڳوٺ موٽي والد جي ڇڏيل مدرسي کي ٻيهر رونق وٺرايائين. هينئر همايون ۾ ٻيهر وقن اچي وئي؛ ۽ ڪافي سڌارا به ڪيائين. پاڻ نهايت نيڪ نفس، کل مک، مرجان مرنج، سنجيدو، سادو ۽ بلند خيال هجڻ سان گڏ اعليٰ ذهانت سببان ڳوڙهي تحقيق جي صلاحيتن جو مالڪ هو. علم ۾ اڪابر ۽ پرهيزگار به حد درجي جو هو.
والد جي مسند نشين ٿيڻ سان پيري مريديءَ جو سلسلو ۽ فتوائن جو ڪم به هٿ ۾ کنائين. مڪران، خراسان، بلوچستان، سنڌ خواه هند جا وڏا عالم به سندس شاگرديءَ ۾ شريڪ ٿيا. هڪ اندازي مطابق سوا سئوکن طالب سندس نظر فيض اثر هيٺ فاضل بڻيا، انهن مان: مولانا محمد مبارڪ ميان ڳوٺي، مولوي عبدالرحمان شڪارپوري، مولوي محمد اسماعيل شاهلي، مولوي محمد يعقوب سبي، مولوي فاضل محمد بلوچستاني، مولوي نبي بخش ڪولاچي ۽ مولوي خدا بخش لهڻيءَ جا نالي سر– فهرست آهن.
باوجود مصروفيتن جي پاڻ وقت ڪڍي سائلن جا ڪم به ڪندو هو. ديني درس کان علاوه طب جي به چڱي ڄاڻ هيس. ڦيڻي ڇنڊي سان گڏ دوا دارون به ڏيندو هو. سخي به حد درجي جو هو. ڪوبه مانيءَ بنا وٽانئس واپس نه ويو. مردن کان علاوه حويليءَ تي پرده پوش عورتن لاءِ به وقت ڪڍي، دعا دسگيري ڪندو هو. راث جو ڳچ حصو خدا جي ياد ۾ گذاريندو هو. تهجد تائين ترسي، شاعريءَ کي هٿ ۾ کڻندو هو.
مولانا صاحب کي شاعريءَ سان به وڏو شغف هو. هن سلسلي ۾ به ميان محمود پاٽائيءَ جي رهبري حاصل هيس. سنڌي، عربي، فارسي، سرائڪي، هندي ۽ اردو ۾ پڻ ڪثير التعداد ڪلام چيا هئائين. افسوس جو اهو زماني جي ستم ظريفيءَ سببان سندس پوين کان محفوظ ٿي نه سگهيو. ”مفتون“ تخلص سان سنڌي شاعريءَ ۾ مڪمل ”ديوان“ به ترتيب ڏنائين؛ جنهن کي ”بياض مفتون“ جي نالي سان 1953ع ۾ مولوي نجم الدين ڳڙهي ياسينويءَ پڌرو ڪيو هو – 1973ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ”ديوان مفتون“ جي نالي سان سندس ڪلام کي عام ڪيو آهي. دستياب ٿيل سنڌي ۽ فارسي شاعري، اڪثر نعتيه آهي، جيڪا ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي شان ۾ آهي. پاڻ نظم کان علاوه نثر ۾ به ڪافي ڪتاب قلمبند ڪيائين، جيڪي گهڻي ڀاڱي فتوائن تي مشتمل آهن.  وٽس علمي ذخيرو به جهجهو هو؛ جنهن ۾ مصر، افغانستان، ايران ۽ هندستان کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي اسلامي مملڪتن جا ناياب قلمي نسخا موجود هئا. افسوس جو انقلابن سببان مفتخورن، جاهلن ۽ بي قدرن جي هٿ چڙهي ويا، جو اڄ اُهي ڏسڻ لاءِ به نه رهيا آهن. سندس وفات حسرت آيات 75 ورهين جي ڄمار ۾ جمع جي رات، 11 رمضان المبارڪ 1336هه مطابق 2 فيبروري 1918ع تي همايون ۾ ٿي. کيس ڳوٺ جي جامع مسجد لڳ، والد جي وٽ ۾ جاءِ ڏنائون.
سندس همعصر ۽ سهيوڳي بزرگن ۾: حافظ محمد صديق ميجهو ڀرچنڊي شريف، حضرت شاه مردان شاه اول پير صاحب پاڳارو، مولانا تاج محمود امروٽي رح، مولانا محمد عمر چشموي، مولانا بهاؤالدين بهائي ۽ مير علي نواز علوي شڪاپوريءَ جا نالا ورتا وڃن ٿا. کيس نرينه اولاد ڪونه ٿيو، ان ڪري ڏهٽس مولانا عبدالباقي مسند نشين ٿيو.  مولانا همايون رح جهڙا جليل القدر انسان دير سان پيدا ٿيندا آهن؛ ۽ جڏهن وارو وڄائي ويندا آهن، ته پنهنجي سيرت ڪردار، فضل ۽ ڪمال جا اهڙا ته اڻ مٽجندڙ آثا ڇڏي ويندا آهن، جيڪي هميشہ لاءِ بطور يادگار رهندا آهن. سندس درگاه اڄ به عام و خاص لاءِ زيارت گاه بڻيل آهي. ڪيئي سوالي اڄ به پنهنجو مطلب ماڻي وڃن ٿا. اهوئي سبب آهي، جو همايون جو شعر سندس ذات والاصفات جي طفيلي پوريءَ سنڌ ۾ پڌرو آهي. تفسير، تاريخ، تصوف، فقہ، طب، حديث ۽ رياضيءَ جو وڏو ماهر هو. خاص ڪري فقہ جي سلسلي ۾، پوري برصغير ۾ سندس ثاني ملڻ مشڪل هو. هيٺ سندس مشهور ”ڪافي“ نموني طور ڏجي ٿي:-
”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا – زندان هزارين، مان نه رڳو،
تنهنجي شاهي دستر خوان مٿي – مهمان هزارين، مان نه رڳو.
ڪيئي گهايل تنهنجي گهور سندا – مخمور غفور سرور سندا،
تنهنجي نور ظهرو حضور سندس – نگران هزارين مان نه رڳو.
ڪيئي آبرو تيغ شهيد ڪيا – ڪيئي نازڪ مزيد مريد ڪيا،
ريءَ ناڻي ديد خريد ڪيا – قربان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي جلوي جمال جي عشوه گري – ڪيا ملڪ مطيع وسيع وري،
ڇا جن ملائڪ حورو پري – حيران زهارين مان نه رڳو.
ڪيئي نوڪر چار جمعر اڪبر – ڪيئي خادم آهن خاقان نوڪر،
سويندر تنهنجي تي دارا سڪندر – دربان هزارين مان نه رڳو.
ماه لقا محبود مٺا – تنهنجي ناز ادا تان جان فدا،
ٿيا دامن گير امير گدا – سلطان هزارين مان نه رڳو.
دلبر پيارا ڪر نور نظر – تون ته سرور عالم جن و بشر،
توتان قربان تارا شمس قمر – ”مفتون“ هزارين مان نه رڳو.“

(1) – ”پيچوها“ اصل ۾ ”ابڙن“ جي شاخ آهن.
(2) – ”حمايون“، سنڌ جو قديم ڳوٺ آهي، جيڪو سومرن جي صاحبيءَ ۾، سومرا ۽ سڌايا ذات وارن جو آٻاد ڪيل آهي. مغل بادشاه نصيرالدين همايون جو 950هه (1543ع) ۾ ايران ويندي، سنڌ مان گذر ٿيو هو. کيس رڻ ۾ رات پئجي ويئي؛ جنهن ڪري ڪشادو ميدان ڏسي، انهيءَ وسنون ۾ رات گذاري هئاين. سندس ياد ۾ مٿس اهو نالو پيل آهي. ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ انهيءَ ميدان تي سرڪاري بنگلو به اڏيل هو، جيڪو پوءِ مسمار ٿي ويو. جاگرافيائي پس منظر ۾ هي ڳوٺ ڪوٽيا – ڪراچي ويندڙ عام شاهراه جياوڀارين طرف ۽ موجوده ريلوي لائين جي وچين حصي ۾ واقع آهي. اڄ هن ڳوٺ ۾ شهر جهڙي رونق آهي.
(1) – روايتون آهن، ته اهو اجنبي شخص شيخل المشائخ، قطب الاقطاب، غوث اعظم سيد عبدالقادر جيلاني رح (1078ع – 1166ع) هو؛ جنهن جي دعا سان هن خاندان ۾ علم جو اهڙو ته ڏيئو ٻريو، جيڪو قيامت تائين وسامي نٿو سگهي.
(2) – تذڪرن ۾ خيلفي محمود يعقوب جي ولادت جو سال 1196هه (1781ع) آيو آهي.
(3) – اُن زماني ۾ جهڙيءَ طرح سنڌ اندر ٺٽو، بکر، لاڙڪاڻو، پاٽ، روهڙي ۽ لواريءَ ۾ وڏا درسگاه چيا ويندا هئا، تهڙيءَ طرح بلوچستان ۾ وري لانڍي، ڪونڊي، ڪٽبار ۽ سبي وغيره ۾ پڻ دين جو چڱو چهچٽو هو.
(1) – سندس دوستن، طالبن ۽ همصعرن جو حلفو وسيع هو، جن مان مولانا نورمحمد شهداد ڪوٽي، مولانا عبدالستار، مولانا عبدالرحمان سکرائي، مولانا عبدالله، رستمي، سيد زين العابدين شاه افغانستاني، مولوي محمد قاسم ڳڙهي ياسينوي، جهل مگسيءَ جو نواب، مولانا عبدالرحمان ڌامراهو، حڪيم محمد صادق راڻيپور ۽ ڀائي ڄيٺمل (طب جو شاگرد) جا نالا قابل – ذڪر آهن.
(2) – اُن وقت سندس عمر ٻارهن ورهيه مس هئي.
(1) – سندس تصنيفات ۾: ”فتويٰ همايوني“ (فارسي، ٻه ڀاڱا)؛ ”فهنگ همايون“ (طب، ٻه ڀاڱا)، ”الدار المنشور“، ”ديوان مفتون“ (عربي، فارسي، سنڌي ۽ هندي شعر جا مجموعا) ۽ ڪجهه قلمي رسالا شامل آهن.
(2) – مولانا عبدالباقي (وفات 1383هه = 1963ع)، وقت جو سٺو عالم ۽ فتويٰ جي فن ۾ ماهر هو. پنهنجي ناني جي ڇڏيل ڪم کي ڪنهن حد تائين پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايائين. موجوده وقت ۾ درگاه جو متولي، سندس وڏو فرزند، مولانا عبدالباري آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا