ميان سرفراز ڪلهوڙو
[ 1751ع – 1777ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
ميران سرفراز خان ولد ميان غلام شاه ڪلهوڙو غالباً1165هه مطابق 1751ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم ۾ عربي، فارسي ۽ اردوءَ جي سکيا ورتائين؛ جنهن کان پوءِ انگريزي علم لاءِ استاد به رکيائين. ذهين به حد درجي جو هو. ننڍپڻ ۾ ئي شعر چوڻ شروع ڪيائين – 22 ورهين جي عمر (1772ع) ۾ سنڌي جي گاديءَ تي ويٺو. کيس ڀاڳ نه ڀيڙايو؛ جنهن ڪري ڪنن جو ڪچو ٿي، وزير راڄي ليکي جي چرچ تي، وفادار ساٿين جا سر قلم ڪرائي ڇڏيائين. نتيجي طور ٽالپرن ۽ بلوچن ۾ اچي ڦوٽ پئي؛ جنهن ڪري مجبوراً کيس 1775ع ۾ تخت تان لاهي، حيدرآباد جي قلعي اندر قيد ڪيو ويو. قيد ۾ سندس اکين جي بينائي به ختم ڪرائي وئي؛ جنهن ڪري لاچار ٿي پيو. کانئس پوءِ سندس ڀاءُ ميان محمود عرف محمد ابا خان (وفات 1190هه)، چاچس غلام النبي خان ۽ عبدالنبي خان (وفات 1220هه) تحت تي ويٺا.
ميان سرفرا خان نور جي چٽائي وڃائڻ بعد شاعريءَ کي مشغلو بڻايائين. سندس ڪلام فارسي زبان ۾ ڪثير التعداد آهي. البته سنڌي زبان ۾ چيل اسان کي سندس هڪ ”مدح“ ملي ٿي، جنهن کي قيد جي ڪوٽن ۾ رهندي، نهايت انتهائي سوز ۽ رقت وچان، اندر جي اُٻڙاڪ آواز مان چيو اٿس. مذڪوره مداح دکدائڪ لهجي ۾، بنا ڪنهن اٽڪ جي لس پڙهي سگهجي ٿي. موزون ڪلام جي سلسلي ۾ غالباً سنڌي زبان ۾ کيس ”شروعاتي مداح“ کڻي چئجي، ته بيجاءِ نه ٿيندو. هن مداح جو بنيادي وراڻو: ”ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون“ – غير فاني ۽ پر اثر آهي. سنڌ ۾ هن مداح وڏي مقبوليت ورتي آهي، ايتري تائين جو اڄ به مشڪل مهل ۾ هن مداح کي پڙهيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ميان صاحب جي فارسي غزلن تي مشتمل شاعري، حافظ شيرازي رح (1320ع – 1389ع) جي تتبع تي ترتيب ڏنل آهي. ازانسواءِ فني پخنگي، فڪر جي گهرائي، درد ۽ سوز وغيره، مداح کي سنڌي ادب ۾ وڏي تاثر، رواني، دلڪشي ۽ هڪ عظيم ۽ غير فاني شاهڪار جي حيثيت بخشي آهي.
حياتيءَ کيس مهلت نه ڏني؛ جنهن ڪري ڦوه جوانيءَ ۾، 1191هه مطابق 1777ع ڌاري کيس قيد ۾ ئي قتل ڪرايو ويو. هيٺ سندس مداح مان نمونو پيش ڪجي ٿو:-
بسم الله، لڳ الله، محمد شاه، ڪر پناه پرين تون،
منجهه درگاه، ڪيم آه، مٿي راه رسين مون:
ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون
آهيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سڏ، سڻج تون،
پسي پاڻ، ڪرم ساڻ، ڏکيا ڏاڻ، ڏئين مون:
ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال، سڻج تون.
(1) – ”ڪلهوڙا“ سنڌ جي خاص قوم آهي؛ جنهن 1719ع کان 1782ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي آهي. سندس نسبو ڳانڍاپو آنحضرت صلي الله عليه وسلم جن جي چاچي حضرت عباس بن عبدالمطلب جن سان ملي ٿو، جيڪو سلسليوار هن ريت آهي: ميان سرفرا بن ميان غلام شاه بن ميان نور محمد بن ميان يار محمد بن ميان نصير محمد بن ميان الياس بن ميان محمد دائود بن ميان آدم شاه شهيد [خدا يار خاني ميان سرفراز خان ڪلهوڙو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو (سنڌ)، 1980ع، ص 9].... بن ميان نور شاه عرف گجن شاه بن ميان صاحبڏنو بن ميان جان محمد بن طاهر بن رانع بن شاه محمد بن ابراهيم بن محمد بن طاهر بن چنيہ بن قائم بن طاهر بن احمد بن جاهره بن قائم بن عبدالرحمان بن عباس بن مامون بن هارون بن ابو عبدالله مهدي بن ابو جعفر منصور بن محمد بن علي بن عمدالله بن سيد المصر بن حضرت عباس رضه [مهراڻ (سوانح نمبر) 3-4/ 1957ع، سنڌي ادبي بورڊ، ص 213[، رچرڊ فرانسز برٽن (1821ع – 1890ع) جي کوجنا موجب: ”ڪلهوڙا“ سنڌ جي چنا قوم ۽ هندن جي نسل مان آهن. انگريزي راڄ ۾، برصغير جي آدمشاريءَ دوران کين ”ڄاموٽ“ ڄاڻايو ويو آهي، مگر سنڌ ۾ هو پاڻ کي ”عباسي“ سڏائين ٿا“ [سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون (سنڌي ترجمو) – رچرڊ برٽن، سنڌي ادبي بورڊ، 1971ع، ص 348].
(1) – سندس ڀاءُ ميان محمود تخت تي ويٺو، جا ڳالهه سندس چاچي عبدالنبيءَ کي نه وڻي؛ جنهن غصي وچان ميان سرفراز سندس پٽ مير محمد، ڀاڻس ميان محمود ۽ چاچس عطر محمد (جيڪو سندس ڀاءٌ به هو) کي مارائي ڇڏيو (انهن چئني ڪوڌرن جون قبرون حيدرآباد ۾ هڪ ئي مقبري ۾ محفوظ آهن). [سنڌي ادب جي مختصر تاريخ (ڀاڱو پهريون) – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، 1976ع، ص 185] ساڳئي سال پنهنجي ڀاءُ ميان غلام نبي خان جي ٻن ننڍڙن پٽن کي درياه ۾ ٻوڙائي ڇڏيائين [خدا يار خاني ميان سرفراز خان ڪلهوڙو، - مرزا عباس علي بيگ، 1980ع، ص 145].
(1) – ميان سرفراز خان فارسي ۽ سنڌي شاعريءَ جو مڃيل شاعر آهي. هن سلسلي ۾ سندس استاد غلام علي مداح هو؛ جنهن کان وقت بوقت اصلاح وٺندو رهيو. ازانسواءِ پنهنجي همعصر دوست سيد ثابت علي شاه (1740ع – 1810ع) کان پڻ مرثيي جي ڄاڻ به ورتي هئائين.
(1) – شڪارپور جو شهر، 1027هه (1617ع) ۾ دائود پوٽن، لکيءَ جي مهرن کي شڪست ڏيئي ٻڌايو هو. ميان يار محمد ڪلهوڙي جي ايامڪاريءَ (حڪومت 1700ع کان 1718ع تائين) ۾ هي شهر پنهورن جي هٿ هيٺ آيو، جن هن شهر کي ”خدا آبد“ نالي سان سڏيو هو [قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو– مرزا قليچ بيگ، بلئوٽسڪي پريس ڪراچي، 1925ع، ص 25].
(2) – ڪلهوڙن، ”فقير“ کان وڏو خطاب ڪنهن به شخص کي نه ڏنو هو. هي لقب ميان آدم شاه ڪلهوڙو (االمتوفي 1592ع) جي وقت کان ملندو رهيو.
No comments:
راءِ ڏيندا