مولانا دين محمد وفائي
[ 1893ع – 1950ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
مولانا دين محمد ”وفائي“ ولد خليفو گل محمد ڀٽي، تعلقي ڳڙهي ياسين (موجوده ضلعو شڪارپور) جي ڳوٺ کڻي عرف نبي آباد ۾، 27 رمضان المبارڪ 1311هه مطابق 14- اپريل 1893ع تي ولادت ورتي هئي. ابتدا ۾ والد بزرگوار وٽان درس ورتائين. نون سالن جي عمر ۾ يتيم بڻيو؛ جنهن ڪري تعليم ۾ رخنو پيس. بس، پوءِ ته جيئن تيئن ري فارسي پنهنجي عزيز محمد عالم وٽان پڙهيو. جڏهن سمجهه ڀريو ٿيو، تڏهن عربيءَ جي تحصيل لاءِ لاڙڪاڻي، سونو جتوئيءَ جي صاحب- دل درويش ۽ ڪامل اُستاد، عمدت العلماءُ ابوالفيض مفتي غلام عمر جتوئي رح (1833ع – 1935ع) جون خدمتون حاصل ڪيائين. انهيءَ سلسلي ۾ 1907ع کان 1911ع تائين وٽس رهي، عربيءَ جا سمورا ڪتاب پورا ڪيائين. اوڻويهن سالن جي عمر ۾ سکر مان شادي ڪيائين. پوءِ مفتي صاحب جي مشوري سان سنڌ مدرسة السلام ڪراچيءَ ۾ تعليم ڏيڻ لڳو. انهيءَ وقفي ۾ سندس ملاقات شيخ الوقت مخدوم حسن الله صديقي پاٽائي رح (1850ع – 1920ع) سان به ٿي؛ ۽ وٽانئس ڪافي مستفيض ٿيو – 1914ع کان 1916ع) تائين راڻيپور ۾ رهيو. پوءِ ڪن سببن ڪري ٺلاه (تعلقو ڏوڪري، لاڙڪاڻو)، ۾ سيد محمد راشد (جهنڊي واور) وٽان به درس و تدريس کي جاري رکيائين.
پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي افراتفريءَ ايشيا ۾ وڏو ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيو هو، البته سنڌ ۾ ڪنهن حد صلح هو. انهن ڏينهن ۾ ”تحريڪ خلافت“ جنم ورتو ۽ تيزيءَ سان وڌڻ لڳي. مولانا دين محمد وفائي به ٺلاه ڇڏي، تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو. ترڪيءَ جي تاجدارن خلاف خوب آواز اٿاريائين. هوڏانهن انگريزن هن آواز کي دٻائڻ لاءِ وس ڪيو، مگر مولانا صاحب قلم توڙي زبان ذريعي جذبات عوام جي سينن ۾ پهچايا. مارچ 1920ع ۾، لاڙڪاڻي ۾ خلافت ڪانفرنس ڪوٺائي وئي؛ جنهن جو روح روان مولانا سيد تاج محمود امروٽي رح (1844ع – 1929ع) هو. هن گڏجاڻيءَ ۾: مولانا ابوالڪلام ”آزاد“، مولانا عبدالباري لکنوي ۽ مولانا شوڪت علي جهڙا مرد مجاهد شريڪ ٿيا هئا، جتي علم ميڙ ۾ مولانا دين محمد کي ”جمعيت العلماءُ سنڌ“ جو ناظم مقرر ڪيو ويو. ان کانپوءِ مستقل طرح ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو.
مولانا وفائيءَ جو ننڍپڻ کان ”صحافت“ سان اُنس هو، ويتر شيخ عبدالعزيز ٿر بچاڻي رح جي صحبت ۾ صحافت کي زندگيءَ جو حصو سمجهي، دلچسپي وٺڻ لڳو. شروعات ۾ ”صحيفئه قادريه“ ۽ ”الڪاشف“ ۾ مضمون لکڻ لڳو. ڪراچيءَ مان مارچ 1920ع کان روزانہ ”الوحيد“ جو اجراءُ ٿيو؛ جنهن ۾ مولانا صاحب کي ”معاون مدير“ مقرر ڪيو ويو – 1923ع ۾ ”توحيد“ نالي پنهنجو رسالو جاري ڪيائين. اپريل 1936ع ۾، سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ تي “الوحيد“ جو خاص نمبر پڻ ڪڍيائين، جيڪو ادبي دنيا ۾ مثالي ۽ بنيادي حيثيت جو حامل آهي – 1926ع ۾ پاڻ ”سنجوگي شيخن“ جي تبليغي سلسلي ۾ سال لاءِ ڪراچي ڇڏڻي پيس – 1927ع ۾ سيد حزب الله شاه المعروف جيئنل شاه شهيد جي سرپرستيءَ هيٺ سکر مان هفتيوار ”الحزب“ جاري ڪيائين – 1939ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌي (1872ع – 1944ع) سان گڏجي ”عبدالاهي تحريڪ“ ۾ تحرڪ ورتائين. آخر ”الوحيد“ جي ٽيويهن ورهين واري لڳاتار ناتي کي 1943ع ۾ ٽوڙي، شهيد الله بخش سومري (1900ع – 1943ع) طرفان جاري ڪيل ”آزاد“ ۾ شموليت اختيار ڪيائين.
وفائي صاحب ڪوڙي ڪتابن جي قلمبند ڪئي هئي؛ جن مان ڪافي پنهنجي حياتيءَ ۾ پڌرا ڪيا هائين. ”تاريخ محمد مصطفيٰ“، ”صديق اڪبر“، ”فاروق اعظم“، ”سيرت عثمان“، ”حيدر ڪرار“، ”خاتون جنت“، ”غوث اعظم“، ”تذڪره مخدوم نوح هالائي“، ”قراني صداقت“، ”تذڪره مشاهير سنڌ“، ”ياد جانان“، ”شاه جي رسالي جو مطالعو“ ۽ ”لطف لطيف“ سندس لازوال تصنفون آهن. قلمي ڪتابن جو به وٽس وڏو ذخيرو موجود هو. جمادي الاخر 22، 1369هه مطابق 10 اپريل 1950ع تي راه رباني ورتائين.
(1) – مولانا عبدالعزيز ولد محمد سليمان قريشي، تعلقي پني عاقل (سکر) جي ڳوٺ ”ٿريچاڻي“ جو رهاڪو هو. وڏو عالم، محقق، ناميارو صحافي ۽ ڪافي ڪتابن جو مصنف هو. مولانا تاج محمود امروٽي رح جي عقيدت ۾ رهي فيضياب ٿيو هو. سکر مان ”الحق“ اخبار جاري ڪئي هئائين. ”تحريڪ خلافت“ ۾ سر ڌڙ جي بازي لڳايائين – 1370هه (6- آگسٽ 1950ع) خدا کي پيارو ٿي قاديانين جي رد ۾ ڪافي مضامين لکيائين. انهيءَ سلسلي ۾ ”صحيفه قادريه“ سندس بي بها تصنيف آهي. مولانا حماد الله هاليجوي، مولانا احمد علي لاهوري، مولانا عبدالڪريم چشتي، مولانا عبدالڪريم ڪهاڙو ۽ مولانا دين محمد وفائي صاحبان سندس صحبتي ۽ همعصر هئا. عمر جو ڳچ حصو ديني تبليغ اسلام جي اشاعت ۽ روحانيت جي تعليم ۾ همه تن مصروف رهيو.
(1) – روزنامہ ”آزاد“ اڳتي هلي هفتيوار بڻي، جيڪا 1948ع کان تاحال باقاعديءَ سان نڪرندي پئي اچي، سنڌ جي هيءَ واحد اخبار آهي؛ جنهن ۾ خالص ادبي مواد شايع ٿئي ٿو. هن وقت مولانا مرحوم جو لائق فرزند، محتم علي نواز وفائي، ”آزاد“ جي ادارت جا فراض سر انجام ڏئي رهيو آهي.
(2) – سندس ياد ۾ ”يادگار مولانا وفائي“ نالي ڪتاب 1973ع ۾ شايع ٿيو آهي؛ جنهن ۾ سنڌي اديبن جا مقالا، مضامين ۽ شعر شايع ٿيل آهن (مرتب علي نواز وفائي، ضخامت 320 صفحا).
No comments:
راءِ ڏيندا