; سنڌي شخصيتون: نواز علي ”نياز“ جعفري - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

03 April, 2011

نواز علي ”نياز“ جعفري - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


نواز علي ”نياز“ جعفري (1892ع – 1959ع)
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
نواز علي ولد محمد آچر سومرو، لاڙڪاڻي ۾ 19 شعبان 1310هه مطابق 8 آڪٽوبر 1892ع تي تولد ٿيو. سندس گهراڻي جي اهل بيت سڳورن سان حد درجي جي عقيدت هئي؛ انهيءَ ڪري پاڻ کي ”جعفري“ سڏائڻ لڳو. ”نياز“ ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان ورتي. پاڻ پينگهي کان ئي علم ادب جون لوليون لهندي، شاعريءَ طرف شوق رکيائين.
سرڪاري ملازمت ۾ رهندي، 1947ع ۾ مختيارڪار جي عهدي تان رخصت ورتائين. مهراج ليکچند ۽ مولوي عطا محمد عطائيءَ جي رهبريءَ هيٺ، طب ۾ طبع آزمائي ڪيائين. نئين زندگي، ڳوٺ سڌار ۽ اديب سنڌ ۾ سندس شعر شايع ٿيندو رهيو. 21 شوال 1380هه مطابق 11 نومبر 1959ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪيائين. سندس دوستن جو حلقو وسيع هجڻ سبب، ”خادم“ لاڙڪاڻوي، ”دلگير“ درياني، ”عبد“ عاقل، فقير غلام سرور قادري، علي محمد قادري، هدايت علي نجفي ”تارڪ“، ”نظامي“ ميمڻ ۽ حافظ ”احسن“ چنه جن سان رهاڻيون رهيون.


سندس مڪمل ”ديوان“ آهي؛ جنهن کي ميمڻ عبدالغفور سنڌي مرتب ڪيو آهي. سندس ڪلام ۾ نواڻ ۽ فني خوبين کان علاوه صنعتي خوبيون پڻ جهجهي انداز ۾ نظر اينديون. ”نائين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس“ (27 – 3 – 1948ع، ميهڙ – دادو) ۾ کيس ”عمدة الشعراءُ“ جو خطاب مليو. ”مداح محمدي“، ”جوهر سخن“ ۽ ”تحفئه نياز“ سندس تصنيفون آهن.
نموني طور سندس ننڍپڻ جو هڪ ”خوش آمديد گيت“ (Welcome Song) هيٺ ڏجي ٿو:-
ڀلي ڪري آيؤ سڀئي مرد خاص و عام،
واجب هي آهي جو ڪريون اوهان سندو سلام،
وئي آر ويري هيپي ٽو سي اِيچ ائنڊ ايوري ون
(We are very happy to See each & every one)
هر کس که آمدست بود خوش و نيڪ نام.
جس ني اڻها کي رنج غريبون کو کيا شاد،
اُنھان ڪون ڪريندا هي هر ڪو ئي صبح و شام سلام.
فاذکروني اذکرکم قال کبريا،
جيڪو ڪري پيار، اسين انهيءَ جا غلام.

حوالا
(1) – نواز علي ”نياز“ جعفريءَ جي شاعري – ميمڻ عبدالغفور سنڌي [ ايم – فل (M.Phil) سنڌيءَ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان لکرايل ٿيسز (Theses)؛ 1975ع (قلمي) ص – 19].
(2) – مذڪوره گيت، سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ تعليم دوران ٺاهيو هائين. منجهس ڇهه زبانون (سنڌي، انگريزي، فاسي، اردو، سرائڪي ۽ عربي) استعمال ڪيل آهن؛ جنهن مان ”نياز“ جي ذهانت جو بخوبي پتو پوي ٿو.
(2) – سندس مراسم پير حسام الدين راشديءَ سان پڻ گھرا ھيا. اھو ئي سبب آھي جو جڏھن فلپائين ۾ رھندي سندس وفات جو ٻڌائين ته کيس ڏاڍو رنج پھتو، جنھن تي ھڪڙو تاثر لکيائين. جلد نه ڇپجڻ سبب ان کي بيماريءَ جي حالت ۾ وڌائيندو رھيو، تان جو صحتياب ٿي موٽڻ بعد، سنڌي ادبي بورڊ طرفان اھو تاثر، ھو ڏوٿي ھو ڏينھن جي نالي سان، ڪتابي صورت ۾ ڇپرايائين.

No comments:

راءِ ڏيندا