; سنڌي شخصيتون: حڪيم قاضي محمد يعقوب ”صابر“ قريشي - ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

16 April, 2011

حڪيم قاضي محمد يعقوب ”صابر“ قريشي - ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي


حڪيم قاضي محمد يعقوب صابر قريشي
ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

وِئا اُهـَـرِي اوءِ، مون کي ڇڏي ماڳـِهـِم،
جـُڳـَنِ جا جـُڳَ ٿـِئا، تـِئان موٽـِئو ڪو
ءِ،
گـُندَرُ مارِيندو
ءِ، ويچارِي وِئـَنِ جو!
                             (شاهه)
سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي سرزمين مان جيڪي گوهر پيدا ٿيا، تن جي چمڪ کان هن خطي جو مانُ مٿانهون آهي. هتان جي خاڪ پاڪ مان ڪيترائي عالم، اديب، شاعر ۽ حڪيم پيدا ٿيا، جي پنهنجي وقت جو وارو وڄائي، واريءَ جي ڪـَـڻن وانگر وهي ويا. سندن علمي ڪارناما پڻ وقت جي رفتار سان گڏ، آهستي آهستي ٿي، اسان جي اکين کان اوجهل ٿي ويندا. اهڙين بزرگ هستين پنهنجون سموريون حياتيون علم و ادب، شعر و شاعري ۽ تعليم جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ  پوريون ڪري ڇڏيون.


ساهتي پرڳڻي، جيڪي باڪمال بزرگ شخصيتون پيدا ڪيون، تن مان خانواهڻ (ضلعي نوشهري فيروز) جي مردم خيز زمين مان حڪيم قاضي محمد يعقوب قريشيءَ جو نالو هميشه غير فاني رهندو. علم ۽ ادب، شعر ۽ شاعري ۽ حڪمت جو هيءُ روشن ستارو تاريخ 22 - ڊسمبر 1974ع تي آچر رات اڍائي بجي هميشه لاءِ اوچتو ئي اوچتو غروب ٿي ويو. حڪيم صاحب اسان کان هميشه لاءِ مـُنهن  موڙي، جــُدائيءَ جو داغ ڏيئي، اُن اڻ ڏٺي ڏيهه ڏانهن اُسهيو، جتان ڪوبه وانگــِي وري نه آيو آهي. سندس لاڏاڻي جي ڪريساهتيءَ جي ستر سالن جي علمي ۽ ادبي تواريخ جو هڪ باب پورو ٿي ويو. سندس جدائي خاص طرح سان سنڌي ادب ، تواريخ، شاعري ۽ حڪمت لاءِ هڪ وڏو عظيم سانحو آهي ۽ اهو خال ڪيترين صدين تائين ڀرجڻ محال آهي.
هيءُ باڪمال بزرگ، حضرت خالد بن وليد جي پيڙهيءَ مان هو. سندس وڏا، اسلامي دؤر حڪومت ۾، قضا جي معزز عهدي تي فائز هئا. ان ڪري سندس خاندان قاضي ڪري سڏيو ويندو آهي. سندس والد بزرگوار، قاضي ميان امام بخش قريشي ، خانواهڻ شهر جو هڪ بااثر ۽ معزز شخص هو.  قاضي ميان امام بخش پنهنجي زندگيءَ جي اوائلي دؤر ۾ زماني جا وڏا انقلاب ڏٺا. پنهنجن ۽ پروان جا سـُـور ۽ سختيون سٺائين.آخر ۾ پنهنجي شهر ۾ هڪ ديني مڪتب کوليائين، جنهن ۾ زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين درس ۽ تدريس جو ڪم ڪندو رهيو. شهر جا اڪثر ننڍا خواه وڏا قاضي صاحب کي عزت ۽ احترام وچان ميان جي ڪري چوندا هئا.
حڪيم قاضي محمد يعقوب، ان وقت جي ماحول ۾ تاريخ 14 - اپريل 1904ع تي پنهنجي شهر خانواهڻ ۾ غربت ۾ اک کولي. پاڻ ابتدائي تعليم شهر جي بهترين استادن کان حاصل ڪيائين، جن ۾ ماستر محمد معروف، قاضي ميان ولي محمد ۽ ٻيا ڪيترائي ماهر استاد هئا. پاڻ انهن استادن وٽان قرآن پاڪ، سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم پرايائين. خانواهڻ شهر جي پرائمري اسڪول مان چار درجا سنڌي پاس ڪرڻ کان پوءِ، کيس سندس مامي، قاضي ميان مير محمد بهلاڻيءَ واري انگريزي تعليم پرائڻ لاءِ پـِٿوري مدرسي (1) ۾ داخل ڪرايو. ان زماني ۾، انگريز سرڪار، ٿرپارڪر ضلعي جي پٿوري شهر ۾ ٿرين جي تعليم لاءِ هڪ مڊل اسڪول کوليو هو. حڪيم صاحب، پٿوري مدرسي مان پنج درجا انگريزي پاس ڪري، باقي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ مدرسته الاسلام، ڪراچيءَ ۾ اچي داخل ٿيو. انهيءَ مدرسي مان قاضي صاحب سن 1925ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو.(2)
پٿوري مدرسي ۾ تعليم پرائڻ واري عرصي دوران قاضي محمد يعقوب فارسيءَ جا باقي رهيل ڪتاب پڻ پڙهي پورا ڪيا.فارسيءَ جي اها تعليم پاڻ پنهنجي قابل استاد، محمد علي شاهه ميسوريءَ وٽ پڙهي پوري ڪيائين. محمد علي شاهه ميسوري، پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو نامور استاد، تواريخدان ۽ يگانه روزگار عالم هو. وٽس هڪ وڏو علمي ڪتبخانو پڻ هو. قاضي صاحب پنهنجي انهيءَ استاد جي صحبت ۽ رهنمائيءَ مان ڪافي ڪجهه حاصل ڪيو. پاڻ هميشه پنهنجي استاد جي تعريف ڪندو هو.
قاضي صاحب، مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجي والد جي مالي حالت جي ڪمزوريءَ سبب وڌيڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم رهيو. پاڻ خانواهڻ جي ڀرسان محبت ديري جتوئيءَ ۾ هندو پنچائتي انگريزي اسڪول ۾ انگلش ٽيچر مقرر ٿيو. انهيءَ عرصي دوران پاڻ مادري شفقت کان محروم ٿي ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ اها نوڪري ڇڏي، حيدرآباد ۾ اچي انجنيئري کاتي ۾ ڪلارڪي ڪيائين، پر جلدي ئي اها ملازمت به ڇڏي ڏنائين. ان کان پوءِ، ٺٽي ۾ روينيو کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. ٺٽي واري دؤر ۾، ان وقت اتان جي مشهور شاعر زمان شاهه(1) سان سندس قرب ۽ محبت جا تعلقات قائم هئا. شاهه صاحب جي صحبت ۾ رهي، پاڻ شاعريءَ جي مشق شروع ڪيائين. قاضي صاحب خود پاڻ اڪثر ڪري چوندو هو، ته سيد زمان شاهه هڪ وڏو شاعر ۽ ڏاڍو کل مک انسان هو. اگر ساڻس حياتي وفا ڪري ها، ته سنڌي زبان ۾ شاعريءَ جو هڪ وڏو اڻ کٽ خزانو ڇڏي وڃي ها!
اهڙيءَ طرح، پاڻ مختلف نوڪريون ڪندو رهيو، پر کيس ڪٿي به دلي سڪون حاصل نه ٿيو. دراصل، قاضي صاحب جو قدرتي طرح ۽ جذباتي طور تعليم ڏانهن تمام گهڻو رجحان هو ۽ سندس گهرو ماحول پڻ اهڙو هو. انهيءَ ڪري پاڻ روينيو کاتو ڇڏي، تعليم کاتي ۾ گهڙيو ۽ آخر تائين ان ۾ رهي پينشن تي لٿو. روينيو کاتو ڇڏڻ بعد، پاڻ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ، نواب شاهه جي اي.پي.ڪلاس اسڪولن ۾ انگريزيءَ جو استاد مقرر ٿيو. هيءُ اهو زمانو هو، جو ٻهراڙين ۾ خاص طرح سان مسلمانن جي ٻارن کي جديد انگريزي تعليم کان روشناس ڪرائڻ لاءِ، سنڌ جي هر ضلعي ۾ لوڪل بورڊ پاران اي. پي. ۽ اي. وي. ڪلاس اسڪول کوليا ٿي ويا، ته جيئن شهرين سان گڏ ٻهراڙين ۾ رهندڙ غريبن جا ٻار پڻ نئين تعليم کان واقف ٿين.
قاضي محمد يعقوب کي نواب شاهه ضلعي ۾ لوڪل بورڊ جي طرفان هر نئين اي. پي. ڪلاس اسڪول کولڻ ۽ ان کي چڱيءَ طرح سان هلائڻ لاءِ موڪليو ويندو هو. اهڙا ڏکيا، دُور دراز ۽ ڦـِـٽل اسڪول سندس حوالي ڪيا ويندا هئا، جتي ٻيو ڪوبه مشڪل سان ويندو هو. پر سندس شخصيت ۽ دوربين نگاهه هر هنڌ ڪامياب ويئي. انهيءَ ڪري قاضي ميان جان محمد، جيڪو ان زماني ۾ ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ جو ائڊمنسٽريٽو آفيسر هو، جو مٿس ڏاڍو راز هوندو هو. قاضي صاحب تعليم کي هڪ مقدس فرض ڪري سمجهيو ۽ ان ۾ ڏاڍي دلچسپي ورتائين. ان ڏس ۾، پاڻ پنهنجيون سموريون صلاحيتون ۽ قوتون صرف ڪيائين.
قاضي صاحب تعليم ڏيڻ جي مشغلي سان گڏ، هڪ لاثاني حڪيم پڻ هو. دراصل، حڪمت سندس آبائي ڌنڌو هو. پاڻ سن 1940ع ۾ طبيه ڪاليج، گجرات مان شمس الحڪماء” جي سند حاصل ڪيائين. پاڻ علم طب ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي هئائين. سندس نسخا ڪيترين بيمارين لاءِ تير بهدف هوندا هئا.
حڪيم صاحب سن 1929ع ۾ پنهنجي وڏي مامي، قاضي ميان فيض محمد بهلاڻيءَ  واري جي وڏي نياڻيءَ سان شادي ڪئي. قاضي ميان فيض محمد، پنهنجي وقت جو هڪ وڏو جيد عالم ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. قاضي محمد يعقوب، ابتدائي دؤر ۾، وٽس علم طب جو درس پڻ ورتو هو. قاضي صاحب کي ٻه فرزند ۽ ٽي نياڻيون پيدا ٿيا، جن مان هڪ فرزند ۽ ٽيئي نياڻيون سندس حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويا. باقي سندس هڪ فرزند، حامد علي (راقم الحروف) حال حيات آهي، جنهن کي پاڻ اعليٰ تعليم ڏياريائين.
قاضي محمد يعقوب پنهنجي زندگيءَ جي پوئين دؤر ۾، نواب شاهه ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. پاڻ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول، نواب شاهه ۾ نوڪريءَ جو باقي حصو پورو ڪري، پينشن تي لٿو. پينشن تي لهڻ کان پوءِ،  کيس حقيقي سڪون ۽ آرام حاصل ٿيو ۽ طب تي زياده توجهه ڏيڻ لڳو. پاڻ زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين طب جي شعل ۾ مصروف رهيو.
قاضي صاحب زماني جا ڏاڍا انقلاب ۽ ڏکيا ڏينهن ڏٺا. زندگيءَ جا آخرين ڏينهن ٽٽل دل سان پئي گذاريائين. پنهنجن ويجهن عزيزن کيس ڏاڍو رنجايو، جڏهن ته پاڻ هميشه سڀني کي زندگيءَ جي ڪٺن گهڙين ۾ ڪم ايندو رهندو هو. سندس وفات کان ڇهه مهينا اڳ هڪ وڏو حادثو درپيش آيو، جنهن کان پوءِ سندن طبيعت بگڙجي پئي ۽ وري اصل حالت تي اچي نه سگهي. حڪيم صاحب جي اباڻي گهر ۽ مدرسي واري جاءِ تي سندس همشيره ۽ ڀيڻيويي ناجائز قبضو ڪيو. قاضي صاحب اهو صدمو برداشت نه ڪري سگهيو ۽ آخرڪار هن فاني جهان مان رحلت ڪري ويو. سندن وصيت موجب سندس ميت کي ڳوٺ نيو ويو، پر سندس عزيزن کيس مــُئي کان پوءِ به پنهنجي اباڻي گهر ۾ اچڻ نه ڏنو. قاضي صاحب جي اها تمنا هئي، ته زندگيءَ جا آخرين پساهه اباڻي گهر ۾ پورا ٿين، ليڪن پاڻ اها حسرت به دل ۾ سانڍيو ويو. سموري حياتي مسافر ٿي رهيو ۽ آخر ۾ به مسافرن وانگر وڃي ابدي ننڊ ۾ آرامي ٿيو. کيس پنهنجي والد جي پهلوءَ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
سندس وفات جي موقعي تي جناب ايڇ. ايم. خوجا صاحب، چيئرمن، بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ ائنڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن، حيدرآباد سنڌ سندس فرزند کي هڪ تعزيتي خط لکيو، جنهن مان مرحوم جي شخصيت ۽ تعليمي خدمتن جو چڱيءَ طرح پتو پوي ٿو. جناب خوجا صاحب لکي ٿو:
توهان جي والد بزرگوار، محمد يعقوب قريشي جي المناڪ موت جي خبر ٻڌي نهايت ئي ڏک ٿيو. اِنا لله و اِنا اليه راجعون. مرحوم منهنجو عزيز دوست ۽ ساٿي هو. نواب شاهه واري اسڪول جي تعمير ۾ مون سان همراهه ٿي ڪم ڪيائين. مرحوم اعليٰ ڪردار ۽ ڪئين خوبين جو مالڪ هو. پاڻ نهايت ايماندار، محنتي ۽ قابل استاد هو. منهنجي توهان ۽ ٻين پسماندن سان دلي همدردي آهي. رب سائين کيس جنت الفردوس نصيب ڪري ۽ توهان کي صبر جي توفيق عطا فرمائي!(1)
قاضي صاحب پنهنجن ٻين عزيزن وانگر گمبٽ جي جيلاني پير، حضرت سيد غلام مرتضيٰ شاهه جو مريد هو ۽ سموري حياتي قادري طريقي جو ذڪر ڪندو رهيو. مٿس سندس مرشد جي هميشه مهر ۽ قرب جي نظر رهندي هئي.گهڻي ٺاهه ٺوهه سان ڪانه پوندي هـُـئس. سموري زندگي سادگيءَ سان گذاريائين. زهد ۽ عبادت به گهڻي ڪندو هو.
قاضي محمد يعقوب، سنڌ مدرسـته الاسلام ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ دوران شاعريءَ جي شروعات ڪئي. ٺٽي ۾ نوڪريءَ واري زماني ۾، پاڻ شاعريءَ جي باقاعدي مشق ڪيائين. سندس  شعر نهايت سادو، سهڻن لفظن ، بلند خيالن ۽ محاورن سان سينگاريل آهي. شعر ۾ سواءِ ڪن ڪافين ۾ صابر ۽ باقي اڪثر ڪري يعقوب تخلص اختيار ڪندو هو. سندس ڪيترين ڪافين کي ڀڳت جاڙي مل رڪارڊ ڪرايو هو، جي سنڌ ۾ ڪافي مقبول ٿيا.
حڪيم صاحب فارسي ٻوليءَ ۾ چڱو عبور رکندو هو. پاڻ سنڌي زبان جو به هڪ سٺو نثرنويس هو. سنڌي نثر ۾، ڪيترائي مضمون ۽ ڪتاب شايع ڪرايائين، مگر افسوس جو زماني جي لاهين چاڙهين جي ڪري سندس گهڻا مضمون ضايع ٿي ويا. راهبه جميلا نالي سنڌيءَ ۾ هڪ ناول لکيو هئائين، جنهن ۾ اسپين جي سرزمين جو هڪ داستان ڏنل آهي. اهو ڪتاب سن 1939ع ۾ لطيف پريس، نواب شاهه مان ڇپيو هو. تذڪره يعقوبي سنڌي نثر ۾ فارسيءَ جو ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ ساهتي پرڳڻي ۾ رهندڙ قريش خاندان جو احوال ڏنل آهي. علم طب ۾ سندس ناياب  ڪتاب بياض يعقوبي تحرير ڪيل آهي. هيءُ ڪتاب علم طب ۾ سندن هڪ بي بها تصنيف آهي.
قربائتيون ڪافيون، ڪلام قريشي، ديدار دلبر ۽ ناز دلبر سندس شاعريءَ جا مجموعا آهن، جي ان دؤر ۾ سکر ۽ حيدرآباد جي ڪتب فروشن شايع ڪرايا هئا. سن 1937ع ۾ ڪلاسيڪي نظم الف اشباع واري قافيي ۾ سيده جو لال نالي هڪ ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ ڪربلا جي خوني واقعي جو درد انگيز ذڪر بيان ڪيو ويو آهي. اهو ڪتاب اڃا تائين قلمي صورت ۾ موجود آهي
حڪيم قاضي محمد يعقوب کي ڪتابن پڙهڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. کيس پنهنجن وڏن جو هڪ عاليشان ڪتبخانو هو. سندس ڪتبخاني ۾ هر فن تي عربي ۽ فارسي ۾ قلمي توڙي ڇاپي ڪتاب موجود آهن. علم طب تي اٽڪل چار سؤ کن ناياب ڪتاب آهن، جن جو هن وقت ملڻ مشڪل آهي. سندس اهو عاليشان ڪتبخانو هن وقت سندس فرزند (راقم الحروف) وٽ محفوظ آهي.
قاضي صاحب جو ڪلام گهڻو هو، پر افسوس جو زماني جي ڦيرين گهيرين جي ڪري ناپيد ٿي ويو. سندن ڪلام لاءِ ڳولا جاري آهي. جو ڪجهه به هٿ آيو، سو گڏ ڪيو ويندو. هتي سندس ڪلام مان انتخاب پيش ڪجي ٿو:

 

ڪافي
نه هيءُ ڀؤنر، بلبل، نه بستان هوندو،
نه هوندي شمع هيءَ، نه پروان هوندو.

 
1-   سدا گل حسن جو، نه خندان هوندو،
                نه خوش خال خط هيءُ، نه ريحان هوندو.

        2-     نه هيءُ ناز دولت، نه هوندو خزانو،
                نه هيءَ فوج هوندي، نه سامان هوندو.

        3-     نه ساقي نه پيالو، نه پيمان هوندو،
                نه هيءَ ميز هوندي، نه مهمان هوندو.

        4-     نه هيءَ ارض هوندي، نه آسمان هوندو،
                سواءِ ذات حق جي، نه انسان هوندو.

        5-      گذر نيٺ “يعقوب”، هو محشر به ٿيندو،
                نه ميزان هوندو، نه ميدان هوندو.

 
*
 (اخبار پنجتني حيدرآباد سنڌ، 1926ع ۾ ڇپيل)

 

ڪافي
تنهنجي دِلا ڀانئيا دغا ڪين،
قسمت چوان ڪا منهنجي ڦٽي.

 
1.   آس اندر ۾ ڪيڏي هئي،
پنهنجي ميهر سان گڏ ٿينديس هلي،
ورق وصل جا ويندا ملي،

 
پر سورن ڏني ڪا پنهنجي پٽي.

 
2.   دِلو ڀڳو درياءَ ۾،
ٻيڙي وسيلو نه واءَ ۾،
نه طاقت رهي ٻانهن ۾.

 
اهڙي اچي ڪا منهنجي ٽـُـٽي.

 
3 .   آخر رضا تي راضي رهي هي،
هئه وڃان ٿي لالن لـُـڙهي،
اصل ازل کان ائين لکي.

 
يعقوب چوان ڪا منهنجي ڇٽي.

 
*
(ڀڳت جاڙي مل جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيل، 1935ع)


 

ڪافي
ڏٺو مون ڪونه ڪو ڪاٿي، مثل محبوب تو جهڙو،
ننگي تلوار جنهن هٿ ۾، عاشقن لئه هي قتل ڪهڙو؟


 
1.   سوين مون سير آهن ڪيا، دنيا جي باغ گلشن جا،
چمن چين ارم سائين، نه هو گلزار تو جهڙو.


 
2.   گل لاله هزارين هئا، سمن سورج مٺا موتي،
مگر مجلس محسن ۾، نه هو ثاني صنم جهڙو.


 
3.     گلابي گل گهڻا پيدا، سوين سرو صنم سهڻا،
لکين
يعقوب ڏٺا کلڻا، مگر گلڙو نه توجهڙو.

 
-
(رام پنجواڻيءَ جي مرتب ڪيلسڪ جي سوغات 1959ع تان ورتل)

*

(ماهوار الرحيم حيدرآباد سنڌ، نومبر - ڊسمبر 1977ع)

 


(1) پٿوري مدرسي واري اها عاليشان عمارت اڄ به ريلوي لائين جي ڀرسان قائم آهي ۽ منجهس تپيدارن جو ڪاليج هلندڙ آهي.
(2) سنڌ يونيورسٽيءَ جو سابق وائيس چانسيلر، محترم حسن علي عبدالرحمان سندس هم ڪلاسي هو.
(1) سيد زمان شاهه رضوي بن مرزا شاهه، رضوي سادات گهراڻي مان سيد محمد يوسف رضوي بکري مهدويءَ جي اولاد مان هو. سيد زمان شاهه سن 1890ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو. پاڻ عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين ۾ مهارت رکندڙ هو. سيد زمان شاهه، سنڌي زبان جو هڪ وڏو شاعر هو.ساقي تخلص استعمال ڪندو هو. خاص طرح، ڪافي ۽ غزل جي صنف ۾ بلند پايي جو شاعر هو. راقم جو والد، انگريزن جي دؤر ۾ سن 1924ع- 1925ع ڌاري ٺٽي جي تعلقي آفيس ۾ سرشتيدار ٿي رهيو. ان زماني ۾ سيد زمان شاهه سان سندس ملاقات ٿي ۽ ڪافيءَ جي صنف ۾ کانئس اصلاح ورتائين. والد مرحوم، ان زماني ۾ پنهنجو ڪلام قربائتيون ڪافيون جي نالي سان ٻن حصن ۾ شايع ڪرايو هو. سيد زمان شاهه سن 1928ع ۾ جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو. سيد حسام الدين راشديءَ جي قول موجب، ته زمان شاهه هن خاندان جو آخري شاعر هو.(مڪلي نامه”، ص 641)
(1) سيد حسام الدين راشدي، مولانا غلام محمد گرامي ۽ ٻين ڪيترن ئي صاحبن جا تعزيتي خط پڻ آيل آهن.

2 comments:

  1. Sindhi ulemas has worked lot for revival of deen islam ln sindh MOLANA qazi Nazar Mohmmed dehati was one of among them

    ReplyDelete