ميان شاهل محمد ڪلهوڙو
رياضت ٻرڙو
ميان شاهل محمد عرف
شاهه علي سنڌ جو مشهور ڪلهوڙا حڪمران ٿي گذريو آهي، جنهن سنڌ جي زراعت کي هٿِي وٺرائڻ
لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون، سندس گھڻي دلچسپي زرخيز زمينن کي وڌائڻ ۽ زراعتي سڌارن
۾ گذري، جن ۾ گھاڙ واهه جي نئين سِر کوٽائي ڪرائي هڪ ننڍي ڦاٽ مان عاليشان واهه بڻايو،
جنهنڪري فصل تمام سٺا لهڻ لڳا. ميان شاهل محمد ولد ميان دائود ڪلهوڙو ۲ صفر ۱۰۰۲هه مطابق ۲۱ جولاءِ ۱۵۹۳ع تي بکر ۾ پيدا ٿيو. هُو پنهنجي ڀاءُ ميان
الياس محمد ڪلهوڙي جي وفات کان پوءِ مسند نشين ٿيو، جنهن سان گڏ ۽ ان کان پوءِ هن
ميانوال تحريڪ جي تسلسل کي قائم رکيو ۽ ميانوال تحريڪ کي اڳتي وڌايو.
ميان شاهل محمد ڪلهوڙي
جي باري ۾ ”تحفته الڪرام“ (سنڌي ترجمو ۱۹۵۷ع) ۾ لکيو ويو آهي، ته هن ابڙن ۽ سانگين کان زمينون کسي،
اولاد، ڀائرن ۽ عزيزن ۾ ورهايون ۽ پاڻ حبيباڻي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو، جنهن تي ابڙن جي وڏيرن
ڄام صديق ابڙي ۽ ڄام جلال خان ابڙي سندس مريدي ڇڏي مخالف زميندارن جو ساٿ ڏنو ۽ لڙايون
شروع ٿيون. زميندارن کي بکر جي مغل گورنر جي مدد حاصل هئي. نيٺ هڪ لڙائيءَ ۾ ميان
شاهل محمد ڪلهوڙو ۱۶۵۷ع (۱۰۶۸هه) ۾ شهيد ٿي ويو.
سندس مقبرو قنبر-لاڙڪاڻي
روڊ کان اتر طرف لنڪ روڊ تي ۲ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، تعلقي قنبر جي حد ۾،
گھاڙ واهه جي ڪپ تي آهي، جيڪو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ۱۱۸۸هه ۾ جوڙايو. مقبري تي ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل
آهي. مقبري اندر ميان شاهل محمد جي پٽ شاهه حسن جي قبر به آهي، جڏهن ته مشهور آهي
ته ميان شاهل محمد ڪلهوڙي کي اولاد نه هو.
ميان شاهل محمد طريل ڪلهوڙو
[ ۱۵۹۳ع – ۱۶۵۷ع ]
ميمڻ عبدالغفور
سنڌي
ميان شاه علي
المعروف شاهل محمد طريل ولد محمد دائو ڪلهوڙو، ۲ صفرالمظفر ۱۰۰۲هه مطابق ۲۱ جولاءِ ۱۵۹۳ع تي، بکر ۾ تولد ٿيو هو. ابتدا ۾ فارسي ۽
عربيءَ جي سکيا ورتائين. جيئن ته ان وقت سنڌ تي ڪلهوڙن جو دور دوري رهيو هو؛
انهيءَ ڪري کيس قابل استادن جي حوالي ڪيو ويو، ته جيئن هي نينگر به پنهنجن وڏن
جيان ملڪي معاملات ۾ ڀڙ ٿئي. ميان شاهل محمد ننڍپڻ کان ئي طبيعت کي پنهنجي ڏاڏي
ميان آدم شاه ڪلهوڙي جيان الله لوڪ صوفي درويش، سنتن، ساڌن ۽ گودڙي پوشن سان ريڌل
رکيو؛ جنهن ڪري حڪومت جي ڪمن توڙي راڄڌاني رنجهه ڪنجهه کان گهڻو پاسيرو رهيو، ويتر
من خون سڌون به ماري مات ڪيون هئائين. هوڏانهن سندس والد به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو.
هن، نه ملڪي معاملات ۾ منهن رکيو؛ ۽ نه وري وڏن جي ڇڏيل ورثي (پيري مريد) کي وڌائي
سگهيو. سندس وفات ۱۰۰۹هه (۱۶۰۰ع) بعد ننڍي پٽ، ميان الياس کي مسند نشين بڻايو ويو. ميان الياس سان
حياتيءَ وفا نه ڪئي؛ جنهن ڪري ۱۰۳۰هه (۱۶۲۰ع) ۾ راه رباني ورتائين. ڀاءُ ج اوچتي انتقال، ميان شاهل
محمد جي دل کي سخت صدمو رسايو. ان وقت سندس عمر ۲۷ سالن جي لڳ ڀڳ هئي. پوءِ ته کيس تخت جو
حقيقي وارث ڄاڻي، جيئن تيئن ڪري قوم جي قسمت سندس حوالي ڪئي وئي.
ميان شاهل محمد تخت
تي ويهڻ شرط، پنهنجن وڏن جيان پيري مريديءَ کي وڌائڻ ۾ مشغول ٿيو. زراعت سان کيس وڏي
دلسچپي هئي؛ جنهن ڪري چانڊڪي پرڳڻي (لاڙڪاڻو ضلعو) ۾ ڪافي زمينو قبضي ڪري، آباد ڪرايائين.
انهيءَ سببان تر جي ابڙن ۽ سانگين کي به کانئس سخت شڪايت ٿي، مگر هن حاڪماڻي حشمت
۽ مريدي خادميءَ جي زور تي کين کيڪاريو به ڪونه، ويتر لاڙڪاڻي شهر جي اولاهين طرف،
ميمڻ محل (لاهوري) ۾، رائيس ڪئنال مان، ۱۰۶۴هه (۱۶۵۳ع) ۾ ”گهاڙ واهه“. کوٽائي، ٻنهيطرفن جون زمينو، پنهنجي
زير ڪيون. پوءِ ته هن آدم پوٽي پنهنجي ڏاهپ ۽ طاغوتي طاقتن وسيلي آقي باقي سانگين
۽ ابڙن کان زمينون کسي، پنهنجي وارثن ۽ خاص خدمتگارن جي حوالي ڪيائين؛ ۽ پاڻ جيباڻي
ڳوٺ ۾ بيپرواه ٿي رهڻ لڳو. هوڏانهن ابڙن ۽ سانگين کان اهو سٺو نه ٿيو“ جنهن ڪري ٻي
ڪا واه نه واجهائي، ڄام صديق ۽ ڄام جلال جهڙن ابڙن زميندارن، ميان جا حق وساري، ڀر
وارن زميندارن سان زلجي، بکر جي مثل نواب وٽ دانهين ٿيا. نتيجي طور مغلن جو وڏو ڪٽڪ،
ميان صاحب مٿان ڪاهي آيو. آخر دوبدو لڙائيءَ ۾ کيس ۸ رجب المرجب ۱۰۶۸هه مطابق ۱۵ آڪٽوبر ۱۶۵۷ع تي شهادت جو درجو ڏياريو. شاعرن انهي مذڪور
کي فارسي شعر ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي:
”بہ بعد،
وفاتش ڪہ الياس بود، نبيره او جانشين شد بزود
دين شهر دهيري عمان
سن وصال، سراسر گزشت و باآخر وصال
ڪہ ساهل محمد برادر
نشست، بجايش گرفتہ ز سابق گزشت
اراضي بہ سانگين
وابره بہ جمر، گرفتہ و داده عزيزان گبر
ڀين جهت جاگيردا ان
خفا، باذن- حڪومت ڪشد برخطا
چوبرفت از جهان نام
نيڪي ببرد، همان تاج بادگير بر سپرد“.
ميان صاحب جي
شروعات ۾ طبيعت فقيراڻي هئي، مگر سنڌ سنڀالڻ سان منجهس وڏو ڦيرو آيو. زبان ۾
زيادهه ميٺاج هوس. فارسي سنڌي زبانن تي ڪافي دسترس رکندو هو. عالمن ۽ فقيهن جو وٽس
وڏو مان هو. ديسي شين سان محبت هيس. سندس لباس ۾ ڪلاه ، پيرن ۾ سنڌي جتي ۽ تن تي
سفيد پهرياڻ پهريندو هو. گهوڙي سواريءَ ۾ به سندس ڪو ڇڊو ثاني هو. ترڻ خواه تلوار
بازيءَ ۾ به مٽ ڪونه هوس. شڪار جو شوق گهٽ رکندو هو. البته ڪچهرين جو ڪوڏيو هو.
حاضر جواب، خوشطبعي، سنجيده، بااخلاق ۽ نهايت الڻو ملڻو مڙس هو. کانئس پوءِ سندس ڀائٽيو،
ميان نصير محمد تخت ڌڻي ٿيو؛ جنهن پنهنجي دور ۾ وڏو غلغلو مچايو هو. سندس جابرانه
روش پسگردائيءَ توڙي بااثر زميندارن ۾ وڏي اڻبڻت پيد ڪري ڇڏي هئي؛ جنهن ڪري ۱۱۰۳هه (۱۶۹۱ع) ۾ جلاوطنيءَ جي ڪيفيت ۾ وفات ڪري ويو.
اُن زماني ۾ ميان
شاهل محمد جو مقبرو، هڪ گهاٽي جهنگ ۽ اٿاهه ٻيلي ۾ هوندو هو؛ جنهن ڪري کٻڙن جي
گهرائي ۽ گهاٽائي، مکيءَ جي ٻيلن جيان معلوم ٿيندي هئي. ازانسواءِ کبڙن جون ويڙهيون
پاڻ ۾ اهڙيون ته ڳتيل هونديون هيون، جو اتان آسانيءَ سان وڃڻ به مجال هو. اهوئي
سبب هو جو پوري پسگردائيءَ ۾ ”ميان شاهل محمد کبڙن وارو“ مشهور هو. انهيءَ نال سان
اڄ به ڪافي ماڻهو کيس ياد ڪن ٿا. سندس مقبري جي اڏاوت به ديده زيب آهي. سارو صحن
زمردي ۽ فيروزي رنگ جي پٿرن سان ملبوس هي، جيڪو اڄ تائين آئيني جيان چمڪي ٿو. قبي
جي اڏاوت ڏسڻ سان ائين ٿو معلوم ٿئي، ڄڻڪ انسانن نه، بلڪ فرشتن جو بڻايل آهي. ٻه
صديون گذرڻ بعد اڄ به ديوارين جو رنگ، رازي جي رمز پيو ڏيکاري.
اڏاوت ۾ اڌ فوٽ جي ڪمانن
تي هيڏو سارو پربت جيڏو قبو، ڪاريگرن جي ڪماليت جو بي مثال نمونو آهي. ميان جي
مزار تي ٽيهه ئي تاريخون وڏو چهچٽو لڳو پيو آهي. خاص ڪري مهيني جي پهرين سومر رات
پر رونق ٿئي ٿي. انهيءَ رات ۾ هڪ طرف ڏياٽين سان جڳه مڳ ۽ ٻئي طرف سازن سرودن ۽ يڪتارن
وارن جون محفليون خوب متل نظر اينديون آهن؛ جنهن ۾ ميان جا معتقد حاضرين کي نصيحت
آموز ڏوهيڙا، غزل ۽ ڪافيون وغيره ٻڌائي، مقناطيسي ڪشش جو سامان مهيا ڪن ٿا. قبي ۾
وري نانگ – مرلي جي من موهيندڙ آواز تي عورتون خواه مرد جهومندا نظر ايندا آهن. اهڙي
وڻندڙ ۽ دل کي فرحت ڏيندڙ منظر لاءِ پوري پسگردائيءَ کان شائقين توڙي عقيدتمند
اچي، سر تريءَ تي رکي، خوفناڪ ۽ ڀيانڪ کبڙن جي ويڙهين کي لوئي لتاڙي، لانگها ٺاهي،
اچي حاضري ڏين ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته اهو منظر ايترو وڌي ويندو آهي، جو جيڪر تر کڻي ڇٽجن،
ته هوند هڪ به هيٺ نه پوي.
هر ڪم خدا جي حڪمت
کان خالي ناهي. قادر جي قدر جهنگلن ۾ منگل مچائي ڇڏيا آهن. سارنگين، سازن ۽ سرودن
جو من موهيندڙ آواز، حاضرين جي دلين تي جادوءَ جو اثر ڪيو ڇڏي؛ ايتري قدر جو هر
فرد موسيقيءَ ۽ نغمن جي ليءِ تي، جو جتي سو تتي جهومندو ۽ جهولندو نظر ايندو. ماڻهو
بي جان بتن جيان ويٺي ويٺي ”جيئي ميان شاهل محمد طريل“ جون صدائون هوا ۾ اڇليندا
رهندا آهن. هر سال ۷، ۸ ۽ ۹ رجب المرجب تي وڏيءَ ڌام ڌوم سان سندس ميلو منعقد ٿيندو آهي؛ جنهن ۾ سنڌ
جي ڪنڊ ڪڙڇ مان فنڪار اچي پنهنجو جوهر حرڪائيندا آهن. اڳ ميلي جو انتظام، ميان
شاهه محمد ديدڙ جي هٿ ۾ هوندو هو. سندس وفات بعد، درگاه تي رهندڙ فقراءُ هن روايت
کي برقرار رکيو پيا اچن.
ميان جو ميلو راڳ ۽
رموز جي خيال کان پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ميلي جو منظر ڏسڻ وٽان آهي. روضي آڏو پيل ڪشادي
ميدان ۾ سوين دوڪان، سرڪسون ۽ ٻيا به عجيب و غريب تماشا لڳن ٿا، جيڪي ميلي کي
دوبالا ڪن ٿا. جادوگر ۽ مسخرا وري پنهنجي پنهنجي انداز ۾ سحر بنديءَ جا ڪرشما،
تماشبينن کي ڏيکاري، خوب خوش ڪن ٿا. چوپائي مال جي خريد و فروخت پڻ گرم هوندي آهي.
هوڏانهن سنڌ جا سگهڙ؛ سالڪ، سپورنج ۽ سرويچ بينن ۽ نڙن وسيلي بيت، ڳجهارتون، ڏور ۽
ڳاه وغيره ٻڌائي خوب محفليون مچائيندا آهن. مطلب ته ميان شاهل محمد جي مزار تي ٽي ڏينهن
اهڙو ته مزو لڳو پيو هوندو آهي، جو انهيءَ منظور نگاريءَ جو تصور ناظرين وٽ ٻارهن
ئي مهينا چڪر ڪاٽيندو رهي ٿو.
حوالا
(۱) – ”ابڙا“ اصل ۾ ”راجپوت“ آهن، جيڪي سلطان
علاؤالدين خلجيءَ (حڪومت ۱۲۹۶ع کان ۱۳۱۶ع تائين) جي وقت ۾ ڪڇ جي کنڊ ڪلا پرڳڻي کان سنڌ ۽ ڪڇيءَ
تائين ڦهلجي ويا.
]The Amals & Antiquitie of
Rajastan – J. Tod – Vol: Calcutta, 189: Page 73[
(۲) – ”سانگي“ پڻ ”ابڙا“ آهن، جن جو سنڌ جي
قديم ”سماٽ قوم“ سان ڳانڍاپو رهيو آهي. هو ”چانڊڪي پرڳڻي“ (موجوده لاڙڪاڻو ضلعو) ۾
ڪسابن کان آباد آهن.
(۳) – تحفته الڪرام (سنڌي ترجمو، جلد ۳)، مير علي شير ”قانع“، ٺٽوي، سنڌي ادبي بورڊ،
۱۹۷۶ع، ص ۲۵۸.
(۱) – ”ڄام“ سواڪرا جي راجا ڪرشن جي ستين راڻي
”جامبوتيءَ“ جي اولاد مان آهن [جنت السنڌ – مير رحيمداد خان ”مولائي شيدائي“، سنڌي
ادبي بورڊ، ۱۹۵۸ع؛ ص ۳۴۳].
(۲) – سندس آخري آستانو گهاڙي پرڳڻي (چانڊڪو،
تعلقو قنبر) ۾ گهاڙ واه جي ڪپ تي، تڏوهڪي ”مريده ڳوٺ“ ۾ ٿيو [لب تاريخ سنڌ (فارسي)
– خانبهادر خداداد خان، سنڌي ادبي بورڊ، ۱۹۵۹ع، ص ۱۰۹]. هي ڳوٺ اڄ ”فتحپور“ نالي سان سڏجي ٿو، جيڪو جيئڻ ابڙو
۽ ڏتل ابڙو ڳوٺن سان لڳ، اتر اولهه ڪنڊ تي واقع آهي. ميان غلام شاه ڪلهوڙي ۱۱۸۸هه (۱۷۷۴ع) ۾ مٿس عاليشان مقبرو جوڙايو هو. [تذڪره غفوري (جلد
اول) - ميمڻ عبدالغفور سنڌي، احوال ”ميان شاهل محمد طريل، ۱۹۷۲ع، ص ۲۲۳].
(۳) – نامه نغر (فارسي)، ص ۴ [ بحواله : تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا دور، حصو ۶ – جلد اول) – غلام رسول مهر (سنڌ ترجمو) سنڌي
ادبي بورڊ، ۱۹۶۳ع، ص ۱۴۴].
(۱) – مٿي تي ”ڪلاه“ مٿان اڪثر پٽڪو ٻڌندو هو؛
جنهن ۾ سخت نشاستو (ڪلف) سان مٿاهون ”طرو“ ڇڏيندو هو. انهيءَ ڪري عام ماڻهو کيس
سولي سڃاڻي لاءِ ”طريل“ سڏيندا هئا.
(۲) – ۱۱۲۰هه (۱۷۰۸ع) ۾ سندس عاليشان مقبرو، خيرپور ناٿن شاه (دادو) لڳ گهاڙيءَ
ڳاڙهي دڙي تي اڏيل آهي.
ميان شاهل محمد ڪلھوڙو
عبدالحسين موسوي
ميان شاهل محمد
جنھن کي سندس ننڍي معاصر تاريخ نويس - بيگ محمد ”شاهلي“ ڪري لکيو آهي (۱)، مير علي شير کيس ”شاھ علي“ عرف ”شاهل محمد“
لکي ٿو (۲) جڏهن تہ باغ علي 'خائف' بہ سندس ذڪر ”شاهل محمد“ جي نالي سان آڻي ٿو (۳) پنھنجي ڀاءُ ميان الياس بن دائود جي وفات
١٠٣٠ھ (۴) کان پوء تڪڙو مرشدي جي گادي تي ويٺو۔ (۵)
تواريخن ۾ ميان
شاهل محمد جي آيل احوال کي هن هيٺ پيش ڪجي ٿو
الف: ”تحفت الڪرام“
۾ ميان شاهل محمد جو احوال
سندس متعلق 'قانع':
”تحفت الڪرام“ ۾ جيڪي لکيو آهي پھريون اهو جيئن جو تيئن پيش ڪريون ٿا:
”شاہعلی عرف شاھل محمد متکی صدر ولايت شدہ۔
فقیرانش از سابق بر افزودند و در توسیع کشت و کار افتادند۔ نالہ لادکانہ کندہ آنہاست۔
او ھر دو روی نالہ، زمین را از قوم سانگی و ابرہ کشیدہ، در اولاد و برادران قسمت
کردہ، خود در موضع حبیبانی مسکن گزیدہ۔ سران ابرہ مثل جام صدیق و جلال خان بفراموشی
حقوق مریدی، با زمینداران ساختہ، بعد فراوان محاربات بدست حاکم بہکر ویرا شہید
کردند۔ مدفنش در موضع مرندھہ مضافات چاندوکہ در پرگنہ کہاریست۔“ (۶)
”شاھ علي عرف
شاهل محمد ملڪ جي گادي تي ويٺو ١۔ سندس فقير اڳئين کان وڌيا ۽ ٢۔ پوکي راهي جي وڌائڻ
کي لڳي ويا۔ ٣۔ لاڙڪاڻي جو واھ سندس کوٽايل آهي. ٤۔ واھ جي ٻنھي ڪپن واري زمين سانگي
۽ ابڙا قوم کان کسي پنھنجي اولاد ۽ ڀائرن ۾ ورهائي، ٥۔ پاڻ حبيباڻي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو۔
٦۔ ڄام صديق ۽ جلال خان جھڙن ابڙن سردارن مريدي جا حق وساري ٻين زميندارن سان ملي،
کيس گھڻين لڙاين کان پوء ٧۔ بکر جي حاڪم هٿان قتل ڪرايو۔ ٨۔ سندس مزار گھاڙي پرڳڻي
۾ چانڊوڪي جي آس پاس مرنده ڳوٺ ۾ آهي۔“ (۷)
سنڌيڪار - مخدوم
امير احمد، 'قانع' جي عبارت - ”متکی
صدر ولايت شدہ“ جو ترجمو: ”ملڪ جي گاديء تي
ويٺو“ ڪيو آهي۔ جيتوڻيڪ ”ولايت“ جي معني ”ملڪ“ ئي آهي، پر سياق ۽ سباق جي لحاظ کان
ان جملي جو ترجمو اردوڪار - اختر رضوي ”سجاده نشین ہوئے“ (۸ ڪيو آهي جيڪو بلڪل درست آهي۔
مير علي شير جي ڏنل
احوال تي تجزيي ۽ تبصري طور هيٺيان نتيجا اخذ ڪري سگھجن ٿا:
'قانع'، ميان
شاھل محمد جا ذاتي ڪوائف جھڙوڪ جنم، گادي نشيني جو سال، قتل ٿيڻ جو سال، قاتل ۽
مقتل گاھ بابت تز ڄاڻ ڪانہ ڏني آهي، جيتوڻيڪ هو پاڻ ڪلھوڙا دور جو هو ۽ سندس پھچ حڪمران
گھراڻي تائين هئي، پاڻ چاهي ها تہ اهڙي معلومات حاصل ڪري ٿي سگھيو!!
مير - ميان جي احوال
۾ مجموعي طور اٺ (٨) ڳالھيون ڪيون آهن جن کي اسان مٿي اقتباس ۾ سنڌي انگن سان نروار
ڪيو آهي۔ جن مان ڪي هتي تبصري هيٺ آڻيون ٿا۔
٣۔ ”لاڙڪاڻي
جو واھ کوٽائڻ“، جنھن کي سنڌيڪار [گھاڙ] لکيو آهي، صحيح نہ آهي۔ ”مظھر شاهجھاني“
مطابق: ”مير [محمد] نالي چانڊڪي پرڳڻي جي ابڙي زميندار درياھ مان وڏو [گھاڙ] واھ ڪڍرائي
۔۔۔۔۔۔“۔ (۹) ابڙي سردار اهو واھ سال ١٠٣٨ھ ۾ کڻايو۔
مھدي شاھ جي تحقيق
مطابق جيڪڏهن ميان ڪو واھ کڻايو تہ اهو ”شاھ جي ڪور“ ٿي سگھي ٿو۔ (۱۰)
٤۔ ”ميان شاهل
محمد جو سانگين ۽ ابڙن کان سندن زمينون کسي پنھنجن ۾ ورهائڻ۔“ وارو اگرو عمل ڪم از
ڪم عمومي طور سنڌ واسين کي ايڏو اڻوڻندڙ لڳو جو سوا سو ورهيہ گذري وڃڻ کان پوء بہ ماڻھن
کان ميان جي اها اره زورائي ۽ زيادتي وسارجي نہ سگھي ۽ تاريخ نويس ان قبضاگيري واري
عمل کي ڪنھن بہ طور تي درگذر ڪري نہ سگھيا ۽ لکڻ کان سواء چارو نہ رهين۔ 'قانع' توڙي
جو ”تحفت الڪرام“ ڪلھوڙن جي دور ۾ لکيو، بلڪ ميان غلام شاھ جھڙي طاقتور حڪمران جي
صاحبي ۾ تصنيف ڪيو ان باوجود لکڻ کان لنوائي نہ سگھيو۔ ان حوالي سان اڪيلو 'قانع'
ناهي جنھن اها ڳالھ لکي آهي، بلڪ باغ علي 'خائف' بہ ”نامه نغز“ ۾ لکي ٿو:
اراضی بہ سانگی
و ابرہ بہ جبر،
گرفتہ و دادہ
عزیزان گبر۔
خداداد خان به ان
لکڻ کان ڪيٻايو ناهي: ”سانگين ۽ ابڙن جي گھڻي زمين تي قبضو ڪيائين.“ (۱۱)
٥۔ ڳوٺ حبيباڻي
۾ سڪونت: ميان شاهل محمد جي بنھ ويجھي زماني جي ماخذ: ”تواريخ حڪام و متصديان“ ۾
پرڳڻي چانڊوڪي جي موضع ”پوپٽي“ ۾ سندس سرگرمين جو ڏس ملي ٿو (۱۲) ۽ قوي امڪان آهي تہ ميان جي بود و باش پوپٽي
۾ ئي هوندي۔
٦۔ 'قانع'
ميان شاھل محمد هٿان ٻن متاثر قبيلن مان ابڙا قبيلي جي ٻن سردارن - ڄام صديق ۽ جلال
خان جا نالا ورتا آهن جيڪي ساڻن ٿيل زيادتي خلاف ميان شاهل محمد سان مھاڏو اٽڪائڻ
۾ شامل هئا۔ ”تواريخ حڪام و متصديان“ مان معلوم ٿئي ٿو تہ ڄام صديق (،ورايو ابڙو ۽
ٻيا)، ميان شاهل محمد جي قتل کان ڇھ ورهيہ اڳ سرڪار بکر جي فوجدار - خواجه لطف
الله هٿان سال ١٠٦٠ھ ۾ قتل ٿي ويو هو۔ مٿن الزام هو ته اهي فوجدار جو ڳالھيون چانڊين
تائين پھچائين ٿا. (۱۳)
ب: ”تواريخ حڪام و
متصديان“ ۾ ميان شاهل محمد جو احوال
سرڪار بکر جي فوجدار
سان معرڪو
”تواريخ حڪام
و متصديان“ واري لکيو آهي تہ سال ١٠٦٦ھ جي سرڪار بکر جي فوجداري تي عبدالواحد حاڪم
ٿي آيو۔ روهڙي جي رضوي سيدن مان مير بزرگ پڻ بخشي گري ۽ واقعہ نويسي جي عھدن تي
مقرر ٿي ساڻس گڏجي آيو۔ چند ڏينھن اندر ئي فوجدار، شاهلي کي سيکت ڏيڻ لاء پرڳڻي
چانڊوڪي تي ڪاھ ڪئي آهي ۽ لشڪر سوڌو موضع پوپٽي ۾ لنگر انداز ٿيو۔ ابڙا قبيلي جي
ويڙهاڪن کي اڳيان ڪري جنگ لاء تيار ٿيا، هوڏانھن شاهلي بہ پنھنجي ٽولي سان ويڙھ
لاء سنڀري بيٺو۔ ٻنھي طرفن کان خونريز جنگ جي باھ ڀڙڪي، بخشي مير بزرگ ۽ ست ٻيا سيد،
قانونگو ڌرم داس ۽ لشڪر جا ڪيترائي سپاهي مارجي ويا۔ ابڙن مان بہ ڪيترائي دارالبقا
راهي ٿيا۔ شاهلي جي ڌر جا بہ ڪجھ ماڻھو مارجي ويا۔ عبدالواحد جي لشڪر جا بچل ماڻھو
فراري ٿي ويا، نيٺ فوجدار ٻئي ڏينھن چند ماڻھن سان موٽي سکر آيو۔ سال ١٠٦٦ھ جي آخر
۾ عبدالواحد جو تبادلو ٿيو۔ (۱۴)
ميان شاهل محمد جو
قتل
عبدالواحد جي جاء تي
شيخ احمد فوجدار ٿي آيو۔ سندس دل ۾ شاهلي کان بدلي وٺڻ جي باھ ڀريل هئي، ان ڪري ڪاهي
اچي چانڊوڪي پرڳڻي پھچي موضع پوپٽي ۾ اچي لشڪر کي منزل انداز ڪيائين۔ مير عبدالاول
جي ٽياڪڙي سان شاهلي کي هم رڪاب ٿيڻ تي راضي ڪري ورتائون۔ فوجدار شيخ احمد ان کي
ملازمت ۾ قبوليو ۽ هم رڪابي دوران خنجر جي وار سان ماري سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري چوڌري
تيرٿ جي هٿان بادشاھ جي دربار طرف ڏياري موڪليو۔ (۱۵)
بيگ محمد هڪ تہ
ميان شاهل محمد جي قتل ٿيڻ جو هنڌ مشخص ڪري ٻڌائڻ بدران ”هم رڪابي دوران“ ٻڌائي ٿو۔
ان جو مطلب تہ ڳوٺ پوپٽي کان نڪري اڳتي وڌيا ۽ رستي ۾ شيخ احمد کيس قتل ڪيو. ٻي ڳالھ
تہ بيگ محمد نہ شيخ احمد جي تقرري جو سن ڄاڻائي ٿو نہ ئي وري ميان جي مقتولي جي تاريخ.
البت هو نئين فوجدار - خواجه محمد شريف جي تعيني ۽ بکر پھچڻ جو سال ١٠٦٨ھ لکين ٿو.
ڇا ان مان اهو سمجھجي تہ شيخ احمد بہ سال ١٠٦٦ھ جي پڇاڙي ۾ بکر پھچي چڪو هو ۽ اچڻ
سان ئي ميان مٿان لشڪر چاڙهي ويو ۽ اهو واقعو ١٠٦٦ھ ۾ ئي وقوع پذير ٿيو!!! خداداد
خان ميان شاھل محمد جي قتل ٿيڻ جو سال ١٠٦٨ھ لکيو آهي. (۱۶)
بظاهر ميان جي سسي
جو سنڌ ڏانھن موٽائي موڪلڻ محال ٿو نظرجي. واللہ اعلم بالصواب۔
ج۔
Report on The Purguna of Chandookah in Upper Sind by Lieutenant
Hugh James
مطابق مقتل گاھ ۽
سسي جي ڪرامت
ليفٽيننٽ هيو جيمس
- چانڊوڪي پرڳڻي تي جيڪا رپورٽ ۳۱ ڊسمبر ۱۸۴۷ع جي حڪومت کي جمع ڪرائي ان ۾ ڄاڻايو اٿس تہ
ڳوٺ ”فتح پور“ جيڪو لاڙڪاڻي کان ڇھن ميلن جي فاصلي تي آهي، ۾ ميان شاھل محمد کي قتل
ڪيو ويو ۽ شھادت جو رتبو ماڻيائين۔ مرتيي کان پوء سندس سسي اڏامي اچي اتي پھتي جتي
سندس مقبرو آهي، جتي سندس پوئلڳ ڌڙ کڻي آيا۔ هيو جيمس جي عبارت جو اقتباس هيٺ ڏجي ٿو:
"....... at the village of
Fattehpoor, about six miles from Larkhana, that Shahul Mahomed was killed,
receiving thereby the honour of martyrdom. It is related of him, that after
death his head flew to the spot where his tomb now stand, whither his followers
afterwards brought his body."
(۱۷)
بزرگن جون ڪرامتون
پنھنجي جاء تي، پر ميان جي سسيءَ جو اتي اڏامي اچڻ بظاهر ان ڳالھ تي پردو وجھڻ لڳي
ٿو تہ سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪري سنڌ کان هزارين ميل دور موڪلي وئي. واللہ اعلم بالصواب۔
حوالا
۱۔ بيگ محمد: ”تواريخ حڪام و متصديان“، قلمي - فارسي، ص ۱۳۸
۲۔ 'قانع' مير علي شير: ”تحفت الڪرام“، (سنڌي ص , ۲۸۸)، (فارسي، ص ۴۳۱)
۳- مھدي شاھ: ”ابڙو وڏ وڙو“، ص ۲۶۴
۴- نور محمد ڪلھوڙو : ”منشورالوصيت“، ص۱۵ حواشي
۵- مھدي شاھ: ”ابڙو وڏ وڙو“ ص ۲۶۴
۶- 'قانع' مير علي شير : ”تحفت الڪرام“، (فارسي) راشدي ايڊيشن، ص ۳۲-۴۳۱
۷- 'قانع' مير علي شير: ”تحفت الڪرام“، (سنڌي) ص ۲۹- ۲۲۸
۸- قانع، میر علی شیر: "تحفت الکرام"،
مترجم اختر رضوی، سندھی ادبی بورڈ، ط اول، ۱۹۵۹ع، ص ۳۲۰
۹۔ يوسف ميرڪ: ”تاريخ مظھر شاهجھاني“، ص ۱۲۲، حاشيو
۱۰- مھدي شاھ: ”ابڙو وڏ وڙو“، ص ۲۷۵
۱۱- خداداد خان، خانبھادر: ”لب تاريخ سنڌ“، ۱۹۸۹ع، ص ۱۳۶
۱۲- بيگ محمد: ”تواريخ حڪام و متصديان“، ص ۱۳۸
۱۳- ساڳيو، ص ۱۳۶
۱۴- ساڳيو، ص ۱۳۷ کان ۱۳۹
۱۵- ساڳيو، ص ۱۳۹
۱۶- خداداد خان، خانبھادر: ”لب تاريخ سنڌ“، ص ۱۳۶
۱۷- R. Hughes Thomas: Memoirs on Sind,
vol II, Allied Book Company, Karachi,۱۹۸۹, P ۷۲۲
(عبدالحسين موسوي
جي فيسبڪ پوسٽ تان ۱۰ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا