; سنڌي شخصيتون: ميان شاه بهارو جهنجهڻ

16 April, 2011

ميان شاه بهارو جهنجهڻ

ميان شاه بهارو جهنجهڻ

[ ۱۶۶۵ع – ۱۷۳۶ع ]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي



ارڙهين صديءَ جي اوائل ۾ سنڌي سڳوريءَ اهڙا ته بلند پايي بهادر، نامور شخص، سياسي مدبر، جنگي جوڌا ۽ بهترين منتظم پيدا ڪيا آهن، جن جي ڪارنامن کي اڄ تائين نهايت عزت ۽ احترام جي نگاهه سان نهاريو پيو وڃي. اهڙن نامور عظيم هستين ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو نائب (وڏو وزير ۽ سپہ سالار)، ميان شاهه بهارو المعروف شاه بهارو ولد غلام حيدر جهنجهڻ به هڪ ٿي گذريو آهي. سندس ولادت ۵ ذوالقعد ۱۰۷۶هه مطابق ۲۱ نومبر ۱۶۶۵ع تي ڳوٺ بوبڪ (دادو) ۾ ٿي هئي. سندس والد، ڪلهوڙن وٽ ”ڪاردار“ هو[1]؛ جنهن پنهنجي پٽ کي حيدرآباد ۾ تعليم ڏياري. ميان صاحب ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ اورچ هو؛ جنهن ڪري تعليم سان گڏ فوجي سکيا به وٺندو رهيو. جلد ئي سندس بهادري ۽ سچائي ڪلهوڙن جي ڪن پهتي. پوءِ ته فوج ۾ کڻي ڀرتي ڪيائونس. پاڻ فوج جا طور طريقا سکي، ترقي وٺي، اعليٰ عهدي تي وڃي رسيو. ۲۸ ورهين جي عمر ۾ والد وڇوڙو ڏنس. پوءِ ته پنهنجي نيڪ نيتيءَ، نمڪ حلاليءَ ۽ ڪلهوڙن وٽ ڪلي اعتماد سان ۱۱۳۲هه (۱۷۱۹ع) ۾، ميان نور محمد جي طرفان ”چانڊڪي پرڳڻي“ (لاڙڪاڻو ضلعو) جو ناظم اعليٰ مقرر ٿيو.


لاڙڪاڻو، سنڌ جو عدن سڏبو هو[2]. منجهس هر قسم جا باغات ۽ واپاري منڊين هجڻ سببان شروعات کان وٺي وڏي رونق رهي آهي. ميان شاهل محمد ڪلهوڙو (۱۵۹۳ع – ۱۶۵۷ع) جي کوٽايل ”گهاڙ واه“ هن شهر کي ”بندر“ جي حيثيت ڏياري هئي. پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ٻيڙا پڻ هتي لنگر هڻندا هئا؛ جنهن ڪري واپار کي خوب هٿي ملي. اهڙي پر رونق فضا ۽ وڌندڙ واپاري شهر ۾، ميان صاحب وقت جي نظام (گورنر) جي حيثيت ۾ حياتيءَ جا سکيا ڏينهن گذاريا. سندس هٿ هيٺ، ڏهه هزار ماڻهو هوندا هئا. پاڻ شهر جي اتر-اوڀر ڪنڊ تي، گهاڙ واه جي ڪنڌيءَ سان هڪ ننڍڙو ڪوٽ (قلعو) به جوڙايو هئائين، جيڪو پوءِ وڌي، سندس نالي پٺيان ڳوٺ ”بهارپور“[3] سڏجڻ لڳو.

ميان صاحب منظم جي حيثيت سان بهارپور کي خوب وڌايو ۽ منجهس بازار قائم ڪرائي؛ جنهن ۾ مقامي توڙي ٻاهرين قافلن جو مال، عام جام وڪامندو هو. گويا لاڙڪاڻي جي منڊي ”بهارپور“ بڻجي وئي. اهو ئي سبب هو، جو لاڙڪاڻو سندس ذاتي اثر رسوخ، خوش خلقي، سياسي تدبر ۽ اورچائيءَ سببان اوج تي وڃي رسيو. خود ميان نور محمد ڪلهوڙي کي جتي ٻين ملڪي معاملن ۽ بهادريءَ جي ڪارنامن سان گهري دلچسپي هئي، اتي ”زراعت“ کي به نظر انداز نه ڪيائين؛ ۽ پوکي راهيءَ جي ترقيءَ ۽ اناج وغيره جي جهجهي اپائڻ لاءِ بنيادي ڪمن طرف توجہ ڏنائين. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ اندر واهن جو وڏو ڄار وڇايو ويو؛ ۽ آمدرفت جي سهوليت لاءِ پليون پڻ ٺهرايائين. خاص ڪري اثر سنڌ (جتي سندس شروعاتي گادي رهي آهي) ۾ وڏا واه کوٽايائين، جن ۾ ميان صاحب پڻ گهري دلچسپي ورتي. سندس ايامڪاريءَ ۾ کوٽايل، سندس نالي پٺيان ”شاهه جي ڪور“[4] وڏي اهميت ۽ سندس روشن دماغيءَ جو واضح ثبوت آهي. ازانسواءِ چانڊڪي پرڳڻي ۾ ٻين به ڪيتن ئي کوٽايل ننڍن وڏن واهن جو سهرو سندس سر تي آهي.

پاڻ جنگي جوڌو به هڪڙو ئي هو. شجاعت ۽ اورچائيءَ سان ڪلهوڙن پاران ۸۴ جنگيون جوٽيائين. قلات جي والي، امير عبدالله خان سان جنگ واري موقعي تي پاڻ موکيائين[5]؛ جنهن ۾ امير عبدالله خان جو انت آندائين. اهڙي طرح ۱۱۳۶هه (فيبروري ۱۷۲۴ع) ۾، دائود پوٽن ۽ ڪلهوڙن جي شڪارپور واري لڙائيءَ ۾ به ميان صاحب پنهنجي لشڪر سان شڪارپور جي اولهه کي گهيري ورتو هو. ميان صاحب جي انهن ڪاميابين ۽ ڪامرانين کي وقت جي شاعرن به خوب ڳايو آهي.

عباسي ڪلهوڙن جي راڄڌانيءَ ۾ اهو خاص عقيدو هو، ته سندس امير اُمراءَ، حڪومت جي واليءَ جا معتقد هجن. انهن کي فقر جي بلندين سببان حاڪم طرفان، ”فقير“ جو لقب ملندو هو. وٽن اڃا وڌيڪ جيڪو پيارو هوندو هو، ”برخوردار“ سڏبو هو. انهن روايتن کي ميان نور محمد به وڏن جيان برقرار رکندي، ميان شاه بهاري کي به ”فقير“ جو لقب ڏنو هو.

سنڌ ۾ جيڪي به عالم، فاضل ۽ سياسي مدبر ٿي گذريا آهن، تن کي ٻين علمن سان گڏ ”طب“ سان به دلچسپي رهي آهي. ميان صاحب به عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن جو وڏو ڄاڻو هو. ساڳئي وقت هڪ حاذق حڪيم به هو. خاص ڪري طبي طريقن ۾ پوري سنڌ ۾ سندس مشورا وڏي اهميت رکندا هئا. خود ڪلهوڙا حاڪم به علاج معالج لاءِ سندس صلاحن کي ترجيح ڏيندا هئا. وٽس وڏا حڪيم ۽ يوناني طب جا ماهر موجود هوندا هئا، جن سان سندس رهاڻيون ٿينديون هيون[6]؛ اُنهن مان: سيد عبدالله ولد سعدالله سورتي (وفات ۱۱۳۸هه)، ميان شفيع محمد ڏوٻي (وفات ۱۱۷۴هه)، حڪيم عبدالرئوف بوبڪائي (وفات ۱۱۸۱هه) ۽ مرزا علي مدد خان (وفات ۱۱۸۳هه) جا نالا سر- فهرست آهن.

ميان شاه بهاري جو جهڙو نالو هو، تهڙو ئي سندس امير خواه غريب لاءِ شفقت ۽ محبت ڀريو برتاءُ هو. کلمک وري اهڙو هو، جو عام ماڻهن کي به سندس مرڪ مان حياتيءَ جو حسن حاصل ٿيندو هو. پنهنجي زندگيءَ جو ڳچ حصو، مايوس ۽ نااميد مريضن تي شفا ۽ دعا جا هٿ ڦيريندي، سندن دلجوئي ڪندو رهيو. سندس تشخيص توڙي تجويز به فلسفيانه ۽ فڪرمندانه طرز جي هئي؛ جنهنڪري ڪافي مريض وٽانئس صحتياب پئي ٿيا. کيس پنهنجي دور جو حاذق حڪيم ڄاتو وڃي ٿو. هڪ حاڪم جي حيثيت ۾، باقاعده مطب ڪو نه کوليو هئائين؛ باقي غريبن جي خدمت خاطر اڪثر دوائون وٽس موجود هيون.

۱۷۲۱ع ڌاري حج بيت الله شريف جي فريضه لاءِ حرمين شريف روانو ٿيو. واپسيءَ تي ڪيترا ئي عربي زبان ۾ ديني ڪتاب خريد ڪري، پنهنجي ذاتي ڪتبخاني ۾ واڌارو ڪيائين. سندس ذاتي ڪتبخاني ۾ لکين روپين جا ناياب ڪتاب ڪٺا ٿيا هئا، جي سندس وصال بعد، سندس اولاد جي بي توجهيءَ ۽ زماني جي انقلابي تبديلين سببان بالڪل درهم برهم ٿي ويا.

روزي نماز جي پابندين سببان هر طبقي ۽ هر فرقي جي ماڻهن سان سندس ملاقاتيون ٿينديون هيون. عالم، پير، مشائخ، مسلمان، هندو، زميندار، ڪامورا توڙي عام رعيت جا ماڻهو به وٽس اچي حال اوريندا هئا. مطلب ته هر وقت سندس دورازي تي خدا جي خلق جي عام جام اچ وڃ هئي. هميشہ پرهيزگار ۽ تهجدگذار رهندي، ڪنهن سان به بي واجبي يا پاسخاطريءَ واري هلت هلي، انصاف کي هٿان نه هاريو.

ميان صاحب مختلف جاين تي ڪيترا ئي ننڍا وڏا قلعا جوڙيا. پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ علائقي کي خوب شاد ۽ آباد رکيائين. آخر هن بهترين منتظم زندگيءَ جون ستر بهارون پوريون ڪري، ۲۴ ربيع الثاني ۱۱۵۰هه مطابق ۱۲ مئي ۱۷۳۶ع، لاڙڪاڻي ۾ لاڏاڻو ڪيو. پٺيان نرينه اولاد ۾ چار فرزند: مقصود، فتح خان، مير خان ۽ دوست محمد ڇڏيائين. انهن مان وڏو سندس جيان اعليٰ دماغ ۽ سياسي فڪر رکندڙ هو. التبه ڪن ڳالهين ۾ وري پيءُ جي ضد ۾ به سوچ رکندو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته ميان صاحب پنهنجو آخري آرام گاه به جيئري ئي تعمير ڪرايو هيو. مٿس هڪ عاليشان مقبرو اڏيل آهي[7]، جيڪو ميان غلام شاه ڪلهوڙي (حڪومت ۱۷۶۲ع کان ۱۷۷۲ع تائين)، ۱۱۸۸هه (۱۷۷۲ع) ۾ جوڙايو هو.


 

شاهه بهارو جهنجهڻ

سنڌ جو هڪ بهادر ۽ ناقابلِ شڪست فرزند

آصف رضا موريو

لاڙڪاڻو شهر کي سماجي، سياسي ۽ انتظامي طور تي ترقي ڏيڻ ۾ جن سرويچن پنهنجو پاڻ ارپن ڪيو انهن ۾ ڪلهوڙو حڪمران ميان نور محمد جو نائب، وزير ۽ سپهه سالار شاهه بهارو پهرين قطار ۾ بيٺل نظر اچي ٿوجنهن جي احسانن هيٺ لاڙڪاڻو واسي صدين تائين دٻيل رهندا. شاهه بهارو ست فٽ قدآور ۽ مظبوط قد ڪاٺ وارو ٺاهوڪو طاقتور جوان هوندو هيو جنهن جي جسم تي رڇ وانگر گهاٽا وارا هوندا هيا. ميان نور محمد ڪلهوڙو جي خاص سپهه سالارن ۾ مير بهرام خان، مير چاڪر خان، ڄام نندو، شاهه بهارو، مقصود فقير (شاهه بهارو جو وڏو ڀاءُ) ۽ خيرو خيري جهڙا رتن شامل هوندا هيا پر انهن سڀني ۾ شاهه بهارو بادشاهه لاءِ وڌيڪ قابل، بهادر، عقلمند ۽ ملنسار هيو جيڪو امير ۽ غريب سڀني سان محبت ۽ شفقت ڀريو سلوڪ ڪندو هيو.

شاهه بهارو جو عاليشان مقبرو جيلس بازار لاڙڪاڻو کان اوڀر ۾ شروع ٿيندڙ شاهه بهارو ڪالوني ۾ گهاڙ واهه جي ڪناري تي موجود آهي. ان ڳرندڙ ۽ جهرندڙ مقبري کي ڪجهه ڏينهن اڳ انڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ طرفان مرمت ڪري بهتر بڻائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي. پراڻي مقبري جي مٿان هڪ ڪچو پڪو قبو جڙايل هوندو هيو جيڪو ڪلهوڙو حڪمرانن جي ذوقِ عمارت سازي جو هڪ خاص نمونو هيو جنهن کي ميان غلام شاهه ۱۷۷۴ع ۾ تعمير ڪرائي مڪمل ڪرايو هيو. قبي جو اندريون گهير ۳۱ فٽ آهي جنهن تي ۳۹ مربع فٽ بلند گنبذ موجود آهي جڏهن ته مقبري جي اونچائي ۴۸ فٽ آهي جيڪو زمين جي سطح کان ۱۰ فٽ مٿي تعمير ٿيل آهي. هن عاليشان عمارت جي ڊيگهه ۽ ويڪر ۳۹* ۳۹ فٽ آهي.

شاهه بهارو ذات ۽ قوم جو جنجهڻ هيو. توڙي جو سندس قوميت متعلق سنڌ جا گهڻي ڀاڱي مورخ کيس “شاهاڻي” لکندا رهندا آهن، جيڪوغلط آهي. شاهه بهارو جي پيدائش بوبڪ شهر ۾ ٿي، جتان جي آبادي جو هڪ وڏي ڀاڱي حصو صدين کان وٺي ميربحري سان وابسته رهندو آيو هيو. جتي هن صنعت متعلق تمام ساز و سامان جهڙوڪ ٻيڙيون، هوڙها، ڄار، چپو وغيره ٺاهيندا هئا. شاهاڻي بلوچي قوم جو پاڙو آهي، جڏهن ته جنجهڻ ذات جو تعلق سنڌي اصلوڪي ذاتين جي سماٽ سلسلي سان آهي. ان لاءِ “شاهه بهارو جو قومي تعلق، بلوچ نه پر سنڌ جي سامي نسل سان آهي”.

شاهه بهارو ۵ ذوالقعد ۱۰۷۶ هجري مطابق ۲۱ نومبر ۱۶۶۵ع ڌاري چانڊڪا پرڳڻي جي اهم شهر دادو جي ويجهو هڪ ميربحرن جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد غلام حيدر جنجهڻ، ڪلهوڙا حڪمرانن جو ڪمدار هوندو هيو. جنهن جو پنهنجي علائقي ۾ ٺاهوڪو اثر و رسوخ هوندو هيو. جيئن ته شاهه بهارو جو تعلق پڙهيل لکيل خاندان سان هيو، جنهن جا تعلقات ان وقت جي شاهي خاندان سان پڻ هوندا هيا. ان لاءِ سندس والد، هن جي تعليم و تربيت حيدرآباد جي بهترين اسڪولن ۽ استادن کان وٺرائي.

شاهه بهارو، ننڍي هوندي کان ئي انتهائي ذهين ۽ بهادر شخص هوندو هيو. جنهن تعليم سان گڏ وقت جي آڌار ضروري عسڪري تربيت پڻ حاصل ڪئي جيڪا هر قسم جي جنگي ۽ سماجي حالات سان نبرڻ ۽ اڳتي ترقي ڪرڻ واسطي شاهي گهراڻي جي ملازمن جي اولاد لاءِ ضروري سمجهي ويندي هئي. بدقسمتي سان پاڻ اڃان ۱۸ سالن جو مس هيو ته سندس والد جو انتقال ٿي ويو جنهن ڪري تعليم مڪمل ڪرڻ سان ئي فوج ۾ ڀرتي ٿيو جتي پنهنجي بهادري ۽ جفاڪشي سان مختلف عهدن تان ٿيندو ٿيندو ۱۷۱۹ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙو طرفان چانڊڪا پرڳڻي (موجوده لاڙڪاڻو، دادو ۽ سکر) جو ناظمِ اعلي مقرر ٿيو. سندس دور ۾ جيڪا ترقي ۽ خوشحالي لاڙڪاڻو کي نصيب ٿي اها اڄ جي جديد دور ۾ به اڻ لڀ نظر اچي ٿي. شاهه بهارو کي چار پٽ هيا؛ فتح خان، مير خان، مقصود خان ۽ دوست محمد. جن مان سندس وڏو فرزند سندس وانگر بهادر، ذهين ۽ سياسي فڪر رکڻ وارو هوندو هيو. پر پنهنجي شوخ طبيعت سبب ڪيئي سياسي ۽ سماجي معاملن ۾ پنهنجي والد سان اختلاف رکندو هيو.

سنڌ جا ڪلهوڙو حڪمران پنهنجي اميرن، آفيسرن ۽ سالارن کي سندن بهادر، دانشمندي ۽ دانائي سبب کين مختلف القابن جهڙوڪ فقير، برخوردار ۽ شاهه سان نوازيندا هيا. شاهه بهارو کي به پنهنجي ويرتائن ۽ ڪلپنائن سبب حاڪمن طرفان فقير ۽ شاهه جو لقب مليل هوندو هيو. واضع رهي ته فقير انهن ٽنهي لقبن مان نهايت معتبر ۽ مان وارو ڀانئيو ويندو هيو. شاهه جو لقب ڪلهوڙو حڪمران صرف پنهنجي ويجهي، وفادار ۽ بهادر سالارن کي ڏيندا هيا. جن سالارن کي ڪلهوڙن شاهه جو لقب ڏنو انهن مان اهم شاهه بهارو (قوم جو جنجهڻ)، گاجي شاهه (قوم جو کوسو)، شاهه پنجو (قوم جو ڏهوٽ)، عنايت شاهه (قوم جو ٽڳڙ)، شاهه گودڙيو (قوم جو کوسو) وغيره هيا.

شاهه بهارو هڪ وڏو عالم هيو جنهن کي عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن تي عبور حاصل هوندو هيو. هو نه رڳوڪتاب دوست هوندو هيو پر جيئن ته هو علم کي پکيڙ کي انساني تهذيب جي بقا ۽ آگهي جو بڻياد سمجهندو هيوان لاءِ هن لاڙڪاڻو جي مشرقي حصي ۾ بهار پور جو ڳوٺ آباد ڪري اتان جي رهواسين ۽ ارد گرد جي ڳوٺاڻن ۾ تعليم جي فروغ کي ممڪن بڻائڻ لاءِ هڪ شاندار لائيبرري ٺهرائي هئي جنهن ۾ هو نه رڳو رياست جي مختلف شهرن ماڻ ڪتابون گهرائي رکرائيندو هيو پر شهر جي لکارين کان مختلف موضوعن تي مناسب وظيفا ڏئي ڪتابون لکرائي لائيبرري جي زينت بڻائيندو هيو. سندس علم دوستي جو هن ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ۱۷۶۱ع ۾ جڏهن هو سعودي عرب ويو ته واپسي تي اتان ست کن اٺ ڪتابن جا ڀري کڻي اچي لاڙڪاڻو جي لائيبرري ۾ رکيا هئائين.

بيشمار تاريخي دستاويزون کوجڻ وارن کي اهڙيون ثابتيون ڏينديون رهن ٿيون ته شاهه بهارو هڪ اهڙو منصف هوندو هيو جيڪو پنهنجي رعايا سان سدائين عدل ۽ انصاف روا رکندو هيو. سندس اوطاق، قلعي ۽ ڪورٽ جا دروازا امير، غريب، نادان، دانا مطلب ته هر فرد، هر طبقي ۽ هر فرقي جي ماڻهن لاءِ کليل هوندا هيا ۽ ايندڙن ويندڙن کي به يقين هوندو هيو ته هن در تان ا کين انصاف ملندو. سندس علم دوستي، انسان دوستي ۽ سهڻي اخلاقن سبب عالم، فاضل، پير، مشائخ، هندو، ڪرسچن، مسلمان، هاري، زميندار مطلب ته هر قسم ۽ نسل جا ماڻهو وٽس ايندا رهندا هيا.

شاهه بهارو ڪلهوڙو حڪمران ميان نور محمد جي دورِ حڪومت ۾ لاڙڪاڻو شهر جو ناظمِ اعلي هوندو هيو جنهن پنهنجي دور ۾ هن شهر کي زرعي، اقتصادي، عسڪري ۽ سماجي طور تي خوشحال بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس شخصي اثر و رسوخ، خوش خلقي، سياسي تدبر ۽ بهادري سبب لاڙڪاڻو پنهنجي تاريخ جي خوشحال ترين دور ۾ قدم رکيو. هن شهر ۾ بيشمار باغات هڻايا، نهرون کوٽايون، قلع ٺهرايا ۽ محلا آباد ڪرايا. شاهه بهارو هتي زراعت ۽ تجارت جي نظام کي بهتر بڻيادن تي استوار ڪرڻ سان گڏ صنعت، ۽ حرفت کي پڻ هٿي وٺرائي. شاهه بهارو پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ قلعو ٺهرائڻ کان پوءِ ان جي چوطرف پنهنجي لشڪر لاءِ گهر ۽ ڇانوڻيون به ٺهرايون هيون جيڪي آهستي آهستي وڌندي وڌندي هڪ شاندار محلو ٿي ويو. هن محلي ۾ شاهه بهارو هڪ وڏي بازار قائم ڪرائي هئي جيڪا اڳتي هلي هڪ ڪمرشل منڊي ۾ تبديل ٿي وئي هئي ڇوته هتي مقامي ۽ خارجي تجارتي قافلن جي ساز و سامان جي سٺي قيمت ۾ کپت ٿي ويندي هئي.

ميان نورمحمد ڪلهوڙو پاڻ به هڪ عقلمند حڪمران هوندو هيو جيڪو نه رڳو رعيت لاءِ فلاحي ڪم ڪرائيندو هيو پر پنهنجي وزيرن ۽ اميرن کي به عوامي فلاح و بهبود جي مسئلن کي اوليت ڏيڻ جو پابند بڻائيندو هيو. گھاڙ واهه جا ٽي عظيم وهڪرا آبپاشي جي هن عظيم معمار جي ڪوششن سبب وجود ۾ آيون جن مان اڀرندي سنڌ ۾ بيگاري واهه جي شاخ نور واهه خاص آهي. هن آبپاشي کي بهتر بڻائن لاءِ لاڙڪاڻو شهر جي وچان گزرندڙ گهاڙ واهه جي نئين سر کوٽائي ڪرائي ان مان اڃان وڌيڪ نوان واهه کوٽايا جن مان نور واهه (ميان نور محمد ڪلهوڙو جي نالي پٺيان)، شاهه جي ڪڙ (شاهه بهارو جي نالي پٺيان) ۽ ڏاتي جي ڪڙ (ڏاتو کهڙو جي نالي پٺيان) وغيره اهم آهن. نوشهرو ۾ نصرت واهه به نصرت خان چانڊيو ميان نورمحمد جي چوڻ تي کوٽايو. ان کان علاوه مراد واهه، باگ واهه ۽ فيروز واهه به نور محمد جي ٽن درٻارين مراد ڪلهوڙو، باگو سيال ۽ فيروز وير کوٽايا ۽ اهي ٽئي شاخون نصرت واهه ۾ پنهنجو ڇوڙ ڪن ٿيون جيڪا هاڻي موجوده روهڙي ڪينال جي اهم شاخ بڻجي چڪي آهي.

 لاڙڪاڻو جي مٽي تمام زرخيز آهي جتي اڻ کٽ پاڻي جي ذخيرن سبب سال ۾ ڪيئي فصلون ڪيون وينديون هيون. هڪ فصل لڻبي هئي ته ٻي رونبي لاءِ تيار هوندي هئي. گهاڙ واهه انهن ڏينهن ۾ آبپاشي کان علاوه آبي آمدرفت جو پڻ اهم ذريعو هوندو هيو ان لاءِ لاڙڪاڻو کي پنهنجي مخصوص جاگرافيائي بيهڪ سبب خاص اهميت حاصل هوندي هئي ڇوته بولان دري کان اچڻ وارا تجارتي قافلا شڪارپور کان ٿيندا هن ڪينال تي موجود هڪ ويڪري بندرگاهه تي لنگر انداز ٿيندا رهندا هيا جيڪي پوءِ گهاڙ واهه ذريعي سنڌو درياهه جي ڊيگهه ۽ ويڪر ڏانهن هليا ويندا هيا مثال طور حيدرآباد ۽ ٺٽو يا وري مٿي اتر ۾ سکر، ملتان ۽ لاهور وغيره. هن عوام جي سهولت لاءِ بيشمار پليون، رستا ۽ پيئڻ جي پاڻي جي سولائي سان دستيابي لاءِ شهر جي چوطرف کوهن جو ڄار وڇايو هيو. اهو ئي سبب آهي ته شهر جي خوبصورتي، شادابي ۽ امن و امان جي صورتحال کي ڏسندي پري پري کان ماڻهن اچي هن شهر کي آباد ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هي ننڍڙو شهر وڌندي وڌندي هڪ وڏو شهر ٿي ويو.

ڪجهه ڏينهن اڳ کان اسان جي هن سورمي شاهه بهارو جا ڀاڳ کليا آهن جو حڪومت طرفان سندس مقبري کي تعميري تزئين و آرائش کان پوءِ گرما گرم سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويا آهن. خاص طور تي اها ڳالهه زيرِبحث آهي ته هن ۸۴ جنگيون وڙهيون هيون يا اهو ڇڙو حوال آهي. افسوس اهو پڻ آهي جو انهن بحثن ۾ اهي ماڻهو به ڪاهي پيا آهن جن کي تاريخ سان الف بي جيترو تعلق به ڪونه آهي. شاهه بهارو جي وڙهيل جنگين ۾ ننڍا وڏا معرڪه، جهيڙا جهٽا. ويڙهيون ۽ جهڙپون وغيره اچي وڃن ٿيون جيڪي هو پنهنجي حڪومت دوران پاڙيسري توڙي ٻاهرئين حملي آورن سان سموري عمر اڪلائيندو رهيو هيو. شاهه بهارو دنيا جي تاريخ جو واحد جنگي يوڌو هيو جنهن پنهنجي زندگي ۾ ۸۴ جنگيون لڙيون ۽ سڀني ۾ پنهنجي بهادري، عقلمندي ۽ دانائي سبب فتحمند رهيو. سندس وڙهيل جنگين منجهان ۲۸ جنگين جو ذڪر مختلف تاريخي ڪتابن ۾ ملي ٿو جيڪن هن ابڙن، پنهورن، بروهين، پٺاڻن، دائود پوٽن وغيره سان وڙهيون. محققن لاءِ شاهه بهارو جي وڙهيل گهڻي تڻي جنگين جو تفصيل ۽ حوالا سنڌ جي مختلف تاريخي ڪتابن ۾ ملڻ سان گڏ سينه بسينه روايتن ۾پڻ ملن ٿا.

شاهه بهارو نه رڳو انتظامي معاملن ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو هيو پر پنهجي بهادري سان خارجي حملي آورن کي لاڙڪاڻو جي ويجهو ڀٽڪڻ به نه ڏيندو هيو. هو هڪ دور انديش سپهه سالار هيو جيڪو پنهنجي علاقي جو دفاع ڪرڻ لاءِ ڏاهپ سان گڏ سائنسي حربا پڻ استعمال ڪندو هيو. هن لاڙڪاڻو کان ۱۵ ڪلوميٽر پري اتر اولهه طرف موجود ڳوٺ ڌارمراها جي هڪ چوواٽي تي هڪ تمام وڏي ڀير (دهل) رکرائي اتي ماڻهو مقرر ڪيا هيا جن کي هدايت هئي ته “جڏهن پري کان حملي آورن جو لشڪر ڪاهيندو نظر اچي يا انهن جي گهوڙن جي يلغار سبب مٽي اڏندي نظر اچي ته ڀير تي زور سان ڏونڪو هڻن”. ان ڀير تي لڳندڙ ڏونڪي جو آواز لاڙڪاڻو تائين ان مقصد لاءِ قائم ڪيل چوڪين کان ٿيندو جڏهن لاڙڪاڻو وٽ آخري چوڪي تي ٻڌڻ ۾ ايندو هيو ته شاهه بهارو پنهنجي لشڪر کي جلدي تيار ڪري حملي آورن سان منهن ڏيڻ لاءِ شهر کان ٻاهر نڪري ايندو هيو ۽ ٻاهران ئي کين لوڌي ڪڍندو هيو.

شاهه بهارو هونئن ته لاڙڪاڻو جي دشمنن سان ۸۴ جنگيون وڙهيون پر ۱۷۲۵ع ڌاري ڪلهوڙن ۽ دائود پوٽن وچ ۾ ٿيندڙ لڙائي تمام اهم ۽ گهمسان واري هئي جنهن ۾ شاهه بهارو، تاجو لکي ۽ محمد خان ڪلهوڙو به شامل هيا. هن لڙائي ۾ ميان صاحب پنهنجي لشڪر سان گڏ شڪارپور جي اولهه کي گهيري ۾ آندو ۽ پنهنجي ساٿين جي مدد ڪئي. جنگ ۾ سنڌي لشڪر جي سٽ نه سهي دائود پوٽن جو سالار امير صادق محمد خان پويان پير ڪري پهريون خانپور ڀڄي ويو ۽ پوءِ وڃي دهلي ۾ لڪو پر اوسيتائين به ڪلهوڙن جي لشڪر سندس پيڇو ڪيو. ۱۷۲۷ع ۾ صادق محمد خان کي اچ شريف جي سجاده نشين پاڻ وٽ گهرائي امان ڏني پر اتي به هن ڪجهه ننڍن وڏن علائقن تي قبضو ڪرڻ جون ڪاروائيون ڪرڻ جو شرارتون جاري رکيون. مٿين جنگ ۾ قلات جو عبدالله خان بروهي پهريون ته ميان نورمحمد ڪلهوڙو جو طرفدار هيو پر بعد ۾ جڏهن ميان ڪڇي ۽ گنجابي جي علائقن تي قبضو ڪيو ته هو سندس خلاف ٿي بيٺو ۽ کوڙ دفعا لاڙڪاڻو تي حملو ڪري قبضي ۽ لٽ مار ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي پر شاهه بهارو پنهنجي تدبر ۽ بهادري سان سندس لشڪر کي پوئتي ڀرڪڻ تي مجبور ڪندو رهيو. ان جي باوجود بروهين جي لشڪر لاڙڪاڻو جي پسگردائي ۾ پنهنجون شرارتون جاري رکيون جيڪي لاڙڪاڻو جي گورنر شاهه بهارو ۽ ميان نور محمد لاءِ اڻ وڻندڙ هونديون هيون ان لاءِ جڏهن بروهي لشڪر پنهنجي حرڪتن کان باز نه آيو ته سندن وچ ۾ ۱۷۳۱ع ۾ جنگ ڇڙي جنهن ۾ اسمائيل بروهي کي شاهه بهارو هٿان زبردست شڪست ملي ان لاءِ عبدالله خان مجبور ٿي نور محمد ڪلهوڙو سان صلح ڪري وعدو ڪيو ته هو “آئيندي وري لاڙڪاڻو تي حملو نه ڪندو” پر بدقسمتي سان هو گهڻي عرصي تائين پنهنجي وعدي تي قائم رهي نه سگهيو.

۱۷۳۲ع ۾ عبدالله جي لشڪر وري لاڙڪاڻو ۽ ان جي پسگردائي ۾ لٽ مار جو ڪاروائيون شروع ڪري ڏنيون ۽ وعدي خلافي ڪندي فريد آباد ويجهو ڪاڇي جي زمين تي قبضو ڪيو. ميان نورمحمد وعدي خلافي ڪرڻ ٿي عبدالله بروهي کي سزا ڏيڻ لاءَ شاهه بهارو کي موڪليو جيڪو ۴۰ هزار ماڻهن جو زبردست لشڪر وٺي اڳتي وڌيو ته گنجابي وٽان سندس نائب مراد ڪليري به پنهنجو ڪڇي لشڪر وٺي ساڻس اچي مليو. خانپور وٽ ٻنهي لشڪرن وچ ۾ وڏي خونريز جنگ لڳي جنهن ۾ شروع شروع ۾ ڪلهوڙن جي لشڪر کي تمام گهڻو ڇيهو رسيو ايتري تائين جو پوئتي ڀرڪڻ جي نوبت اچي وئي پر سنڌي سماج ۾ پٺ ڏئي ڀڄڻ کي شرمناڪ سمجهندي ڪجهه ماڻهن پوئتي ڀرڪندڙ ساٿين کي طعنا تنڪا ڏئي غيرت ڏياري انهن جي دلين ۾ وري جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو جنهن ڪري اهي گڏجي نئين ولولي سان بروهين تي هلون ڪري ڪاهي پيا ۽ انهن جي حوصلن جا پير اکيڙي چڏيا. جنگ ۾ جڏهن بروهين جو سردار عبدالله مارجي ويو ته فوج جو زور به ٽٽي پيو ۽ انهن شڪست تسليم ڪري هٿيار ڦٽاڪيا. ان جنگ ۾ شاهه بهارو انتهائي جنگي مهارت ۽ بهادري جو ثبوت ڏنو جنهن سبب سندس جوانن شڪست خورده فوج ۾ تقريرون ڪري جوش ۽ ولولو پيدا ڪري هارايل بازي پنهنجي حق ۾ ڪري ورتي. هن جنگ ۾ سالاري شاهه بهارو ڪري رهيو هيو جنهن جي جرائت ۽ شجاعت سبب ڪلهوڙن هي جنگ کٽي ورتي هئي. هن جنگ ۾ شاهه بهارو سان گڏ ڄام نندو، مير بهرام، مير چاڪر، شاهه علي سلطان، خيرو خيري، دادو وغيره جهڙا بهادر ساٿي پڻ شامل هيا.

شاهه بهارو جي وفات متعلق مورخ گهڻي الجهنن جو شڪار نظر اچن ٿا. محترم غلام الرسول مهر تاريخِ سنڌ ڪلهوڙا جو ٻي جلد جي صفحي ۹۳۷ تي شاه بهارو جي وفات ۱۱۴۷ هجري ۾ لکي آهي. ان ئي صاحب جي ٻي ڪتاب تاريخِ ڪلهوڙا جي ٻين جلد جي صفحي ۳۸۳ تي لکيل آهي ته “هن نامور سپهه سالار سن۱۱۴۹ هجري مطابق ۱۷۳۶ع ۾ وفات ڪئي. مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب“سنڌ جا قديم شهر ۽ ماڻهو”” ۾ شاهه بهارو جي وفات ۱۷۷۳ع مطابق ۱۱۸۸ هجري لکي آهي جيڪا بيگ صاحب جي غلطي آهي ڇوته اهو سال شاهه بهارو جي مقبري جي مرمت وارو سال آهي پيدائش وارو نه. شاهه بهارو جي هڪ نوڪر هوت بلوچ جي فارسي ۾ لکيل هڪ قلمي نسخي ۾ سندس تاريخ وفات متعلق لکيل آهي ته “درسن يڪ وزار ويڪ صد و پنجاهه وفات يافت” يعني “هن ۱۱۵۰ هجري ۾ وفات ڪئي”. هوت بلوچ جو اهو قلمي نسخو ڪئي سالن تائين شاهه بهارو جي مجاور وٽ ڏٺو ويو پرهاڻي ته اهو مجاور ڪتاب سميت غائب آهي. سنڌ گزيٽيئر ۾ لکيل آهي ته “شاهه بهارو جي وفات ۱۷۳۵ع ۾ ٿي هئي”. انهن تمام الجهنن جي باوجود کوڙا سارا قابل محقق هن ڳالهه تي متفق آهن ته “شاهه بهارو جي وات ۲۴ ربيع الثاني سن ۱۱۵۰ هجري مطابق ۱۲ مئي ۱۷۳۶ع  ۾ لاڙڪاڻو شهر ۾ ٿي”.



[1] تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا دور، حصو ۶، جلد ۲)، غلام رسول مهر (سنڌي ترجمو)، سنڌي ادبي بورڊ، ۱۹۶۴ع، ص ۸۳۸.

[2] لاڙڪاڻو اڄ کان ٻه سؤ سال اڳ، ڪلهوڙن جي دور ۾، آباد ٿيو هو. مٿس مير بحرن جي شاخ ”لاڙڪ قوم“ تان اهو نالو پيل آهي [سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان لکرايل ايم – فل سنڌيءَ لاءِ ٿيسز بعنوان : نواز علي ”نياز“ جعفريءَ جي شاعري؛ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ۱۹۷۴ع (قلمي)، ص ۴].

[3] جيڪو پوءِ سندس نالي پيٺان ”بهارپو“ نالي ڳوٺ سڏجڻ لڳو. هينئر گهاڙ واه جي ختم ٿي وڃڻ سببان، لاڙڪاڻي شهر سان بالڪل ملي ويو آهي. سندس خاصي آبادي آهي. منجهس قلعو ٻه صديون اڳ، غالباً ۱۷۲۱ع ڌاري لاڙڪاڻي شهر تان ۳۰۰ ميٽرن جي مفاصلي تي ”ڦلن“ جي ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستي سان ٺهي راس ٿيو هو؛ جنهن ۾ پاڻ، پنهنجي سپاه ۽ ضروري سامان سميت رهندو هو. ميراڻي صاحبيءَ ۾ درياه جي چاڙهه سببان قلعو تباه ٿي ويو. البته سندس ڦٽل نشان، بهارپور جي ڏاکڻي طرف اڃا تائين قائم آهن، جن ۾ ۱۸ ميٽر ڊگهي، ۲۶ ميٽر اوچي ۽ هڪ ميٽر ٿلهي ديوار ڊٺل حالت ۾ اڄ به موجود آهي [ميان شاه بهارو جهنجهڻ – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ماهور ”الرحيم“، شاه ولي الله اڪيڊمي، حيدرآباد؛ مئي – جون ۱۹۷۹ع، ص ۳۱].

[4] ميان نور محمد جي ڏينهن ۾ سندس درٻار جي ٻين اميرن ۽ وزيرن: نصرت خان چانڊيي، تعلقي فيروز ۾ ”نصرت واه“، مراد خان ڪلبريءَ  ”مراد واه“– ڏاتي خان کهاوڙ ”ڏاتي جي ڪور“– باگي خان سيال ”باگو واه“ ۽ پيروز خان عباسي ”پيروز واه“ پڻ کوٽايا هئا.

[5] سندس فتح بابت جلال کٽيءَ (۱۶۸۳ع – ۱۷۶۸ع) پنهنجي نظم ۾ واکاڻيندي چيو آهي: ”بازي بهارو شاه، کڻي ويو شير کون“.

[6] جيڪو لاڙڪاڻي شهر ۾، گهاڙ واه سان لڳ چنن ۽ ڀٽن جي ڳوٺن جي وچ ڌاري واقع آهي.

[7] قبي جي عمارت، سنڌ جي قديم ۽ نهايت بهترين ۽ خوبصورت ڪاشيءَ جي سرن سان مزين آهي، جيڪا مشهور رازي جان محمد جوڙي هئي. اڏاوت ۾ ۷۵ چورس فوٽ چبوترو، ۳۱ چورس فوٽ گهيرو ۽ ۴۷ فوٽ اوچائيءَ تي مقبرو بيٺل آهي. ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو، ته ڪلهوڙن جي عمارت سازيءَ جو هي به هڪ نادر نمونو آهي. افسوس جو ٻن صدين واري جڙيل هن مقبري جي ڪا به مرمت ڪا نه ڪئي وئي آهي. حڪومت سنڌ کي، سنڌ جي هن سچي سپوت جي آخري نشانيءَ کي، فن ثقافت جو بي محال نمونو ڄاڻي، تحفظ لاءِ جوڳو اپاءُ وٺڻ گهرج. ور نه ته مستقبل قريب ۾ هي قديم قومي ورثو هميشہ لاءِ ختم ٿي ويندو.

No comments:

راءِ ڏيندا