ميان شاه بهارو جهنجهڻ
[ ۱۶۶۵ع – ۱۷۳۶ع ]
ميمڻ عبدالغفور
سنڌي
ارڙهين صديءَ جي
اوائل ۾ سنڌي سڳوريءَ اهڙا ته بلند پايي بهادر، نامور شخص، سياسي مدبر، جنگي جوڌا
۽ بهترين منتظم پيدا ڪيا آهن، جن جي ڪارنامن کي اڄ تائين نهايت عزت ۽ احترام جي
نگاهه سان نهاريو پيو وڃي. اهڙن نامور عظيم هستين ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو نائب
(وڏو وزير ۽ سپہ سالار)، ميان شاهه بهارو المعروف شاه بهارو ولد غلام حيدر جهنجهڻ
به هڪ ٿي گذريو آهي. سندس ولادت ۵ ذوالقعد ۱۰۷۶هه مطابق ۲۱ نومبر ۱۶۶۵ع تي ڳوٺ بوبڪ (دادو) ۾ ٿي هئي. سندس والد، ڪلهوڙن وٽ ”ڪاردار“
هو[1]؛ جنهن پنهنجي پٽ کي
حيدرآباد ۾ تعليم ڏياري. ميان صاحب ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ اورچ هو؛ جنهن ڪري تعليم
سان گڏ فوجي سکيا به وٺندو رهيو. جلد ئي سندس بهادري ۽ سچائي ڪلهوڙن جي ڪن پهتي.
پوءِ ته فوج ۾ کڻي ڀرتي ڪيائونس. پاڻ فوج جا طور طريقا سکي، ترقي وٺي، اعليٰ عهدي
تي وڃي رسيو. ۲۸ ورهين جي عمر ۾ والد وڇوڙو ڏنس. پوءِ ته پنهنجي نيڪ نيتيءَ، نمڪ حلاليءَ ۽
ڪلهوڙن وٽ ڪلي اعتماد سان ۱۱۳۲هه (۱۷۱۹ع) ۾، ميان نور محمد جي طرفان ”چانڊڪي پرڳڻي“ (لاڙڪاڻو
ضلعو) جو ناظم اعليٰ مقرر ٿيو.
