; سنڌي شخصيتون: ميان شاه بهارو جهنجهڻ، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، آصف رضا موريو، لاڙڪاڻو، غلام شاه ڪلهوڙو،
Showing posts with label ميان شاه بهارو جهنجهڻ، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، آصف رضا موريو، لاڙڪاڻو، غلام شاه ڪلهوڙو،. Show all posts
Showing posts with label ميان شاه بهارو جهنجهڻ، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، آصف رضا موريو، لاڙڪاڻو، غلام شاه ڪلهوڙو،. Show all posts

16 April, 2011

ميان شاه بهارو جهنجهڻ

ميان شاه بهارو جهنجهڻ

[ ۱۶۶۵ع – ۱۷۳۶ع ]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي



ارڙهين صديءَ جي اوائل ۾ سنڌي سڳوريءَ اهڙا ته بلند پايي بهادر، نامور شخص، سياسي مدبر، جنگي جوڌا ۽ بهترين منتظم پيدا ڪيا آهن، جن جي ڪارنامن کي اڄ تائين نهايت عزت ۽ احترام جي نگاهه سان نهاريو پيو وڃي. اهڙن نامور عظيم هستين ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو نائب (وڏو وزير ۽ سپہ سالار)، ميان شاهه بهارو المعروف شاه بهارو ولد غلام حيدر جهنجهڻ به هڪ ٿي گذريو آهي. سندس ولادت ۵ ذوالقعد ۱۰۷۶هه مطابق ۲۱ نومبر ۱۶۶۵ع تي ڳوٺ بوبڪ (دادو) ۾ ٿي هئي. سندس والد، ڪلهوڙن وٽ ”ڪاردار“ هو[1]؛ جنهن پنهنجي پٽ کي حيدرآباد ۾ تعليم ڏياري. ميان صاحب ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ اورچ هو؛ جنهن ڪري تعليم سان گڏ فوجي سکيا به وٺندو رهيو. جلد ئي سندس بهادري ۽ سچائي ڪلهوڙن جي ڪن پهتي. پوءِ ته فوج ۾ کڻي ڀرتي ڪيائونس. پاڻ فوج جا طور طريقا سکي، ترقي وٺي، اعليٰ عهدي تي وڃي رسيو. ۲۸ ورهين جي عمر ۾ والد وڇوڙو ڏنس. پوءِ ته پنهنجي نيڪ نيتيءَ، نمڪ حلاليءَ ۽ ڪلهوڙن وٽ ڪلي اعتماد سان ۱۱۳۲هه (۱۷۱۹ع) ۾، ميان نور محمد جي طرفان ”چانڊڪي پرڳڻي“ (لاڙڪاڻو ضلعو) جو ناظم اعليٰ مقرر ٿيو.