; سنڌي شخصيتون: April 2016

16 April, 2016

قاضي نظير عرف ڪڪو بابا - يونس چانڊيو

قاضي نظير عرف ڪڪو بابا
سياسي ۽ سماجي ڪردار
يونس چانڊيو
سنڌ جيڪا صوفين جي سرزمين آهي، هن ڌرتيءَ جي صوفين، تن پوري انسانيت جي عالم کي امن ۽ سلامتيءَ جو درس ڏنو آهي. سنڌ جي مٽيءَ مان انيڪ لازوال ڪردارن جو جنم ٿيو آهي، جن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي لاءِ جاکوڙ ڪندي زندگي گذاري ڇڏي. اهڙا ئي ڪردار اُملهه ڪردار هجن ٿا، جيڪي پنهنجي ڌرتي ۽ قوم جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪندي تاريخ ۾ امر بڻجي وڃن ٿا. اهڙن ئي اُملهه ڪردارن مان سنڌ جو قاضي خاندان به آهي، جنهن جون سياسي، سماجي ۽ صحافتي خدمتون شاندار آهن. قاضي خاندان جيڪو اصل ۾ دادو ضلعي جي علائقي سيوهڻ سان تعلق رکي ٿو. حڪمت جي دنيا ۾ به هن خاندان جو وڏو ناماچار رهيو آهي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو نانءُ اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور آهي.

مولوي عبدالحليم ”شرر“ - مختيار ملاح

مولوي عبدالحليم ”شرر“
سندس سنڌ شناسي
مختيار ملاح
ويھين صدي جي شروع ۾ سنڌ شناسي هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي وئي. موهن جي دڙي جي دريافت سميت قديم تهذيبون دريافت ٿيون. انگزيزي اردو، گجراتي، بنگالي علمن جي هڪٻئي جي ويجهو اچڻ ۽ ترجما نگاريءَ جي ڪري تاريخي علمن جو  ڦهلاءُ ٿيو سنڌ شناسي به سنڌي زبان مان نڪري اردو، گجراتي ۽ ٻين هندستاني زبانن ۾ ڦهلجڻ لڳي. خاص طور تي انگريزي کانپوءِ اردو زبان ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ علم ۽ ادب تي گهڻو ڪم ٿيڻ لڳو. ان دور ۾ ”مجمع الاخبار“ جي باني مير اشرف علي پنهنجي ڪتاب ”تاريخ افغانستان“ ۾ سنڌ بابت اهم معلومات ڏني ۽ اهل هند کي اردو وسيلي سنڌ سان روشناس ڪرايو پر سنڌ تي پهريون ۽ اهم ڪتاب مولوي عبدالحليم”شرر“ لکيو ۽ شايع ڪرايو.

ايم ڪمل - ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي

ايم ڪمل
سندس ناٽڪ نويسي
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي
ايم ڪمل سنڌي شاعر جي حيثيت ۾ ته هڪ اونچو مقام جوڙي سگهيو آهي، پر ننڍي ناٽڪ جڳت ۾ به هن جو مقام محفوظ آهي، ايم ڪمل جي ايڪانڪين جو ڪئنواس سندس شاعريءَ جيان ٿي وڏو ۽ گهرو آهي، هن جي سوچ ۽ نگاهه، زندگيءَ جي چوطرف وري ٿي، ان ڪري هن جي ايڪانڪي ناٽڪن ۾ سماجي، سياسي، ڌرمي ۽ ڪيتري حد تائين فيلسوفي ۽ منوو گيان جا نڪتا به صاف ظاهر ٿين ٿا، جيڪي ناٽڪي فن سان خوب نباهيا ويا آهن،  هن جي ايڪانڪين ۾ پيش ڪيل ڪردار، اسان جي روز مرهه جي زندگيءَ جا جيئرا جاڳندا آهن، جن کي ليکڪ ويجهڙائيءَ تان گهري نگاهه سان پرکيو آهي ۽ سندن نقاب پوشيءَ کي فاش ڪيو آهي، ڪڏهن ته اسان کي ائين لڳندو آهي ڄڻ اهي سڀ اسان جا ڏٺل وائٺل آهن ۽ اسين انهن کان بخوبي واقف آهيون، پر ناٽڪ نويس پنهنجي هنر منديءَ سان ائين کين اڀاري، اسان جي آڏو پيش ڪيو آهي، ڄڻ اسان کين پوريءَ ريت سڃاڻي نه سگهيا آهيون، ساڳئي وقت ليکڪ، ڪوڙين حقيقن، سماج ۽ ڪٽنب جي وهنوار کي جي اسان جي تهذيبي زندگيءَ سان جڙيل آهن، انهن کي ناٽڪي پلاٽ ذريعي پيش ڪيو آهي. ايم ڪمل جديد ايڪانڪين ۾ فني ۽ فڪري سطح تي ڪافي تجربا ڪيا آهن، هن جي جديد تجرباتي ناٽڪن جي سڌي سولي زبان، ذهن کي ڌونڌاڙي، سوچڻ تي مجبور ڪندي پنهنجي اندر ۾ ليئو پائڻ تي آماده ٿي ڪري، هن جي لاءِ مذاق براءِ مذاق ڪانهي، ان ۾ هيٺ سوچ جي لهر به موجود رهي ٿي.

مهرالنساءِ لاڙڪ - علي ڏنو جروار

مهرالنساءِ لاڙڪ
سنڌ کان وڇڙي ويل آپا!
علي ڏنو جروار
ڪالهه اسان کان آپا مهرالنساءِ لاڙڪ به وڇڙي وئي. آپا مهرالنساءِ لاڙڪ سنڌ جي پڙهيل لکيل علمي، ادبي شخصيتن ۾ هڪ نمايان حيثيت رکندڙ ڏاهي ۽ بهادر عورت هئي. آپا مهرالنساءِ جي وڇوڙي سبب اسان سنڌ واسين کان هڪ بهترين ليکڪا، تعليمي ماهر، مقرر، ذاڪر ۽ لطيف شناس عورت هميشه لاءِ موڪلائي وئي آهي، پر سندس يادون ۽ سندس قلم جي بهادري ۽ همت اسان وٽ موجود آهي، جيڪا سدائين سنڌ کي پڙهيل لکيل طبقي جي ذهنن تي حاوي رهندي.

ڊاڪٽر ذوالفقار کوهارو - ساجد مسڻ

ڊاڪٽر ذوالفقار کوهارو
پاڙي ويڄ هُيام، تان مُور نه پڇيا!
ساجد مسڻ
ڊاڪٽر ذوالفقار کوهارو جي پيدائش ۶ جنوري ۱۹۶۶ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪريم ڏنو کوهارو ۾ هڪ بي باڪ ڪردار، محنتي جفاڪش ۽ سنڌ جي تعليم سان پاڻ نڀائيندڙ (مرحوم) استاد غلام عمر کوهاري  جي گھر ۾ ٿي. ڊاڪٽر ذوالفقار کوهارو اڃا مس پنجن سالن جو ٿيو ته سندس والد ٻارڙن جي بهتر تعليم واسطي پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي ڏوڪري شهر ۾ اچي آباد ٿيو. چوندا آهن ته قدرت واري وٽ عدل ۽ انصاف ٿيندو آهي، اهڙي طريقي سان ڊاڪٽر ذالفقار کوهارو جو والد (مرحوم) غلام عمر کوهارو پنهنجي سچائي ۽ سخت محنت سان سنڌ امڙ ڌرتي جا ٻار پڙهايا، انهن تي محنت ڪئي، انهن کي پنهنجو اولاد سمجهيو ته قدرت به هن جي اولاد کي دنيا جي تعليم ۽ ترقي ۾ سڀني کان ممتاز، اعلى، مٿانهون ۽ نرالو بڻائي ڇڏيو آهي. غلام عمر کوهاري (مرحوم) جا ڪي پٽ اعلى ڊاڪٽر آهن ته ڪي بئنڪ آفيسر، جڏهن ته وري نياڻيون به سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ پنهنجو فرض نڀائي رهيون آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار علي کوهارو کي الله تعالى خدادادي صلاحيتن سان مالامال ڪري پيدا ڪيو هو. هو ننڍي هوندي کان ئي ذهين، هوشيار سلڇڻو ۽ انسان دوست صفتن سان ٽمٽار هيو. هي ۵ سال لاڙڪاڻي ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهيو ۽ اتان هي ايم بي بي ايس (M.B.B.S)  جي ڊگري ۱۹۹۱ع ۾ پاس ڪري نڪتو.

سيد عبدالله شاهه


سيد عبدالله شاهه
هڪ حقيقي قومپرست سياستدان
غلام حسين لغاري
سياسي توڙي سماجي حيثيت رکندڙ واهڙ ضلعي ڄامشورو جو سائين مرحوم سيد عبدالله شاهه ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي جيڪو هڪ ننڍي ڳوٺ مان وڪالت جي لحاظ کان ڪراچي پهتو ۽ سنڌ جي وڏ وزارت ماڻڻ ۾ ڪامياب ويو. مرحوم پيرالاهي بخش کان پوءِ هو اڳوڻي ضلعي دادو جو ٻيو وڏو وزير هو جنهن سنڌ جي ماڻهن لاءِ پنهنجي حد تائين ڪافي پتوڙيو. بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي سياست ڪئي. ٿي سگهي ته مرحوم ڪجهه سياسي غلطيون يا ڪوتاهيون به ڪيون هجن پر انجي عوام لاءِ ڪيل بي لوث خدمتن جو اعتراف ڪبو ته اها هڪ ذيادتي ٿيندي ڇاڪاڻ ته سندس دور ۾ اهليت جي بنياد تي سرڪاري ادارن ۾ بنا ڪنهن سفارش جي بي پهچ نوجوانن کي روزگار مليو شايد ئي ڪنهن ٻئي وڏي وزير جي دور ۾ مليو هجي.زراعت جي لحاظ کان به صوبي ڪافي ترقي ماڻي جنهن ۾ نين زرعي جنسن جا ٻج متعارف ٿيا، روڊ رستن جو نه صرف ڄار وڇايو ويو پر وڏي انگ ۾ صحت مرڪز قائم ٿيا ۽ پوئتي پيل علائقن جي ماڻهن کي تعليم، پيئڻ جي پاڻي ۽ صحت واريون سهولتون ميسر ٿيون. بوبڪ لڳ سيوهڻ ايئرپورٽ جو قيام، ڄامشورو سيوهڻ روڊ جي اڏاوت، گورک هل اسٽيشن لاءِ رٿا جو اعلان ڪرڻ، بڊي جبل تي پوليس جو ٽريننگ سينٽر قائم ڪرڻ، سيوهڻ جهانگارا نئنگ روڊ جي اڏاوت، منڇر جي بي گهر ٿيل مهاڻن ۽ آبادگارن کي معاوضو ڏيارڻ  به سندس دور حڪومت جو ڪارنامو آهي.

طارق اشرف

طارق اشرف
رسالي سهڻي جو ميهار
رضوان گل
سن ۱۹۴۰ ۾ حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ طارق اشرف جهڙي ريت ڪهاڻي سان پنهنجو ناتو نڀايو، ساڳي طرح پبلشنگ وارو ڪم به منفرد انداز ۾ ڪيو. سندس انداز مان متاثر ٿيندي بعد ۾ ٻين ماڻهن پڻ جهڙيس ڪوششون ڪيون. جڏهن سنڌي ادب ذريعي مختلف مزاحمتي لاڙا اڀريا ۽ خاص طور ون يونٽ واري زماني ۾ اديبن کي جيلن ۾ وڌو ويو، ته طارق اشرف عملي طور به ميدان ۾ لٿو. هن دل کولي لکيو ۽ وقت جي حڪمرانن سان به سڌي سنئين ريت مخاطب ٿيڻ کان نه ڪيٻايو. سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي ڳالهه ڪندي هن ڪنهن به پلئـٽفارم تي مصلحت کان ڪم نه ورتو.

05 April, 2016

حسين بخش خادم

حسين بخش خادم

سنڌي سنگيت جو ”خادم“

محمد عثمان ميمڻ



جيتوڻيڪ فنڪار کي هاڻي پنهنجو آواز جھر جھنگ پهچائڻ لاءِ ايتري محنت نه ٿي ڪرڻي پوي، مختلف چئنلس ۽ ميموري ڪارڊ اچڻ بعد فنڪار لاءِ پنهنجو آواز ٻين تائين پهچائڻ تمام سولو ٿي پيو آهي، نه ته ماضيءَ ۾ فنڪار ويچارا پنهنجون عمريون وڃائي ڇڏيندا هئا، تڏهن ئي وڃي ڪا شهرت کين پلئه پوندي هئي. ماضيءَ ۾ ايتريون سهولتون ته ڪانه هيون، جيتريون هن دؤر ۾ نڪري پيون آهن، پر تنهن هوندي به ڪيترن ئي اهڙن فنڪارن پنهنجي محنت سان ايترو ته نالو ڪمايو، جو اڄ به سندن ساڳي ئي اهميت ۽ افاديت آهي. اهڙن فنڪارن ۾ حسين بخش خادم جو نالو سر فهرست آهي. هيءُ پنهنجي دؤر جو مشهور ڪافي گو شاعر ۽ لوڪ راڳي ٿي گذريو آهي. حسين بخش خادم ولد پير بخش ڀنگر ۱۵ جنوري ۱۹۳۰ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾ پيدا ٿيو.

مٺو ڪلهوڙو - محمد عثمان ميمڻ

مٺو ڪلهوڙو
سُر جو چمڪندڙ ستارو
محمد عثمان ميمڻ
مٺو ڪلهوڙي لاءِ رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ پنهنجي آتم ڪٿا ’ڪيئي ڪتاب‘ جلد پهرئين ۾ لکيو آهي ته: ”ناچو ڳائڻ وارا، جيڪي ميڙن ۾ وڃي ڳائيندا ۽ نچندا هئا، سي مختصر هئا، تن جا ميلن ۾ نهايت مشهور ۽ چمڪندڙ جوڙ هوندا هئا، جيڪي ناچڻين کان به ڪثر ۽ گوءِ کڻي ويندا هئا..... جيوڻي ٻائي ۽ ماسٽر چندر جو مقابلو فقط گرامون فون رڪارڊنگس تائين محدود هوندو هو، باقي ميڙن ۽ ميلن ۾ چندر جو مقابلو صرف مٺو ڪلهوڙي سان هوندو هو. مٺو ڪلهوڙو موقعه شناس، رمز آشنا، آواز باز ۽ نهايت ڀاڳاون هوندو هو، مٺو ڪلهوڙي جا به ڪيئي رڪارڊ گرامون رڪارڊ ڀريا ويا، جن ڪافي شهرت حاصل ڪئي. جن ۾ سندس اواز ۾ ڀريل رڪارڊ ’طوطل تِوِ وِوِ، تِوِ وِوِ‘ ڪافي شهرت حاصل ڪئي ۽ هزارن جي تعداد ۾ هليو ۽ وڪرو ٿيو.“

محمد خان جوڻيجو ارشاد احمد بوزار

محمد خان جوڻيجو
ارشاد احمد بوزار
JunejoPM.jpg18 مارچ 1993ع تي اڳوڻو وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ جو صدر محمد خان جوڻيجو وفات ڪري ويو هو. مرحوم پاڪستان جي سياست ۾ اهم مقام رکندو هو. دوست توڙي دشمن سندس ايمانداري، شرافت ۽ سادگي جا قائل هئا. هر ڪو کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. محمد خان جوڻيجو هڪ غير متنازع ۽ قابل احترام شخصيت جو مالڪ هو.
محمد خان جوڻيجو 18 آگسٽ 1932ع تي ضلعي سانگهڙ جي ننڍڙي شهر سنڌڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو دين محمد خان هو، جنهن کي خانصاحب دين محمد خان چيو ويندو هو. خان صاحب جي وفات وقت محمد خان اڃا صغير هو، کيس والده نهايت لاڏ ڪوڏ سان پاليو. ميرپورخاص مان ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ محمد خان کي ڪراچي موڪليو ويو، جتي هن سينٽ پيٽرڪ اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي. مرحوم جو خانداني پيشو زمينداري هو، جنهن جي ترقي لاءِ هو لنڊن پڙهڻ ويو، جتي هن زراعت ۾ وڏي ڊگري حاصل ڪئي. محمد خان جوڻيجي ٻاويهه سالن جي ڄمار ۾ سياسي ميدان ۾ پير پاتو. پهرين سانگهڙ ڊسٽرڪٽ بورڊ جو ميمبر چونڊيو ويو بعد ۾ کيس چيئرمين چونڊيو ويو. 1962ع ۾ مرحوم اولهه پاڪستان جي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو. صدر فيلڊ مارشل ايوب خان جي دور ۾ ريلوي جو وزير رهيو. مرحوم تمام ٿورو وقت پيپلز پارٽي ۾ به رهيو پر جلد ئي پارٽي کي الوداع ڪيائين.

04 April, 2016

مايا رام راٺي - رشيد سومرو

مايا رام راٺي
عبرت جي گلدستي مان ڇڻي ويل گل
رشيد سومرو
روزاني عبرت کي پنهنجي حياتي جا سٺ سال ارپيندڙ روزاني عبرت جو ايڊورٽائيزمينٽ مئنيجر مايا رام راٺي هاڻي اسان ۾ نه رهيو آهي، پر هن جو ڪردار، عملي خدمت ۽ پنهنجي اداري جي ڪيل خدمت تاريخ جي ورقن ۾ هميشه زنده رهندي. مايا رام راٺي بظاهر مزاج جو ڪڙڪ پر هو اندر جو وڏو شفيق ۽ عظيم انسان هو. هن جي پوري زندگي جو محور هن جو گهر ۽ هن جي آفيس هو. هو صبح جو سوير پنهنجي آفيس ۾ اچي سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ ۾ گذاري رات جو دير سان واپس پنهنجي گهر هليو ويندو هو. هن عظيم انسان جي پنهنجي پيشي سان وفاداري جي انتها ۽ اخلاص جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اٺ سال اڳ هن کي دل جو دورو پيو ۽ فالج جو حملو ٿيو. ان جي باوجود هو هر روز پنهنجي آفيس ۾ اچي حسب معمول هڪ هٿ سان پنهنجو آفيس جو ڪم ڪندو هو ۽ جڏهن 14 آگسٽ يا شهيد ڀٽو جي ورسي جي موقعن تي ورتل اشتهار هن وٽ آفيس آندا ويندا هئا ته بيماري ۽ معذوري جي باوجود هو خود انهن کي وصول ڪندو هو.

ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري - مختيار ملاح

ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري
مختيار ملاح
تاريخ پاڪستان ۾ سنڌ جو تمام وڏو حصوآهي، بلڪ ڪيتريون ئي تحريڪون سنڌ مان شروع ٿيون، جن سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پوري هندستان ۾ انهن تحريڪن کي واڌيو ۽ فعال بنايو. انهن جي ڊگهي فهرست آهي. مسلم ليگ جي ٺهڻ کان وٺي پاڪستان جي گهر ۽ اسيمبلي تائين ۽  پاڪستان جي ٺهراءَ تائين سنڌ جو ڪردار تمام ڀرپور رهيو. خلافت تحريڪ ۽ ريشمي رومال تحريڪن ۾ به سنڌ جي اڳواڻن جو اهم ڪردار رهيو هو. انهن تحريڪن جي تاريخ تي ڪيترن ئي ليکڪن پنهنجا ڪتاب لکيا آهن، مگر جنهن دل لڳيءَ ۽ جستجو سان ڊاڪٽر ابو سلمان لکيو آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي.