ايم ڪمل
سندس ناٽڪ نويسي
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي
ايم ڪمل سنڌي شاعر جي حيثيت ۾ ته
هڪ اونچو مقام جوڙي سگهيو آهي، پر ننڍي ناٽڪ جڳت ۾ به هن جو مقام محفوظ آهي، ايم ڪمل
جي ايڪانڪين جو ڪئنواس سندس شاعريءَ جيان ٿي وڏو ۽ گهرو آهي، هن جي سوچ ۽ نگاهه، زندگيءَ جي چوطرف وري ٿي، ان ڪري هن جي ايڪانڪي ناٽڪن ۾ سماجي، سياسي، ڌرمي ۽ ڪيتري حد تائين
فيلسوفي ۽ منوو گيان جا نڪتا به صاف ظاهر ٿين ٿا، جيڪي ناٽڪي فن سان خوب نباهيا ويا
آهن، هن جي ايڪانڪين ۾ پيش ڪيل ڪردار، اسان
جي روز مرهه جي زندگيءَ جا جيئرا جاڳندا آهن، جن کي ليکڪ ويجهڙائيءَ تان گهري نگاهه
سان پرکيو آهي ۽ سندن نقاب پوشيءَ کي فاش ڪيو آهي، ڪڏهن ته اسان کي ائين لڳندو آهي
ڄڻ اهي سڀ اسان جا ڏٺل وائٺل آهن ۽ اسين انهن
کان بخوبي واقف آهيون، پر ناٽڪ نويس پنهنجي هنر منديءَ سان ائين کين اڀاري، اسان جي
آڏو پيش ڪيو آهي، ڄڻ اسان کين پوريءَ ريت سڃاڻي نه سگهيا آهيون، ساڳئي وقت ليکڪ، ڪوڙين
حقيقن، سماج ۽ ڪٽنب جي وهنوار کي جي اسان جي تهذيبي زندگيءَ سان جڙيل آهن، انهن کي ناٽڪي پلاٽ ذريعي
پيش ڪيو آهي. ايم ڪمل جديد ايڪانڪين ۾ فني ۽ فڪري سطح تي ڪافي تجربا ڪيا آهن، هن جي
جديد تجرباتي ناٽڪن جي سڌي سولي زبان، ذهن
کي ڌونڌاڙي، سوچڻ تي مجبور ڪندي پنهنجي اندر ۾ ليئو پائڻ تي آماده ٿي ڪري، هن جي لاءِ
مذاق براءِ مذاق ڪانهي، ان ۾ هيٺ سوچ جي لهر به موجود رهي ٿي.
