; سنڌي شخصيتون: June 2012

30 June, 2012

ڊاڪٽر پروفيسر محمد اسماعيل ميمڻ - ناصر بلوچ

ڊاڪٽر پروفيسر محمد اسماعيل ميمڻ
ناصر بلوچ
هي دنيا درسگاهه آهي، جنهن ۾ جدوجهد کي اهم مقام حاصل آهي ۽ اهي ئي ڪاميابي ٿا ماڻين جيڪي اڻ-وِرچ ٿي محنت ڪن ٿا ۽ همٿ نه ٿا هارين. ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ پڻ ضلعي بدين جي اهڙي شخصيت آهي. پرائمري ٽيچر کان ابتدا ڪندڙ هيءُ شخص، اڄڪلهه پي ايڇ ڊي ڪري چڪو آهي ۽ هائر سيڪنڊري اسڪول ٽنڊو باگو جو پرنسپل آهي.

24 June, 2012

پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

منظور سولنگي



پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ جي ولادت، تاريخ ۲۷ رمضان المبارڪ ۱۳۶۸هه مطابق پھرين سيپٽمبر ۱۹۳۹ع تي لاڙڪاڻي جي ميمڻ محلي ۾ ٿي. سندس والد بزرگوار جو نالو حاجي رحيم بخش ولد ملان مينھون ميمڻ آهي. سندس وڏا اصل شڪارپور جي ڀرسان ”ماڙي“ ڳوٺ جا ويٺل هئا ۽ ميرن جي صاحبيءَ ۾ روزگار جي تلاش ۾ لڏي لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيا. سندس وڏو ڏاڏو لونگ خان هو؛ جنھن ڪري پاڻ کي ”لونگاڻي“ سڏائين ٿا. ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جي طبيعت ننڍپڻ کان وٺي ٻاجهاري ۽ ٻھڪندڙ رهي آهي. شروعاتي تعليم پريڪٽسنگ اسڪول لاهوريءَ مان ورتائين ۽ سال ۱۹۴۹ع ۾ چار درجا سنڌي پاس ڪري ”گورنمينٽ هاءِ اسڪول (موجوده پائلٽ اسڪول) لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو. ان وقت جي قابل استادن جي نظر فيض اثر هيٺ سندس چڱي طرح تربيت ٿي، جنھنڪري ۱۹۵۴ع ۾ انٽرميڊيٽ ڊرائنگ امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪري ورتائين سال ۱۹۵۶ع ۾ ورنيڪيولر فائينل امتحان نمايان طور تي پاس ڪيائين. محنتي طبيعت سببان بالآخر ۱۹۵۹ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري ڪاليج ۾ داخل ٿيو .

قاضي شفيق مهيسر - نياز ڀٽي


قاضي شفيق مهيسر
ارڏو سياستدان
نياز ڀٽي
سنڌ ڌرتي، گذريل صدي کانءَ بهادرن، ارڏن ۽ بيباڪ مهان شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. ملڪ خصوصًا سنڌ ۾، ويٽنام جي نالي سان مشهور، دادو ضلعي جي مٽي به اهڙن مهان ڪردارن کي جنم ڏنو آهي. انهن ڪردارن مان قاضي شفيق مهيسر به هڪ هو. پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر، اڳوڻي ايم پي اي قاضي شفيق مهيسر ۱۹ جولاءِ ۱۹۴۷ع تي، ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ قاضي عارف ۾ مشهور زميندار قاضي عبدالحميد مهيسر جي گهر ۾ جنم ورتو.

قاضي شفيق مهيسر ابتدائي پرائمري تعليم، پنهنجي اباڻي ڳوٺ قاضي عارف مان حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ هاءِ اسڪول، انٽر حيدرآباد، بي اي، ايم اي سنڌ يونيورسٽي ۽ وڪالت لا ڪاليج مان ڪئي.
قاضي شفيق مهيسر، سياست جي شروعات سينيئر قومپرست پارليامينٽري اڳواڻ مرحوم عبدالحميد خان جتوئي سان گڏ، سندس سرپرستي ۾ ڪئي ۽ پي اين پي بزنجو گروپ جي پليٽ فارم تان باضابطا سياست جي شروعات ڪئي ۽ اهم سرگرم رهيو.

23 June, 2012

سيد حاجي علي اڪبر شاهه - ذوالفقار علي هيسباڻي


سيد حاجي علي اڪبر شاهه
نڪي کڻن پاڻ سين
ذوالفقار علي هيسباڻي/حيدرآباد
سنڌ ڌرتي کي اهو شرف حاصل آهي ته ان جي مٽيءَ مان ڪيئي سخي مرد قلندر، مهمان نواز، اوطاقي عشاق ۽ ڄڃن کي بيهاري مانيون کارائيندڙ مجاهد پيدا ٿيا آهن. انهن مان سيد حاجي علي اڪبر شاهه به هڪ آهي. هيءُ سخاوت جو سمنڊ، سنڌ جي مردم خيز شهر ميهڙ ۾ سيد احمد شاهه رضوي جي حويلي ۾ فيبروري 1901ع ۾ پيدا ٿيو.

22 June, 2012

حاجي صالح ميمڻ - محمد رمضان ميمڻ


حاجي صالح ميمڻ
مانجهند جو سماج سڌارڪ
محمد رمضان ميمڻ
دنيا ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ديس، شهر، ڳوٺ، واهڻ وسنديءَ جي خدمت لاءِ هميشه ڪوشان هوندا آهن. انهن مان مانجهند جو حاجي صالح ميمڻ به هڪ آهي.
حاجي صالح ميمڻ جي دل ۾ رڳو عوامي خدمت جو اونو هوندو آهي. جيڪو نوڪر شاهي، عوام جا مسئلا حل نه ڪندو آهي يا عوام کي اهميت نه ڏيندو آھي، اهو ڄڻ ته حاجي صالح ميمڻ جو جاني دشمن هوندو آهي.

19 June, 2012

پروفيسر ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ


پروفيسر ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ
سنڌ ڌرتيءَ ڪيترن ئي عظيم انسانن کي جنم ڏنو آهي، جن انسان ذات جي خدمت ۽ علم جي سربُلندي لاءِ هميشه جاکوڙ جاري رکي آهي. انهن عظيم انسانن مان پروفيسر ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ جو نالو به ڪنهن کان ڳجهو ناهي.

علي محمد ڀٽو - نور محمد ڀٽو


علي محمد ڀٽو
نور محمد ڀٽو
علي محمد ڀٽو جنهن هڪ ئي وقت ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، سکر مان هفتيوار حمايت حق جاري ڪري ان وقت جي گورنر جنرل ملڪ غلام محمد جي خلاف پنهنجي اخبار ۾ ليڊ لڳائي ته؛ ملڪ غلام محمد ون يونٽ جو آرڊر تاج برطانيا جي نالي ۾ جاري ڪيو آهي، ان ڪري اهو آرڊر غير قانوني آهي، ان ڪري مٿس غداري جو ڪيس هلائي کيس ڦاسي جي سزا ڏني وڃي. علي محمد ڀٽو، ون يونٽ جي دور ۾، سنڌي اردو ٽيچر گرامر جو ڪتاب، سنڌي شارٽ هينڊ جو ڪتاب تحرير ڪيو، جيڪو ٻيهر نور سنڌي آواز نويسي جي نالي تحرير ڪيائين. هن محسوس ڪيو ته ٻوليءَ جو ايڪٽ پاس ٿيڻ کانپوءِ، سنڌي آواز نويسي سکڻ سان، اسان جي ٻولي بين الاقوامي سطح تي دنيا جي ڪامياب ٻولين جي صف ۾ اچي ويندي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اها صلاحيت آهي ته؛ دنيا جي هر زبان جي آواز ۽ لفظ کي سولائيءَ سان تحرير ڪري سگهجي ٿو.

16 June, 2012

فيض ٻگهيو - يار محمد شاهه


فيض ٻگهيو
پروڊيوسرن جو پروڊيوسر
يار محمد شاهه
هڪ عام چوڻي آهي؛ هر ڪامياب مرد جي پٺيان هڪ عورت جو هٿ هوندو آهي. اهڙيءَ طرح هر ڪامياب سنڌي پروڊيوسر جي ڪاميابيءَ پٺيان، مرحوم فيض ٻگهيو جو هٿ رهيو. چاهي اهو منظور قريشي هجي، هارون رند هجي، بيدل مسرور هجي، ذوالفقارنقوي هجي، محمد بخش سميجو هجي يا اقبال لطيف هجي. هر ڪامياب سنڌي پروڊيوسر جي ڪاميابيءَ ۾ مرحوم فيض ٻگهيو جي صلاحيتن جو هٿ ضرور هوندو هو.

15 June, 2012

غلام محمد جنجهي - نوراحمد جنجهي


غلام محمد جنجهي
ٿر جو نامور شاعر ۽ سماجيات جو ڄاڻو
نوراحمد جنجهي
الله تعالى، ٿرپارڪر جي مردم خيز ڌرتيءَ ۾ تمام گهڻي مڻيا رکي آهي. جنهن جي ڏيا ۽ ڏيک، دنيا ۾ پاڻ مڃرايو آهي. ٿر پارڪر ۾ قدرتي سونهن ۽ حسن جي جيڪا پالوٽ آهي، تنهن جي هاڪ هنڌين ماڳين مشهور آهي. واريءَ جي ساگر طور سڃاتو ويندڙ هيءُ خطو، ڳڻن ۽ ڳڻپ جوڳين ڳالهين سان ڀرپور آهي. ٿرپارڪر جون ڀٽون، ڏهر، برڪت ڀريون تليون، گوڇارون، پوڇانڊا، ٻُڪَڙون، ڳاٽ، ڳاٽڙيون، مگريا، مندر، پاساڙا، اوچاها، ٽونڪ، ڦنگهه، ناکون ۽ لنگهه ۽ ڪر کڻي صدين کان بيٺل ڪارونجهر، جتي فطرتي حسن جو هوڪو ڏين ٿا، اُتي انسان ذات جي اُتم ورثي حب الوطني، محنت، محبت، بهادري، وچن ۽ نباهه جي ميدان ۾ به ٿر، گهڻن کان گهڻو اڳتي رهندو آيو آهي ۽ پاڻ موکيندو آيو آهي.

12 June, 2012

اياز گل - دولت رام کتري


اياز گل
نئين ٽهيءَ جو محبوب شاعر
دولت رام کتري
شاعري، دل جي ڪيفيت جي اظهار جو، ٻيو نانءُ آهي. اُهي دل جون ڪيفيتون، جڏهن لفظن جو روپ وٺي، ڪنهن شاعر جي دل مان اُڀرن ٿيون ته اهو شاعر پنهنجي دل جي دردن جو داستان، شاعريءَ جي روپ ۾ لکي وٺي ٿو. شاعري، فائن آرٽس سان واسطو رکندڙ اُها صنف آهي، جنهن ۾ خيالن جي گهرائيءَ سان گڏوگڏ موسيقي پڻ شامل آهي. ارسطو، پنهنجي ڪتاب Poetics ۾ لکيو آهي ته؛ ”شاعريءَ جو رجحان بدلجندو رهي ٿو.“ منهنجي خيال ۾؛ ادب هڪ وهندڙ نديءَ مثل آهي، جنهن جي هر لهر ۾ سدا نئون آب تاب آهي. سنڌي ادب جي وهندڙ نديءَ ۾ ڪيترا ئي اڻ ڳڻيا نالا آهن، جن سنڌي ٻوليءَ جي اوسر لاءِ لاڀائتو ڪم ڪيو آهي. انهن نالن ۾ هڪڙو نالو سنڌ جي خوبصورت شاعر اياز گل جو پڻ آهي، جيڪو نئين ٽهي جو محبوب شاعر آهي. اياز جي شاعري، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ خاص اهميت جي حاصل آهي.
ورهاڱي کانپوءِ، سنڌي شاعريءَ ۾ جديديت جي جيڪا لهر آئي آهي/ هئي، اُن شاعريءَ جي اسلوب ۽ تخيل کي تمام گهڻو مٿي ڪيو آهي. شيخ اياز، ادل سومرو، اياز گل، امداد حسيني، اُستاد بخاري، ابراهيم منشي، وفا ناٿن شاهي، سنڌ جا اُهي سرموڙ شاعر آهن، جن سنڌي شاعريءَ جي اسلوب ۽ تخيل کي جدت ڏني آهي. سنڌي ادب ۾ جتي شيخ اياز سنڌي غزل ۽ ٻي شاعري کي ڌاري روايت مان ٻاهر ڪڍي، انهيءَ جون جڙون سنڌي شاعري سان ملايون ته اتي اياز گل جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرائي شاعريءَ کي نوان گس ڏنا. 1990ع کانپوءِ جڏهن مون لکڻ شروع ڪيو هو، تڏهن منهنجي لکڻ جو هڪڙو سبب، اياز گل جي شاعريءَ جو مطالعو هو. سندس شاعري، مون لاءِ اُتساهه جو سبب بڻي ۽ مون لکڻ جي طبع آزمائي ڪئي. اياز گل جو وڏو ڪمال اهو پڻ آهي جو هو پنهنجي شاعريءَ ۾ نت نوان خيال ۽ تصور ڏيندو رهيو آهي. انهيءَ ڪري نئينءَ ٽهيءَ جو نوجوان، هن جي شاعريءَ مان اُتساهه وٺي ٿو ۽ ڪجهه لکڻ لاءِ طبع آزمائي ڪري ٿو.

11 June, 2012

سوڀو گيانچنداڻي

سوڀو گيانچنداڻي
سنڌ جو هڪ سپوت
مختصر تعارف
نالو: سوڀو گيانچنداڻي
پيءُ جو نالو: ٽنورمل گيانچنداڻي
والده جو نالو: پدما
جنم جي تاريخ: 3 مئي 1920ع
جنم جو هنڌ: ڳوٺ ٻنڊي تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو.
زال: ليلان
اولاد: ٻه؛ ڪنعيا لال سرڳواسي ۽ خوبچند
ڀائر: ڪيولرام سرڳواسي
ڀينرون: ڪلياڻي، پريميشوري (سرڳواسي) وديا ۽ ساوتري

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙو

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙو

ڏات ڌڻي



سنڌ سموري هيرن جي کاڻ آھي. جنهن ۾ سدا بهار شخصيت ڏاهي، دانشور، اديب ۽ اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙو، ميهڙ ضلعي دادو ۾ هڪ علمي گهراڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ميهڙ، ٽنڊو محمد خان، ماتلي ۽ حيدرآباد مان حاصل ڪيائين، سال ۱۹۵۳ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ، پروفيسر ابڙو مرحوم ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ ”استاد“ جي حيثيت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو.

10 June, 2012

ڊاڪٽر تنوير عباسي - رضوان گل


ڊاڪٽر تنوير عباسي
جديد سنڌي شاعريءَ جو اهم حوالو
رضوان گل
سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته مختلف شعبن ۾ هن ڌرتيءَ ڪيئي ڏاها ۽ ڏات ڌڻي ڄڻيا آهن. هن ڀونءِ جو چپو چپو سونهن، سينگار، سرت ۽ ساڃاھ سان مالا مال آهي. ادبي شعبي جو جائزو وٺبو ته سنڌي ادب ۽ خصوصاً جديد سنڌي ادب جي اوسر ۾ جن شخصيتن نهايت اهم ۽ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي، انهن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي جو نالو نهايت ئي نمايان حيثيت جو حامل آهي.
سنڌي ادب کي دؤرن ۾ ورهائبو ته هوند ڪيئي دؤر جُڙي پوندا، پر فڪري حوالي سان بنيادي طور سنڌي ادب جا ٻه نمايان دؤر آهن. پهريون ڪلاسيڪي دؤر ۽ ٻيوجديد دؤر. ڪلاسيڪي دؤر ۾ اسان جي شاعرن ۽ بزرگن سنڌي ادب کي اهڙو بنياد فراهم ڪيو جنهن جي ٻَلَ تي جديد ادب جي بهتر ارتقا ۽ اوسر ٿي سگھي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڊاڪٽر تنوير عباسي جديد سنڌي ادب جي گھڻگھرن ليکڪن مان هڪ هيو.

ڊاڪٽر حاجي عبدالستار لاشاري - طارق بلوچ


ڊاڪٽر حاجي عبدالستار لاشاري
ڪو ڪو ماڻهو موتي داڻو
طارق بلوچ
سنڌ جي زرخيز ڌرتي پنهنجي ڪک مان وقت بوقت ڪيترا ئي اهڙا ڏاها علم دوست محنتي، سچا، هڏ ڏوکي ۽ املهه انسان پيدا ڪندي رهي آهي، جن پنهنجي ڪرت ۽ سرت سان ڌرتي ماءُ جي اهنجن ۽ ارمانن کي ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ اهڙا ته اڻمٽ نشان ڇڏيا آهن، جيڪي ٻين لاءِ مشعل راهه بڻجي کين سندن حقيقي منزل تائين پهچڻ ۾ مددگار ۽ معاون ثابت ٿين ٿا. اهڙن املهه انسانن ۾ حيدر آباد ڄائو ڊاڪٽر حاجي عبدالستار لاشاري (مرحوم) شامل آهي. 

اميران بيگم - مصطفيٰ ملاح


اميران بيگم
سنڌي سهرن جي ملڪہ
مصطفيٰ ملاح
سنڌ جي لوڪ موسيقيءَ ۾ پنهنجو منفرد مقام رکندڙ، ”سنڌي سهرن جي ملڪہ” تسليم ڪئي ويندڙ لوڪ فنڪارا اميران بيگم وڏو عرصو، ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا رهڻ بعد، اٺين جون ۲۰۱۲ع تي گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي جروار ويجهو، ڳوٺ صاحب خان لنڊ ۾ ۷۴ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي! اميران بيگم گذريل سال، سول اسپتال ۾ ڇهه مهينا علاج هيٺ رهي پر مرحومه کي بهتر علاج نه ٿيڻ جو ارمان ئي رهيو. سنڌ سرڪار به نالي ماتر مدد ڪئي هئي پر مرحومه پنهنجي علاج تي گهر جو الهه تلهه وڪڻي ڇڏيو هو، پوءِ به بيماري ختم نه ٿي! سندس پٽ ممتاز، جيڪو پڻ راڳ سان لاڳاپيل آهي، اسپتال ۾ ساڻس گڏ هوندو هو. اميران بيگم اسپتال ۾ اڪثر درد جون دانهون ڪندي هئي. ڪينسر کانئس آرام ڦري ورتو هو پر افسوس ته اسپتال ۾ ڪنهن به چونڊيل نمائندي توڙي سندس ساٿين پهچي عيادت ڪو نه ڪئي هئي. 

09 June, 2012

مير رسول بخش ٽالپر - طارق عزيز شيخ

مير رسول بخش ٽالپر
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي
طارق عزيز شيخ
سنڌ جي مرڪزي شهر حيدرآباد هميشه تاريخ ساز شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. هن شهر جي تاريخ جا ڪيترا ئي باب آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف دورن سان صدين کان واڳيل آهن. ٻه صديون اڳي 1789ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ ٽالپرن جو دور هو، تڏهن چار ٽالپر ڀائر مير فتح علي خان، مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان حڪمراني ڪندا هئا، هنن چئين ڀائرن جو پاڻ ۾ ايترو ته انُس ۽ پيار هوندو هو جو کين ”چؤياري“ جو لقب ڏنو ويو، مير محمود خان ٽالپر انهن مثالي ڀائرن جو چاچو هو، جيڪو پڻ حڪمرانن ۾ شمار ٿيندو هو، حيدرآباد جو قديم علائقو ٽنڊو مير محمود انهيءَ شخصيت جو آباد ڪيل آهي، مير خاندان جو صدين کان وٺي سياست  ۾ حصو رهيو آهي، صديون اڳي سنڌ جي بادشاهت کان وٺي پاڪستان جي جديد دور تائين، سندن خاندان سياستدان پيدا ڪندو پيو اچي.

06 June, 2012

مير حاجي محمد بخش ٽالپر - مير شير محمد ٽالپر


مير حاجي محمد بخش ٽالپر
ٿر جو سچو خدمتگار
مير شير محمد ٽالپر
سنڌ مردم خيز ڌرتي آهي، جنهن انيڪ عظيم انسان پيدا ڪيا آهن، جن زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پنهنجين خدمتن جا جوهر ڏيکاري، نيڪ نامي حاصل ڪئي آهي. اهڙن ئي املهه ماڻڪن ۾ مير حاجي محمد بخش ٽالپر به شامل آهي. مير حاجي محمد بخش ٽالپر جو جنم، 1924ع ۾ ٿيو. هن نصابي تعليم، مڊل تائين حاصل ڪئي. مزيد تعليم جاري نه رکي سگهيو ۽ پنهنجي اباڻي ڪرت زمينداري سنڀاليائين. هو پنهنجي دور جو هڪ سٺو شاعر به رهيو آهي، سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
قيد و قفس ۾ آهيان، پنهنجن کي پئي ساريان،
تن کي ڪيئن وساريان، جن تي جياپو آهي.

04 June, 2012

ايم ڪمل ليکڪ - معصوم سنڌي


ايم ڪمل
ليکڪ ، شاعر ۽ هدايتڪار
معصوم سنڌي
سنڌي ٻوليءَ جي هن نامياري شاعر جو اصل نالو مولچند منگهارام بندراڻي هو، جيڪو تاريخ 8 آگسٽ 1925ع تي ڪنڊياري تعلقي ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. انٽر سائنس تائين پڙهيل هو. ورهاڱي جي واءَ هن اتم انسان کي پنهنجي ديس کان پري ڌڪي ڇڏيو سندس سڃاڻپ ليکڪ، شاعر ۽ هدايتڪار جي حيثيت سان رهندي. ايم ڪمل جديد غزل جو وڏو شاعر هو. سندس شاعريءَ جا 15 ۽ ناٽڪن جا 7 ڪتاب ڇپيل آهن، جن مان ڪي اهم هي آهن: ’ننڊ ۽ جاڳ‘ (شاعري: 1965ع)، ’جهريل جيءُ‘ (شاعري: 1971ع)، ’ڳرندڙ برف جا نقش‘ (شاعري: 1975ع)، ’ميونسپل ڪائونسلر‘ (ناٽڪ: 1979ع)، ’روشن راهون ڌنڌلا ماڳ‘ (شاعري: 1981ع)، ’پنجاهه غزل‘ (شاعري: 1983ع)، ’ماچيس ڪٿي آهي؟‘ (ناٽڪ: 1985ع)، ’باهه جا وارث جا وارث‘ (شاعري: 1986ع)، ’ميرانجهڙو ٿڪ‘ (شاعري: 1988ع)، ’سوچ جا پاڇا‘ (شاعري: 1989ع)، ’اڃايل لهر‘ (شاعري: 1989ع)، ’ڪوسي رک‘ (شاعري: 1990ع)، ’خوشخبري‘ (ناٽڪ: 1990ع)، ’فريم ۾ مڙهيل شخص‘ (ناٽڪ 1991ع)، ’ميونسپل ڪائونسلر‘ (ايڪانيڪي ناٽڪن جا مجموعا)، ’سهميل شام‘ (شاعري: 1992ع، ’سوجهرو شام جو‘ (شاعري: 1992ع)، ’ٻنهي پاسي باهيون‘ (شاعري: 1994ع)، ’من مڙي ئي نٿو‘ (شاعري: 1995ع)، ’آخري اڏام‘ (شاعري: 1997ع)، ’لڪل اوجاڳا‘ (شاعري: 1998ع) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. هدايتڪار طور ڪجهه ايڪانڪي ناٽڪن ۾ به ڪم ڪيل اٿس. سندس ڪتاب ’باهه جا وارث‘ تي سال 1989ع لاءِ مرڪزي ساهتيه اڪادمي طرفان انعام مليل آهي. هو 3 فيبروري 2010ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.


ڪنڊيارو ضلع نوشهروفيروز جو.
ايم ڪمل 'مولچند منگهارام بندراڻي-
ايم ڪمل جو اصل نالو 'مولچند منگهارام بندراڻي آھي. سندس جنم ڪنڊياري ۾ 8 آگسٽ 1925ع ڌاري ٿيو. هن پنهنجي سموري تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. 1940ع ڌاري ماڊل هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان ميٽرڪ ۽ انٽر سائنس ڊي جي ڪاليج مان ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ پاڻ الهاس نگر ممبئي وڃي رهيو. ريلوي ۾ ڀرتي ٿيڻ کان پوءِ ان سان توڙ نڀايائين، 1983ع ۾ اتان رٽائر ڪيائين.
ايم ڪمل جي ادبي شروعات هڪ شاعر جي حيثيت سان ٿئي ٿي، پر اها شاعري اردو ٻوليءَ ۾ هئي. اهڙِيءَ طرح هن جي ڄاڻ سڃاڻ سڳن آهوجا ۽ موهن ڪلپنا سان ٿي. انهن جي زور ڀرڻ تي ايم ڪمل سنڌي شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن سنڌي ساهت کي لڳ ڀڳ ويهه کن ڪتاب ڏنا، شاعريءَ کان علاوه ناٽڪ نويسي ۾ پڻ موچارو نانءُ ڪمايائين. هن جي ڪجهه ڇپيل ڪتابن جا نالا ننڊ ۽ جاڳ (1965ع)، ڳرندڙ برف جا نقش (1975ع)، روشن راهون (1981ع)، باهه جا وارث (1986ع) سوچ جا پاڇا (1989ع)، اڃايل لهر (1989ع)، سوجهرو شام جو (1992ع)، ٻنهي پاسي باهيون (1994ع)، من مڙي نٿو (1995ع)، آخري اُڏام (1997ع) آهن.
ايم ڪمل جيتوڻيڪ ناٽڪ نويسي به ڪئي پر تنهن هوندي به هن جي مڃتا ۽ حيثيت هڪ شاعر جي حيثيت سان آهي. هن نظم ۽ غزل تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو آهي. هن اٽڪل 650 غزل لکيا آهن. پاڻ ڪيترائي ادبي انعام ۽ مڃتا ايوارڊ ماڻيائين. ايم ڪمل جا ناٽڪ نويس طور جيڪي ڪتاب شايع ٿيا انهن ۾ ميونسپل ڪائونسلر (1979ع)، ناٽڪ (1980ع)، ماچيس ڪٿي آهي (1985ع)، کوٽو سڪو (1987ع)، خوشخبري (1990ع) ۽ فريم ۾ مڙهيل شخص (1991ع) شامل آهن. سندس ناٽڪ ”ميونسپل ڪائونسلر“ کي 1976ع ۾ بهترين ناٽڪ طور ”انٽربئنڪ ناٽڪ چٽاڀيٽي“ پاران ٽرافي ملي چڪي آهي.
ايم ڪمل ڪيترن ئي فنڪارن جي رهنمائي ڪري چڪو آهي. ان لاءِ هن ”مهراڻ رنگ منچ“ جي نالي هڪ ڊراما گروپ قائم ڪيو. کيس ڪيترن ئي انعامن سان گڏ مرڪزي سرڪار ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ، مرڪزي هندي ڊائريڪٽوريٽ پاران ٻه انعام ۽ 1990ع ۾ مها راشٽر سرڪار کان هڪ لک روپين جو ”گرو پرسڪار“ پڻ حاصل ڪري چڪو آهي. جهڙي طرح نوڪريءَ جي سلسلي ۾ هو مستقل مزاج رهيو آھي. سندس رھائش اڄ بھ الهاس نگر ۾ ئي آھي.

حوالا رسالو، ”سوجهرو“ ڪراچي.

انيتا شاھ لڪياري

انيتا شاھ

معصوم سنڌي



انيتا شاھ لڪياري، نوجوان اسڪالر، ليکڪا ۽ ڪالم نگار آهي. هوءَ ۱۵ نومبر ۱۹۷۴ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي. سندس وڏا اصل خدا آباد ضلعي دادوءَ جا آهن. سندس تعليم ايم. بي. اي (مارڪيٽنگ: ۱۹۹۸ع) ۽ ايم. اي (سوشيالاجي: ۲۰۰۲ع) آهي. ان کان سواءِ انسٽيٽيوٽ آف وومين اسٽڊيز لاهور مان پوسٽ گريجوئيٽ سرٽيفڪيٽ (۲۰۰۰ع) ۽ يونيورسٽي آف ميري لئنڊ ڪاليج پارڪ، آمريڪا مان هيوبرٽ همفيري فيلوشپ (۰۷-۲۰۰۶ع ) دوران عورت ۽ سياست، عورت ۽ ميڊيا، فلم ميڪنگ، ويب سائيٽ ڊولپمينٽ ۽ پراڊڪشن، ڪهاڻي ۽ تخليقي لکڻين جي موضوعن تي مختلف ڪورس ڪيل اٿس. سينٽر آف جينڊر اسٽڊيز اسٽريٿ ڪلائيڊ يونيورسٽي گلاسڪو (انگلينڊ) آڪٽوبر ۲۰۰۵ع کان جنوري ۲۰۰۶ع تائين مختلف موضوعن تي ڪرايل سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ ريسرچ اسڪالر طور شرڪت ڪيائين. ان کان سواءِ غيرت جي نالي تي سنڌ ۾ ٿيندڙ عورتن جي قتل عام بابت مونوگراف به لکيل اٿس سنڌ جي ڏاهي عورت آهي.

هارون رند - سيد يار محمد شاهه


هارون رند
سنڌي اداڪارن کي عالمي مڃتا ڏياريندڙ
سيد يار محمد شاهه
ڪراچي ٽيليويزن جي سنڌي اردو ڊرامه سيريل يا سولو ڊرامي جي تاريخ اٿلائي پٿلائي ڏسبي ته هڪڙو ئي نالو اسانجي سامهون بار بار ايندو، اهو آهي مرحوم هارون رند صاحب جو. جنهن جي صلاحيتن سان سنڌي ڊرامه، اردو ڊرامه، سنڌي فنڪار، رائيٽر ۽ سنڌ جي ريتن رسمن کي بين الاقوامي سطح تي سڃاڻپ ملي .