; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر حاجي عبدالستار لاشاري - طارق بلوچ

10 June, 2012

ڊاڪٽر حاجي عبدالستار لاشاري - طارق بلوچ


ڊاڪٽر حاجي عبدالستار لاشاري
ڪو ڪو ماڻهو موتي داڻو
طارق بلوچ
سنڌ جي زرخيز ڌرتي پنهنجي ڪک مان وقت بوقت ڪيترا ئي اهڙا ڏاها علم دوست محنتي، سچا، هڏ ڏوکي ۽ املهه انسان پيدا ڪندي رهي آهي، جن پنهنجي ڪرت ۽ سرت سان ڌرتي ماءُ جي اهنجن ۽ ارمانن کي ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ اهڙا ته اڻمٽ نشان ڇڏيا آهن، جيڪي ٻين لاءِ مشعل راهه بڻجي کين سندن حقيقي منزل تائين پهچڻ ۾ مددگار ۽ معاون ثابت ٿين ٿا. اهڙن املهه انسانن ۾ حيدر آباد ڄائو ڊاڪٽر حاجي عبدالستار لاشاري (مرحوم) شامل آهي. 

هو ۱۹۲۰ع ۾ حيدرآباد اندر، وينجهرن جي پاڙي ۾ رهندڙ پنهنجي والدين جي گهر پڪي قلعي ويجهو پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي ۽ ۱۹۳۸ع ۾ دهلي (ڀارت) ۾ طب جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. جتي سندس تربيت ۽ سرپرستي نامور حڪيم اجمل ڪئي. ان بعد هن امرتسر (ڀارت) ۾ ئي طب جي سکيا ورتي. سال ۱۹۴۰ع ڌاري واپس وطن اچي وقت جي نامياري حڪيم ۽ ڏاهي عالم فتح محمد سيوهاڻي (مشهور صحافي ۽ اديب محترم قاضي عبدالمجيد عابد جو چاچو ۽ سهرو) جي نگرانيءَ ۾ اٽڪل ٻن سالن تائين ڪراچي ۾ دواسازيءَ جي تربيت حاصل ڪئي. انهيءَ عرصي دوران معروف مسلم ليگي اڳواڻ قاضي محمد اڪبر ۽ مشهور حڪيم احسن عباسي (جيڪو پاڪستان ٺهڻ بعد ڪراچيءَ جو پهريون ميئر ٿيو) ۽ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جو سنڌ اچڻ تي وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو، انهن سان گڏوگڏ رهيو.
سال ۱۹۴۲ع کانپوءِ حاجي عبدالستار لاشاري تعلقي حيدرآباد ۾ پنهنجي ڳوٺ ٽنڊو فضل ۾ سرڪاري ڊاڪٽر مقرر ٿيو. جتي مير مراد علي خان ٽالپر سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. ڇاڪاڻ ته مير صاحب ان ڳوٺ جو چڱو مڙس هو. هو ۱۹۴۷ع تائين، پنهنجي اها سرڪاري ذميواري نڀائيندو رهيو. پر پوءِ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد، هن انهيءَ سرڪاري ذميواري کي خير باد چئي، پنهنجي زمين ۽ ڪاروبار سنڀالڻ شروع ڪيو. ننڍي پيماني تي زمينداري ڪرڻ سان گڏوگڏ، روايتي شڪار ڪرڻ ۽ ڀلن گهوڙن، ناياب نسل جي ڪتن پالڻ جو پڻ کيس شوق جاگيو ۽ ساڳئي وقت هو هندستان کان هجرت ڪري پاڪستان پهچندڙ پنهنجي ڀائرن جي خدمت ۾ پڻ مصروف ٿي ويو ۽ کين حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تان وٺي فقير جو پڙ، ٺوڙا چاڙهي ۽ حيدرآباد شهر جي وارڊ ”E“ واري علائقي ۾ پهچائي، کين گهربل ضروري شيون پڻ فراهم ڪري گهرن ۾ ويهاريو.
اسڪندر مرزا جي دور ۾ جڏهن اليڪشن ڪرائڻ جون تياريون شروع ٿيون، پاڻ به آزاد اميدوار جي حيثيت سان صوبائي اسيمبلي جي چونڊ وڙهڻ لاءِ ميدان ۾ لٿو. پر بدقسمتي سان صدر جنرل ايوب خان مارشل لاءِ لڳائي، انهيءَ چونڊ کي ملتوي ڪري ڇڏيو. بعد ۾ جنرل ايوب خان، بيسڪ ڊيمو ڪريسي (بنيادي جمهوريت) وارو نظام متعارف ڪرايو. جنهن ۾ حيدرآباد جي صحافي ۽ اديب قاضي عبدالمجيد ”عابد“ جي مدد ۽ رهنمائيءَ هيٺ پهرين (B.D) ميمبر ۽ پوءِ فقير جي پڙ جي وارڊ ”E“ جو بي ڊي چيئرمين چونڊيو ويو ۽ پنهنجي تڪ ۾ هڪ همدرد، لائق سياسي سماجي اڳواڻ طور پنهنجي ساک قائم ڪيائين. پاڻ سياست جا داءَ ۽ پيچ، سياسي جوڙ توڙ ۽ سياست جي ٻين گرن بابت باقاعده تربيت معروف مقامي سياستدان ۽ صحافي قاضي عبدالمجيد عابد کان ورتائين.
پاڻ ننڍ پڻ کان وٺي حيدرآباد جي ٻن معروف سياسي ڀائرن ۽ اڳواڻن قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد جي تمام گهڻو ويجها رهيا. جنهن ڪري سندن شخصيت ۾ ساڳيا عوامي رنگ ۽ ڍنگ، صاف طور تي نظر اچڻ لڳا هئا. شايد اهو ئي سبب هو جو ان وقت هنن ٻنهي قاضي ڀائرن جي گڏيل ملڪيت ۾، حيدرآباد جي مرڪز ۾ واقع، مشهور هوٽل اورينٽ جي مئنيجر جي اهم ذميواري پڻ کيس سونپي وئي، جيڪا هن پنهنجي وسعت ۽ وت آهر، بهتر طريقي سان نڀائي.
مرحوم حاجي عبدالستار لاشاري، قاضي صاحبان جو هميشه ويجهو ۽ اعتماد وارو ساٿي رهيو. جنهن سان هو وقت بوقت ڪاروباري معاملن تي پڻ صلاح مشورا ڪندا هئا. بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهن کي جيڪڏهن قانوني معاملن ۾ توڙي ڪورٽن ۾ ضمانتن ڪرائڻ جي سلسلي ۾ پڻ هن پاران سندن هر طرح جي ممڪن مدد ڪئي ويندي هئي. قاضي برداران سان ڊاڪٽر عبدالستار مرحوم جو تعلق پنهنجي والد محترم حڪيم حاجي شاهه بخش لاشاري جي ڪري جڙيو. ڇاڪاڻ ته شاهه بخش لاشاري حڪيم فتح محمد سيوهاڻي (قاضي اسد عابد جو نانو) ۽ حڪيم قاضي عبدالقيوم (قاضي اسد عابد جو ڏاڏو) جو بااعتماد ساٿي هو ۽ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ، انگريزن خلاف شروع ڪيل مشهور ”ريشيمي رومال تحريڪ“ ۾ پڻ سرگرم عمل رهيو.
حاجي عبدالستار لاشاري بلوچ، عمر جي آخري گهڙيءَ تائين، سنڌ جي ملڪان ملڪ مشهور اخبار روزاني عبرت سان وابسته رهيو. ھو ۱۸ رجب بمطابق ۱۶ سيپٽمبر سال ۲۰۰۳ع ۾ هي فاني دنيا ڇڏي، پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو.


(روزاني عبرت تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا