; سنڌي شخصيتون: علي محمد ڀٽو - نور محمد ڀٽو

19 June, 2012

علي محمد ڀٽو - نور محمد ڀٽو


علي محمد ڀٽو
نور محمد ڀٽو
علي محمد ڀٽو جنهن هڪ ئي وقت ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، سکر مان هفتيوار حمايت حق جاري ڪري ان وقت جي گورنر جنرل ملڪ غلام محمد جي خلاف پنهنجي اخبار ۾ ليڊ لڳائي ته؛ ملڪ غلام محمد ون يونٽ جو آرڊر تاج برطانيا جي نالي ۾ جاري ڪيو آهي، ان ڪري اهو آرڊر غير قانوني آهي، ان ڪري مٿس غداري جو ڪيس هلائي کيس ڦاسي جي سزا ڏني وڃي. علي محمد ڀٽو، ون يونٽ جي دور ۾، سنڌي اردو ٽيچر گرامر جو ڪتاب، سنڌي شارٽ هينڊ جو ڪتاب تحرير ڪيو، جيڪو ٻيهر نور سنڌي آواز نويسي جي نالي تحرير ڪيائين. هن محسوس ڪيو ته ٻوليءَ جو ايڪٽ پاس ٿيڻ کانپوءِ، سنڌي آواز نويسي سکڻ سان، اسان جي ٻولي بين الاقوامي سطح تي دنيا جي ڪامياب ٻولين جي صف ۾ اچي ويندي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اها صلاحيت آهي ته؛ دنيا جي هر زبان جي آواز ۽ لفظ کي سولائيءَ سان تحرير ڪري سگهجي ٿو.


علي محمد ڀٽو رٽائرمينٽ کان پوءِ، خيرپور ميرس ۾ 1966ع ۾ قائداعظم ڪمرشل ڪاليج قائم ڪيو، جيڪو 1969ع ڌاري حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. خيرپور ميرس ۾ قائداعظم نائيٽ آرٽس ڪاليج ۽ مسلم ڪي جي اسڪول جو بنياد رکيائين. سال 1973ع ڌاري، سنڌ پوليس جي هيڊ ڪانسٽيبلن کي سنڌي شارٽ هينڊ جي سکيا ڏني، جن کي ترقي ڏئي سي آءِ ڊي انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو.
علي محمد ڀٽو کي 1974ع ڌاري، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران، تلفظ درست ڪرڻ جي پروننسيئيشن چيڪر ڪنٽريڪٽ تي مقرر ڪيو ويو، جتي شاعرن جي ڪلام جي ادائگيءَ بابت فنڪارن جو تلفظ درست ڪرڻ وارو ڪم ڪندو هو.
علي محمد ڀٽو هڪ سٺو پاميسٽ هو، جيڪو هٿ ڏسي ماڻهن  جي دل جو حال ٻڌائيندو هو. کيس مذهب، تاريخ ۽ قانون بابت ڄاڻ هوندي هئي.
علي محمد ڀٽو اڪثر شلوار قميص ۽ جناح ٽوپي استعمال ڪندا هئو.
علي محمد ڀٽو اڪثر چانهه جو شوقين هوندو هو. ريڊيو ۾ ڊيوٽيءَ دوران منظور نقوي، مظفر حسين ”جوش“، محمد خان تڪي، زيب عاقلي، الهه بخش شاهه بخاري ۽ سرهندي صاحب خدمتون سر انجام ڏيندا هئا.
علي محمد ڀٽو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، ايم اين راءِ جي سوچ کان متاثر هو ۽ جمهوري سوشلزم جو حامي هوندو هو. ان ڪري نوجوانن ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ کين روزگار ڏيارڻ ۾ مدد ڪندو هو. سندس شاگرد عثمان پنهور، عبدالغني بچاڻي، واحد بخش مهر ۽ ٻيا وڏن عهدن تي پهتا.
علي محمد ڀٽو هوميوپيٿڪ جو علاج پڻ ڪندو هو.
علي محمد خالدي وڪيل ۽ ڊاڪٽر عمار پٺاڻ ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ساڻس ڪچهري ڪرڻ حيدر منزل ڀرسان ايندا هئا.
علي محمد ڀٽو ۱۹۷۴ع ڌاري، سيد احد يوسف خلاف، حيدرآباد ۾ صوبائي اسيمبلي ۽ ۱۹۷۷ع ۾ لياقت جتوئي جي خلاف ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه جي قومي اسيمبلي جي تڪ تي چونڊ لاءِ فارم ڀرايو هو.
علي محمد ڀٽو کي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ عبدالله حسين هارون پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾، جي ايم ڪيهر ۽ سيد مظفر حسين جن ڪانٽريڪٽ تي رکيو.
علي محمد ڀٽو مير بنده علي خان، سر غلام حسين هدايت، خان بهادر محمد ايوب کهڙو، پير الاهي بخش ۽ يوسف هارون جڏهن سنڌ جا وڏا وزير هئا، انهن جو پرسنل اسسٽنٽ رهيو. سيڪريٽري مهاجر آباد ڪاري بورڊ پڻ ڪراچي ۾ رهيو.
ذوالفقار علي ڀٽو، ننڍپڻ ۾ پنهنجي والده سان گڏ سندس گذري ڪراچي واري رهائش تي ايندو هو.
پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي جي ٽوڙڻ خلاف، مولوي تميز الدين جي حق ۾ چيف ڪورٽ گواهه جي حيثيت ۾ ڪورٽ ۾ حاضر ٿيو.
بنيادي جمهوريت ۾ چونڊيل عيوضين کي، دادوءَ ۾ عوامي نمائندگي ڪرڻ بابت، عيوضيءَ جا فرض ادا ڪرڻ بابت عبدالحميد خان جتوئي، محمد صالح ٻٽ ۽ ملڪ سڪندر کي سکيا ڏني. هن ايوب خان کي صلاح ڏني هئي ته؛ رياست خيرپور، بهاولپور، قلات ۽ دير کي خود مختياري ڏني وڃي.
علي محمد ڀٽو کي ذوالفقار علي ڀٽو پ پ خيرپور جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون هيون. خيرپور ۾ کيس مجلس ختم نبوت ۽ خاڪسار تحريڪ جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو هو.
علي محمد ڀٽو ۳۱ مارچ ۱۹۸۷ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. جنرل بس اسٽاپ ڀرسان، گدي پٺاڻ قبرستان حيدرآباد ۾ دفن آهي.

(بشريه روزاني عبرت)

No comments:

راءِ ڏيندا