; سنڌي شخصيتون: مير رسول بخش ٽالپر - طارق عزيز شيخ

09 June, 2012

مير رسول بخش ٽالپر - طارق عزيز شيخ

مير رسول بخش ٽالپر
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي
طارق عزيز شيخ
سنڌ جي مرڪزي شهر حيدرآباد هميشه تاريخ ساز شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. هن شهر جي تاريخ جا ڪيترا ئي باب آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف دورن سان صدين کان واڳيل آهن. ٻه صديون اڳي 1789ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ ٽالپرن جو دور هو، تڏهن چار ٽالپر ڀائر مير فتح علي خان، مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان حڪمراني ڪندا هئا، هنن چئين ڀائرن جو پاڻ ۾ ايترو ته انُس ۽ پيار هوندو هو جو کين ”چؤياري“ جو لقب ڏنو ويو، مير محمود خان ٽالپر انهن مثالي ڀائرن جو چاچو هو، جيڪو پڻ حڪمرانن ۾ شمار ٿيندو هو، حيدرآباد جو قديم علائقو ٽنڊو مير محمود انهيءَ شخصيت جو آباد ڪيل آهي، مير خاندان جو صدين کان وٺي سياست  ۾ حصو رهيو آهي، صديون اڳي سنڌ جي بادشاهت کان وٺي پاڪستان جي جديد دور تائين، سندن خاندان سياستدان پيدا ڪندو پيو اچي.

حيدرآباد جي ٽالپرن ۾ مير رسول بخش خان ٽالپر جي پنهنجي دور ۾ تمام مقبول شخصت هئي، مير رسول بخش جو جنم 23 آڪٽوبر 1920ع ۾ حيدرآباد جي قديم علائقي ٽنڊو مير محمود ۾ ٿيو، جيڪو ميرن جو اباڻو پاڙو آهي. مير رسول بخش هوش سنڀالڻ بعد جامعه مليه دهلي ۽ پوءِ سنڌ مدرسته السلام مان تعليم حاصل ڪئي. مير صاحب فقير منش طبيعت جو مالڪ هو، ٿڌي مزاج وارو ۽ کلڻو ملڻو انسان هو، هن مٽيءَ سان محبت ڪندڙ انسان کي اميراڻي صحبت هئڻ باوجود به هٺ ۽ غرور نالي ڪا شئي ڪو نه هئي، عوامي ماڻهو هو، جتي مرضي ايندي هُئس، اتي ڪچهري ۾ بيهي رهندو هو ۽ پل کن ۾ ماڻهن جا هجوم مچ وانگر ميڙو ٺاهي ڇڏيندا هئا. فقير صفت انسان مير رسول بخش پورهيتن ۽ مزدورن جو دوست هوندو هو، عام ماڻهن جا مسئلا ۽ فيصلا ٿڏي تي ڪندو هو، ڪو پورهيت يا ٽانگي وارو چانهه جي صلاح هڻندو هو ته انهي جي دل رکڻ لاءِ هڪ جهڙن گلاسن ۾ چانهه پيئندو هو، عام غريب ماڻهو ڄڻ پاڻ کي وڏو وس وارو سمجهندو هو جو سندس واسطو مير رسول بخش ٽالپر سان بي تڪليف هوندو هو.
اهڙا عوامي اڳواڻ ورلي پيدا ٿيندا آهن، جيڪي غريب غربي جي دل ۾ جڳهه ڪري، مٿن راڄ ڪندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي تمام سٺي سنگت مير رسول بخش سان رهي، جڏهن پيپلز پارٽيءَ جو حيدرآباد ۾ بنياد پئجي رهيو هو تڏهن مير صاحب ڀٽي صاحب جي هر قدم تي مدد ڪئي، اهو ئي زمانو حيدرآباد جو پيپلز پارٽيءَ جي يادگار ڏينهن ۾ شمار ٿئي ٿو.
مير صاحب ادب، شعر ۽ شاعري ۽ فن جو دل گهريو دوست هوندو هو، ڪيترائي نامور شاعر، اديب، اداڪار ۽ گلوڪار مير صاحب جي بنگلي تي ساڻس ڪچهري ڪرڻ ايندا هئا، فيض احمد فيض ۽ حبيب جالب جهڙا عظيم شاعر وٽس ايندا رهندا هئا، محمد علي ۽ طارق عزيز جهڙا اداڪار ملاقات لاءِ حيدرآباد ايندا هئا، سنڌ جا شاعر، اديب ۽ صحافي ته عام طور ساڻس ڪچهريون ڪندا رهندا هئا، اهو فقط مير رسول بخش ٽالپر جي ملنسار طبيعت ۽ ٻئي کي عزت بخشڻ جو نتيجو هو. چوندا آهن ته ”جنهن وٽ جيڪو هوندو سو ٻئي کي ڏيندو“ جيڪڏهن عزتدار، مانائتو ماڻهو هوندو ته ٻئي کي عزت ۽ مان ڏيندو. سياسي طور تي کڻي ڪيترا به اختلاف ڪندڙ ماڻهو هوندا پر ذاتي طور مير صاحب کي وڏو احترام ۽ عزت جو مقام ڏيندا، بقول سائين جي ايم سيد: ”مير صاحب دوستن جو ڀَرُ ۽ دشمنن جو ڏَرُ هو.“
مير صاحب کي ”شير سنڌ“ پڻ سڏيو ويو، جڏهن شهيد ڀٽو جي ايوب خان سان سخت مخالفت هلي رهي هئي بلڪ ائين چئجي ته غلط نه ٿيندو ته ايوب سان دشمني پاڙي هئي تڏهن ڀٽو صاحب مير رسول بخش جي بنگلي تي رهيل هو، اهڙي اوکي ويل ۾ هن ساڻس دوستي نڀائي.
مير رسول بخش ٽالپر پنهنجي ڀاءُ مير علي احمد ٽالپر سان نهايت محبت ڪندو هو، سندس خلاف ڪا به ڳالهه ٻڌڻ پسند نه ڪندو هو، ايتري حد تائين جو جڏهن ڀٽي صاحب جي دور ۾ مير رسول بخش ٽالپر سنڌ جو گورنر بڻيو تڏهن پنهنجي ڀاءُ مير علي احمد خان جي خلاف ڳالهين ٻڌڻ بدران گورنريءَ جهڙي ڪرسيءَ کي ٿڏي ڇڏيائين. مير صاحب پنهنجا واسطا هر لحاظ سان پنهنجي نوعيت موجب رکيا، ڏاڍي سان ڏاڍو ۽ سادي سان سادو، هر وڏي کان وڏو سياسي ٽڪراءُ هجي يا حمايت ڪرڻي هجي، دليريءَ سان منهن ڏيندو هو، پاڻ سدائين بنگلي جو گيٽ کليو رکيائين، باغ ۾ عام ماڻهو ايندي پنهنجي عزت ڪرائيندو هو.
هيءُ فقير منش انسان جڏهن سنڌ جو سينئر وزير بڻيو تڏهن ڪراچي حيدرآباد واري سپر هاءِ وي تان گذرڻ دوران ٽول پلازه تي هڪڙي منڊي فقير کي خيرات ضرور ڏيندو هو. مير صاحب ساڻس خير آفيت به ڪندو هو ۽ سنگت واري رشتي ۾ هن سان همدردي ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪار مان لهي به پئسا ۽ کاڌي جون شيون ڏيندو هئس. جڏهن مير صاحب وفات ڪئي تڏهن اهو منڊڙو فقير پنهنجي بيرينگن واري تختي تي ٽول پلازه کان رڙهندو اچي سندس ٽنڊي مير محمود ۾ آخري ديدار ڪيو ۽ مير صاحب جي محبت جو احوال ڏنو.
مير رسول بخش پورهيتن ۽ مزدورن جو دوست هو، انهيءَ ڪري سندس وفات به پهرين مئي سال 1982ع تي ٿي، حيدرآباد جا پورهيت يوم مئي ملهائيندي مير صاحب کي ياد ضرور ڪندا هوندا، جڏهن سندس وارث ورسي ملهائيندا آهن. مير رسول بخش جي قبر، گنجي ٽڪر تي آهي. سنڌ جا ڪيترا ئي سياسي اڳواڻ اڄ به مير صاحب جي مزاج جا دلداده آهن. اهڙا يگانا انسان، هن ڌرتيءَ جو ورثو هوندا آهن، جن جو خال ڀرجڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا