انيتا شاھ
معصوم سنڌي
انيتا شاھ لڪياري، نوجوان اسڪالر، ليکڪا ۽ ڪالم نگار
آهي. هوءَ ۱۵ نومبر ۱۹۷۴ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي. سندس وڏا
اصل خدا آباد ضلعي دادوءَ جا آهن. سندس تعليم ايم. بي. اي (مارڪيٽنگ: ۱۹۹۸ع) ۽ ايم. اي (سوشيالاجي:
۲۰۰۲ع) آهي. ان کان سواءِ انسٽيٽيوٽ آف وومين اسٽڊيز لاهور
مان پوسٽ گريجوئيٽ سرٽيفڪيٽ (۲۰۰۰ع) ۽ يونيورسٽي آف ميري لئنڊ
ڪاليج پارڪ، آمريڪا مان هيوبرٽ همفيري فيلوشپ (۰۷-۲۰۰۶ع ) دوران عورت ۽
سياست، عورت ۽ ميڊيا، فلم ميڪنگ، ويب سائيٽ ڊولپمينٽ ۽ پراڊڪشن، ڪهاڻي ۽ تخليقي
لکڻين جي موضوعن تي مختلف ڪورس ڪيل اٿس. سينٽر آف جينڊر اسٽڊيز اسٽريٿ ڪلائيڊ
يونيورسٽي گلاسڪو (انگلينڊ) آڪٽوبر ۲۰۰۵ع کان جنوري ۲۰۰۶ع تائين مختلف
موضوعن تي ڪرايل سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ ريسرچ اسڪالر طور شرڪت ڪيائين. ان کان
سواءِ غيرت جي نالي تي سنڌ ۾ ٿيندڙ عورتن جي قتل عام بابت مونوگراف به لکيل اٿس
سنڌ جي ڏاهي عورت آهي.
هن لکڻ جي شروعات ۱۹۹۴ع کان ڪالمن ذريعي
ڪئي. سندس لکڻين جا موضوع خاص طور تي سنڌ جي ڳوٺاڻي عورت جي حوالي سان سماجي ۽
معاشي ترقيءَ بابت آهن. هن سنڌيءَ ۾ ۱۰۰ کن ڪالم لکيا آهن. انيتا شاھ ۱۹۹۷ع کان۱۹۹۹ع تائين بي. بي. سي
انگلش لئنگئيج سينٽر حيدرآباد ۾ لئنگئيج ٽيچر طور پڙهايو. ۱۹۹۸ع ۾ ايم. بي. اي ڪرڻ
کان پوءِ ساڳئي انسٽيٽيوٽ ۾ (آڪٽوبر ۱۹۹۹ع کان جنوري ۲۰۰۰ع تائين) ريسرچ
ايسوسيئيٽ ۽ انسٽرڪٽر رهي. ساڳئي سال انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن سائنس اينڊ آرٽس حيدرآباد
۾ به انسٽرڪٽر رهي. ان بعد مختلف پرڏيهي يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ سان
گڏ فيلوشپ حاصل ڪيائين. مارچ کان جون ۲۰۰۷ع تائين وائيس آف آمريڪا جي
پروگرام ”بيانڊ دي هيڊلائينز“ جي رپورٽر ۽پروڊيوسر به رهي. ڪمپيئر جي حيثيت ۾ هڪ
نجي سنڌي ٽي وي تان مختلف سياسي ۽ سماجي موضوعن تي ۵۰ کان وڌيڪ ٽاڪ شو
نشر ٿي چڪا آهن.
هوءَ عورتن جي حقن لاءِ عملي طرح پاڻ پتوڙيندي رهي آهي. سرڪاري
نوڪريءَ دوران ثقافت کاتي ۾ سيڪشن آفيسر رهي. مئي ۲۰۰۱ع کان ڪجهه عرصي
تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڊپٽي سيڪريٽري رهي. ۲۰۰۴ع ۾ CARE
نالي
سان هڪ غير سرڪاري سماجي تنظيم جو بنياد وڌائين، جنهن کي پوءِ ۲۰۰۶ع ۾ ٽرسٽ فار رورل
اپ لفٽ، ڪلچر اينڊ انوائرمينٽ (TRUCE) جي نالي سان رجسٽر ڪرايائين،
جنهن جي پاڻ باني ۽ چيف ايگزيڪيوٽوآهي. سندس تنظيم، يو. اين. ڊي. پي جي ننڍي گرانٽ
واري پروگرام سان گڏجي، مٽياريءَ ۾ هڪ پراجيڪٽ هلائي رهي آهي. ۲۰۰۱ع ۾ عورتن جي مسئلن
بابت ڀرپور نموني سان لکڻ تي کيس خيرالنساءَ جعفري ادبي اوارڊ ۽ خان محمد پنهور
اوارڊ ملي چڪا آهن. هن وقت سنڌ گورنمينٽ جي روينيو کاتي ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهي
آهي.
انيتا شاھ لڪياري
نھايت افسوس
ھاڻي اسان ۾ ناھي رھي. انا
لله وانا اليہ راجعون
انو سولنگي
انيتا شاھ جي زندگي جو مختصر خاڪو
انيتا
شاھ لڪياري، نوجوان اسڪالر، ليکڪا ۽ ڪالم نگار آهي. هوءَ ۱۵ نومبر ۱۹۷۴ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي. سندس وڏا
اصل خدا آباد ضلعي دادوءَ جا آهن. سندس تعليم ايم. بي. اي (مارڪيٽنگ: ۱۹۹۸ع) ۽ ايم. اي (سوشيالاجي: ۲۰۰۲ع) آهي.
ان کان سواءِ انسٽيٽيوٽ آف وومين اسٽڊيز لاهور مان پوسٽ گريجوئيٽ سرٽيفڪيٽ (۲۰۰۰ع) ۽ يونيورسٽي آف ميري لئنڊ ڪاليج پارڪ، آمريڪا مان هيوبرٽ همفيري فيلوشپ
(۰۷-۲۰۰۶ع) دوران عورت ۽ سياست، عورت ۽ ميڊيا، فلم ميڪنگ، ويب سائيٽ ڊولپمينٽ ۽ پراڊڪشن،
ڪهاڻي ۽ تخليقي لکڻين جي موضوعن تي مختلف ڪورس ڪيل اٿس. سينٽر آف جينڊر اسٽڊيز اسٽريٿ
ڪلائيڊ يونيورسٽي گلاسڪو (انگلنڊ) طرفان آڪٽوبر ۲۰۰۵ع کان جنوري ۲۰۰۶ع
تائين مختلف موضوعن تي ڪرايل سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ ريسرچ اسڪالر طور شرڪت ڪيائين.
ان کان سواءِ غيرت جي نالي تي سنڌ ۾ ٿيندڙ عورتن جي قتلام بابت مونوگراف به لکيل اٿس.
هن لکڻ
جي شروعات ۱۹۹۴ع کان روزاني ”ڪاوش“ ۾ ڪالمن
ذريعي ڪئي. سندس لکڻين جا موضوع خاص طور تي سنڌ جي ڳوٺاڻي عورت جي حوالي سان سماجي
۽ معاشي ترقيءَ بابت آهن. هن سنڌيءَ ۾ ۱۰۰ کن ڪالم لکيا آهن. انيتا شاھ ۱۹۹۷ع کان ۱۹۹۹ع تائين بي. بي. سي انگلش لئنگئيج سينٽر حيدرآباد ۾ لئنگئيج ٽيچر طور پڙهايو
آهي. ۱۹۹۸ع ۾ ايم. بي. اي ڪرڻ کان پوءِ
ساڳئي انسٽيٽيوٽ ۾ (آڪٽوبر ۱۹۹۹ع کان
جنوري ۲۰۰۰ع تائين) ريسرچ ايسوسيئيٽ ۽ انسٽرڪٽر
رهي. ساڳئي سال انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن سائنس اينڊ آرٽس حيدرآباد ۾ به انسٽرڪٽر رهي. ان
بعد مختلف پرڏيهي يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ فيلوشپ حاصل ڪيائين.
مارچ کان جون ۲۰۰۷ع تائين وائيس آف آمريڪا جي
پروگرام”بيانڊ دي هيڊلائينز“ جي رپورٽر ۽ پروڊيوسر به رهي. ڪمپيئر جي حيثيت ۾ سندس
ڪي. ٽي. اين تان مختلف سياسي ۽ سماجي موضوعن تي ۵۰ کان وڌيڪ ٽاڪ شو نشر ٿي چڪا آهن. پي. ٽي. ويءَ تي به ڪم ڪيو اٿس. روزاني ”ڪاوش“
اخبار ۾ ڪالم لکڻ جو سلسلو اڃا به جاري رکيو اچي.
هوءَ
عورتن جي حقن لاءِ عملي طرح پاڻ پتوڙيندي رهي آهي. سرڪاري نوڪريءَ دوران ثقافت
کاتي ۾ سيڪشن آفيسر رهي. مئي ۲۰۰۱ع کان ڪجهه
عرصي تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڊپٽي سيڪريٽري رهي. ۲۰۰۴ع ۾ CARE نالي سان هڪ
غير سرڪاري سماجي تنظيم جو بنياد وڌائين، جنهن کي پوءِ ۲۰۰۶ ع ۾ ٽرسٽ فار رورل اپ لفٽ، ڪلچر اينڊ انوائرمينٽ (TRUCE) جي نالي سان رجسٽر ڪرايائين،
جنهن جي پاڻ باني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آهي. سندس تنظيم، يو. اين. ڊي. پي جي ننڍي گرانٽ
واري پروگرام سان گڏجي، مٽياريءَ ۾ هڪ پراجيڪٽ هلائي رهي آهي. ۲۰۰۱ع ۾ عورتن جي مسئلن بابت ڀرپور نموني سان لکڻ تي کيس خيرالنساءِ جعفري ادبي
اوارڊ ۽ خان محمد پنهور اوارڊ ملي چڪا آهن. هن وقت سنڌ گورنمينٽ ۾ ڊي. ڊي. او
روينيو حيدرآباد طور (شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾) خدمتون سر انجام ڏئي رهي ھئي.
پاڻ ڪجھ
وقت کان الزائمر جي موذي مرض ۾ مبتلا ھئي ۽ عليل ھئي/ اڄ پنھنجي زندگي جي جنگ
ھارائي ويئي ۽ مالڪ حقيقي سان وڃي ملي.
(الله پاڪ
پنجتن پاڪ جي محابي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي آمين)
جنازه
نماز اڄ مورخه ۲۰۲۴-۰۱-۰۷ تي باءِ پاس واڌو واھ گيٽ
الفلاح پيٽرول پمپ حيدرآباد ۾ منجھند ۰۲:۰۰ وڳي ادا ڪئي ويندي تعزيت لاء تڏو سيد ھائوس الفلاح پيٽرول پمپ جي پٺئين پاسي
واڌو واھ حيدرآباد ۾ وڇايو ويو آهي.
سندس بلند درجات لاءِ دعا
۽ جڏهن انيتا شاھ لکندي هئي!
انا لله وانا اليه
راجعون
دريا خان شنباڻي
ڇا ته
زمانو هو جڏهن اعجاز منگي کان وٺي امر سنڌو تائين۔ عطيه دائود کان وٺي سردار شاھ
تائين۔ انعام شيخ کان وٺي سيد ماڪن شاه رضوي تائين۔ سيد زوار نقوي کان وٺي مظھر
لغاري تائين۔ تسلم زنئور کان وٺي انيتا شاھ تائين تڏهن اسان صرف پڙهاڪو هياسين ۽
ديوانن جيان هنن ليکڪ جا عاشق ۽ انتظار ڪندڙ هياسين ته اخبار پهچڻ سان ڪالمن وارو
پيپر اٿلائي هنن ليکڪن کي پڙھندا هياسين ۽ دنيا جهان جون خبرون بعد ۾.....
۽ پوء ائين ٿيو
جو وقت جي واء ۾ جيئن ٿيندو آيو آھي ته ڪک ڪک ٿيڻو هوندو آھي ۽ هڪ ئي سنگ ۾ پويل
داڻا الائجي ڪٿي ڪٿي ۽ ڪهڙي ڪهڙي جاء پهچندا آھن ۽ وصال جي واء ۾ ڪو ڪٿ ته ڪو ڪٿ
پهچيو وڃي۔
وقت
سان گڏ انساني نقش و نگار مٽجيو وڃي ۽ ڪم ڪاريون پڻ.....
هي
جهان فاني..... ڪوڏر ۽ ڪاني هر سر تي آھي ۽ ڪو اڳ ته ڪو پوء......
ادي
انيتا شاھ به جڳ مان خدا حافظ ڪري وئي ۽ ڇڏي وئي ته بس اهي ڪالم۔ اهي گهر ٻارن ۽
معاشري جي ذميواري جيڪا سندس مٿان عائد هئي۔
سنڌ جي
نهايت ئي بهترين ليکڪا ادي انيتا شاھ جي وڇوڙي ان سنڌ کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو جنهن
سنڌ کي خبر هئي ته انيتا شاھ ڇا هئي ۽ ڪيئن هئي!
ادي!
تنهنجي هن مرڪ تي اسان جون اکيون اشڪبار ٿيون آھن.
(دريا
خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ پوسٽ تان ۷ جنوري ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)
انيتا شاھ
منظور ميراڻي
جوانيءَ
۾ گذاري وڃڻ جو هڪ پاسو اهو به هوندو آهي، جو اهو ماڻهو اوهان جي تصور ۾ سدائين
جوان ئي رهندو، ايئن جيئن حسن درس جوانيءَ ۾ هليو ويو ۽ سنڌ جڏهن به حسن درس کي
سوچيندي، تڏهن جوان ئي سوچيندي...ايئن انيتا شاھ جو سنڌ کان وڇوڙو آهي. انيتا شاھ
۽ حسن درس جي وڇوڙي ۾ اها هڪجهڙائي به آهي، جو جيئن حسن جي موت تي يقين نه پئي
آيو، تيئن اڄ انيتا شاھ جي وڃڻ واري خبر به اعتبار نه ڪرڻ جهڙي ٿي لڳي...پر
زندگيءَ سان ڀرپور ماڻهو به زندگي هارائي ويندا آهن. جڏهن هوءَ ڪاوش ۾ مستقل لکندي
هئي، تڏهن اخبار جي ايڊيٽوريل پيج تي هجڻ جي ناتي هن سان مسلسل رابطو رهيو ۽ مان چئي
سگهان ٿو ته ان وقت لکندڙ ليکڪائن ۾ فقط ٻه اهڙيون ليکڪائون هيون، جن جي لکڻين ۾
روانگي، ٻوليءَ جي خوبصورتي ۽ چٽو موقف هوندو هو، انهن ٻن مان ھڪ انيتا شاھ هئي.
انيتا لکندي هئي ته لاڳيتو لکندي هئي ۽ جيڪڏهن ناغو ته پوءِ اهو به لاڳيتو هوندو
هو، ايئن جيئن اسان جو جهونو يار عبدالقادر جوڻيجو ڪندو هو. هن کان جڏهن اهڙو سبب
پڇبو هو ته چوندو هو "ڪڏهن ڪڏهن تخليقڪار وٽ تخليق جي لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي، هو
چاهيندي به ڪجھ ناهي لکي سگهندو." ڪجھ سال اڳ عبدالقادر هليو ويو ۽ اڄ انيتا
شاھ هڪ بي انت ناغي تي...!
(منظور
ميراڻيءَ جي فيسبڪ پوسٽ تان ۷ جنوري
۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)
انيتا شاھ
لطيف جمال
ادڙي
انيتا شاھ سان منهنجي پهرين شناسائي، شاگرد سياست ۾ سرگرم هُجڻ واري دور ۾ رهي. جڏهن
هُوءَ ڪاوش جي ايڊيٽوريل پيج تي لکندي هُئي ۽ مان به اُن ساڳئي پيج تي لکندو هُئس.
مان سائين جي ايم سيد جي فڪر سان سلهاڙيل هُجڻ ۽ جساف جي مرڪزي عُهديدار هُجڻ سبب
هر مضمون ۾ پنهنجي سياسي ۽ تنظيمي موقف جي حمايت ڪندو هُئس. اُن وقت شاگرد سياست ۾
مخالف سياسي جماعتن لاءِ قبائلي سياسي انداز موجود هو. پر گهٽ ۾ گهٽ سائين جي ايم
سيد جي پوئلڳن مان هڪ وڏو حلقو اهڙو به هو جيڪو سياسي اختلافن کي قبائلي دُشمنين ۽
تڪرارن ۾ تبديل ڪرڻ جو حمايتي قطئي به نه هو. پر چند نوجوان اُٻهرائپ ۽ پنهنجي
جذباتي سياسي روش ۾ هر سياسي اختلاف کي دُشمنين ۾ تبديل ڪرڻ جا حامي هُئا. اُها ڌار
ڳالهه آهي ته اُهي ڪالهه وارا جذباتي نوجوان جيڪي انتهاپسند سياسي موقف جا حامي
هُئا سي ڪڏهوڪو سيد جي سياسي واٽ وساري، پنهنجي مُعاشي مُفادن جي حاصلات لاءِ، سن
جي مٽيءَ ڏانهن به ڪڏهن مُڙي نه ڏٺائون ۽ هميشه لاءِ سيد جي فڪري واٽ ئي وساري ويٺا.
اسان اُن وقت به ان ڳالهه جا حامي هُئاسين ۽ اڄ به آهيون ته نظرياتي اختلافن کي قبائلي
انداز سان حل ڪرڻ بجاءِ سنجيدهه سياسي انداز سان ئي حل ڪرڻ گُهرجي ۽ مُخالف جي
موقف جو به احترام ڪرڻ گُهرجي. ادڙي انيتا شاھ جو ٻيو ڀيرو تعارف پياري ذوالفقار شاھ
ڪرايو هو. جنهن جو شايد اُن سيد گهراڻي سان مائٽيءَ وارو تعلق هو. ٽيون ڀيرو پياري
مسعود لوهار جي حيدرآباد واري آفيس ۾ ادڙيءَ سان مُلاقات ٿي. جيڪا بيحد مُختصر
هُئي. پر اُن مختصر مُلاقات ۾ به اُن جي ذهانت پنهنجو مٽ پاڻ هُئي. اڄ ادڙي انيتا
جي وڇوڙي جي خبر ٻُڌي يقين ئي نه پئي آيو ته ڪو اُها ڪالهه واري ارڏي، بهادر ۽
ذهين ڇوڪري اسان کان وڇڙي وئي آهي!!! مولا کيس جنت ۾ جايون ڏئي.
(لطيف
جمال جي فيسبڪ پوسٽ تان ۷ جنوري ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)
انيتا شاھ
سردار ڀيو
An identity, Anita Shah Lakyari is no more in the mortal world!
سنڌ جي
گهڻ پڙهئي، ذهين ۽ باصلاحيت، ليکڪه انيتا شاھ لڪياري هميشه جي لاءِ هي ساڻيهه ڇڏي
ويئي.
Madam Anita Shah Lakyari, the literary luminary of Sindh, breathed her
last, leaving behind a legacy of impassioned activism and literary fervor. Her
words were a chorus, echoing the plight of her land, championing its causes.
Yet, tragedy shattered her world when her younger brother met an untimely
demise. Grief gripped her; she retreated into solitude, her pen silenced by
sorrow. For a decade, time held her frozen.
Now, in her absence, whispers carry memories of her noble deeds. Her
NGO’s impact endures, a testament to her commitment. Though Anita has departed,
her spirit lingers, inspiring others to continue her journey for human
development and the soul of Sindh.
انيتا شاھ
خدا ڏنو شاھ
تون
چئو تنهنجي چپن سام ڇا چوان جهڙو شاهڪار نظم لکندڙ انيتا شاھ موجوده وقت جي وڏي
روشن خيال سُڄاڻ ۽ بهادر نوجوان ڇوڪري هئي, اسان سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ته
اهو سندس يونيورسٽي ۾ فائينل ييئر هو ۽ ان ئي سال اتي استاد ٿي ويئي, اسان سندس ڪاوش
۾ ڪالم پڙهڻ ڪرر مداح هئاسين سو مون سميت ڪيترائي يونيورسٽي جا شاگرد آء بي اي ۾
انيتا کيڏسڻ ۽ ملڻ ويندا هئا, انيتا شاه زندگي جي شروعات ۾ ئي ڏُکين حالاتن کي فيس
ڪيو پر هن ڪڏهن ميدان نه ڇڏيو, صدمن ڏُکن تڪليفن جي باوجود هن علمي جدوجهد جاري
رکي ۽ سنڌ ۾ هن پنهنجو هڪ الڳ مقام ٺاهيو هو وڏي ليکڪا شاعره سياسي سماجي اڳواڻ
سان گڏ ڪمپيئر ۽ براڊڪاسٽر به رهي
مون
سندس انٽرويو ۱۹۹۹ع ۾ ڪيو جيڪو عبرت اخبار اسپيشل
ايڊيشن طور فُل پيج ڪري شايع ڪيو , جامي صاحب عبرت اخبار جو انچارج ايڊيٽر هو ان
چيو ته هي انٽرويو عام رواجي نه پر خصوصي طور تي ڇپجڻ کپي , انيتا سان عوامي تحريڪ
سميت مختلف سببن جي ڪري تمام گهڻي ويجهڙائي هئي, ان انٽرويو ۾ آف دي رڪارڊ جيڪو
حصو آهي ان حصي ان زماني ۾ ئي اکين ۾ لُڙڪ آڻي ڇڏيا
هن جي
جي گهر جي مسئلن , شادي کان وٺي مختلف تڪليفن هن کي هڪ سائيڊ ضرور ڪيو پر جدوجهد
جي ميدان مان آئوٽ ڪون ڪيو , هڪ شاندار ڪردار جي مالڪ جيڪا سيڪشن آفيسر کان وٺي
پبلڪ سروس ڪميشن جي ڊپٽي سيڪريٽري تائين بي بي سي کان ڪي ٽي اين تائين صحافتي سفر
۾ پُڻ رهي ۽ دنيا جي مختلف يونيورسٽين مان علم حاصل ڪري وڏي عالمه بڻجي ويئي
هو باڪردار
عورت هئي هن ڪڏهن به ڪنهن وزير مشير کي کنگهيو ئي ڪون سدائين پنهنجي پورهئي ۾ نواڻ
آڻڻ ۾ مشغول رهي
مون جيڪو
سندس انٽرويو ورتو هو ان ۾ آف دي رڪارڊ جيڪو مواد هو ان زماني ۾ مون سوچو ته هي ڇوڪري
اڳتي ڪيئن وڌندي پر هن نورالهديء شاھ کان به اڳتي وڌي پاڻ مڃايو پر هن زندگي ۾ ڪنهن
جي بي سبب نه واکاڻ ڪئي ن ڪنهن جي جيءُ حُضوري ڪئي بيباڪ ڪردار جي مالڪ انيتا شاھ
تي لکڻ لاء تمام گهڻون ڪجھ آهي اهو وري ڪنهن ٻي وقت لکبو
پر اڄ
سندس اوچتي وڇوڙي جيءُ کي جهوري ڇڏيو آهي
الين
اکين سان رب سائين کان سندس مغفرت جي دعا آهي.
(خدا
ڏنو شاھ جي فسيبڪ پوسٽ تان ۷ جنوري ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)
انيتا شاھ
مياڻيءَ جي گلابن وچ ۾!
اشفاق لغاري
ھوءَ
اعليٰ تعليم يافتـ ھئي، باصلاحيت ھئي، قلم ڌياڻي ھئي ۽ سنڌي سماج لاءِ سڀ کان
خطرناڪ ڳالھ ته عورت ھئي ۽ انھيءَ کان به وڌيڪ خطرناڪ سڃاڻپ ته خوبصورت عورت ھئي.
انيتا شاھ والدين جي گھر جي عمر جو ڪجھ حصو حيدرآباد، ڪجھ دادو خدا آباد لڳ اباڻي
ھنڌ برھماڻي ڳوٺ ۽ ڪجھ نصير آباد ويجھو جاني بند وٽ موجود سندس امان جي وڏڙن جي
حويلي ۾ گذاريو. ھن کي اڳتي وڌڻ جي خواب پوئتي مڙي ڏسڻ جي ڪڏھن مھلت نـ ڏني. ارادو
ھئس تـ ڪئمبرج ۽ آڪسفورڊ مان تعليم حاصل ڪريان، قسمت اھو موقعو نـ ڏنس. ھن سنڌ
يونيورسٽي مان سوشالاجي، ايم بي اي ۽ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪئي. سنڌ صوبي جو
مقابلي وارو وڏي ۾ وڏو امتحان پي سي ايس پاس ڪري ۲۰۰۱- ۲۰۰۲ ۾ سيڪشن آفيسر ڀرتي ٿي. تربيت
۽ سکيا جي حوالي سان ۲۰۰۶ کان ۲۰۰۷ تائين ھڪ سال لاءِ آمريڪا جو وڏو اعزاز ھمفري (Humphrey) فيلوشپ ماڻيائين. اتي آمريڪا ۾ ھن جان ڪيري جھڙن مقبول سينيٽرن ۽
سياستدانن جا انٽرويوز ڪيا، ڊاڪيومينٽريز ٺاھيون. ھن جي ذھانت ۽ صلاحيتن کي سنڌ ۾
اھا مڃتا ۽ مان نه ملي سگھيو، جنھن جي ھوءَ حقدار ھئي پر آمريڪا ۾ کيس تمام گھڻي مڃتا
ملي. ھن وائيس آف آمريڪا جھڙي ميڊيائي اداري سان پڻ ڪم ڪيو.
سنڌ ۾
ھن کي شاگردي جي زماني ۾ “ڪلفي ڪامريڊن” سان منھن مقابل ٿيڻو پيو. ھو پنھنجي سھيلي
شاھين خان سان گڏ سنڌ يونيورسٽي ۾ گھمندي ھئي ۽ ٻنھي ڪامريڊياڻين جي جوڙي کي
انھيءَ دور جا سنڌي جوڌا جٿن جي صورت ۾ ڏسڻ لاءِ ڪاريڊورز ۾ چڪر لڳائيندا ھئا.
شاھين خان ھن وقت آمريڪا وسائي ويٺل آھي. انيتا شاھ ڪاوش اخبار ۾ انھيءَ زماني ۾
مضمون لکيا ۽ وڏي مڃتا ماڻي. اھو اخباري لکڻين جو زمانو ھو. انيتا شاھ “جيئن آھي،
جتي آھي” جي بنياد تي دنيا کي ڏسڻ ۽ انھيءَ ۾ رھڻ جي قائل نـ ھئي، ھن جي ذھن ۾
موجود دنيا کي بدلائڻ جو ظالم خيال ننڍي عمر ۾ ڪٿان داخل ٿي ويو. انھيءَ خيال جي
خدائيءَ ھن تي پوءِ تاحيات حڪمراني ڪئي.
شاگردي
دور ۾ ھن جون لکڻيون ڀٽائي جي ان سٽ جي بلڪل ابتڙ ھيون، جنھن ۾ ھن چيو آھي: “تنھن
جتيءَ نه جيھي”. انيتا شاھ اھڙن تمام تصورن ۽ عملن خلاف بغاوت ڪئي. اھڙن تصورن جي
رد ۾ ھن عمر ڀر لکيو ۽ ڳالھايو. انيتا شاھ جھڙين باوقار، خود مختيار ۽ با آواز
بلند سچ چوندڙ سنڌي عورتن لاءِ ڀٽائي جون ھي سٽون انھن جي وجود لاءِ ڪنھن گٿي لفظ
مثل آھن. اھڙي سوچ ۽ خيال تي تفصيلي وري ڪڏھن ڪنھن ٻئي ڀيري. انيتا جي سوچ جي جھلڪ
پسائڻ لاءِ ھتي ڀٽائي جون ھي سٽون في الحال صرف حوالي خاطر ڏجن ٿيون، جن کي آئون
عورت جي وجود لاءِ منفي سمجھان ٿو.
جيھِي
جي تِيھِي، ته به ٻانھي ٻاروچَن جي،
حُجَتَ
ھوتَ پُنھونءَ سين، مون ڪمِيڻيءَ ڪيھِي،
اَصلُ
آرِيءَ ڄامَ جي، پَلَي آءٌ پيئَي،
ھُوءَ
جا پائِيِن پيرَ ۾، تنھن جُتِيءَ نه جيھي،
وِساري
ويھِي، تَن ڪيچِيَن کي ڪيئن رھان.
ھوءَ “ڪميڻيءَ
ڪيھي” کان وٺي “تنھن جتيءَ جيھي” جھڙي تصور کي سنڌي شاعري جو مثالي نمونو ڪري پيش ڪندڙن
جو رد ھئي. انيتا شاھ اھو شھر ذات آھي، جنھن لاءِ پروين شاڪر لکيو، شھر ذات- ڪه جس
ڪي سب دروازي اندر ڪي طرف کلتي ھين
اور
جھان سي واپسي ڪا ڪوئي راستـ نھين.
ھن جي
دل، خواھشن ۽ ارمانن جي ترجماني لاءِ پروين شاڪر جو ئي سھارو وٺڻو ٿو پئي. ھن
پنھنجو اندر گُل ڪيو يا ھن کي ذھانت، صلاحيتن ۽ پنھنجي خوبصورتي کاڌو، انھيءَ جو
احوال ڪا ميڊم نور الھدا شاھ، ڪا شاھين خان ۽ ڪا امرو سنڌو ئي لکي سگھي ٿي.
ھن خدا
آباد کان زندگي جو سفر شروع ڪيو ۽ پنھنجو آخري ٺڪاڻو واڻڪي وسي حيدرآباد ۾ مياڻي
جي جنگ واري ميدان ۾ گلابن وچ ۾ چونڊيو. ھن جي وصيت ھئي تـ حادثي ۾ فوت ٿيل ڀاءُ
قرار شاھ ۽ والد غلام مرتضيٰ شاھ سان گڏ دفنائجو. پروين شاڪر جي ‘خوشبو’ جھڙي
انيتا شاھ ڪالھ ۷ جنوري ۲۰۲۴ تي ھميشـ لاءِ گلابن وچ ۾ ھلي وئي.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۸ جنوري
۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا