; سنڌي شخصيتون: حاجي صالح ميمڻ - محمد رمضان ميمڻ

22 June, 2012

حاجي صالح ميمڻ - محمد رمضان ميمڻ


حاجي صالح ميمڻ
مانجهند جو سماج سڌارڪ
محمد رمضان ميمڻ
دنيا ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ديس، شهر، ڳوٺ، واهڻ وسنديءَ جي خدمت لاءِ هميشه ڪوشان هوندا آهن. انهن مان مانجهند جو حاجي صالح ميمڻ به هڪ آهي.
حاجي صالح ميمڻ جي دل ۾ رڳو عوامي خدمت جو اونو هوندو آهي. جيڪو نوڪر شاهي، عوام جا مسئلا حل نه ڪندو آهي يا عوام کي اهميت نه ڏيندو آھي، اهو ڄڻ ته حاجي صالح ميمڻ جو جاني دشمن هوندو آهي.


حاجي صالح ميمڻ مانجهند جي مشهور واپاري مرحوم مولانا يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان وٺي حاجي صالح ميمڻ، فلاح ۽ بهبود کي پنهنجي مقصد بڻايو. جنهن ۾ هو اڄ تائين ڪامياب ٿيندو پيو اچي. ان جو مثال اهو آهي ته اڳوڻي ٽي ايم او اورنگزيب سمون کي عوامي مسئلا حل نه ڪرڻ تي موڪل تي وڃڻ مجبور ڪيائين.
حاجي صالح ميمڻ هڪ بهادر ۽ بي ڊپو انسان آهي. هو بنيادي طور پ پ سان لاڳاپيل آهي، پر عوامي مسئلن خاطر جڏهن هو روڊ تي نڪرندو آهي ته سموريون پارٽيون توڙي قومپرست ڪارڪن، ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندا آهن. سنڌو ماٿريءَ سان بي حد چاهه ۽ اڪير رکندڙ محمد صالح ميمڻ ڪيتريون سنڌي اخبارون، عبرت، سنڌو پڙهندو آهي ۽ ڪيترن ئي اڻپڙهيل ماڻهن کي اخبار پڙهي ٻڌائيندو آهي. سنڌ جي پريمي، گذريل مهيني ڪراچي ۾ نتڪل محبت سنڌ ريلي ۾ پڻ شرڪت ڪئي هئي.
حاجي صالح ميمڻ، گذريل سال برسات ۽ ٻوڏ دوران، جيڪا متاثرين جي مدد ڪئي، اها ڪو به اهل دل وساري نٿو سگهي. شهر جو ڪو به مسئلو هجي پر حاجي صالح ميمڻ ان کي حل ڪرائڻ تائين سک سان نه ويهندو آهي. مانجهند ۾ بينظير پارڪ ۽ ڊگري ڪاليج قائم ڪرائڻ لاءِ حاجي صالح ميمڻ جون ڪاوشون، ڪنهن کان به ڳجهيون ناهن. هن مرد مجاهد جو مقصد صرف عوامي خدمت آهي ۽ هي ان تي ننڍپڻ کان عمل پيرا آهي.
حاجي صالح ميمڻ جو چوڻ آهي ته؛ عوامي خدمت سان روحاني سڪون ملي ٿو. جيستائين جيئرو هوندس عوامي خدمت ڪندو رهندس. تعلقو مانجهند منهنجي جنم ڀومي آهي ۽ مان پنهنجي جنم ڀومي کي مسئلن ۾ ڦاٿل نٿو ڏسي سگهان، جنهن ڪري جيستائين سيني ۾ ساهه هوندو مسئلن جي حل لاءِ حق جو آواز اٿاريندو رهندس.

No comments:

راءِ ڏيندا