; سنڌي شخصيتون: پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

24 June, 2012

پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

منظور سولنگي



پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ جي ولادت، تاريخ ۲۷ رمضان المبارڪ ۱۳۶۸هه مطابق پھرين سيپٽمبر ۱۹۳۹ع تي لاڙڪاڻي جي ميمڻ محلي ۾ ٿي. سندس والد بزرگوار جو نالو حاجي رحيم بخش ولد ملان مينھون ميمڻ آهي. سندس وڏا اصل شڪارپور جي ڀرسان ”ماڙي“ ڳوٺ جا ويٺل هئا ۽ ميرن جي صاحبيءَ ۾ روزگار جي تلاش ۾ لڏي لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيا. سندس وڏو ڏاڏو لونگ خان هو؛ جنھن ڪري پاڻ کي ”لونگاڻي“ سڏائين ٿا. ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جي طبيعت ننڍپڻ کان وٺي ٻاجهاري ۽ ٻھڪندڙ رهي آهي. شروعاتي تعليم پريڪٽسنگ اسڪول لاهوريءَ مان ورتائين ۽ سال ۱۹۴۹ع ۾ چار درجا سنڌي پاس ڪري ”گورنمينٽ هاءِ اسڪول (موجوده پائلٽ اسڪول) لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو. ان وقت جي قابل استادن جي نظر فيض اثر هيٺ سندس چڱي طرح تربيت ٿي، جنھنڪري ۱۹۵۴ع ۾ انٽرميڊيٽ ڊرائنگ امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪري ورتائين سال ۱۹۵۶ع ۾ ورنيڪيولر فائينل امتحان نمايان طور تي پاس ڪيائين. محنتي طبيعت سببان بالآخر ۱۹۵۹ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري ڪاليج ۾ داخل ٿيو .


۱۹۵۷ع ۾ هُن کي سرڪاري نوڪري ملي. ڊرائنگ جا اعلى امتحان پاس ڪرڻ جي ڪري پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ (P.W.D.) ۾ ۵۶ رپين جي ماهوار پگهار سان پھريائين ”ٽريسر“ (Tracer) ۽ پوءِ ۱۹۶۷ع ۾ ڊرافٽسمين (Draftsman) مقرر ٿيو.

هن اَورچ انسان، ملازمت سان گڏوگڏ تعليم کي به جاري رکيو؛ جنھن ڪري ۱۹۶۳ع ۾ بي-اي ۽ ۱۹۶۷ع ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾ پاس ڪيائين. کيس ڪتابن پڙهڻ جو اسڪولي زماني کان ئي گهڻو شوق هو. پنھنجي معمولي خرچيءَ مان ٿورا ٿورا ڪتاب وٺندو، ڪتبخانو جوڙيندو رهيو. سندس ويجهي عزيز،  نامور اديب ۽ استاد ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب جو هُن جي زندگيءَ تي وڏو اثر رهيو آهي. جنھنڪري پڙهڻ سان گڏ لکڻ طرف به مائل ٿيو. ان وقت ٻارن لاءِ نڪرندڙ ماهوار ۽ هفتيوار رسالا، جھڙوڪ: ”المرتضى“ لاڙڪاڻو، ”انسان“ حيدرآباد، ”گلستان“ حيدرآباد ۽ ”گل ڦل“ حيدرآباد ۾ سندس ڪھاڻيون، لطيفا ۽ مختصر مضمون وغيره ڇپجڻ لڳا. کيس علم جي اُڄ اَڃا باقي هئي؟ جنھنڪري معمولي ملازمت ۽ مصروفتين سان گڏ لکڻ پڙهڻ کي برقرار رکيائين. اخبارن ۽ رسالن ۾ مواد شآيع ٿيڻ کانسواءِ ڪتابن طرف به ڌيان ڏنائين. سال ۱۹۶۱ع ۾ سندس پھريون ڪتاب ”ملان نصير الدين جا لطيفا“ منظرِعام تي آيو ۽ سندس نالو ادبي دنيا ۾ جڳھه ولارڻ لڳو ۽ وڌيڪ ڪتاب لکڻ لاءِ سندرو ساهيائين. هوڏانھن ايم اي ڪرڻ کانپوءِ ايم فل جي ڊگري لاءِ به پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائي ڇڏيائين. انھيءَ لاءِ لاڙڪاڻي جي عروضي شاعر نواز علي ”نياز“ جعفري (۱۸۹۲-۱۹۵۹ع) جي شاعري عنوان، سنڌي يونيورسٽيءَ مان منظور ٿي مليس. پاڻ رات ڏينھن ان ڪم کي جنبي ويو ۽ ميمڻ صاحب جي محبت ڀري محنت رنگ لاتو. هڪ پاسي کاتي طرفان ترقي ملڻ سان ”ڊويزنل هيڊ ڊرافٽسمين“ (Divisional Head Draftsman) جو عھدو مليس ته ٻئي طرف وري ليڪچرار جي منصب سنڀالڻ جي آڇ ٿيس. ميمڻ صاحب جي هن نئين نوڪريءَ جي ابتدا ۱۴ نومبر ۱۹۷۳ع کان ڪراچيءَ ۾ عبدالله ڪاليج نارٿ ناظم آباد کان ٿي. علمي خدمت کي پاڻ اَحسن طريقي سان نڀائيندو اچي ٿو. ڪيئي ڪاليج گهمي هن وقت ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ درس و تدريس جا فرائض انجام ڏئي رهيو آهي.

جناب عبدالغفور سنڌي صاحب نھٺي طبيعت جو مالڪ آهي. هُو گهٽ ڳالھائيندو آهي ۽ گهڻو ٻڌندو آهي، جنھن ڪري تعليم کاتي ۾ گهڙڻ سان گڏ هي باصلاحيت اديب تصنيف و تاليف جي ڪم کي باقاعده چھٽي ويو. اهو ئي سبب آهي جو پڙهڻ پڙهائڻ سان گڏ همه تن لکڻ ۾ به رڌل رهي ٿو.

ڊاڪٽر صاحب پھريون خوش نصيب آهي، جنھن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۷۵ع ۾ ايم فل M. Phil: جي سَنَدَ سنڌي ادب ۾ ورتي آهي. سال ۱۹۷۸ع ۾ قانون جو امتحان LL.B به امتيازي حيثيت سان پاس ڪري، سڄيءَ سنڌ ۾ ٻيو نمبر ماڻيائين. سال ۱۹۸۵ع ۾ ”اڻويھين صدي جا نثر نويس“ جي عنوان تحت تحقيقي مقالو لکڻ تي کيس ”ڊاڪٽريٽ“ جي ڊگري پڻ ملي. سندس نثري ادب صاف سُٿرو ۽ سُلجهيل آهي ؛ جنھن ۾ گهڻو ڪري اردو، سنسڪرت، عربي ۽ فارسي جي غير مانوس اصطلاحن ۽ محاورن کي ترڪ ڪري ٺيٺ سنڌي لفظن جو واهپو ڪيل آهي. اهڙين خوبين کيس ”بھترين لکڪ“، ذوقِ سليم جو مالڪ ۽ عمدو ”نثر نويس“ بڻائي ڇڏيو آهي. ڀٽائي ڀلاري ۽ سچل سونھاري جي فڪر ۽ فن کي اونھي انداز ۾ بيان ڪرڻ ڊاڪٽر صاحب جي صاف گوئي ۽ علمي جستجو ۾ شامل آهي.

هن چوڻ ۾ مبالغو نه ٿيندو ته پاڻ هڪ عظيم انسان آهي. اڄ خدا جي فضل سان سندس سَوَ کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. جن مان گهڻا نصاب جون ضرورتون پوريون ڪن ٿا. گڏوگڏ ٽي هزار مقالا، مضمون، سنڌ خواه هند جي مختلف اخبارن، رسالن ۽ خانگي خواه سرڪاري مخزنن ۾ ڇپجي چڪا آهن. سندس ادبي خدمتن ۾ عظيم خدمت اها آهي جو ڊاڪٽر ميمڻ صاحب ”سنڌي انسائيڪلوپيڊيا“ کي اڪيلي سر متعارف ڪرايو. انھيءَ اعتبار کان چئي سگهجي ٿو ته پاڻ ”ڄاڻ جي کاڻ آهي“. ڪيترائي ادبي خواه علمي مضمون ۽ مقالا اردو، انگريزي، براهوي، گجراتي ۽ جرمني زبانن مان ترجمو ڪيا اٿس. نثر سان گڏ شاعرانه شوق به رکي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪو سھڻو شعر جوڙي جس لھندو آهي. خد اجي فضل و ڪرم سان پاڻ هن وقت ڪيترين ڪاميٽين جو ميمبر آهي. ازانسواءِ شاهه عبد اللطيف ڀٽائي يونيورسٽيءَ طرفان سنڌي ادب ۾ ايم فل لاءِ گائيڊ پڻ مقرر ٿيل آهي.

سندس شاگردن جو حلقو وسيع آهي؛ جنھن ۾ ڪافي استاد اعلى سَنَدَ لاءِ جُستجو ڪري رهيا آهن. سندس انگريزي خواه سنڌي اکر موتين مثل آهن. جنھن ڪري ڪافي ڪتاب سندس هٿ اکرن ۾ محفوظ ٿيل آهن. ان ڪري علاوه شاهه عبداللطيف يونيورسٽي طرفان ادب خدمتن جي اعتراف طور مَٿس مونوگراف به لکرايو ويو آهي ۽ سندس ادبي خدمتن جو اعتراف اردو جامع ”انسائيڪلوپيڊيا“ ۾ به ڀرپور نموني ڪيو ويو آهي.

هيٺ سندس ڪتابن مان چند جو اختصار سان ذڪر ڪجي ٿو:

ملان نصير الدين هدى-۱۹۶۱ع.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي-۱۹۶۹ع.

اسان جا اديب ۽ اسان جا شاعر-۱۹۸۰ع.

هيرا لعل جواهر (بي.اي فائنل لاءِ) ۱۹۷۶ع.

سنڌي انسائيڪلوپيڊيا ”۵“ پنج جلد، ۱۹۸۰ع.

ادبي خزانو-۱۹۸۳ع.

ادبي شخصيتون-۱۹۹۰ع.

غفور سنڌي گرامر-۱۹۸۱ع.

عظيم سنڌي انسان-۱۹۸۱ع.

 ادبي اکيڙ (چونڊ ڪتابن تي تبصرا).

 ”۱۹“ اڻويھين صدي جا نثر نويس، پي ايڇ ڊي ٿيسز-۱۹۸۵ع.

 ”رسالي اديب سنڌ“ جو سنڌي علم ادب ۾ حصو.

 ايم.اي لاءِ مونو گراف-۱۹۶۷ع.

 سنڌي سؤ سپوت.

 ميمڻ قوم جي تحقيقي تاريخ.

 نواز علي ”نياز“ جعفريءَ جي شاعري ايم.فل لاءِ ٿيسز-۱۹۷۵ع.

 مضامين عبدالغفور سنڌي وغيره.

 

 

ڇپيل ماهوار ”نئين زندگي“ جون-۱۹۹۷ع)


 

پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سنڌ جو ناليوارو تعليمدان، اديب ۽ محقق

مير نادر علي ابڙو

۱۹۸۶ع ڌاران مون جڏهن ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ فرسٽ ييئر ۾ داخلا ورتي ته وڏي حيرت لڳي ته هي سنڌ جو واحد ڪاليج آهي، جنهن ۾ سنڌ جا ايترا سارا مشهور اديب ۽ شاعر پروفيسرآهن، جن ۾ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، رزاق مهر، محمد علي پٺاڻ، بشير احمد شاد، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي ۽ ٻيا کوڙ سارا استاد ڪنهن جو نالو کڻي ڪنهن جو کڻجي. هونئن به لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو ليڊرن، اديبن، شاعرن، مذهبي عالمن ۽ دانشورن جي ڌرتي طور مشهور آهي. مون کي شاگردي دوران جن استادن تمام گهڻو متاثر ڪيو انهن ۾ سر فهرست پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور سنڌي هو. سندس جسماني بيهڪ، ڳالهائڻ جو انداز وري مٿان سندس اکرن جي صورتخطي سندس شاگردن سان اولاد جيان چاهت، سندس ڪهڙي تعريف ڪري ڪهڙي ڪجي. سندس اکرن جي تعريف اڪثر محمد ابراهيم جويو ڪندو رهندو هو ۽ مون کي چوندو هو ته خوش نصيب آهين جو تون ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جو شاگرد آهين.

مون کي ياد آهي ته اهو ڏينهن، جڏهن مان سائين عبدالغفور کي چيو ته آئون پري ميڊيڪل مان مطمئن ناهيان ۽ مان شعبو تبديل ڪرائي آرٽس ۾ وڃڻ چاهيان ٿو، ته ٽهڪ ڏنائين ۽ چيائين ته انهي جي معنيٰ ته تون پڙهائيءَ ۾ جڏو آهين. مون چيو سائين ائين ئي سمجهو. جنهن تي مون کي چيائين ته ڀلا ۱۰۰ مان ۳۴ مارڪون به نه کڻي سگهندين؟ جنهن تي مون ڪنڌ جهڪايو ۽ سائين عبدالغفور جي ڳالهه کي اڳتي ڪندي پري ميڊيڪل ۾ پڙهيس. خوش ٿيو انهيءَ ڏينهن جڏهن منهنجي ڀيڻ جي شادي سندس مائٽ سان ٿي، ان ڏينهن مون کي چيائين نادر اڳ تون فقط منهنجو شاگرد هئين، پرهاڻي تون  منهنجو مائٽ به ٿي ويو آهين.

پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي پهرين سيپٽمبر ۱۹۳۹ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو ابتدائي تعليم پنهنجي محلي جي اسڪول مان حاصل ڪيائين ۽ ميٽرڪ، بي اي، ايم اي ۽ ايل ايل بي جو امتحان لاڙڪاڻي ۾ ڏنائين. ۱۹۸۵ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم  فل ڪيائين جو اهو ڪنهن سنڌيءَ کي پهريون اعزاز هيو. پاڻ اڻويهه صديءَ جي نثر تي مقالو لکي پي ايڇ ڊي پڻ ڪئي. سنڌي ادب ۽ مذهب سان وڏو لڳاءُ هيس ۽ بيشمار ادبي، مذهبي ۽ درسي ڪتاب لکيائين، هو سنڌ جو وڏو محقق به هو. مون کين ڪاليج ۾ هميشه ٽيبل تي لکندي ڏٺو. اهڙو ڪو لمحو مون پنهنجي شاگرديءَ دوران نه ڏٺو جنهن ۾ اڄ ڪلهه جي نئين ٽهيءَ جي استادن جيان اسٽاف روم ۾ ويهي ڪچهريون ڪري پنهنجو ٽائيم ضايع ڪري.

هن کي پنهنجي ذاتي لائبريري هئي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب هيا. جنهن جي لاءِ چوندو هيو ته مون پنهنجي زندگيءَ جي ڪمائي ڪتابن وٺڻ تي خرچ ڪئي آهي ۽ اها ئي منهنجي وڏي ملڪيت آهي.

هو هڪ ئي وقت استاد، اديب، شاعر هئو. ته وري اسان شاگردن جي ڇپر ڇانو به هو. کيس اولاد ڪو نه هيو سو اهو اولاد کي ڏيڻ وارو پيار به اسان شاگردن کي پنهنجو ٻچو سمجهي ڏيندو هيو. هن جيڪا سنڌي ادب جي خدمت ڪئي، سان بغير ڏيکاءُ جي ڪئي. هو بنهه سادو ماڻهو هيو. دنيا جي چالاڪ بازين ۽ اٽڪل بازين کان بنهه پاڪ هو. واقعي به فرشتو صفت انسان هو ۽ اسلامي خيالن ۽ نظريي سان ڀرپور هڪ سچو مسلمان هو، پاڻ انتهائي سادگي، گهٽ ڳالهائڻ، اڪيلائي پسند، شهرت ۽ نمائش کان وئون ويندو هيو. هن ۾ قدرت سچائي، محبت، مخلصي ڪُٽي ڪُٽي ڀري هئي.

جيئن ته هو اڄ اسان جي وچ ۾ نه آهي پر سنڌي ادب ۽ تعليم کاتي ۾ سندس جُتيءَ ۾ پير وجهڻ وارو مون کي نظر نٿو اچي.

 

 

 (هلچل، تعمير سنڌ، مهراڻ، سنڌ، عوامي آواز، سوڀ، سنڌو)


 

پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سندس علمي ۽ ادبي خدمتون

نذير ’شاڪر‘ بروهي شڪارپور

سنڌ سونهن ۽ سرهاڻ جي ڌرتي آهي، جيڪا ’مُهين جي دڙي‘ واري دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اولياء الله، صوفي بزرگ، الستي درويش، سوين سورهيه، ساڃاھ وند ۽ علم جا اڪابر پيدا ڪندي رهي ٿي. اُهي عظيم شخصيتون سنڌ ڌرتيءَ سان بي لوث محبت ۽ عقيدت رکندي پنهنجي حياتيءَ جو هر پل سنڌ ڌرتيءَ جي امانت سمجهي سجايو ڪنديون رهن ٿيون.

هونئن ته سنڌ جا سمورا ڳوٺ، شهر سون آهن، جيڪي پنهنجي الڳ تاريخ رکن ٿا ،پر انهن ۾ سنڌ جو مکيه شهر لاڙڪاڻو ادبي اعتبار کان توڙي سياسي لحاظ کان پوري دنيا ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. ڪلهوڙا دور ۾ لاڙڪاڻو خوب وڌيو ۽ ويجهيو، بالخصوص ميان نور محمد ڪلهوڙي (۱۷۱۹ع - ۱۷۵۳ع) جي ڏينهن ۾ سندس نائب ميان شاھ بھارو جهنجهڻ (۱۶۶۵ - ۱۷۳۶ع) بهادريءَ ۽ سچائيءَ سببان وڌندي اعليٰ عهدي تي پهتو ۽ کيس ۱۷۱۹ع ڌاري چانڊڪا پرڳڻي يعني هاڻوڪي لاڙڪاڻي ضلعي جو ناظم اعليٰ مقرر ڪيو هو. جنهن پنهنجي دور ۾ لاڙڪاڻي کي وڏي اوج تي رسايو، ميراڻي موج ۾ منجهس معياري ڪتبخانو به رهيو آهي. علمي ۽ ادبي لحاظ کان ان وقت وڏيون درسگاهون هيون. خاص ڪري ديني درس توڙي شعر و شاعريءَ جي سلسلي ۾ هيءُ شهر قديم زماني کان شهرت رکي ٿو.“ (۱)

لاڙڪاڻي جي تاريخ جا اُهي گمشده ورق ڳولهي ڦولهي تحقيق ۽ کوجنا ڪري سنڌين کي تاريخ جوڙي ڏيندڙن ۾ ناميارو ليکڪ، محقق پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي به هڪ آهي.

پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي ولد حاجي رحيم بخش ميمڻ لاڙڪاڻي جي ميمڻ محله هاڻوڪي لاهوري محله ۾ ۲۷ رمضان المبارڪ ۱۳۵۸ھ مطابق پهرين سيپٽمبر ۱۹۳۹ع تي جنم ورتو. سندس وڏا اصل ۾ ماڙي ڳوٺ تعلقه شڪارپور جا رهواسي هئا، پر پوءِ ٽالپرن جي دور ۾ روزگار جي سانگي چانڊڪا پرڳڻي يعني لاڙڪاڻي ڏانهن نقل مڪاني ڪري آيا.

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب ابتدائي تعليم گورنمينٽ پريڪٽسنگ پرائمري اسڪول لاهوري محلي مان ۱۹۴۹ع ۾ چار درجا حاصل ڪرڻ بعد گورنمينٽ پائلٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو مان ۱۹۵۴ع ۾ مئٽرڪ ڪري ورتائين. انٽر ميڊيئيٽ جو امتحان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۵۶ع ۾ سٺن نمبرن سان پاس ڪيائين. بي.اي ۽ ايم.اي جي سَنَد سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو مان ورتائين.

هي پهريون خوش نصيب سنڌي هو، جنهن سنڌي ادب ۾ ايم فل ۱۹۷۵ع ۾ ڪئي. ۱۹۷۸ع ۾ ايل.ايل.بي جي امتحان ۾ ٻيو نمبر آيو. ۱۹۸۵ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ’اڻويهين صديءَ جا نثر نويس‘ جي عنوان تي مقالو لکي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين.

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب شروع ۾ ۲۰ مئي ۱۹۵۷ع ۾ پي ڊبليو ڊي کاتي ۾ سرڪاري ملازم ٿيو ۽ پوءِ ۱۴ نومبر ۱۹۷۳ع تي تعليم کاتي ۾ بحيثيت ليڪچرار عبدالله ڪاليج نارٿ ناظم آباد ڪراچيءَ ۾ مقرر ٿيو. سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ تعليمي فرائض سرانجام ڏيندو رهيو ۽ آخر ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۳۱ آگسٽ ۱۹۹۹ع تي ايسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتائين.

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب کي ننڍپڻ کان ئي علم و ادب سان شوق رهيو. هن ۱۹۵۶ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ سندس سوين مقالا هند ۽ سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا، جن جا اردو، انگريزي، براهوئي ۽ گجراتي زبان ۾ پڻ ترجما شايع ٿيا آهن.

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جا اکر تمام بهترين موتين مثل هئا، ان ڪري هن پنهنجا ڪيترائي ڪتاب پنهنجي هٿ اکرن ۾ تيار ڪري ڇپايا هئا، سندس لکڻين کي سنڌ توڙي هند ۾ قدر جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ خاص طور تي هيٺيان ڪتاب مشهور آهن: (۱) ملا نصيرالدين جا لطيفا ۱۹۶۱ع، (۲) سيد عبدالقادر جيلاني ۱۹۶۷ع، (۳) شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۱۹۶۹ع، (۴) تذڪره غفور (جلد اول) ۱۹۷۲ع، (۵) سنڌي ادب جي مختصر تاريخ (ڀاڱو پهريون) ۱۹۷۶ع، (۶) هيرا لعل جواهر ۱۹۷۶ع، (۷) پاڪستان جو اڀياس ۱۹۷۷ع، (۸) ماڊرن اسڪول ڊڪشنري ۱۹۷۷ع، (۹) هيرن جو هار ۱۹۷۷ع، (۱۰) مارڊن مضمون نگاري (ٻه ڀاڱا) ۱۹۷۷ع کان ۱۹۷۸ع، (۱۱) شرح سر ڏهر ۱۹۷۸ع، (۱۲) محمد رسول الله ﷺ ۱۹۸۰ع، (۱۳) سنڌي انسائيڪلوپيڊيا (پنج جلد) ۱۹۸۰ع، (۱۴) اسان جا اديب اسان جا شاعر (پنج حصا) ۱۹۸۰ع، (۱۵) مري ٿيا نه مات ۱۹۸۰ع، (۱۶) عظيم سنڌي انسان ۱۹۸۱ع، (۱۷) غفور سنڌي گرامر ۱۹۸۱ع، (۱۸) پرين جي پچار ۱۹۸۱ع، (۱۹) قائد اعظم محمد علي جناح ۱۹۸۲ع، (۲۰) مخدوم بلال باغباني ۱۹۸۲ع، (۲۱) مٽي لڌو مان ۱۹۸۲ع، (۲۲) سچا موتي ۱۹۸۷ع، (۲۳) ست مقالا ۱۹۸۷ع، (۲۴) ميمڻ سنڌي مضمون نويسي ۱۹۸۷ع، (۲۵) فقير عثمان سانگيءَ جو ڪلام ۱۹۸۳ع، (۲۶) هميشه حيات ۱۹۸۳ع، (۲۷) ادبي خزانو ۱۹۸۳ع، (۲۸) هونداسي حيات ۱۹۸۴ع، (۲۹) لاڙڪاڻي جو لال ۱۹۸۵ع، (۳۰) معرفت جو مينار ۱۹۸۶ع، (۳۱) وقت جو غوث ۱۹۸۷ع، (۳۲) عظمت جو مينار ۱۹۸۸ع، (۳۳) مانجهي مڻيادار ۱۹۸۹ع، (۳۴) عظيم انسان ۱۹۹۰ع، (۳۵) ادبي شخصيتون ۱۹۹۰ع، (۳۶) جي جوت جلائي ويا ۱۹۹۱ع، (۳۷) آفتاب هدايت ۱۹۹۲ع، (۳۸) آفتاب ولايت ۱۹۹۲ع، (۳۹) قطب اولياءَ ۱۹۹۳ع، (۴۰) غوث الزمان ۱۹۹۴ع، (۴۱) سئو سنڌي سپوت ۱۹۹۴ع، (۴۲) حافظ الملت ۱۹۹۵ع (۴۳) سلطان اولياءَ ۱۹۹۶ع، (۴۴) فيض جو درياھ ۱۹۹۷ع، (۴۵) گلستان هدايت ۱۹۹۸ع، (۴۶) اُڻويهن صديءَ جا نثر نويس (پي - ايڇ - ڊي)، (۴۷) پيران پير دستگير (۴۸) نواز علي ’نياز‘ جعفريءَ جي شاعري، (۴۹) تذڪره الشعراءَ لاڙڪاڻو، (۵۰) سنڌڙي تنهنجا ڳوٺ وغيره.

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب نثر سان گڏ نظم جي ڪيترين ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي هئي سندس شاعري گهڻو ڪري مذهبي رنگ ۾ رڱيل آهي، پسندينده صنفن ۾ بيت ۽ مولود آهن. سندس جوڙيل مولودن مان هڪ مولود نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:

جُهڪائيندس جَبين پنهنجي وڃي اُن يار جي در تي،

جُهڪي ساري خُدائي ٿي، جنهن دلدار جي در تي.

اکين سان روضي اَطهر کي ڏسان چانئٺ چُمان اُن جي،

پڙهان صلوات سَوَ واري، سچي سردار جي در تي.

شفيع المذنبين مُرسل مُحمّد آھ ته غم ڇا جو،

پُڇاڻو معاف آ ’ميمڻ‘، پرين پڳدار جي در تي.

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب وٽ شاندار لائبريري هئي، جنهن ۾ ادبي، تاريخي، مذهبي، ثقافتي، سائنسي ۽ طب بابت هزارن جي تعداد ۾ ناياب ڪتاب موجود هئا. سندس لائبريريءَ ۾ ويهين صديءَ ۾ ڇَپيل سنڌي ڪتابن جو بهترين انتخاب هو. ان کان علاوه عربي، فارسي، اُردو ۽ اَنگريزي ڪتابن جو پڻ چڱو تعداد هو. اَخبارون، رسالا ۽ پمفليٽ وغيره به جهجهي اَنداز ۾ گڏ ٿيل هئا.

مرحوم عبدالستار ڀٽي ڪتاب ’لاڙڪاڻو اَمر شخصيتون‘ ۾ سندس ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”ڊاڪٽر ميمڻ صاحب ۾ هڪ خوبي اِها به ملي ٿي ته هن سدائين قدم ۽ قلم سنڀالي کنيو آهي. پاڻ ڪڏهن به من جو ميرو نه رهيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن سان ڪڏهن ٻاڙو ٻوليو اٿس، واعدي جو پختو ۽ هميشه نتيجي تي نظر رکندڙ کرو انسان آهي. روزانو ۱۲ کان ۱۴ ڪلاڪ پنهنجي ڪتب خاني ۾ رڌل ۽ ريڌل رهيو.“(۲)

خادم حسين چانڊيو ’مارو جي ملير جا‘ ۾ ڊاڪٽر صاحب لاءِ لکي ٿو ته ”سندس ادبي پورهيي ۽ جاکوڙ کي ڏسندي حافظ محمد احسن چنا مرحوم کيس ’قليچ ثاني‘ ڪري سڏيو آهي.“(۳)

ڊاڪٽر غلام علي سانگي ڪتاب ’هيرا، لعل ۽ موتي‘ ۾ لکي ٿو ته ”۱۹۸۵ع ۾ ڊاڪٽر عبدالغفور پنهنجي والدين سان گڏ حرمين شريفين جو موقعو هٿان نه وڃايو، سڀ زيارتون آرام ۽ اطمينان سان ڪيائين ۽ ان سفر تي به هڪ ڪتاب لکيائين.“(۴)

فقير مولا بخش ’ساغر‘ سانگي ميمڻ عبدالغفور سنڌي جي ڪتاب ’فقير عثمان سانگيءَ جو ڪلام‘ جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته ’پروفيسر ميمڻ عبدالغفور سنڌي لاڙڪاڻويءَ جيڪا سنڌي اَدب جي خدمت ڪئي آهي يا ڪري رهيو آهي، سا موتين جي پوئڻ جي لائق آهي. مون سندس هر تصنيف جو مطالعو ڪيو آهي. هو هڪ اعليٰ دماغ ۽ خداداد قابليتون رکندڙ محقق آهي. سنڌ جي هر هڪ اَديب ۽ شاعر جو اَدب ۽ مڪمل سوانح حيات قلمبند ڪري هن سنڌ جي هر ننڍي خواه وڏي جون کيرون لهڻيون.“.(۵)

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي سندس ڪتاب ’عظيم سنڌي اِنسان‘ جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته ’هن کان اڳ سنڌي زبان ۾ سنڌ جي عالمن ۽ مشاهيرن تي ڪجھ ڪتاب نڪري چڪا آهن، جهڙوڪ: ’مهراڻ‘ جو ’سوانح نمبر‘، ’شاعر نمبر‘، ’الرحيم‘ جو ’مشاهير نمبر‘، مولانا دين محمد وفائيءَ جو ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ’سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري‘، اهي ڪوششون به قابلِ تعريف آهن ۽ انهن ۾ جيڪو مواد پيش ڪيو ويو آهي، اهو هڪ ماخذ جي حيثيت رکي ٿو. ان جي باوجود هڪ اهڙي ڪتاب جي ضرورت محسوس ڪئي ٿي ويئي، جيڪو عام پڙهندڙن جي مذاج ۽ طبيعت موافق هجي، ان ۾ سنڌ جي مختلف علمن ۽ فنن سان وابسته شخصيتن جو احوال آيل هجي. سنڌي زبان جي عام پڙهندڙن جي اها ضرورت عزيزم ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ پوري ڪئي آهي.“.(۶)

شاعر نثار بزمي پنهنجي هڪ نظم ۾ کيس هن ريت ياد ڪري ٿو:

’عبدالغفور سنڌي‘ عالم، اَديب فاضل،

علم و اَدب جو خادم، روشن دماغ آهي.

سوچن جا گل گلابي، ڏي ٿو ونڊي ورهائي،

هر گل ملي سگهي ٿو، هي اَهڙو باغ آهي.

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب نه رڳو پروفيسر، ڊاڪٽر، مصنف، اديب، محقق، شاعر، مضمون نگار، نقاد، لطيف شناس، سچل شناس، بيدل شناس، تاريخ نويس، ماهرِ لسانيات، تذّڪره نگار، خاڪا نگار ۽ سنڌي ٻولي ۽ علم و ادب جو خادم هئڻ سان گڏوگڏ خوش گفتار ۽ هردل عزيز انسان هو. هن اَملھ ماڻڪ اجائي شهرت کان پري رهي خاموشيءَ سان سنڌي ٻوليءَ ۽ علم و ادب جي خدمت ڪري پاڻ کي هميشه لاءِ امر بڻائي ڇڏيو.

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب ۶۵ سالن جي عمر ۾ ۱۲ شوال ۱۴۲۵ھ مطابق ۲۵ نومبر ۲۰۰۴ع خميس جي ڏينهن صبح جو ساڍي ڇھ بجي ڌاري هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. سندس آخري آرامگاھ علي بحر قبرستان ۾ موجود آهي.

حوالا:

۱. سومرو، محمد بخش: مضمون ’لاڙڪاڻي جا لال‘ مئگزين وَڻجَارا (جلد تيرهون)، گورنمينٽ آرٽس ڪاليج، لاڙڪاڻو، سنڌ ۷۹-۱۹۷۸ع

۲. ڀٽي، عبدالستار: ’لاڙڪاڻو اَمر شخصيتون‘ ريسرچ اڪيڊمي، لاڙڪاڻو ۲۰۰۰ع

۳. چانڊيو، خادم حسين: ’مارو جي ملير جا‘ گنج بخش ڪتاب گهر، حيدرآباد، سنڌ ۲۰۰۳ع

۴. سانگي، غلام علي: ’هيرا، لعل ۽ موتي‘ دودائي سانگي پبليڪيشنز، لاڙڪاڻو ۲۰۱۶ع

۵. ميمڻ، عبدالغفور سنڌي: ’فقير عثمان سانگيءَ جو ڪلام‘ منظور بوڪ اسٽور شاهي بازار، شڪارپور، سنڌ ۱۹۸۳ع

۶. ميمڻ، عبدالغفور سنڌي: ’عظيم سنڌي اِنسان‘ ماڊرن بوڪ اسٽور، لاڙڪاڻو، سنڌ ۱۹۸۱ع

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۴-۲۰۲۱ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ۾ ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا