; سنڌي شخصيتون: سيد حاجي علي اڪبر شاهه - ذوالفقار علي هيسباڻي

23 June, 2012

سيد حاجي علي اڪبر شاهه - ذوالفقار علي هيسباڻي


سيد حاجي علي اڪبر شاهه
نڪي کڻن پاڻ سين
ذوالفقار علي هيسباڻي/حيدرآباد
سنڌ ڌرتي کي اهو شرف حاصل آهي ته ان جي مٽيءَ مان ڪيئي سخي مرد قلندر، مهمان نواز، اوطاقي عشاق ۽ ڄڃن کي بيهاري مانيون کارائيندڙ مجاهد پيدا ٿيا آهن. انهن مان سيد حاجي علي اڪبر شاهه به هڪ آهي. هيءُ سخاوت جو سمنڊ، سنڌ جي مردم خيز شهر ميهڙ ۾ سيد احمد شاهه رضوي جي حويلي ۾ فيبروري 1901ع ۾ پيدا ٿيو.


سيد علي اڪبر شاهه جي سخاوت ۽ فياضي جا قصا، سنڌ ۾ تمام گهڻو مشهور آهن. شاهه صاحب پنهنجي سموري ملڪيت، غريبن ۽ مسڪينن ۾ تقسيم ڪري ڇڏي هئي. هن مرد حاتم جي دروازي تي حاجتمندن جون قطارون ٿي وينديون هيون. پاڻ ڪوشش ڪندا هئا ته هر ڪنهن جو ڪم ٿئي ۽ ڪو به نااميد نه وڃي. ايتري تائين جو پنهنجي بي بي سڳوري جا ڳهه به گروي رکي، حاجتمندن جي حاجت پوري ڪري ڇڏيندا هئا. اهڙا ڪيئي واقعا ۽ انهن جا گواهه اڄ به موجود آهن.
سائين علي اڪبر شاهه جي سخاوت جا قصا، جڏهن سنڌ جون سرحدون ٽپي عرب ملڪن تائين پهتا ته اتان وفد سندن خدمت ۾ اچڻ لڳا. ميهڙ جي جامع مسجد ۾ ڪو نه ڪو عرب سڳورو ترسيل هوندو هو. هي ان وقت جي ڳالهه آهي، جڏهن عربستان ۾ اڃا دولت جي فراواني ڪو نه ٿي هئي، نه پيٽرول نڪتو هو، نه وري سون چانديءَ جون کاڻيون نڪتيون هيون. ان وقت عربستان جا عرب سڳورا هر وقت ميهڙ ۾ مقيم رهندا هئا.
ورهاڱي کان اڳ سائين علي اڪبر شاهه مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي ميهڙ-ڪڪڙ تڪ مان چونڊجي ليجسليٽوِ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو هو. ان حيثيت ۾ کيس هڪ هزار رپيا پگهار ملندو هو. شاهه صاحب ان کي هن طرح خرچ ڪندو هو:
۱ - تاج ڪمپني، جنهن جو ڪم قرآن شريف ڇپرائڻ هوندو هو، ان کي هر مهيني ٽي سؤ رپيا امداد ڏيندا هئا ته جيئن ان ڪارِ خير ۾ سندن حصو هجي.
۲ - ٽي سؤ رپيا، غريب شاگردن کي امداد ڏئي پڙهائيندا هئا.
۳ - باقي چار سؤ رپيا، پنهنجي ذاتي خرچ لاءِ رکندا هئا.
سائين علي اڪبر شاهه جا، سنڌ مسلم ليگ جي صدر هجڻ جي ناتي، قائد اعظم محمد علي جناح سان تمام ويجهڙائيءَ وارا تعلقات هئا. ان ڪري قائد اعظم محمد علي جناح، سائين علي اڪبر شاهه کي صدر ڪراچيءَ ۾ هڪ فليٽ ڏنو هو، جنهن ۾ سائين رهائس پذير هئا. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جڏهن ڀارت جا ”مهمان“ هتي اچي آباد ٿيا ته سائين همدردي طور اهو پنهنجو ذاتي فليٽ به انهن کي ڏئي ڇڏيو. هن مردِ خدا جي الله تعاليٰ تي توڪل هوندي هئي، ان ڪري آئينده لاءِ ڪا به شيءِ بچائي ذخيرو ڪري ڪونه رکندا هئا. چوندا هئا ته، ”سڀاڻي اهو ڏيندو، جيڪو سڄي دنيا کي ڏئي ٿو“. ايتري تائين جو رات جو مَٽن جو پاڻي به هارائي ڇڏيندا هئا. هن چاهيو پئي ته مسلمان ترقي ڪن ۽ پاڻ ۾ وڻج واپار ڪرڻ جي اهليت پئدا ڪن. ان ڏس ۾ هن جامع مسجد پويان دڪان ٺهرايا ۽ مسلمانن کي تجارت جي تلقين ڪيائون ته جيئن سندن معاشي حالت بهتر ٿئي.
سائين علي اڪبر شاهه کي مٺڙي عربي صه جي مٺڙي ٻولي سان بيحد پيار هو. هن جو ارادو هو ته سنڌ اندر هڪ اهڙي عربي يونيورسٽي قائم ڪجي، جتي شاگرد، عربي ٻوليءَ جي مڪمل سکيا وٺي عرب ملڪن ۾ آسانيءَ سان روزگار وغيره ڪري سگهن. ان سان گڏ قرآن شريف ۽ حديث پاڪ جي حڪمن کي به پروڙي سگهن. ان حوالي سان تلڪ چاڙهي حيدرآباد وٽ ”جامعه عربيه“ جي نالي سان هڪ ابتدائي قدم طور، هڪ منفرد انداز جو ادارو قائم ڪيائون. پر افسوس جو اهو خواب شرمندهءِ تعبير ٿي ڪو نه سگهيو، اڄ اهو صرف هاءِ اسڪول آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا