; سنڌي شخصيتون: پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙو

11 June, 2012

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙو

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙو

ڏات ڌڻي



سنڌ سموري هيرن جي کاڻ آھي. جنهن ۾ سدا بهار شخصيت ڏاهي، دانشور، اديب ۽ اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙو، ميهڙ ضلعي دادو ۾ هڪ علمي گهراڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ميهڙ، ٽنڊو محمد خان، ماتلي ۽ حيدرآباد مان حاصل ڪيائين، سال ۱۹۵۳ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ، پروفيسر ابڙو مرحوم ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ ”استاد“ جي حيثيت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو.


پروفيسر ڊاڪٽر ابڙو مرحومم سموري زندگي درس وتدريس ۽ مختلف انتظامي عهدن تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. جنهن ۾ خاص طرح پرنسپال، پاڪستان ڪاليج مسقط، (سلطنت اومان)، سيڪريٽري ۽ پوءِ چيئرمين ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، پرنسپال ڪوٽڙي ڪاليج، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز، پرنسپال پبلڪ اسڪول حيدرآباد شامل آهن.

ڊاڪٽر پروفيسر محمد اسحاق ابڙو جي علمي قابليت ۾ ايم اي (فارسي) گولڊ ميڊلسٽ، ايم اي (تاريخ)، ماسٽرس ايجوڪيشن تهران يونيورسٽي مان ڊپلوما (فارسي) امتيازي پوزيشن ۾ حاصل ڪئي. ۱۹۸۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان فلاسافي ۾ پي ايڇ ڊي حاصل ڪئي.

مرحوم ڊاڪٽر صاحب جي ادبي ڪاوشن ۾، يوناني ڏاهي افلاطون جي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”رعيتي راڄ“ آھي. امام غزالي مرحوم جي صوفي ازم تي لکيل ڪتاب ”اَيها الوَلد“ڪتاب جو سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ترجمو ڪيائون. نبي ڪريم صه جن جي سيرت مبارڪ تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب ”ٻاجهارا ٻول“ لکيائون. سندن انگريزي ۾ لکيل ڪتاب ”In search of Allah“ ڏيهه خواهه پرڏيهه ۾ وڏي شهرت ماڻي.

پروفيسر ابڙو صاحب جي سڄي حياتي نبي ڪريم صه جن جي عشق ۾ گذري. جنهن جو ثبوت سندس ڪيترا ئي مضمون ۽ مقالا آهن، جيڪي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن.

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙو، اعليٰ استاد هئڻ کان علاوه هڪ سٺو والد، بهترين دوست، غريبن جو يار، سماجي سڌارڪ، پيارو پاڙيسري، همدرد ۽ هڏ ڏوکي، ننڍڙن سان ننڍو، وڏڙن سان وڏو ۽ محنتي انسان هو. جنهن هن فاني دنيا مان ۲۷ مئي ۲۰۰۷ع تي پنهنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.


 

ڊاڪٽر اسحاق ابڙو

پروفيسر محمد اسحاق ولد عبدالحڪيم ابڙو ۸ فيبروري ۱۹۳۵ع تي ڳوٺ امام بخش ٿيٻي، تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. ۱۹۶۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم ايڊ جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري ٻيو نمبر حاصل ڪيائين. سنڌ سرڪار کيس ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج نواب شاهه ۾ فارسيءَ جو ليڪچرر مقرر ڪيو. سال ۱۹۷۶ع ۾ پاڪستان طرفان کيس اسڪالرشپ ڏئي ايران موڪليو ويو ۽ تهران يونيورسٽيءَ مان جديد فارسيءَ ۾ ڊپلوما حاصل ڪيائين، جنهن ۾ کيس ”عالي“ گريڊ ڏنو ويو ۱۹۸۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فارسيءَ ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڊاڪٽريٽ جي مقالي ۾ شاهه عنايت شهيد جي فڪري پوئلڳ روهڙيءَ جي سادات خاندان مير جان الله شاهه رضويءَ جي فارسي ڪلام ”ديوان مير“ جي مهتممي ڪري، ان تي انگريزيءَ ۾ مقالو لکيائين. سندس پي ايڇ ڊي جو مقالو ”ديوانِ مير“ سکر هسٽاريڪل سوسائٽيءَ پاران ۲۰۰۳ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. ”اقرا“ جي نالي سان مخزن ڪڍي، جنهن جو پاڻ چيف ايڊيٽر ٿي رهيو. پاڻ بهترين اديب هو. هن سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ ڪيترائي مضمون لکيا. نامياري فيلسوف افلاطون جي جڳ مشهور ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ڪيل سندس ترجمو ۱۹۹۰ع ۾ ”رعيتي راڄ“ جي نالي سان ڇپجي پڌرو ٿيو. ان کان سواءِ هڪ ڪتاب ”ٻاجهارا ٻول“ به شايع ٿيل اٿس. وزارت تعليم طرفان جوڙايل سائنسي ۽ هنري لفظن جي لغت جي سنڌي ترجمي لاءِ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي چيئرمئنشپ ۾ ٽه رڪني پئنل جو ميمبر رهيو. سال ۱۹۸۴ع ۾ وزارت تعليم، حڪومت پاڪستان طرفان، سنڌي ادبي بورڊ ذريعي جيڪي بنيادي ڪتابڙا سنڌيءَ ۾ تيار ڪرايا ويا، انهن جي نظرثاني ۽ تصحيح لاءِ مقرر ڪيل ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. سال ۱۹۹۰ع ۾ ڊاڪٽر ابڙي انگريزيءَ ۾ هڪ لکيو، جيڪو اردو اڪيڊمي، ڪراچيءَ طرفان سال ۱۹۹۵ع ۾ شايع ڪيو ويو تعليم کاتي ۾ ورهين جا ورهيه خدمت ڪرڻ کان پوءِ سٺ ورهين جي ڄمار ۾ ويهين گريڊ ۾ رٽائر ڪيائين. رٽائرمينٽ کان ٻه سال پوءِ سنڌ حڪومت سال ۱۹۹۷ع ۾ ڊاڪٽر ابڙي کي پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال مقرر ڪيو. ابڙي صاحب ۳۱ آگسٽ ۱۹۹۸ع تي گرلس پبلڪ اسڪول جو بنياد رکيو ۽ پبلڪ اسڪول حيدرآباد مان مخزن ”اقرا“ ٻيهر جاري ڪرايائين. هو ۲۷ مئي ۲۰۰۷ع تي وفات ڪري ويو.


پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق ابڙو

حڪيم محمد يوسف کتري

اسحاق ابڙي جو ماتلي ۾ اسان جي آمهون سامهو گهر هو خانداني واقفيت آئون ضرور لکندو آهيان پر پهرين سائين اسحاق ابڙي بابت اها  معلومات انسسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۽ سندس فيس بڪ واري آءِ ڊي تان معلومات ڏئي رهيو آهيان ان کان پوءِ سندس خاندان جو تفصيلي جائزو وٺندا سين.

سندس والد جو نالو عبدالحڪيم هو جنهن کي پاڙي ۾ جمعدار چوندا هئا . پاڻ ۸ فيبروري ۱۹۳۵ تي ڳوٺ امام بخش ٿيٻي ۾ تولد ٿيا جيڪو ميهڙ جي پاسي ۾ هو ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين ان کان پوءِ ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد ۾ تعليم حاصل ڪيائين سال ۱۹۵۳ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. انهيءَ سال ٽنڊومحمدخان جي ميونسپل اسڪول جيڪو هن وقت گورنمنٽ گرلز هاءِ اسڪول آهي ان ۾ استاد ٿيا. سال ۱۹۶۱ع ۾ سنڌ يونويورسٽي مان فارسي ۾ ايم اي جيڪا فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ پاس ٿيا. سال ۱۹۶۴ ۾ اسلامي تاريخ ۾ ايم اي جو امتحان ڏنائين جنهن ۾ ٽيون نمبر آيو۱۹۶۵۾ بي ٽي جي ڊگري حا صل ڪيائين. سال ۱۹۶۶ ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم ايڊ جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائون. سنڌ سرڪار کيس ۱۹۶۸ع ۾ گورنمنٽ ڪاليج نواب شاه ۾ فارسي جو ليڪچرر مقرر ڪيوسن ۱۹۷۶ ۾ پاڪستان طرفان کيس اسڪالرشپ ڏئي ايران موڪليو ويو ۽ تهران يونيورسٽي مان جديد فارسي ۾ ڊپلوما حاصل ڪيائين جنهن ۾ کيس عالي گريڊ ڏنو ويو. سال ۱۹۸۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان فارسي ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين ڊاڪٽريٽ جي مقالي ۾ شاه عنايت شهيد جي فڪري پوئلڳ روهڙي جي سادات خاندان مير جان الله شاه رضوي جي فارسي ڪلام ديوان مير جي مهتممي ڪري ان تي انگريزي ۾ مقالو لکيائين

ڊاڪٽر ابڙي سال ۱۹۵۷ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان مان مخزن جاري ڪيو ۽ ان مخزن جي انگريزي حصي جو ايڊيٽر ٿي رهيو ساڳي ڪاليج مان ٻه ڀيرا الڪريم مخزن ڪڍيائين ۽ ان جو چيف ايڊيٽر رهيو ڊاڪٽر صاحب اگسٽ ۱۹۸۸ع ۾ ڊئريڪٽوريٽ آف ڪاليج ايجوڪيشن حيدرآباد ريجن جي ڊپٽي ڊئريڪٽر آف ڪاليج ايجوڪيشن حيدرآباد هئڻ وقت ڊئريڪٽوريٽ طرفان سيرت پاڪ تي ڇپايل رسالي مشعل راه جي انگريزي ڀاڱي جو ايڊيٽر هو سال ۱۹۹۰ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر صاحب مسقط ڪاليج آف پاڪستان جو پرنسيپل هو ته هن اقرا جي نالي سان  مخزن ڪڍي جنهن جو پاڻ ايڊيٽر هو پاڻ امام غزالي جي ڪتاب ايهالولد جي فارسي متن جو سنڌي ۾ ترجمون ڪيو جيڪو غزالي اڪيڊمي طرفان ۴ دفعا شايع ٿيو ساڳي ڪتاب جو اردو ترجمون پڻ مدينه پبليڪيشن طرفان ڪراچي طرفان سال ۱۹۸۷ ع ۾ شايع ڪيو ويو.انهيءَ کان سواءِ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري طرفان جڳ مشهور فيلسوف افلاطون جي ڪتاب ري پبلڪ جو سنڌي ترجمون ڪيائين جيڪو ۱۹۹۰ ۾ رعيتي راڄ جي نالي سان شايع ٿيوانهيءَ کان سواءِ هڪ ڪتاب ٻاجهارا ٻول به شايع ڪيل اٿس.ڊاڪٽر ابڙي پاڪستان جي وزرات تعليم حڪومت پاڪستان طرفان ڏنل موضوع مواصلات جا وسيلا تي هڪ ڪتابڙو ۱۹۸۴ ع ۾ لکيو ۱۹۸۵ مرڪزي وازرات طرفان جوڙيل سائنسي ۽ هنري لفظن جي لغت جي سنڌي ترجمي لاءِ علامه غلام مصطفي قاسمي جي صدارت ۾ٽه رڪني ميمبرن ۾ شامل هو.۱۹۸۴ ع۾ وزرات تعليم حڪومت پاڪستان طرفان سنڌي ادبي بورڊ جي ذريعي جيڪي بنيادي ڪتابڙا سنڌي ۾ تيار ڪرايا ويا انهن جي نظر ثاني ۽ تصحيح لاءِ مقرر ڪيل ڪميٽي جو ميمبر هيو سال ۱۹۹۰ع ۾ ابڙي انگريزي ۾ هڪ ڪتاب ان سرچ آف الله لکيو جيڪو اردو اڪيڊمي ڪراچي پاران ۱۹۹۵ ع ۾ شايع ڪيو ويو پروفيسر ابڙي ۴۵ سالن کان مٿي تعليم کاتي جي خدمت ڪئي ۱۹۷۳ ع ۾ سعيد پور ڪالج ضلع بدين جو باني پرنسپل مقرر ٿيو اپريل ۱۹۷۵ ڌاري سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو  سيڪريٽري مقرر ٿيو جتي ۱۱ ورهه ڪم ڪيائين ۽ ان عرصي ۾ ٽي دفعا چيئرمن به رهيو. ابڙو صاحب ۱۹۸۵ع ۾ جڏهن سنڌ بڪ بورڊ جو چيئرمن هو ان سال ڪاميٽي آف چيئرمن ٽيڪسٽ بڪ بورڊ آف پاڪستان جي چيئرمن شپ به سنڌ کي ملڻي هئي انهيءَ حيثيت ۾ انٽر بورڊ ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. سال ۱۹۸۵ ع ۾ ڊاڪٽر صاحب گورنمنٽ ڪاليج ڪوٽري جو پرنسيپال مقرر ٿيو. اهڙي ريت تعليم کاتي ۾ ورهن جا وره خدمت ڪرڻ کان پوءِ ۶۰ ورهين جي ڄمار ۾ ويهين گريڊ ۾ رٽائرڊ ڪيائين. رٽائرمنٽ کان ٻه سال پوءِ، سنڌ حڪومت سال ۱۹۹۷ع ۾ ڊاڪٽر ابڙي کي پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال مقرر ڪيو. ابڙي صاحب ۳۱ آگسٽ ۱۹۹۸تي گرلس پبلڪ اسڪول جو بنياد رکيو ۽ پبلڪ اسڪول مان ٻيهر اقرا جاري ڪيائين. سندس وفات جي خبر پئجي نه سگھي. باقي اها پڪي ڳالهه آهي ته کيس وفات کان پوءِ حيدرآباد ۾ ئي دفن ڪيو ويو. هن ڄاڻ سان منهنجو متفق هجڻ ضروري نه آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا