; سنڌي شخصيتون: December 2022

31 December, 2022

دريا خان شنباڻي

دريا خان شنباڻي

سنڌي فڪشن جو سهڻو، سيبتو نانء - جنم ڏينهن حوالي سان تاثراتي ڪالم

زاهد علي ڀٽو



بهترين قلمڪار جيڪو هڪ ئي وقت مزاح نگاري جو فن به رکي ٿو ته خاڪا نويسي جو هنر به خوب ڄاڻي ٿو ۽ ڪهاڻيڪار ته ڪمال جو آھي،طبيعت ۾ سادگي پسند انسان، پيارو سائين دريا خان شنباڻي صاحب منهنجي پسنديده ڪهاڻيڪارن جي فهرست ۾ ٽاپئون ٽاپ آھي سندس لکيل ڪهاڻي اهڙي سيڪئونس،اهڙي ترتيب ۽ اهڙي دلچسپ هوندي آھي جو پنهنجي پڙهندڙ کي آڱر کان جهلي پاڻ سان گهمائيندي گهمائيندي پڇاڙي تائين پنهنجي سحر ۾ جڪڙي هلي ٿي ۔توڙي جو سندس پڙھندڙن جون اکيون کليل هونديون آھن پر دريا خان جي ڪهاڻين ۾ اهڙو سحر،اهڙو طلسم هوندو آھي جو ڄڻ ڪو ماڻهو مانڊي هٿان منڊجي ويو هجي ۽ چاهيندي نه چاهيندي لاشعوري مانڊي جي قابو ۾ قيد ٿي ويندو آھي۔

حافظ نظاماڻي

حافظ نظاماڻي

سنڌ جو سرموڙ شاعر

پروفيسر محمد جڙيل سانگي



ڪائنات جي شروعات ڪڏهن ڪئين ڪٿي ٿي، سو الڳ بحث آهي، جنهن لاءِ هن دنيا ۾ ڪئين ڪتاب ۽ مختلف نظريه ۽ خيال موجود آهن، پر جڏهن ڪلمو ٿو پڙهجي ته پوءِ باقي نظريه ۽ خيال اونهي کڏ ۾ ڦٽا ڪري ڇڏڻ گهرجن، ۽ صرف قرآن جي ٻڌايل طريقي مطابق زندگيءَ کي هلائڻ گهرجي، ”سڄڻ ڏٺو جن ڏسڻ غير گناھ“ جي حوالي سان جو دم غافل سو دم ڪافر ٿي وڃبو، ان لاءِ ٻئي در واجهائڻ ته ڪڍي ڪانگن کي ڏيان وارو حساب ڪتاب هئڻ گهرجي، نه ته جي اِٿ نهين تي ڪِٿ نهين ٿي پوندو.

شبيرڻ پاٽائي

شبيرڻ پاٽائي

آديسي اُٿي ويا

مير سردار چنڙ



پاٽ شريف دادو ضلعي جي شھرن ۾ علمي ادبي حوالي سان اھم شھر آھي ڇاڪاڻ ته دادو ضلعي کي سڀني شھرن کان وڌيڪ سگھارا ۽ معتبر نالا پاٽ شريف جي ھن ننڍڙي شھر مان ئي مليا آھن. اھي عالم اديب مفڪر توڙي شاعر آھن جيڪي پاٽ شريف جو اھم حوالو رھيا آھي نہ رڳو ايئن بہ پاٽ شريف بہ انھن جو حوالو آھي. پاٽ شريف جي سرزمين مان جنم وٺندڙ شبيرڻ پاٽائي پڻ سنڌي شاعري جي سگھارو نانءُ آھي. شبيرڻ پاٽائي  ۱۹ مئي ۱۹۶۲ع تي ڳوٺ بھرام خان چانڊيو يوسي پاٽ شريف ضلع دادو ۾ ڄائو. پاڻ بنيادي تعليم پرائمري اسڪول بھرام خان چانڊيو ۽ ميٽرڪ گورنمينٽ علامه آء آء قاضي بوائز ھاء اسڪول پاٽ شريف مان حاصل ڪيائين.  پيشي جي لحاظ کان پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ سپاھي ھو.

شاھن سمنگ

شاھن سمنگ

سنڌ جو ناليوارو شاعر

ابراھيم کرل



زندگي جي سفر ۾ ڪيترا لاھا چاڙھا ايندا رھن ٿا، جن سان منھن ڏئي ماڻھو نڀائي وڃي ٿو، ڏکيو يا سکيو، ماڻھوءَ کي ڪنڊو بـ لڳي ٿو تـ کانئس دانھن نڪري ٿي وڃي ۽ پير وٺي ويھي ٿو رھي، ماڻھوءَ کي ٿوري بـ لفٽ ملي ٿي تـ سڀ وفاداريون، احسان ڀلائي ڇڏي ٿو۽ مڙي پوئتي ئي ڪونـ نھاري ٿو تـ ھن ماڻھوءَ، ڪا مونسان چڱائي بـ ڪئي ھئي، ڪو پھر مونسان وھي بـ ويو ھو.

28 December, 2022

شهيد محترمه بينظير ڀٽو- ۲

شهيد محترمه بينظير ڀٽو

سندس يادگيريون

مير نادر علي ابڙو



اڄ هر اک آلي آهي، ماحول ۾ سوڳ جا بادل جتي ڳوڙها ٿا هارين ته اتي سڏڪا ۽ هوڪارا هر دل کي آب هارڻ تي مجبور ٿا ڪري ڇڏين. اڄ اهو ۲۷ ڊسمبر جو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن جي ڀيانڪ شام، راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ سنڌ راڻي شهيد بينظير ڀٽو کي اسان کان الڳ ڪيو  ۽ هڪ وقت لاءِ سموري سنڌ ماتم بڻجي ويئي، سمورا شهر ويران بڻجي ويا، هر طرف افراتفري اهڙي ڏسڻ ۾ آئي جو هتي ماڻهن جي ذهنن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. هر طرف روڄ راڙو ڪندي، قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندي ماڻهو گهرن مان نڪري آيا. پنهنجي محبوب قائد شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري خبر ماڻهن جي ذهنن تي اهڙي نموني سان اڀري جو هر ڪنهن ايئن ٿي سمجهيو ته انهن جي دنيا ويران ٿي ويئي آهي، جهڙوڪ انهن جي پنهنجي گهر جو ڀاتي شهيد ٿي ويو هجي، هر ماڻهو پاڻ کان بي خبر هو، ذهن ڪم ڪرڻ کان جواب ڏيئي ويٺا هئا ته اتي وري انتظاميه بيوس بڻيل نظر آئي. سمورو ملڪ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي غم ۾ بيحال بڻجي ويو. ان لمحي آئون سنڌ جي دل حيدرآباد ۾ هيس، جتي هر اک آلي  هئي، هر ماڻهو قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندو  ٿي رهيو.