شاھن سمنگ
سنڌ جو ناليوارو شاعر
ابراھيم کرل
زندگي جي سفر ۾ ڪيترا لاھا چاڙھا ايندا رھن ٿا، جن سان منھن ڏئي ماڻھو نڀائي وڃي ٿو، ڏکيو يا سکيو، ماڻھوءَ کي ڪنڊو بـ لڳي ٿو تـ کانئس دانھن نڪري ٿي وڃي ۽ پير وٺي ويھي ٿو رھي، ماڻھوءَ کي ٿوري بـ لفٽ ملي ٿي تـ سڀ وفاداريون، احسان ڀلائي ڇڏي ٿو۽ مڙي پوئتي ئي ڪونـ نھاري ٿو تـ ھن ماڻھوءَ، ڪا مونسان چڱائي بـ ڪئي ھئي، ڪو پھر مونسان وھي بـ ويو ھو.
ٿڌا گھڙا صرف گرمين ۾ وڻندا
آھن، ڇو جو ھو اسان کي پاڻي ٿڌو ڪري ڏيندا آھن. سياري ۾ اھي ئي گھڙا، گھڙامنجين تي
اونڌا ٿيا پيا ھوندا آھن، مجال آ جو اسان کين مڙي بـ نھاريون.
دوستي تعلق بـ اڄڪلھ موسمن جيان
ٿي ويو آھي، نئون دوست بـ مطلب خاطر ھٿ وڌائي ٿو، يا ڪو مفاد سامھون رکي، ڀاڪر
پائي ٿو. بڻيادو ماڻھو ڪيڏو بـ ڪمزور ٿي وڃي پر ان مان ويل نـ ويندي ان جي اک ڪڏھن
بـ شرم کان خالي نـ ٿي ٿئي، توھان جي عيب کي ھو ڏسي تـ وٺندو آھي پر زبان تي نـ
آڻيندو آھي.
آڄ ھڪ اھڙي دوست جو ذڪر ڪرڻ
چاھيان ٿو، جيڪو ورھين کان منھنجو دوست آھي، دوستيءَ جي معيار تي مان پورو لھان بـ
الائي ڪونـ؟ پر مان جڏھن سندس تعلق ۾ آيس تـ ھو منھنجو ڇپر ڇانوَ ٿيو، ان حوالي
سان تـ منھنجي ڪا ايڏي وڏي پگھار ڪونـ ھئي، بس آڻين ۽ چاڙھين ڏٿ ڏھاڙي واري پوزيشن
ھئي، جنھن ۾ وري ادبي دنيا جي رس ۽ چس جڏھن پاڻ ڏانھن مائل ڪيو تـ پروگرام ڪرائڻ
جي پٽ، مھمانن جي آمد انھن کي سھوليت ڏيڻ، گھرائڻ، خرچ ڪرڻ سبب پيٽ کي اندر رکڻو
پيو، ذاتي خواھشن جو ڳلو دٻائڻو پيو تـ ان دوست، پنھنجي ھڙان وڙان خرچ ڪرڻ شروع
ڪيو، ڪيئي پروگرام ٿيا، مھمانن جو خدمتون ٿيون، ڇاڇا نـ ٿيو پرانھيءَ دوست نرڙ تي
ڪا مايوسيءَ جي لڪير نـ آڻڻ ڏني، ايتري تائين جو منھنجو ڪھاڻي ڪتاب ”درياءَ جي ھن
پار“ آڻڻ ۾ بـ مالي مدد ڪئي، سندس پنھنجو ڪتاب”ھوا پيغام آندو آ“ پڻ ادبي ميدان ۾
آيو? جنھن تي کوڙ سارا تبصرا ۽ تبرا بـ ٿيا تـ ھڪ غير معروف اديب کي، اڳتي آڻي
ڪتاب جو مالڪ بڻايو ويو آھي، ھن جي محنت ۽ مزدوريءَ تي ٺٺوليون ڪيون ويون، پر اسان
کي انھن جملن، ٺٺولين جي پرواھ نـ ٿي، ڇو تـ ھو انھن سڀني ڄاڙي باز شاعرن کان مٿي
ھو جيڪي پاڻ تـ ڪک ڀڃي ٻيڻو نـ ڪندا آھن، پر بئي جي محنت تي منڌيئڙو ڦيرائي ڇڏيندا
آھن. سندس ڪتاب جي شاعريءَ کي موٽ ملي، ويھن کان مٿي گلوڪارن سندس غزل ڳايا،
ماڊلنگ ٿي، ريڊيو تي ڳاتي وئي، محفلن ۾ گونجڻ لڳي تـ ساڙ جا پر وڏا ٿيڻ لڳا، مٿس
سنگبازي رڳو نـ ٿي باقي سڀڪجھ ٿيو.
ان جي باوجود ھو اديبن کي
ميڙيندو رھيو، گڏ ڪندو رھيو، اختلافن کي ختم ڪرائيندو رھيو تـ وري مٿس الزام ھنيو
ويو تـ ھوپنھجن ماڻھن کي اڳتي ڪري رھيو آھي، تـ جيئن ھو پنھنجي ناماچاري ڪرائي
سگھي، ھڪ ڏينھن ھن دلبرداشتـ ٿي چيو تـ”ڀاءُ اسان کي ادبي پروگرام نـ ڪرائڻ گھرجن،
ڪنھن ٻي ماڻھوءَ کي ذميواريون ڏئي پاسيرو ٿي ويھڻ گھرجي“
عمل ڪيو سين تـ ڇھن مھينن تائين
ادبي سنگت جي دوستن کي ڪک سنگھي ويو، ھڪڙي پروگرام لاءِ ھو رجسٽر ڪڇ ۾ کڻي
گھمائيندا رھيا، ۽ پروگرام جي صدارت ۽ ھمانِ خاص جي جھڳڙن ۾ الجھندا رھيا، وري بـ
ھو اسان وٽ ئي آيا تـ جيئن صلاح ڪيو.
قصو وڏو آھي پر مونکي دوست تي
لکڻو آھي، اسان جا اداڪار فنڪار اھڙي ناماچاري ڏسي گڏ ٿيڻ لڳا، جيڪو پنھنجو شوق
پوري ڪرڻ لاءِ ڪو گانو ٺاھي تڏھن بـ اسان جي دوست کان ڊمانڊ ڪري تـ مالي مدد ڪريو،
جيڪو فلم ٺاھڻ چاھي تڏھن بـ ڊمانڊ ڪري تـ پئسا توھان ڏيو، ڪنھن جي ذاتي شادي ھجي
تڏھن ڀي فنڪار توھان ڪري ڏيو، جييڪڏھن ڪنھن ٻي شھر ۾ اتان جو وست، پروگرام ڪرائي
تڏھن بـ اچي چوي تـ ايڪو سائونڊ توھان تي کيو آھي، اھو ڪرائي ڏيو، ماڻھو نـ ٿيو ڄڻ
ثقافت کاتو ٿيو جو اديبن ۽ فنڪارن جون گھرجون پوريون ڪرڻ مٿس واجب ٿي ويو. ھو ٻچڙي
پال گھٽ ادب۽فنڪار، پال وڌيڪ ٿيڻ لڳو، ھو پنھنجي ڪم ڪار سبب ھوٽل تي ويھي چانھ
پيئي تڏھن بـ ڊنڀ ماڻھن جا اچي ڪٺا ٿين، چانھ پيئن، ماني کائن، فرمائشون ڪن ۽ پاڻ
سان گڏ مھمان بـ وٺي اچن ۽ وارڌات ڪري ھليا بـ وڃن، بل ويٺو ھي ماڻھو ڇڏائي. وري
مٿان ھڪٻئي کي اک ھڻي چون تـ بس استاد ويٺو آھي نـ پاڻھين منھن ڏيندو. ھو مجال آ
جو دانھن بـ ڪري، جي ڪري بـ تـ ڪنھن سان ڪري.
مٿس ڪڪر مڙيا، طوفان آيا، اڪيلو
منھن ڏنائين پر شڪايت نـ ڪيائين تـ ابراھيم ھي ڊنڀ ماڻھن جا ڪاڏي ويا؟
اسان ڀلي مھينا نـ ملئون تڏھن
بـ اھڙي عزت، پيار، سان ملئون جو ڀائنيون پري ھئا سون ئي ڪونـ.
ٻيو تـ ٺھيو پر اھي ماڻھو بـ
کيس ڪم نـ آيا جن کي ھن ڪم سيکاريو، چيچ کان وٺي پنڌ سيکاريو، اھي ڪک پتيءَ مان لک
پتي ٿي ويا، پر کيس منشي سمجھڻ لڳا، لوھر کي ڪھڙي خبر تـ سون جو ھٿوڙو ڇاجو ٺھيل
ھوندو آھي.
ان شخص کي ماڻھو شاھن سمنگ جي
نالي سان سڏيندا آھن.
جنھن مان، مان پويون نون ھٽايان
ٿو تـ ھو منھنجو شاھ ۽ ساھ ٿي پوي ٿو، جنھن مونکي اتساھ ڏنو. خدا مونکي اھڙي دوست
کان پري نـ ڪجانءِ، سندس حصي ۾لکيل ڏک منھنجي حصي ۾ لک، ڪجھ تـ ڀاڱي ڀائيوار ڪر،
اڪيلو شاھن ڏاڍو ٿڪجي پيو آھي.
شاھن اڄ تنھنجو جنم ڏينھن آھي،
توکي جنم ڏينھن جون مبارڪون ھجن، دوستن کي مان ڏيڻ مون تو کان سکيو آھي.
ارھو نـ ٿجانءِ مون جيڪو لکيو
سچ لکيو آھي.
(ابراھيم کرل جي فيسبڪ ٽائيم
وال تان ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)
استاد شاهن سمنگ
سندس اڄ جنم ڏينهن آھي
شوڪت نوناري
بظاهر سادو ڪمزور نحيف ۽ هلڻ ۾
ھلاک هي انسان ڪو معمولي ماڻھو نه آھي ڏس ته هڏڙن جي مٺ وڃي بچيو آهي
پر ڏک سک جو يار هڪ عظيم ڪردار
هن جي چڱائي ڪڏهن به وساري نه
ٿو جڏهن منهنجي شادي ٿي رهي هئي يارنهن سيپٽمبر تي پلاٽ ته خيرپور ۾ ھيو پر جڳھ نه
هئي ٺھيل کيسا خالي تاريخ مٿان چڙھي آئي ڪو اوهي واهي نه هيو تڏهن استاد جاين ٺاهڻ
جا ٺيڪا کڻندو هو ٻي واھ نه ڏسي استاد شاهن سان وڃي فردوس هوٽل تي مليس جيڪا سندس
ايڊريس هئي ساڻس سڄو حوال ڪيم ته هڪ مهيني اندر گهر ٺاهڻو آهي پر پئسو آھي ڪو نه
باقي ٽن مهينن اندر توکي پائي پائي چڪائي ڇڏيندم
استاد اوڪي ڪيو رات جو ننڊ نه
آئي ته الائي استاد حوال ڪيو يا سچ ۾ ڪم ٿيندو ٻئي ڏينهن پلاٽ تي وڃان ته جاء ٺاهڻ
جو سڄو مٽيريل لٿو پيو آھي ڪاريگر لڳا پيا آھن ويندي ريڙھيون پاڻيء جو موٽر بيلچا
لوهي دروازا سمورا نوان خريد ڪري آيو گهر ٺاهڻ لاء چار چار مستري ۽ ويھ ويھ مزدور
اسپيڊ سان ڪم ڪري رهيا هئا منهنجي دل مڃيو ته انسانيت ۽ ياري دوستي اڄ به زنده آھي
جن جي ڪري جهان هلي رهيو آھي
نه ته ڪير ٿو ڪنهن جي لاء ڪري
مقرره ٽائيم اندر گهر تيار ٿي ويو مون به استاد شاهن جو احسان زيان نه ڪيو طئه ٿيل
وقت اندر کيس سندس سمورا پئسا ڏنم آخر هڪڙا پنجاھ ھزار استاد بخش ڪيا ته هي پئسا
منهنجي طرفان توکي ڏيڻا ڪيا هئم پر انهن جو به زوريءَ چيڪ سندس حوالي ڪيم جيڪو وقت
تي ڪيش ٿيو ۽ استاد جيڪا چڱائي ڪئي اڄ به دل تي لکيل آھي ڪڏهن وساري نه ٿو سگهان
اهڙا انسان تمام گهٽ آھن استاد مون وانگر رومانٽڪ طبيعيت جو مالڪ آھي جنهن ڪري
شاعري جي ميدان ۾ لهڻ کان پو سڄڻ به دشمن ٿي پيس هاڻ گهٽ ٿو نڪري نمبر جيڪو ڏئي
اهو بند هر دفعي ساڻس رابطي لاء سنگت کان نمبر وٺڻو پوي۔
اڄ سندس سالگره آھي کيس دل جي
گهرائين سان مبارڪون
(شوڪت نوناريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا