; سنڌي شخصيتون: مخدوم امين فهيم

29 January, 2016

مخدوم امين فهيم

مخدوم امين فهيم
جي حياتي وفا ڪئي ته سائين عشق جي انتها ڪري ڏسبي
نور سنڌي
۲۱ نومبر تي صبح جو ۵ وڳي مخدوم سعيد الزمان عاصف جي ڪال تي ڇرڪي پيس، ڇاڪاڻ ته اهڙي وقت ڪال خيريت جي نه هوندي آهي. جڏهن سائين ٻڌايو ته قبله مخدوم امين فهيم رحلت ڪري ويا آهن ته مٿي کي چڪر اچڻ لڳا، دل ٻڏڻ ڪري اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳا. ساڻن ملاقاتون، ڪچهريون حاضريون ذهن جي پردي تي ڦرڻ لڳيون. پاڻ ڪجهه عرصي کان ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي نيٺ ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ع بمطابق ۸ صفر ۱۴۳۷هه تي فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا.


سندن جسم مبارڪ کي لکين روئيندڙ اکين، آهُن دانهن ۾ هالا ۾ حضرت مخدوم نوح جي درگاهه ۾ ڌرتيءَ ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. سندس آخري سفر ۾ قيامت خيز منظر هو. سندن وصال تي هالا سميت مٽياري، ضلعي جا تقريبن شهرن سان گڏ سنڌ جا ڪيترائي شهر سوڳ ۾ بند رهيا. سندن وصال جي خبر اليڪٽرانڪ ميڊيا تي بريڪ ٿيڻ بعد سڄي ملڪ مان هزارين مريد، عقيدتمند، ملڪ جون سياسي سماجي شخصيتون هالا پهچي ويون آخري سفر ۾ شريڪ ٿيون. پاڻ حضرت مخدوم نوح رح جن جا ۱۹ سجاده نشين، پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جا چيئرمين هئا. پاڻ لکين روحاني پيشوا، ۽ ملڪ جي مشهور سياسي شخصيت هئڻ جي باوجود سٻاجهڙي، ٻاجهاري ۽ فقير منش طبيعت جا مالڪ هئا.
پاڻ ننڍي هوندي کان انتهائي ذهين گهٽ ڳالهائڻ وارا، جيڪو به ڳالهائين اهو مختصر، پر اهي لفظ موتين مالها هوندا هئا. کين ننڍي هوندي کان والي بال، شڪار، فوٽو گرافي، شاعري ۽ تاريخي، اسلامي ڪتابن جي مطالعي سان چاهه هو. پاڻ وڏي پائي جا شاعر هئا. شاعري کين خانداني ورثي ۾ ملي. پاڻ ۱۹۵۹ع کان والد جي شاعري کان متاثر ٿي شاعري ڪرڻ لڳا. شاعري ۾ رهنمائي والدين کان حاصل ڪئي. سندس شاعري ۾ غضب جي روانگي هئي. شاعري ۾ ڪافي ۽ غزل تي کين عبور حاصل هو. سندن شاعري جو مجموعو پيغام شايع ٿيل آهي. جڏهن ته وڏي تعداد ۾ اڻ ڇپيل شاعري موجود آهي. سندن ڪلام رونا ليليٰ عابده پروين سميت ڪيترن ئي فنڪارن ڳايو آهي.
جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پ پ جو بنياد وڌو ان بعد لنڊن ۾ سندس ملاقات مخدوم امين فهيم سان ٿي ۽ شهيد ڀٽو کين پ پ جي عوامي مفادن واري وسيع نظر پروگرام کان آگاهه ڪيو ۽ کين گذارش ڪئي ته پاڻ پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ کي منهنجي پاران گذارش ڪريو ته پاڻ عوام جي مفاد خاطر پ پ ۾ شامل ٿين. مخدوم امين فهيم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڳالهين کان متاثر ٿي ذوالفقار علي ڀٽو جو پيغام والد صاحب تائين پهچايو ۽ پاڻ خود کين گذارش ڪئي ته پ پ ۾ شامل ٿيو. ان بعد پاڻ ڀٽو صاحب ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي هڪ ملاقات ڪرائي ۽ مخدوم صاحب لکين مريدن سان گڏ پ پ ۾ شامل ٿيو. ان بعد پ پ جو پهريون مرڪزي ڪنوينشن هالا ۾ ٿيو. مخدوم خاندان ۽ سروري جماعت جي پ پ ۾ شموليت ڪري پ پ وڌيڪ مضبوط ٿي. مخدوم امين فهيم پ پ جي باني ميمبرن ۾ شامل آهي ۽ پ پ جي پرائمري دور ۾ مخدوم امين فهيم پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان وفادار رهيا، ڏکين دورن ۾ جڏهن پ پ جا چڱا ڀلا اڳواڻ خاموش رهيا، انهن دورن ۾ مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا نه صرف ڀٽو خاندان سان وفادار رهيا پر پ پ ۾ ثابت قدم رهيا ۽ پارٽي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون.
مخدوم امين فهيم سياسي زندگي جو آغاز هالا ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين شپ مان ڪيو. ۷۰ع ۾ عام چونڊن ۾ بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. ۸۸ع واري چونڊ ۾ اڪثريت سان ايم اين اي چونڊيو ۽ کيس مواصلات جهڙي اهم کاتي جو وفاقي وزير بڻايو ويو. پاڻ هر عام چونڊ ۾ ايم اين اي چونڊبو رهيو آهي. ۹۳ع ۾ کين وفاقي وزير هائوسنگ تعميرات ۽ ۲۰۰۹ع جي پ پ حڪومت ۾ وفاقي وزير واپار ٿيو. پاڻ وفاقي وزير رهڻ دوران نه صرف مٽياري ۾ پر سڄي ملڪ ۾ خاص طور سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا. هزارين نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون. نواز شريف ۽ پرويز مشرف دور ۾ پ پ سان تعلق رکندڙ وزيرن خلاف وڏي پئماني تي انتقامي ڪارروايون ٿيون. حڪمرانن مخدوم امين فهيم خلاف به ڪرپشن، سرڪاري فنڊن جي ناجائز استعمال جا ثبوت هٿ ڪرڻ لاءِ سندس کاتي جا فائيل اٿلايا پر هنن کي مخدوم امين فهيم خلاف ڪي به ثبوت هٿ نه آيا. موجوده دور ۾ مخدوم امين فهيم خلاف جيڪي ڪرپشن جا ڪيس داخل ٿيا آهن، اهي ثابت نه ٿي سگهيا آهن. مخدوم خاندان ۽ سروري جماعت ان کي مخدوم امين فهيم خلاف سازش قرار ڏين ٿا.
شهيد راڻي جڏهن جلاوطني ختم ڪري واپس ملڪ موٽي ته مخدوم امين فهيم ان ڏينهن کان هر جلسي، هر دوري، هر پروگرام ۾ گڏ رهيو. شهادت واري ڏينهن به ساڻن گڏ هو. ڪراچي ۾ ڪارساز واقعي ۾ مخدوم امين فهيم کي مٿي ۽ پٺن ۾ ڌماڪي واري مادي جا ٽڪرا لڳا. شهيد راڻي جي شهادت بعد پ پ لاءِ ڪيترائي خطرا پيدا ٿي ويا. اليڪشن مهم ۾ شهيد راڻي بعد ۾ مخدوم امين فهيم کانسواءِ ڪو به ايڏي وڏي ايڏي پائي جو ليڊر نه هو، جيڪو عام چونڊن ۾ اليڪشني مهم هلائي ۽ مخدوم امين فهيم جهڙي نازڪ نفيس شخص رات ڏينهن هڪ ڪري سڄي ملڪ ۾ چونڊ مهم هلائي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ پ پ سان ان کان وڌيڪ ڪهڙي وفاداري ٿي سگهي ٿي جو شهيد راڻي جي ٽيجهي تي آصف علي زرداري اهو اعلان ڪيو ته شهيد راڻي جي فيصلي موجب ايندڙ وزيراعظم مخدوم امين فهيم هوندو پر چونڊن بعد شهيد راڻي جي خواهش موجب آصف علي زرداري مخدوم امين فهيم بجاءِ يوسف رضا گيلاني کي وزيراعظم بڻايو ۽ مخدوم صاحب کي ڪا سٺي وزارت به نه ڏني؛ نه صرف ايترو پر سنڌ حڪومت ۾ سندس فرزند مخدوم جميل الزمان کي به بنا ڪم واري وزارت ڏني. اهڙي صورتحال ۾ هر ماڻهو جو اهو اندازو هو ته هاڻ مخدوم امين فهيم پارٽي ڇڏي ويندو، ليڪن دنيا ڏٺو ته مخدوم امين فهيم اقتدار جي ڪرسي کي اهميت ڏيڻ بجاءِ شهيد ڀٽو، شهيد راڻي ۽ سندن پارٽي جي مفادن کي اهميت ڏني. وقت به وقت پ پ جي ڪو چيئرمين کان وٺي ڪجهه پ پ ليڊرن مخدوم امين فهيم خلاف بيان به ڏنا ۽ موجوده سنڌ حڪومت ۾ جيڪو مخدوم خاندان کي مانُ مليو اهو ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي. سروري جماعت جي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو ويو. پنهنجي حڪومت ۾ انتقامي ڪارروايون ڪيون ويون، ليڪن مخدوم امين فهيم شهيد جي پارٽي کي نه ڇڏيو پاڻ وصال تائين پ پ سان وفادار رهيو. پاڻ پ پ جو اثاثو هو. سندس وصال سان ملڪ جي سياسي دنيا ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي. خاص طور پ پ لاءِ وڏو نقصان آهي. ان جو احساس ۽ اندازو شايد ڪنهن کي هن وقت محسوس نه ٿئي پر وقت گذرڻ سان سندن خال محسوس ٿيندو. منهنجون ساڻن لاتعداد ملاقاتون رهيون. جڏهن به هالا ايندا هئا ته وٽن حاضري ضرور ٿيندي هئي. آئون جڏهن هالا ۾ صحافت ڪندو هئس، ان کان وٺي سندس لاتعداد پريس ڪانفرنسون به ڪور ڪيون. مون کانئن ڪيترائي انٽرويو پڻ ڪيا. ڪجهه عرصي کان سندس طبيعت ناساز هئي، کين دبئي، لنڊن، آمريڪا ۾ به علاج لاءِ نيو ويو. طبيعت ۾ ڪجهه بهتري بعد کين ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي سندن طبيعت ڪڏهن صحيح، ڪڏهن بگڙيل رهي ۽ ۲۱ نومبر جي صبح جو سندن ساهه جو سڳو ٽُٽي پيو ۽ پاڻ لکين مريدن، چاهيندڙن کي ڇڏي اتي هليا ويا، جتي اسان مان هرڪنهن کي ڏينهن پڄاڻي هلڻو آهي. پاڻ ظاهري طور اسان کان جدا ٿي ويا آهن پر اسان جي دلين، دماغ، سوچن ۾ سدائين گڏ هوندا.


مخدوم امين فهيم
پيار ڪندڙ
غلام حسين خاصخيلي
مخدوم امين فهيم سياستدان سان گڏ مشهور شاعر ۽ سروري جماعت جو روحاني سربراهه به هو. پاڻ حضرت سرور نوح جي درگاهه جو گادي نشين به هو. مخدوم امين فهيم سياسي طور شروع کان ساهه جو سڳو ڇڄڻ تائين پاڪستان پيپلزپارٽي سان سلهاڙيل رهيو. مخدوم امين فهيم جي والد مخدوم طالب الموليٰ به مشهور شاعر ۽ سياسي روحاني اڳواڻ هو. مخدوم امين فهيم کي پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ جي اها هدايت مليل هئي ته ذوالفقار علي ڀٽو جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏجان. مخدوم امين پنهنجي والد جي حڪم مطابق آخري گهڙي تائين پ پ سان رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ بلاول ڀٽو تائين پنهنجو سچائيءَ وارو ساٿ نڀائيندو رهيو.
مخدوم امين فهيم بلڊ ڪينسر سبب پنهنجو علاج جرمني مان به ڪرايو پر سندس طبيعت ۾ بهتري نه آئي. مخدوم امين فهيم بيماري دوران ڪجهه ڏينهن دبئي ۾ رهيو، پر کين سنڌ مٽيءَ جي سڳنڌ پاڻ ڏانهن ڇڪي آئي. مخدوم امين فهيم پنهنجي پٽن کي دبئي کان ڪراچي وٺي هلڻ جي صلاح ڏني. ۲۶ آڪٽوبر ۲۰۱۵ع تي کين دبئي کان ڪراچي آندو ويو، جتي کيس ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو. اها اسپتال بلال هائوس جي ويجهو آهي. مخدوم امين فهيم روحاني طور سچو املهه ماڻڪ شخص هو. سندس پيار جون آخري گهڙيون به پ پ جي پيار ۾ بلاول هائوس ڀرسان گذريون. ڪراچي جي اسپتال ۾ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو سندس عيادت ڪئي هئي. ان وقت مخدوم امين فهيم بلاول ڀٽو کي ڳراٽڙي پائيندي کيس پيار ڪيو هو. مخدوم امين فهيم پ پ پارليامينٽرين جو صدر به هو. مخدوم امين فهيم ۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع تي هالا ۾ جنم ورتو. مخدوم امين فهيم ۱۹۷۷ع کان ۲۰۱۵ع تائين پارليامينٽ جو حصو رهيو. ۷ ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ هڪ ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو، ٻه ڀيرا وفاقي وزير به رهيو. هُن اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف جي وقت ۾ وزيراعظم جي عهدي واري آڇ کي ٺڪرائي ڇڏيو هو.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جلاوطني واري وقت ۾ مخدوم امين فهيم پ پ کي هلائيندو رهيو ۽ جمهوريت لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪندو رهيو. ۲۷ ڊسمبر تي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت وقت به ساڻس گڏ هو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو چوندي هئي ته مخدوم امين فهيم سچو ليڊر آهي، جيڪو ڏک توڙي سک ۾ گڏ رهيو.مخدوم امين فهيم جي وفات تي پوري سنڌ سوڳوار آهي. مخدوم امين فهيم پنهنجي زندگيءَ ۾ خوبصورت شاعري به ڪئي. سندس شاعري رونا ليليٰ کان وٺي ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي پڻ آهي. سندس شاعري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد توڙي آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس تان نشر ٿيندي رهندي آهي. سندن هڪ گيت جون سٽون ڪجهه هن ريت آهن ”منهنجون ڳالهيون ياد ڪندين“ هاڻ مخدوم امين فهيم اسان وٽ جسماني طور موجود ناهي. سندس مڙهه کي حضرت مخدوم نوح جي مزار ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ وقت هزارين اکين مان لڙڪ ڳڙي رهيا هئا. مخدوم امين فهيم پنهنجي شاعري ۾ حقيقت چئي هئي ته منهنجون ڳالهيون ياد ڪندين. هاڻ مخدوم امين فهيم جون ڳالهيون تاريخ ۾ سونهري لفظن سان ياد رکيون وينديون. مخدوم امين فهيم هر ماڻهوءَ سان پيار سان پيش ايندو هو. مخدوم امين فهيم سان ملاقاتون، ڪچهريون يادگار طور اسان جي ذهن جي اسڪرين ۾ ڊوڙي رهيون آهن. وقت ڀلي جو بي رحم آهي، پر ڪي شخصيتون پاڻ ۾ ايترو اثر ضرور رکنديون آهن جو اُنهن جو ذڪر صدين تائين ٿيندو رهندو آهي. مخدوم امين فهيم پڻ اسان سڀني جي دلين ۾ سدائين زندهه رهندو.


ھڪ بااصول ماڻهوءَ جي موڪلاڻي
اصغر علي خان جوڻيجو
پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جو صدر، سروري جماعت جو روحاني پيشوا نفيس جذبن جو شاعر ۽ مهربان شخصيت مخدوم امين فهيم اڄ اسان سڀني کي هميشه جو وڇوڙو ڏئي هن فاني جهان کي الوداع ڪري ويو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نگري جي واسي مخدوم امين فهيم پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي کان ڪئي. هو انهن ماڻهن مان هڪ هو، جن پاڪستان پيپلز پارٽي جي قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو سان گڏ ڪم ڪيو. اهو اعزاز تمام ٿورن ماڻهن وٽ هوندو. پاڻ پيپلزپارٽيءَ کان ئي سياست جي شروعات ڪئي ۽ ساهه جو سڳو ٽُٽڻ تائين پيپلز پارٽي سان سلهاڙيل رهيا. ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ الحق ۽ پرويز مشرف کيس پارٽيءَ سان وفاداريون بدلائڻ جي عيوض ٻه ڀيرا وزيراعظم بنائڻ جي آڇ ڪئي پر مخدوم امين فهيم سندن آڇن کي ٺڪرائي ڇڏيو ۽ پارٽي سان وفادار رهيو. سندس وفات سان پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي، جنهن کي ڀرجڻ ۾ شايد وڏو وقت لڳندو. اڄوڪو ڏينهن پيپلزپارٽي لاءِ وڏي ڏک ۽ صدمي وارو ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ ته پارٽي هڪ بردبار، مدبر ۽ ڏاهي سياستدان کان محروم ٿي وئي آهي.مخدوم صاحب سڄي زندگي غير تڪراري شخصيت رهيا. سندن زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا لاها چاڙها ۽ مشڪلاتون آيون پر انهن هميشه بردباري ۽ ڏاهپ سان سمورن مسئلن کي منهن ڏنو، پنهنجي زندگيءَ ۾ هو ۸ ڀيرا پارليامينٽرين رهيا کين ڪڏهن به ڪنهن چونڊ ۾ نه هارايو، پاڻ ٻه ڀيرا وفاقي وزير به رهيا. مخدوم صاحب ۽ منهنجي ڏاڏا مرحوم شاهنواز علي جوڻيجو جا پاڻ ۾ ويجها ناتا هئا. سندن دوستي اڻٽُٽ هئي. ڏاڏا کانپوءِ منهنجو والد محمد خان جوڻيجو ۽ چاچا روشن الدين جوڻيجو سندن هميشه ٻانهن ٻيلي رهيا، هر ڏک سک ۾ ساڻن گڏ رهيا ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين اهو ساٿ سلامت رهيو ۽ جيستائين اهي ۽ اسان زنده آهيون سندن خاندان سان روح جو اهو رشتو قائم ۽ دائم رهندو. هو ڏاڏا جي بهترين دوستن مان هيو، سندن دوستيءَ جي گهرائپ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو جو منهنجو ڏاڏا رات جو جلدي سمهڻ وارن ماڻهن مان هيو پر جيڪڏهن رات جي وقت ڪراچي کان ڳوٺ لاءِ روانو ٿيندو هو ته ڳوٺ اچڻ بدران سڌو هالا پهچندو هو ۽ مخدوم صاحب سان سڄي رات ڪچهري ڪرڻ کانپوءِ فجر مهل ڳوٺ پهچندو هو. مخدوم امين فهيم پنهنجن سمورن معاملن بابت ڏاڏا سان صلاح مشورا ڪندو هو. اهي پاڻ ۾ ايترو ويجها ۽ گهاٽا دوست هئا جو مخدم صاحب سياسي توڙي خانداني فيصلا ڪرڻ کان اڳ ۾ انهن معاملن بابت ڏاڏا شاهنواز علي جوڻيجو سان صلاح مشورو ڪندو هو. ايتري قدر جو گهريلو رشتن بابت به ڏاڏا کان راءِ ضرور وٺندو هو. جيئن ته سڄي سنڌ بلڪه سڄي ملڪ جي ماڻهن جي تڪرارن جا فيصلا ماڻهو منهنجي ڏاڏا وٽ ڪرائڻ ايندا هئا. ڏاڏا ڪيترائي فيصلا مخدوم هائوس هالا تي به ڪيا، جيئن هاڻي منهنجو والد محمد خان جوڻيجو ڪندو آهي.مخدوم امين فهيم اهو واحد سياستدان هو جنهن کي ڪڏهن به ڪنهن اليڪشن ۾ ورڪ ڪرڻ جي ضرورت نه پئي، تنهن هوندي به ڏاڏا مرحوم سندس اليڪشن ورڪ ڪندو هو. مخدوم صاحب ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جنگ ڪري رهيو هو ۽ ان سلسلي ۾ تازو ئي جڏهن هو علاج خاطر لنڊن ويو هو تڏهن به منهنجو چاچو روشن الدين جوڻيجو ساڻس گڏ هيو. مخدوم صاحب جي ٻاجهاري ۽ شفيق شخصيت جي ڪري ئي ماڻهو کين پيار ڪندا هئا ۽ هر وقت مٿن پنهنجي جان نثار ڪرڻ لاءِ به تيار رهندا هئا. مون کي به سندن ويجهو رهڻ جو اعزاز حاصل رهيو ۽ کانئن گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو. پاڻ، اسان کي پنهنجي اولاد جيان ڀائيندو هو ۽ هميشه اهو درس ڏنائون ته توهان کي زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي لالچون ۽ آڇون ملنديون پر توهان هميشه حق ۽ سچ جو ساٿ ڏجو؛ ڇو ته جيڪي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيندا آهن فتح هميشه انهن جي ئي ٿيندي آهي. جيتوڻيڪ حق ۽ سچ وارو رستو ڏکيو ۽ اڙانگو ضرور آهي پر منزل تي ضرور پهچائيندو آهي ۽ اڄ جڏهن هو اسان سڀني کي ڇڏي راهه رباني وٺي هليو ويو آهي ته هه هڪ ٿي ڪري ساڻس گذاريل گهڙيون ۽ سندن نصيحتون اکين جي اڳيان اچي رهيون آهن ۽ روح تڙپي اٿيو آهي. مخدوم صاحب جمهوريت جي خاطر وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ ڪشالا ڪڍيا.
اسين جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي،
ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.
هو جمهوريت جي بحالي وارين سمورين تحريڪن ۾ هميشه اڳين صفن ۾ رهيو. آمرن ۽ ڊڪٽيٽرن کيس وفاداريون مٽائڻ لاءِ هميشه ڌمڪيون ۽ آڇون ڏنيون پر هن ڪنهن به ڌمڪي کي ليکي ۾ نه آندو ۽ نه ئي وري ڪا آڇ سندس قدمن کي لوڏي سگهي. هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو سچو ۽ وفادار ساٿي هو. دعا آهي ته الله پاڪ کين جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي سگهه عطا فرمائي.
(ليکڪ: پورهيي واري کاتي جو صوبائي وزير آهي)


ٿيندو تن طبيب، دارون منهنجي درد جو
الله بچايو ميمڻ
اڄ ننڍي کنڊ بلڪه ايشيا جي رهواسي لاءِ هڪ وڏي ۽ دکدائڪ خبر لکين ماڻهن جو جيءُ جهوري وڌو آهي. هزارين اکيون آليون آهن ۽ محبت، ميٺاج، انسان دوست، ڏک سک ۾ ڇپر ۽ ڇانوَ ڏيندڙ علم پرور سروري خاندان جي اهم شخصيت، سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي (پارليامينٽرين) جو صدر مخدوم محمد امين فهيم هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
انسان خاڪ جو پتلو آهي ۽ هڪ نه هڪ ڏينهن ان مٽيءَ جي مانڊاڻ جو انت اچڻو آهي. اڄ کان ۷۶ ورهيه اڳ سنڌ جي عظيم شاعر، عالم، اديب ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي پهريون فرزند ارجمند پيدا ٿيو، جنهن جو نالو مخدوم محمد امين رکيو ويو. سروري خاندان ۾ اڳ به ڪجهه بزرگ محمد امين جي نالي سان گذري چڪا آهن. جهڙوڪ محمد امين پکن ڌڻي وغيره. مخدوم محمد امين علم و ادب جو شوقين ۽ شاعريءَ سان چاهه رکندڙ انسان هو. سندس تخلص ”فهيم“ هو. پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ جي زير تربيت رهي هُن خانداني طور طريقن ۽ ريتن رسمن کان وڏي ڄاڻ حاصل ڪئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کيس گهڻو ڀائيندو هو ۽ سندس مستقل مزاجي، بردباري، سچائي ۽ پرعزم ارادن کي ساراهيندو هو. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو به سندس وفاداريءَ ۽ مشاورتي ذهن کي پسند ڪندي هئي ۽ هُو بي بيءَ جي قابلِ اعتماد ساٿين مان هڪ هو. ايستائين جو کيس ٽي چار ڀيرا اهم عهدن ۽ ذميوارين جي آڇ ڪئي وئي، پر هن پارٽيءَ جي مفاد ۾ اهي آڇون رد ڪري ڇڏيون. هُن جنرل پرويز مشرف (صدر) پاران وزيراعظم جي عهدي لاءِ ڏنل آڇ کي به ٺڪرائي ڇڏيو، جيتوڻيڪ جنرل پرويز مشرف سندس دوستن مان هو. هڪڙو واقعو ٻڌايان، ”ميان محمد نواز شريف جڏهن پهريون ڀيرو وزيراعظم ٿيو ته ان وقت ڄام صادق علي سنڌ جو وزيراعليٰ هو، ڄام صاحب وزيراعظم پاڪستان نواز شريف کي راضي ڪيو ته مخدوم طالب الموليٰ هڪ شريف النفس، سادو ۽ نرم طبيعت انسان آهي، ان کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏبي ته هو ها ڪري وجهندو، جنهن سان سنڌ ۾ نواز ليگ کي مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. ميان صاحب راضي ٿي ويو ۽ مخدوم صاحب جي عيادت، طبيعت پڇڻ ۽ چانهه پيئڻ لاءِ ڄام صادق علي وقت ورتو. پروگرام طئه ٿيو ۽ ميان صاحب، وزيراعليٰ سنڌ ڄام صادق عليءَ سان گڏ ڀٽ شاهه هيلي پيڊ تي لٿو ته مخدوم خليق الزمان ۽ انتظاميا سندن آجيان ڪئي. مخدوم هائوس پهچي وزيراعظم، مخدوم صاحب جي عيادت ڪئي ۽ کيس پيپلز پارٽي ڇڏي مسلم ليگ نواز ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. مخدوم صاحب سوچڻ لاءِ وقت گهريو.
ڪجهه وقت کانپوءِ ڄام صاحب مخدوم طالب الموليٰ کان رضامندي پڇي ته وزيراعظم صاحب اچڻ چاهين ٿا. هڪ ٻه ڀيرا ته مخدوم طالب الموليٰ ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان معذرت ڪئي پر نيٺ ڄام صاحب، ملاقات جو پروگرام زبردستي رکرايو. ميان صاحب هالا پهتو ۽ مخدوم صاحب جي آجيان طالب الموليٰ جي فرزندن ۽ خليفن ڪئي، پڇا تي معلوم ٿيو ته مخدوم صاحب (طالب الموليٰ) جي طبيعت ناساز آهي، ان ڪري ملي ڪونه سگهندا. وزيراعظم نواز شريف ۽ ڄام صادق علي واپس روانا ٿيا. وزيراعليٰ سنڌ ڄام صادق علي رات جو فون ڪري سلام دعا ڪئي ۽ کين ميان صاحب جو پيغام ٻڌايو. مخدوم طالب الموليٰ ڄام صاحب کي چيو ته، ”ڄام صاحب، توهان کي اسان جي اصولن ۽ سياسي وفاداريءَ جي ڀليءَ ڀت پروڙ آهي، اسان ذوالفقار علي ڀُٽي سان وفاداريءَ جو عهد ڪيو هو، سو هاڻي اسان وچئين (عصر) تي روزو ڪونه ڀڃنداسين.“ مخدوم امين فهيم به وفا ۽ سچائيءَ جو پيڪر هو ۽ هُن پيپلز پارٽيءَ لاءِ وڏيون قربانيون ڏيون، خاص طور تي شهيد بينظير ڀٽو جي جلاوطنيءَ واري دور ۾ مخدوم امين فهيم پارٽيءَ جي قيادت سنڀالي ۽ هر ڏکئي وقت ۾ پارٽيءَ کي احسن طريقي سان سنڀاليو.
مخدوم امين فهيم جي حياتي، خدمتن ۽ ڪردار تي هڪ جامع ۽ مفصل مضمون لکندس، جنهن ۾ خاص طور تي وزارت مواصلات، ريلوي ۽ شپنگ واري دور ۾ بطور پي آر او ٽو منسٽر ڪميونيڪيشنز احوال کان آگاهه ڪندس. مخدوم امين فهيم جهڙيون شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن. الله تعاليٰ کين جنت الفردوس ۾ جايون عطا ڪري. (آمين)


سنڌ کان وڇڙي ويل محبتن جو امين!
نسيم بخاري
مخدوم امين فهيم سياست، ادب ۽ سماج جي حوالي سان پنهنجي نانءُ، تعارف ۽ سڃاڻپ جو پورو پورو حق ادا ڪري هن دنيا کي الوداع چئي ان جهان ڏانهن ڪوچ ڪري ويو آهي، جتان وڃڻ کانپوءِ ڪو به موٽيو ناهي. هن جي هڪ مشهور غزل جا ڪجهه بند ياد ٿا اچن:
بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي
هي خطا بارها ڪري ڏسبي.
هر شجر ۾ صبا ۾ ۽ گل ۾
جستجو جابجا ڪري ڏسبي.
جي حياتي وفا ڪئي سائين!
عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.
هونئن ته حياتي بي وفا آهي پر مخدوم امين فهيم کي ان ايتري مهلت ضرور ميسر ڪئي، جو نه رڳو عاشقيءَ پر زندگيءَ جي هر مرحلي تي هن انتها ڪري ڏيکاري.
سياست ۾ شرافت ۽ صبر جيترو هن ڪيو اوتري بردباري ۽ سهپ هاڻ ڳولي نه ٿي لڀجي.
مخدوم امين فهيم سياسي جهاز جو اهو ايماندار پائليٽ هو، جنهن خطري وقت اڳ ۾ سمورن مسافرن کي بچايو ۽ پاڻ بعد ۾ لٿو.
مخدوم جي ايتري دل ڪڏهن به نه ڏکي، جيتريون تلخيون هن پارٽيءَ ۾ رهندي سٺيون. پارٽي قيادت پاران تلخ تجربن باوجود هن ان کان رستا ڌار نه ڪيا. مخدوم وٽ فقط سياسي پليٽ فارم نه هو، ادبي اُفق جو هو چمڪندڙ ستارو هو. سروري جماعت جو سرواڻ هو. هن جي ڪڍ هزارين نه پر لکين مريدن جي عقيدتمند برگيڊ هئي. هو چاهي ها ته الڳ پارٽي جو اعلان ڪري سگهي ها. جيڪڏهن امين فهيم ۲۰۰۸ واري وفاقي حڪومت لاءِ سرواڻيءَ واري طئي ٿيل معاهدي تي مضبوطيءَ سان موقف رکي بيهي ها ته آصف علي زرداري لاءِ مخدوم کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي وزيراعظم بڻائڻ ممڪن ئي نه بڻجي ها. هو چاهي ها ته پارٽيءَ جي سينئر اڳواڻن جو ڪٺ گهرائي آصف علي زرداري کي اڪيلو ڪري ڇڏي ها ۽ پورا پنج سال پاڪستان پيپلزپارٽي جو بااختيار پاڪستان جو وزيراعظم ٿي وڃي ها. مخدوم جيڪڏهن سياست جي محاذ تي پنهنجي حق لاءِ آواز اٿاري ها ته پڪ سان ان کي پارٽي جي سينئر ۽ جونيئر ميمبرن ۽عهديدارن پاران موٽ ملي ها ڇو ته اها ڳالهه عالم آشڪار هئي ته مخدوم محترمه شهيد بينظير ڀٽو پاران وزيراعظم جو نامزد اُميدوار هو ۽ اها ڳالهه ميڊيا معرفت محترمه اڪثر موقعن تي اظهاري چڪي هئي. پ پ ۾ مخدوم جهڙي مضبوط وزيراعظم جو ڪو اُميدوار ئي نه هو، پر مخدوم ڀٽوز سان پنهنجي تعلق کي تسلسل بخشڻ لاءِ وڏي دل جو مظاهرو ڪيو، نه رڳو ايترو پر آخري پساهن تائين هن تلخين سان ڀرپور جملا به نه ڳالهايا. هن جيڪڏهن ڪا شڪايت ڪئي به ته اها اشارن ۾ ڪئي. سڌيءَ ريت هن پيپلزپارٽي يا ان جي قيادت کي نشانو نه بڻايو. هو پاڻ سان ٿيل حق تلفي تي احتجاج ڪري پئي سگهيو. تنقيد هن جو حق هئي پر هن ائين نه ڪيو، جنهن جو اعتراف اڄ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني به ڪيو آهي. هن مڃيو آهي ته مخدوم صاحب وزيراعظم جو اُميدوار هو پر جڏهن پارٽي مون کي نامزد ڪيو ته مخدوم مون کي کليو کلايو ووٽ ڏيڻ لاءِ اسلام آباد آيو. مخدوم پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جو صدر هو. پ پ جيڪا ۲۰۰۸ع واري چونڊ وڙهي سا به ان ئي پليٽ فارم تان. مخدوم کي مشرف وزيراعظم جي آڇ ڪئي هئي، جيڪا هن ٿڏي ڇڏي. ۱۹۶۱ع ۾ هالا ميونسپالٽي جي چيئرمين رهندڙ مخدوم امين فهيم کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۱۹۷۰ع ۾ پنهنجي ٺٽي مان کٽيل سيٽ تان هٿ کڻي کيس ضمني چونڊن ۾ کٽرايو. ۱۹۷۰ع کان ۲۰۱۳ع تائين هن جيترا ڀيرا به چونڊ وڙهي، سوڀ هن جو مقدر بڻي. مخدوم نوح جي پيڙهي جي ارڙهين گادي نشين وارو تعارف رکندڙ مخدوم پيپلزپارٽي سان پاڻ ملهايو. هن پارٽي جي پت رکي پر پارٽي هن جي ساک جو ڪهڙو لحاظ رکيو؟
مخدوم امين فهيم هڪ سوچ ۽ فڪر جو نالو هو. هن وانگر هزارين سچا پچا پ پ ورڪر اڄ به پارٽي ۾ رهندي پنهنجو ساهه گهٽجندي ۽ ٻوساٽجندي محسوس ڪن ٿا. موجوده پيپلزپارٽي هنن لاءِ تاريخ جو تلخ ترين تحفو آهي. اهي سياسي گناهن واري ماحول ۾ ڏاڍي تڪليف محسوس ڪري رهيا آهن. اهي تنگ ۽ بيزار آهن پر قيادت خلاف ڪڇن نه ٿا. هنن کي اهڙي ڪيفيت تي خود پاڻ تي به ڪاوڙ اچي رهي آهي پر ڪن ته آخر ڇا ڪن؟
مخدوم سچ پچ به هڪ زنده دل انسان هو. صبر ڪرڻ ۽ معاف ڪرڻ هن جي فطرت هئي. هو جيڪڏهن درگذر کان ڪم نه وٺي ها ته اڄ شايد پ پ جا به ايترا ٽڪرا ٿي چڪا هجن ها جيتريون مسلم ليگ جون شاخون آهن. مخدوم پارٽي قيادت تي جيڪا احسان ڪرڻ واري مُهر هنئي آهي، سا هاڻ مخدوم پڄاڻان همراهن کان خوابن ۾ به ڇرڪ ڀرائيندي.
مخدوم هڪ مڻيادار ماڻهو هو. هڪ سلڇڻو انسان، ماڻهپي جا سمورا قدر هن جي رت ۾ شامل هئا، هن سان جن اُچايو ۽ ڦٽايو، اڄ يا سڀاڻي اهي تاريخ جي تري ۾ دٻجي وڃڻا آهن.
مخدوم جي غزل جا ڪجهه بند ياد ٿا اچن:
آرزو بيڪار ٿي،
زندگي آزار ٿي
تنهنجو ڪو ناهي رفيق
تون مڙن جو يار ٿي.
آسرو ڪنهن جو نه ڪر
پنهنجو خود غمخوار ٿي.
غير سان پڻ ڪر چڱي
تون نه ڪنهن جو بار ٿي.
مخدوم جيئن لکيو آهي ائين لفظن جي لڄ به رکي ڏيکاريائين. مخدوم ۽ پيپلزپارٽي جي حوالي سان جڏهن ڪو مورخ قصا قلمبند ڪندو ته ان جي ڇنڊڇاڻ گهڻن کي وائکو ڪندي. هو پارٽي قيادت کان جيڪڏهن سڌيءَ ريت بيزار نه به هو تڏهن به مايوس ضرور هو. هو جنهن سياسي بصيرت جو مالڪ هو پارٽي ان کي اها حيثيت عطا نه ڪئي. شايد هيٺيون شعر مخدوم جي ان ئي ڪيفيت جو اظهار چئي سگهجي ٿو ته:
سکن جو ساٿ ڇڏڻ لازمي نظر آيو
قدم قدم تي قرارن وڏو فريب ڏنو
پرائي پنهنجي کي سمجهڻ جو وقت ئي نه مليو،
نظر جي شوخ اشارن وڏو فريب ڏنو.مخدوم پنهنجي طبيعت ۾ گهڻ رخي حوالي سان سچ پچ جو مخدوم ثابت ٿيو. هو سياسي، سماجي ۽ مذهبي ذميوارين جي ادائگين جي حوالي سان واقعي به امين رهيو.


سنڌ جي سياست جي امين ”مخدوم محمد امين فهيم“ جو وڇوڙو
حميد ڀٽو
سنڌ ڌرتيءَ ڄائي مخدوم محمد امين فهيم جي وڇوڙي سان سنڌ وري سوڳوار بڻجي وئي آهي. مخدوم امين فهيم جو تعلق هڪ وڏي پيراڻي گادي سان هجڻ سبب نه رڳو سنڌ واسين پر ملڪي ماڻهن جي لاءِ نهايت ئي معتبر شخصيت طور کيس مڃتا حاصل هئي. مخدوم محمد امين فهيم جي زندگي تمام گهڻن رنگن سان سجايل هئي، اهڙي طرح سان هو هڪ ئي وقت دانشور، شاعر، نقاد، سگهڙ، دور انديش ۽ عوام دوست سياستدان ۽ دوستن جو دوست وارن رنگن ۾ رنڱيل هو. ان جي وڇوڙي تي سنڌ جي هر اک ڀنيل ۽ جسماني توڙي روحاني طور تي سڏڪن ۾ورتل آهي. مخدوم محمد امين فهيم سياسي جدوجهد واري پاسي کان بردباري ۽ سنجيده شخصيت طور پنهنجي زندگي گذاري، هن موجوده پيپلزپارٽي جي رجسٽرڊ پارٽي جو باني هوندي به ڪڏهن اهو محسوس نه ڪرايو ته ملڪ جي حڪمران پارٽي جي تنظيم سندس هٿن ۾ هوندي به ان کي نظر انداز ڇو ٿو ڪيو وڃي. هن پارٽي قيادت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو جي سياسي ماحول ۾ گڏ ڪم ڪيو جنهن ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بيظير ڀٽو شهيد کائنس تمام گهڻو ويجها هوندا هئا.
امين فهيم مخدوم طالب الموليٰ جي گهر ۾ جنم ورتو جنهن جي نالي کي خاندان جي  وڏڙن جي نسبت سان امين فهيم رکيو ويو. ۰۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع جمعي ڏهاڙي جنم ورتو. امين فهيم کي مخدوم غلام حيدر ڪن ۾ آذان ڏئي سندس نالو محمد امين رکيو. وڏن جي نسبت جي ڪري ڏاڏا سائين چيو وڃي ٿو. طالب الموليٰ جو فرزند امين فهيم پنهنجي والد جي ڪجهه رنگن سان نڀاءُ ڪيو آهي، جنهن ۾ شاعري ۽ فن سان ننڍ پڻ کان ئي شوقين رهيو. پاڪستان پيپلزپارٽي جو مرڪزي صدر هجڻ سان گڏوگڏ سنڌ سميت ملڪ جي سگهارين شخصيتن ۾ شمار ٿئي ٿو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي سان نهايت ئي ڏکين گھڙين ۾ ساٿ نڀائيندو رهيو. ضياءُ الحق جو آمريتي دور هجي يا ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جو اقتداري دور هجي ٻنهي ڊڪٽيٽرن سان مڙس ماڻهو بڻجي سخت مقابلو ڪيو ۽ ميان محمد نواز شريف جي پيپلز پارٽي مخالف دورن ۾ پڻ پيپلزپارٽي کي بچائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. محترمه بينظير ڀٽو کي پنهنجي نياڻين وانگر مسلسل سپورٽ ڪندو رهيو.
محترمه شهيد بنظير ڀٽو جي شهادت بعد وزير اعظم لاءِ مخدوم محمد امين فهيم مضبوط اميدوار هو پر پيپلزپارٽي جي قيادت مصلحتن کام ڪم وٺندي مخدوم محمد امين فهيم بجاءِ يوسف رضا گيلاني توڙي راجا پرويز اشرف کي ملڪ جي وزير اعظم مقرر ڪري ڇڏيو، انهن کان وڌيڪ حق مخدوم امين فهيم جو هوپر کيس مخصوص اقتداري محور کان پاسيرو رکندي مخدوم امين فهيم کي سينيئر وفاقي وزير بڻايو ويوان کان سواءِ مخدوم امين فهيم کي سازشن تحت مختلف ڪوڙڪين ۾ ڦاسائڻ جون سازشون پڻ سٽيون ويون ۽ مٿس ڪيس به داخل ڪيا ويا، جنهن تي مخدوم امين فهيم مختلف وقتن تي پارٽي قيادت سميت سوسائٽي کي ميارون ۽ ڏوراپا پڻ ڏيندو رهيوپر سندس خدشن کي ختم ڪرڻ بجاءِ مخدوم امين فهيم لاءِ پارٽي اندر نيون مشڪلاتون وڌنديون رهيون. اهڙي ڏکي سياسي سفر ۾ آخر ڪار مخدوم امين فهيم ٿڪجي پيو نتيجي ۾ پارٽي جي ڪجهه ڳنڀير معاملن ۾ پارٽي جي قيادت سان اختلاف رکندي ناراضگي جو اظهار پڻ ڪندو رهيو، پر ماضي واري وقت اهو ضرور ثابت ڪيو ته مخدوم امين فهيم پنهنجي وفاداري نه مٽائي  هالا جي مخدوم خاندان هميشه پيپلزپارٽي سان پاڻ ملهايو.مخدوم امين فهيم (ڏاڏا سائين) ۱۹۵۳ع کان شاعري جو آغاز ڪيو ۽ پنهنجو تخلص ”امين“ رکيو ۽ سندس شاعري کي ڏسندي سندس والد طالب الموليٰ سندس تخلص ۾ فهيم جو اضافو ڪيو. سندس شاعري تي نگاهه وجهبي ته نهايت پختي ۽ با معنيٰ شاعري نظر ايندي. اهڙي درد ڀري شاعري ۾ ”پچو ڇا ٿا اي يارو، پنهنجي گل جو خارُ آهيان مان. انهيءَ سان منهنجو ڇا؟.... جيڪو ٻين تي بارآهيان مان“، هڪ ٻئي شعر۾ مخدوم امين فهيم چوي ٿو ته ”سچ پڇين ساٿ سڀئي ويرانگيءَ ۾ ويا ڇڏي، ياد ماضي جو حوالو آهي رهيو، سال ٿيا پر ڳالهه ساڳي آهي،  ستائيندو اچي، هي ستم سهڻا اڃا چئو ڪيسيتائين پيو ڪبو“ ، هڪڙي ٻئي هنڌ تي چيو اٿس ته ” اچ پرين تنهنجي رهي ٿي ياد دل ۾ هر گهڙي، مون کي تو منجهان امين هڪڙو پل به وسري نه ٿو“، اهڙي طرح سان هڪ هنڌ تي شاعري ڪندي چوي ٿو ته ”سڄڻ تنهنجي اهائي مهرباني آهي ڪافي جو تون ماري سگهين ٿو، ٻئي کان مارائڻ نه ٿو ڄاڻين“. امين فهيم جي انهيءَ شعر کي موجوده حالتن جي نگاهه سان ڏسنداسين ته ٺهه پهه جواب سمجهه ۾ اچي ويندوته سندس ئي شعر چواڻي” ناهي جاءَ هجت جي، مان ڪئين گستاخ ٿي چوندس، رسائڻ خوب ڄاڻين ٿو پر پرچائڻ نه ٿو ڄاڻين“. مخدوم محمد امين فهيم جي انهيءَ شعر تي غور ڪبو ته ”فهيم آهي ڏکويل، ڇو انهيءَ جي ڪنهن کي ڪل ناهي، ۽ تون پڻ پنهنجي حالت ڪنهن کي سمجهائڻ نه ٿو ڄاڻين“. مخدوم مين فهيم جي هن شعر ۾ غور ڪرڻ جي ترغيب ڏنل آهي جنهن ۾ چوي ٿو ته ”مون سمجهيو اشارن تي، خبر ڪهڙي، فهيم آخر ۾ ڇا گذريو، ٻڏڻ کان پوءِ ڪشتيءَ تي، اهو گرداب کان پڇو، ڪنارن کي خبرڪهڙي“. اهڙي طرح سان مخدوم محمد امين فهيم پنهنجي لاءِ چئي ٿو ته ”اي امين توسان پيار ڪير ڪندو، پاڻ کي بيقرار ڪيرڪندو، سچ ٻڌايان جهان کي حال دل، راز دل اشڪبار ڪير ڪندو،  پاڻ ئي پنهنجي لاءِ روز شب توسان نادان پيار ڪيرڪندو، تون ته دنيا ۾ مثل خار آهين، گل ڇڏي پنهنجو خار ڪير ڪندو“ . مخدوم محمد امين فهيم سموري زندگي جن کي ارپي ڇڏي،  انهن لاءِ لکي ٿو ته” انهيءَ ئي منهنجي حياتي جو قدر ڪونه ڪيو، مون جنهن جي ذات کي هر وقت زندگي سمجهيو، اسان جو پيار وڃي پهتو انتها تي فهيم، زماني ساري اڃان تائين سرسري سمجهيو“. امين فهيم دور انديشيءَ سان سياست ۾ مخالف واري سياست ڪرڻ بجاءِ کوڙ سارين شين ۾خاموشيءَ جو مظاهرويقينن ڪيوهوندو، سندس ئي شاعري ۾ وڏي معنيٰ لڪل آهي.سندس ئي شعر آهي ته” مخالف جي ڪري ئي پنهنجي حالت ٿيندي آ بهتر، نه سمجهو يار ئي هن کي، مگر اغيار ڪونهي ڪو“  هن شعر ۾ مخدوم صاحب مستقبل واري منظر نامي ۾ جهاتي پائيندي ڪيترائي سال اڳ سمجهي ورتو هو ته ”گويا ٻيهر خطا ڪري ڏسبي جي حياتي وفا ڪئي ته ”فهيم“عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي“  هڪ ٻئي هنڌ تي مخدوم محمد امين فهيم پنهنجي شعر: ”امين هن زماني ۾ خاموش رهجي، متان ڪم اچي پيار ۾ بي زباني“ وسيلي اهو پيغام ڏيڻ  جي مخدوم محمد امين فهيم پنهنجي زندگيءَ ۾ چار شاديون ڪيون، جڏهن ته سندس چارئي گهرواريون مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن. سندس پهرئين شادي ۱۹ هن سالن جي ڄمار ۾ ۲۱ جون ۱۹۵۷ع دوران ٿي.
هن ٻي شادي بنگالي گلوڪاره رونا ليلا جي ايئر هوسٽس ڀيڻ دينا ليلا سان ڪئي جنهن ڪجهه سالن بعد وفات ڪئي، سندس ٽئين شادي ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ ڪميونٽي مان جڏهن ته چوٿين شادي پنجاب مان  ڪئي. مخدوم محمد امين فهيم کي ست پٽ ۽ هڪ نياڻي جي اولاد آهي. سندس وڏو فرزند مخدوم جميل الزمان جميل سٺو سياستدان هجڻ سان گڏو گڏ سٺو شاعر ۽ محقق پڻ آهي، سندس ٻيو فرزند مخدوم شڪيل الزمان سينيئر سول بيورو ڪريٽ آهي، ٽيون فرزند مخدوم عقيل الزمان، چوٿون فرزند مخدوم نجيب الزمان لنڊن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري هينئر ٻاهرئين ملڪ ۾ ڪاروبار واري شعبي سان سلهاڙيل آهي ۽ سندس پنجون فرزند مخدوم خليل الزمان ۽ ڇهون فرزند ابو محمد سنڌ يار آهي، جڏهن ته مخدوم امين فهيم جي اڪيلي نياڻي برمنگهم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪي آهي. مخدوم محمد امين فهيم ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي زندگي جا آخري لمحا پنهنجي ڌرتي تي اچي گهاريا ۽ ڪراچي جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ سندس علاج  هلندڙ هو پر سندس زندگي وڌيڪ وفا نه ڪئي ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.



مخدوم امين فهيم کي ڀيٽا
نظام الدين ڪاڪا
سائين سنڌ کي پنهنجي ساهـ ۾ سمائي ڇڏيو هو جنهن ڪري جسماني دوري هوندي بـ هو ماروئڙن جي من ۾ سدائين زنده رهندو. پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي چيئرمين ۽ درگاهـ سرور نوح جو ارڙهون سجادهـ نشين سروري جماعت جو روحاني پيشوا ۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع تي مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جي گهر هالا ۾ جنم ورتو. مخدوم امين فهيم پرائمري، مئٽرڪ، انٽر تائين تعليم هالا ۾ حاصل ڪئي ۽ ۱۹۶۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سياست ۾ گريجوئيشن ڪئي.
سائين امين فهيم ۴ شاديون ڪيون کيس ۷ پٽن ۽ ۴ نياڻين جو اولاد آهي. مخدوم جميل الزمان، مخدوم شڪيل الزمان، مخدوم عقيل الزمان، مخدوم نعمت الله، مخدوم حبيب الله، مخدوم نجيب الزمان ۽ مخدوم سنڌ يار سندن فرزند آهن. پاڻ ۱۹۷۰ع کان ۲۰۱۳ تائين مسلسل ۸ ڀيرا اليڪشن وڙهي ۽ ڪڏهن نـ هارايو. ۱۹۷۷ع، ۱۹۸۸ع، ۱۹۹۰ع، ۱۹۹۷ع، ۲۰۰۲ع ۽ ۲۰۰۸ع ۾ هالا ۽ مٽياري جي تڪن تان ڪامياب ٿيندو رهيو پاڻ هائوسنگ، مواصلات، واپار ۽ ٻين وزارتن جو وفاقي وزير بـ رهيو.جڏهن جنرل ضياءُ جي دور ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ نمايان ڪردار رهيو ۽ سروري جماعت جي ۵۰۰۰ ماڻهن گرفتاريون ڏئي ڪاري قانون جي خلاف جدوجهد ڪئي.پاڻ شاعر ۽ اديب به هئا سندس ٻه ڪتاب ڇپيل آهن هڪ شاعريءَ جو مجموعو (پيغام) سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۹۰ع ۾ شايع ڪري پڌرو ڪيوسندس شاعراڻي تخليق، ڪومل جذبا ۽ احساس، تشبيهون، منظر نگاري مان سندس ڏات جي اڏام کي پرکي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو سندس شاعريءَ جا گيت ۽ غزل مختلف فنڪارن جي آواز ۾ نشر ٿيندا رهن ٿا. سندس تغزل،فني خيال کان (مزبيت) معمونيت ۽ عشائيت تي مشتمل آهي.سندس هڪ نظم (اي وطن جانشين) ۱۹۶۳ع ۾ آل سنڌ مشاعري ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو. هو چوندو هو تـ شاعري منهنجي پهرين محبت آهي.مولانا رومي،شاه ڀٽائي ۽ سچل جو مداح آهيان.شاعريءَ ۾ سندس تخلص “امين”، “فهيم” هئا. امين فهيم جو نالو سندس چاچي مخدم غلام حيدر صديقي رکيو کيس سروري جماعت جا ماڻهو “ڏاڏا” سائين ڪري سڏيندا هئا ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ تي جڏهن قبلـ سائين امين فهيم اسان کان جدا ٿيو تـ سندس عمر ۷۶ ورهيـ هئي سندس آخري رسمن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا سڀ مرڪزي اڳواڻ شريڪ ٿيا.سائين جن کي مخدوم سرور نوح جي درگاهـ جي اندر سائين طالب الموليٰ جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو.
سندس هڪ شعر آهي تـ،
وڃين ويهي رهين مون کان ڏاڍو پري،
تنهنجي ويئي سري منهنجي ڪئين سري،
تون “امين” ٿي اچ انصاف ڪري ،
ڀلا توکي ڪيئن مان وسارينديس.
ڌڻي در دعا آهي تہ الله سائين قبلـ سائين کي جنت الفردوس عطا فرمائي...
بهار گذري هلي وئي آ،
گلن جا گجرا سڪي ويا هن،
الائي ڪاٿي وئي خوشي آ !
عجب صحرا اندر ۾ آهي،
سدا جون اوتون انيڪ جهوتون،
سڏين ٿيون توکي وري بـ آ ! وري بـ آ



مخدوم امين فهيم
سياست جي ڪري شاعري قربان ڪندڙ
عظيم يوناني فلسفي افلاطون ڪيتريون ئي صديون اڳ چيو هو ته شاعر خيالي دنيا ۾ رهندا آهن، تنهن ڪري انهن کي رياستي معاملن کان پاسيرو رکيو وڃي. هن دنيا ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شخصيتون پيدا ٿي چڪيون آهن، جن افلاطون جي ان ڳالهه کي غلط ثابت ڪري ڏيکاريو آهي، برصغير ۾ علامه اقبال کان وٺي اٽل بهاري واجپائيءَ تائين ڪيترائي شاعر سياستدان ان جو اهم مثال آهن، پر اسان جڏهن سنڌ جي ڳالهه ڪنداسين ته هالا جي مخدوم خاندان ٻنهي شعبن ۾ پاڻ ملهايو آهي. مخدوم طالب الموليٰ کان وٺي مخدوم امين فهيم تائين. مخدوم خاندان جي ٻنهي گادي نشينن جو اولاد نه فقط صاحبِ ڪلام هو، پر ان پيراڻي گاديءَ جو شمار پاڪستان ۾ اهم سياسي خاندانن ۾ ٿئي ٿو. مخدوم خاندان جي هاڻوڪي گادي نشين جي سڃاڻپ ملڪي سطح تي، مخدوم امين فهيم جي نالي سان هڪ سياستدان طور هو  پر سنڌ واسي کيس سٺي شاعر طور به سڃاڻن ٿا. سندس سڃاڻپ ڀلي سياستدان طور هجي پر سنڌ ۾ سندس سڃاڻپ علمي ۽ ادبي شخصيت طور به هئي.
مخدوم امين فهيم طالب الموليٰ جو وڏو فرزند هو، هو اڃا ٻن سالن جو هو ته سندس والده لاڏاڻو ڪري وئي ۽ مخدوم طالب الموليٰ خاندان کان ٻاهر ٻي شادي ڪئي. ٻي گهر واريءَ مان کيس پٽ مخدوم خليق الزمان، مخدوم رفيق الزمان، مخدوم شفيق الزمان ۽ مخدوم سعيد الزمان آهن، جن جي سڃاڻپ به سياستدان سان گڏ علمي ۽ ادبي شخصيتن طور ٿئي ٿي.
سنڌ جي ٻين سياسي گهراڻن جي اولاد جي اُبتڙ مخدوم امين فهيم پرائمري کان گريجوئيشن جي تعليم هالا مان حاصل ڪئي ۽ قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ باوجود هن وڪالت جو پيشو اختيار نه ڪيو. کيس سنڌي کان سواءِ انگريزي، اردو ۽ فارسي ٻولين تي عبور حاصل هو. سياست سان گڏ شاعري به کيس ورثي ۾ ملي هئي، سندس ڏاڏو مخدوم امين به وڏو شاعر هو ۽ سندس والد مخدوم طالب الموليٰ جي شاعريءَ جو ته انداز ئي نرالو آهي، مخدوم امين فهيم جا ٻه شعري مجموعا شايع ٿي چڪا آهن ۽ سندس مجموعي”پيغام“ کي بي حد ساراهيو ويو. شاعري ۾ هو پنهنجي والد جو شاگرد آهي. هن علمي ۽ ادبي گهراڻي جو شعر ۽ شاعري سان دلچسپيءَ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهون ٿا ته امين فهيم جي شاديءَ جي جي موقعي تي ٻين رسمن سان گڏ ”آل سنڌ مشاعرو“ به ڪرايو ويو هو ۽ ان مشاعري ۾ پڙهيل شاعري ڪتابي شڪل ۾ به ڇپجي چُڪي آهي.
شاعر حسن پرست نه هجي ته سندس شاعري به ڦِڪي لڳندي، مخدوم امين فهيم جي حسن پرستي جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هو چار شاديون ڪري چڪو آهي ۽ سندس چار ئي زالون مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن.
سندس پهرئين شادي ۱۹ سالن جي عمر ۾ ۲۱ جون ۱۹۵۷ع ۾ ٿي، هن ٻي شادي بنگالي ڳائڻي رونا ليلا جي ايئر هوسٽس ڀيڻ دينا ليلا سان ڪئي، جيڪا ڪجهه سالن کان پوءِ وفات ڪري وئي، سندس ٽين شادي ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ ۽ چوٿين پنجاب سان واسطو رکندڙ خاندان مان ٿي.
مخدوم امين فهيم سياسي زندگي جي شروعات ذوالفقار علي ڀٽي جي چوڻ تي ڪئي ۽ هو پهريون ڀيرو ۱۹۷۰ع وارين چونڊن ۾ ٺٽي مان ايم اين اي چونڊيو ويو، ان کان پوءِ هو ۱۹۷۷، ۱۹۸۸، ۱۹۹۰، ۱۹۹۷، ۲۰۰۲ ۽ ۲۰۰۸ع جي چونڊن ۾ هالا- مٽياري جي تڪ تان ايم اين اي چونڊجي آيو هو. ضياءَ جي دور ۾ پارٽي فيصلي تحت هو ۱۹۸۵ع عام چونڊن ۾ اميدوار نه هو.
پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ وانگر مخدوم امين فهيم کي گهڻو اولاد هوس، کيس ڇهه پٽ ۽ هڪ ڌيءُ آهي. سندس وڏو پٽ مخدوم جميل الزمان نه فقط سٺو سياستدان پر سٺو شاعر ۽ محقق به آهي ۽ پنهنجي ڏاڏي واري ڪرسي (سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين، بين الصوبائي رابطن واري وزارت سان گڏ نوادرات واري کاتي ۾ به رهيو. سندس ٻيو پٽ مخدوم شڪيل الزمان سينيئر سول بيوروڪريٽ آهي ۽ ڊي سي او ٿرپارڪر سميت ڪيترن ئي عهدن تي فائز رهي چڪو آهي.
مخدوم نجيب الزمان لنڊن مان تعليم پرائي چڪو آهي ۽ هاڻي ٻاهر ڪاروبار ڪري رهيو آهي. سندس چوٿون پٽ ابو محمد سنڌ يار آهي، دينا ليليٰ مان سندس اڪيلي ڌيءُ برمنگهم يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪي آهي. مخدوم امين فهيم ملڪ جو واحد سياستدان هو، جنهن کي حڪومت، مخالف ڌر ۽ اسٽبلشمينٽ ۾ هڪ جهڙي ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. ضياءُ الحق جي دور کان وٺي وزيراعظم جو عهدو سندس پويان هو، پر هو پارٽي سان وفادار رهيو ۽ جڏهن هن وفائن جو صلو طلبيو ته اقتدار جي هُما يوسف رضا گيلاني جي مٿي تي ويهي رهي ۽ ڊگهو وقت ناراضگي ۽ گوشا نشيني کان پوءِ هن واپار واري وفاقي وزارت قبول ڪئي، هو محترمه بينظير ڀٽو جو انتهائي ڀروسي جوڳو ماڻهو هو پر پوءِ کيس اهو منصب حاصل نه رهيو هو. سندس جاءِ رحمان ملڪ ۽ بابر اعواڻ جهڙا سياستدان والاري چڪا هئا. سنڌ جي سمورن سياسي ۽ غير سياسي وڏيرن سان سندس ياري ڪنهن کان به ڳُجهي نه هئي، پارٽيءَ جي روڪڻ باوجود هن ڄام صادق، پير پاڳاري ۽ شاهنواز جوڻيجي سان ناتا نه ٽوڙيا. کيس راڳ رنگ، شاعري ۽ شڪار سان خاص دلچسپي رهي. اهو روايتي پير نه هو ۽ سروري جماعت جا مريد کيس ملنسار مرشد طور مڃيندا هئا. هو ٻڌائيندو هو ته ”سياست جي ڪري هن شاعري قربان ڪئي.“ هو چوندو هو ته ”شاعري سندس پهريون عشق آهي، مان اڄ به شاعري ڪرڻ ۽ ٻين جي شاعري پڙهڻ مان لطف اندوز ٿيندو آهيان، مون کي مولانا رومي، شاهه سائين ۽ سچل جي شاعري پسند آهي، شاعريءَ جو منهنجي زندگيءَ تي گهرو اثر آهي، مان ماڻهن تي نه پر دلين تي راڄ ڪرڻ تي ويساهه رکان ٿو.“
وزيراعظم نه ٿيڻ باوجود ملڪي سطح تي سندس سياسي قد ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي. بس ايترو فرق ضرور آيو ته هو پارٽي اجلاس ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي ساڄي پاسي ويهندو هو ۽ پوءِ موجوده قيادت جي مرضيءَ تي منحصر هوندو هو ته سندس سيٽ ساڄي پاسي هجي يا کاٻي پاسي.



مخدوم امين فهيم جون ساروڻيون
مدد علي سنڌي
تو سان اڄ هم ڪلام ٿيڻو هو،
دردِ فرقت تمام ٿيڻو هو،
اوچتو وئين ملي اي ماههِ لقا،
مون تي هي لطف عام ٿيڻو هو. (امين)
مخدوم محمد امين فهيم سان منهنجي تفصيلي ملاقات  گذريل سال ۲۷ جون ۲۰۱۴ع تي هالا شهر ۾ ٿي هئي، سندن ننڍي ڀاءُ مخدوم نويدالزمان  جي وفات تي پاڻ دبئي مان هالا  آيل هو، آئون به تعزيت لاءِ هالا پهتو هوس. ٻاهر اڱڻ ۾ مخدوم حبيب الله سندس فرزند وڏي هجوم ۾ ويٺو هو، فاتحه پڙهي، ڪجهه دير بعد آئون هن کان موڪلائي ٻاهر نڪتس ته  سامهون مخدوم ڊاڪٽر رفيق الزمان نظر آيو. هن سان وڌي وڃي مليس. پاڻ يڪدم ٿورو مڃي، چيائين؛ ڇو قبلا سائن سان ڪو نه ملاقات ڪندئو ڇا؟ هن جو اشارو مخدوم محمد امين فهيم ڏانهن هو. مون ها ڪئي ته يڪدم سروري جماعت جي هڪ رڪن کي سڏي  چيائين ته بابا! سائين کي مخدوم صاحب وٽ وٺي  وڃو. آئون هن سان گڏ سامهون ورانڊي مان ئي هڪ هال جو در کولي اندر ٿيس ته سامهون وڏي هال ۾ مخدوم محمد امين فهيم ويٺل هو. ٻيا به ڪيترا ماڻهو موجود هئا، مون کي ڏسي پاڻ اٿي بيٺو ۽  مون سان ڀاڪر پائي پنهنجي ڀر ۾ هڪ ڪرسيءَ تي ويهاريو.
حسب معمول، ڪچهري شروع ٿي. سندس سوال هو ته ڇا پيو ٿئي سياست ۾؟ مون جواب ڏنو، قبلا سياست ۾ اوهان کان وڌيڪ اصلوڪين حالتن جي ٻئي ڪنهن کي خبر هوندي، اسين به ڏسون پيا. ايتري ۾ سيد ذوالفقار شاهه ڄاموٽ جو فرزند سيد علي ڄاموٽ پنهنجن ساٿين سان هٿ فاتحه لاءِ آيو، هن دعا لاءِ هٿ کنيا ۽ پوءِ مخدوم صاحب کان مون موڪلائڻ چاهيو ته هن مهرباني ڪري مون کي چيو اوهان ويهو. علي ڄاموٽ به ڪجهه گهڙيون ويهي هليو ويو ۽ ڪجهه رش به گهٽ ٿي ته پاڻ چيائون، اوهين به صحافي آهيو، سياست تي گهري نظر رکو ٿا، ڇا ٿا سمجهو؟ مون جواب ۾ عرض ڪيو، ”قبلا سائين عرض آ ته سياست هڪڙي سماجي سائنس آهي، اها ماڻهن جي عام ڀلاين لاءِ هئڻ گهرجي، ماڻهن جون وڏيون اميدون ٿين ٿيون ۽ حڪومتن جي بهتر حڪمراني Good Governance جو نه هئڻ، وڌندڙ دهشتگردي ۽ ٻيون اوڻايون ڪو سٺو مستقبل نه پيون ظاهر ڪن“
پاڻ اهو ٻڌي ماٺ ٿي ويو، پوءِ چيائين، ”اوهين گهڻي قدر صحيح آهيو، يقينن ائين ئي ٿيڻ گهرجي“
ان وچ ۾ مون کين عرض ڪيو ته، مخدوم صاحب  توهين  پاڪستان جي سياست ۾ هڪ وڏي عرصي کان اهم رهيا آهيو، اوهان فيلڊ مارشل ايوب خان جو دور ڏٺو، پنهنجي والد سوڌو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان به گڏ رهيا، پوءِ جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا ۾ شهيد محترمه بينطير ڀٽو جا ساٿي رهيا، اوهين مهرباني ڪري پنهنجون يادگيريون Memoirs لکو، ان سان پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ شاندار ڪتاب، ماڻهن آڏو اچي ويندو.
پاڻ ٻه ٽي منٽ چپ رهڻ کان پوءِ چيائين ته ڳالهه اوهان جي تمام سٺي آهي پر لکڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي!
مون چيو ته، پوءِ سائين مهرباني ڪري ٽيپ رڪارڊ  تي يادگيريون رڪارڊ ڪرايو، بعد ۾ انهن کي Transcribe ڪرائي اتاري، پنهنجي نظر مان ڪڍو ۽ آخر ۾ ڪنهن اداري کان اهو ايڊٽ ڪرائي ڇپرائڻ گهرجي. مون کين عرض ڪيو ته مثال طور: فيلڊ مارشل ايوب خان به پنهنجون يادگيريون رڪارڊ ڪرايون هيون، جن کي پوءِ الطاف گوهرFriends Not Masters (فرينڊز ناٽ ماسٽرز) جي نالي سان ڇپرايو هو.
پاڻ کلي چيائون ته ها اهو ڪتاب مون ڏٺو هو، پر ڇا ڪجي، ڪيتريون ڳالهيون ڏاڍيون تلخ آهن، وري به اوهان جي صلاح تي ضرور غور ڪبو!
مون چيو مثال طور اوهين ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع  تي محترمه شهيد بينظير ڀٽو سان ان گاڏيءَ ۾ گڏ هئا. اهو به انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو اوهان جي روبرو ٿيو. منهنجي ان ڳالهه تي پاڻ ڪوبه جواب نه ڏنائون ۽ خاموش ٿي ويهي رهيا.
ان وچ ۾ سردار ممتاز راهو به آيو. کيس ڏسي مون کان پڇيائون؛ ”مدد صاحب! اوهان جو دوست سردار مشتاق احمد راهوءَ سان ڪو رابطو ٿئي ٿو يا نه“؟
مون عرض ڪيو؛ ”جي سائين، مشتاق صاحب  آمريڪا آهي، ساڻس ڪڏهن رات جو دير سان  فون تي ڳالهه ٻولهه  ضرور ٿيندي آهي، وڌيڪ اوهان کي سندن ڀاءُ ممتاز راهو ٻڌائيندو.“ پاڻ کلي  چيائون؛ ”برابر ممتاز صاحب ته اسان جو پنهنجو آهي. ان  وچ ۾ گهڻي دير ٿي وئي هئي، مون اٿي موڪلايو. چيائون؛ ”اوهان جي وڏي مهرباني توهان سدائين ڏک جي مهل اسان وٽ ضرور ايندا آهيو، ماني کائي ضرور وڃو.“ مون کانئس معذرت ڪئي ۽ ٻڌايم ته گاڏي مقبول راهو کان وٺي آيو آهيان، کيس جمعي جي نماز کانپوءِ واپس ڪرڻي آهي، ان ڪري اوهان کان موڪلايان ٿو. ائين چئي آئون ٻاهر نڪتس.
جمعي جو ڏينهن هو، ٻاهر ڏاڍي رش هئي ۽ گرمي به تمام گهڻي هئي. رستي ۾ ايندي مون کي مخدوم محمد امين  فهيم جون ڪيتريون يادگيريون ذهن تي تري  آيون هيون.
مخدوم محمد  امين فهيم سان منهنجي شروعاتي ملاقات، غالبا سال ۱۹۸۱ع ۾ ٿي هئي. قبلا مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سان نيازمندي هئي، ان ڪري جڏهن به پاڻ حيدرآباد پنهنجي لطيف آباد يونٽ نمبر ۳ واري بنگلي تي ايندا هئا، تڏهن آئون حيدرآباد ۾ روزاني ”سنڌ نيوز“ جو ايڊيٽر هوس، حاجن فون تي ٻڌائيندو هو، قبلا سائين  اوهان کي ياد پيا ڪن! ۽ پوءِ آئون به سمورا ڪم ڪار ڇڏي وڃي شام جو مخدوم صاحب سان ملاقات لاءِ پهچندو هوس. وٽن ڪچهري گهڻو ڪري فرش تي ٿيندي هئي. اتي ئي ويٺا هئاسين ته مخدوم امين فهيم ساڻن ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو، شايد ڪراچي وڃڻو هو. مخدوم صاحب يڪدم منهنجو تعارف ساڻس ڪرايو ۽ پوءِ چيو ته مدد علي اسان جي خانداني لڳ لاڳاپن وارو اٿوَ، مرحوم ممتاز قريشي جو ننڍو ڀاءُ آهي. مخدوم امين فهيم چيو ته ها هوٽل ”سائينجيز“ ۾ ممتاز صاحب ۽ يوسف ٽالپر وارن سان گهڻيون ڪچهريون ٿينديون هيون. پوءِ مخدوم صاحب کيس ٻڌايو ته مرحوم گل حسن قريشي (مالڪ قيصر سينيما) جو ماسات به اٿوَ! اوهان کي ضرور ياد هوندو ته اسين سندس وفات تي الهندي ڪچي ۾ سندس گهر فاتحه لاءِ هليا هئاسين. مون کي چڱي طرح ياد آهي اوهين بعد ۾ سندس والده سان ملاقات لاءِ گهر جي اندر هليا هئا! مخدوم امين فهيم ياد ڪندي چيو هو.
مخدوم محمد زمان طالب المولي جن جي يادگيري توڙي سندن ڳالهيون ٻڌي آئون به ماضيءَ جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويو هوس. ڪجهه دير کانپوءِ مخدوم امين فهيم، موڪلائي ڪراچي روانو ٿيو هو. اوچتو قبلا مخدوم صاحب پڇيو هو، اوهان کي يادگيري آهي، مرحوم گل حسن بابت؟
چيو هوم قبلا سائين! ادا گل حسن اسان جو آئيڊيل ماسات هو، بلڪ اسان جا نالا به هن رکيا هئا. هڪ انتهائي سخي مرد، دل جو ڪشاد نوجوان هو، سندس وفات جو زمانو مون کي ياد آهي، پاڻ ڪراچي ۾ اسان جي وڏي ڀاءُ ممتاز کي انٽرنيشنل فيئر ڏيکارڻ ويو هو، اتي نمائش جي آخري رات هڪ سپاهيءَ خبر ناهي ڪهڙي جنون ۾ اچي ميلي ۾ آيل ماڻهن جي هجوم تي ٿري ناٿ ٿري جي فائرنگ ڪئي هئي. ان سپاهيءَ جي هڪ گولي هن کي ڪلهي مان آرپار لنگهي وئي هئي. هو ڪراچي جناح اسپتال جي اسپيشل وارڊ ۾ هڪ مهينو حيات هو ۽ هڪ مهيني کانپوءِ اسپتال ۾ رات جو گذاري ويو هو. اها ڳالهه ۲۱ ڊسمبر ۱۹۶۲ع  جي آهي، کيس گولي ۲۰ نومبر ۱۹۶۲ تي لڳي هئي.
اسين ننڍا هئاسين، ۲۱ ڊسمبر تي  رات جو ۱۲ وڳي هن جي تدفين ٿي هئي، وفات وقت هن جي ڄمار فقط ۳۳ ورهيه هئي ۽ اوهين غالبا ٻئي ڏينهن هن جي گهر تعزيت لاءِ آيا هئا. ياد ان ڪري به اٿم جو اوهان مرحوم جي والده سان ملاقات جي خواهش ڏيکاري هئي، جنهن جي ڪري اتي ويٺل عورتن کي ٻئي ڪمري ۾ موڪليو ويو هو. اوهان سان ملاقات مهل هن جي والده جا سڏڪا مون کان اڃان به نه وسري سگهيا آهن. مخدوم صاحب اهو ٻڌي چيو هو، اوهان جي طبيعت ۾ تحقيقي عنصر شامل آهي، دراصل، مرحوم گل حسن ۽ منهنجي والده جو گدوبندر حيدرآباد وٽ رهائش کان وٺي پاڻ ۾ ڀينرن جهڙو رستو هو، آئون پاڻ ننڍي هوندي حيدرآباد ايندو هوس ته وٽس يا وري احسن الهاشمي وارن جي گهر ۾ وڃي رهندو هئس. اوهان کي تعجب لڳندو ته  مرحوم گل حسن جي والده جو اهو گهر چند مسلمانن جي گهرن مان هڪ هو، جنهن ۾ بجلي هوندي هئي، تڏهن  چڱن چوکن گهرن ۾ لائيٽ ڪونه هوندي هئي.
مون کين  ٻڌايو ته سائين! مون کي ياد آهي ته مرحوم گل حسن جي ڇٺيءَ جو چولو به اوهان وٽان آيو هو، گلابي رنگ جي انتهائي نفيس ڪپڙي جو، وٽن سانڍيل هوندو هو. مخدوم صاحب ٻڌايو هو ته، ”ها! اهو ته ڪپڙو هالن ۾ ٺهندو هو، هاڻ  بلڪل نٿو ٺهي، ان جو نالو ”موتيا“ هوندو هو، ريشمي ڪپڙو به اهڙو، جو مُنڊيءَ مان لنگهي وڃي، اوهان بلڪل صحيح ٿا چئو، مون کي ان ڳالهه جي خبر آهي.
مخدوم امين فهيم سان ڪيتريون ملاقاتون جولاءِ ۱۹۸۸ع ۾ لنڊن ۾ به ٿيون، تڏهن اڃا ڄام صادق علي لنڊن ۾ ۱۹۷۷ع کان وٺي جلاوطني جي زندگي گهاري رهيو هو. نارٿ لنڊن جي ”بيلسائيز پارڪ“ واري ڪشادو گهر ڄام صاحب جي دل وانگر سياسي ڪارڪنن جي لاءِ هر وقت کليل هوندا هئا. شام جو ڪنهن مهل به اتي پهچو، ماني ۽ ٻه چار قسمن جا مشروب تيار ملندا هئا. پيپلزپارٽي جا گهڻا جلاوطن ڪارڪنن اتي شام جو اچي گڏ ٿيندا هئا. اهو گهر، بيلسائيز پارڪ ٽيوب اسٽيشن جي بنهه سامهون هوندو هو. مون ڄام صاحب سان ملاقات ڪرڻ لاءِ کيس پيجر تي ميسج ڪيو هو، پيغام پهچڻ شرط فون ڪري چيو هئائين، ”مدد! آئون اچان يا تون اچي رات جي ماني مون وٽ کاءُ  ته ڪجهه حال احوال  به ڪريون“.
پوءِ ”ارل ڪورٽ“ مان ٽيوب ۾ چڙهي ”چئرينگ ڪراس“ تي ناردرن لائين ريل ۾ چڙهي وڃي شام جو وٽس پهتو هئس. گهر جي گهنٽي وڄائڻ سان پاڻ اچي در کوليو هئائين. پوءِ ڏاڍي پاٻوهه سان ڀاڪر پائي گهر ۾ اندر وٺي آيو هو، ان وچ ۾ ٻڌايائين ته مخدوم امين فهيم به آيل آهي، مون ساڻس تنهنجو ذڪر ڪيو آهي، اجهو ٿو اچي.
ڄام صاحب سان ڪيل ڪچهري، ڊيگهه سبب هتي درج نٿو ڪريان،  بهرحال مخدوم صاحب به ڪجهه دير ۾ اچي پهتو هو. جيڪو ڄام صاحب جي گهر ۾ رهيل هو.  حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي، ڪنهن ماڻهو  کي پرکڻو اٿو  ته هن سان گڏ سفر ڪري ڏسو، يا ساڻس ڪاروبار ڪريو. سو مولا علي  جي قول مطابق ، مخدوم امين فهيم سان گڏ اٺن ڏينهن جو سفر ضرور ڪيو اٿم.
آئون تڏهن هلال پاڪستان ڪراچي جو چيف ايڊيٽر هوس، سنڌ جو وزيراعليٰ ڄام صادق علي هو، عمرو ڪرڻ لاءِ سعودي عرب وڃڻو هو، نومبر ۱۹۹۰ع کان پروگرام ٺهيا پئي ۽ ڪينسل پئي ٿيا. آخرڪار مارچ ۱۹۹۱ع ۾ ڄام صاحب عمري لاءِ دبئي روانو ٿيو. وفد ۾ پير صاحب پاڳارو، مخدوم محمد امين فهيم، الاهي بخش سومرو، چوڌري احمد سعيد، علي نواز وفائي، خليفو عاقل، عثمان علي چانهيو ۽ ڄام مدد علي، علي احمد بروهي، سليم ميمڻ، اڳوڻو ڪمشنر ۽ چار صحافي، هر هڪ اظهر سهيل، محمود شام، مجيد عباسي ۽ آئون شامل هئاسين.
ايمريٽيس ايئر لائين جي فلائيٽ صبح جو دبئي لاءِ رواني ٿي، رمضان جو مهينو هو، پر ايئر لائين وارين ماين (Air Hostess) هر ڪنهن کان پئي پڇيو ”آر يوفاسٽنگ، آرناٽ“  Are You Fasting? Or Not۽ ڪيترن ساٿين کي روزو ڪونه هو. پر پوءِ به ”نو“ چئي جند ٿي ڇڏايائون، پر مون کي روزو ڪونه هو، ان ڪري مون ”نو“ نه چيو. تنهن تي ايئر هوسٽيس مون لاءِ ٽِري کڻي آئي، ڀرسان مخدوم محمد امين فهيم، پير صاحب پاڳارو، ڄام صادق علي ويٺل هئا. مخدوم صاحب اٿي مون وٽ هلي آيو ۽ چوڻ لڳو، مدد صاحب اوهان ۾ اخلاقي جرئت آهي، ماڻهو کي سچ ڳالهائڻ گهرجي. اها ئي ماڻهوءَ جي اخلاقي جرئتمندي هئڻ گهرجي! اهو ٻڌي پير صاحب پاڳاري به ارشاد فرمايو هو ته، ”خطرناڪ! ڪٿي ته باز ايندو ڪر!“ آئون مرڪي چپ ٿي ويو هوس، جو پير صاحب پاڳارو ۽ سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ اڪثر مون کي انهيءَ نالي سان سڏيندا هئا
۱۹۸۲ع ۽ ۱۹۸۳ع ۾ گهڻو ڪري پير صاحب پاڳارو حيدرآباد ۾ ڄاموٽ هائوس ۾ اچي ترسندو هو، ان وقت پير صاحب سان رات جو دير دير تائين ڪافيءَ جي ڪيترن ڪوپن تي ڊگهي ڪچهري ٿيندي هئي. پر منهنجي اختلافي ڳالهين جي ڪري هُن مون کي اهو لقب ڏنو هو.
خير، جهاز دبئي پهتو ۽ اسين وڃي هوٽل ”حيات ريجنسي“ ۾ترسياسين، اتي اسان کي ٻه ڏينهن رهڻو هو. دبئيءَ جي اها هوٽل اڃان به شاندار آهي. وڏا وڏا لائونج، هيٺ اسڪيٽنگ روم هئي، ڇت تي ريوالونگ ريسٽورنٽ. لابيءَ دنيا جي مشهور چينس  Chains جا دڪان. شام جو هيٺ لهندو هوس ته مخدوم صاحب سان ملاقات ٿيندي هئي ۽ مخدوم صاحب  مون کي هوٽل جي لابيءَ ۾ وٺي هلندو هو، اتي مشهور گچي شاپ  Gucci تي پرفيومز، ٽايون ۽ ٻيو سامان ڏسندو هو. ڪڏهن وري ريوالونگ ريسٽورنٽ وٺي هلندو هو، پر شام جو سج لٿي مهل ريوالونگ ريسٽورنٽ ۾ سموري دبئي شهر جون ڄڳ مڳ ڪندڙ بَتيون سمنڊ ۾ ترنديون ڏسڻ ۾ اينديون هيون.
هڪ ڀيرو حسب معمول پاڻ مون کي لابيءَ ۾ وٺي هليو، مختلف شاپنگ اسٽورن تان ٿيندو وري وڃي سندس من پسند گُچي شاپ تي بيٺاسين. کيس هڪ ٽاءِ پسند آئي، پر پوءِ خبر ناهي ڇو اها خريد نه ڪيائين. ايتري ۾ اظهر سهيل اچي شاپ تي نڪتو. اسان سان عليڪ سَليڪ ڪري يڪدم سيلزمين کي چيائين ته هوءَ ڪالهه جيڪا ليڊيز شاپنگ بيگ پسند ڪري ويو هوس، اهو پيڪ ڪري ڏي، ايتري ۾سيلزمين هڪ انتهائي سهڻو ليڊيز شاپنگ بيگ ڪڍي هن کي ڏيکاريو. مخدوم صاحب ڏسي، وري واپس ڪيو، اظهر سهيل بل ادا ڪيو ۽ چيائين پنهنجي زال لاءِ ورتو اٿم، پاڪستاني ۷۵ هزار رپين جو آهي، اسان مرڪي کڻي ماٺ ڪئي ۽ هو اتان هليو ويو. ايتري ۾ مخدوم صاحب ٻڌايو ته اظهر سهيل صبح جو سويل ڄام صاحب جي سوئيٽ به آيو هو، پير صاحب کان ڪجهه پئسا گهرڻ لڳو، يڪدم ڄام صاحب کيس هڪ لفافي ۾ درهم ڏئي ڇڏيا.
دبئي مان اسين ٽئين ڏينهن شام جو دبئي جي حڪمران شيخ راشد جي ذاتي فالڪن جهاز ۾ مديني منوره روانا ٿياسين. مديني پهچندي اسان جي منزل ”پاڪستان هائوس“ هو. پاڪستان هائوس پهتاسين ته مون کي چيائين ٽپهري جي نماز جو وقت آهي، پاڻ هتي ويهڻ بدران ڇو نه مسجد نبويءَ هليا هلون. منهنجي لاءِ عمرو پهريون ڀيرو هو، ان ڪري مان مديني شهر کان لاعلم هوس. پر کين خبر هئي هيٺ لٿاسين. اتان ڪار ۾ وڃي پنجن منٽن ۾ مسجد نبوي پهتاسين. ان سال ۱۹۹۱ع ۾ اڃا مسجد نبويءَ جي توسيع جو ڪم هلي رهيو هو. ڀرپاسي جون  ننڍيون ننڍيون عمارتون ۽ هوٽلون ڊهي رهيون هيون ۽ مسجد ۾ ڪم هلي رهيو هو. پاڻ مون کي اندر وٺي هليو ۽ اتي پاڻ سان گڏ عمري جي نماز پڙهائي، بعد ۾ اندر روضي رسول وٽ وٺي وڃي حاضري ڀرايائين. اتي مون کي سختيءَ سان منع ڪيائين ته رسول جي روضي وٽ دعا گهرڻ تي سخت منع آهي ۽ پوءِ مون پهريون ڀيرو مخدوم امين فهيم سان گڏ رسول ڪريم جي روضي مبارڪ جو ديدار ڪيو ۽ واپس اچي اڱڻ ۾ ويٺاسين. ڪجهه دير کان پوءِ سانجهيءَ جي نماز ٿي هئي، ايتري ۾ مديني جي ماڻهن اسان جي لاءِ دسترخوان وڇائي ڇڏيا، اتي کجور ، قهوو، ڏهي، ڊبل روٽي جا سلائيس آڻي رکيائون. مخدوم صاحب چيو ته جنهن جا مهمان آهيون هُن هتي پاڻ کي خالي هٿين هرگز نه ڇڏيو آهي، هي هتان جو معمول اٿوَ. اهڙي طرح وري مڪي شريف ۾ ڪعبي ۾ عمرو پير صاحب پاڳاري ۽ ساڻن ڪرڻ جو شرف عطا ٿيو.
۹ ڀيرا ملڪ جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر شپ وارو شرف حاصل ڪندڙ مخدوم محمد امين فهيم پيپلز پارٽيءَ جو اهم اڳواڻ آهي، ساڳئي وقت هو صاحب سروري جماعت جو ۱۸هون روحاني پيشوا به آهي. پاڪستان جي سياست ۾ ته پاڻ ۱۹۶۶ع کان وٺي پنهنجي والد مخدوم محمد زمان  طالب  الموليٰ جي ڪري سرگرم رهندو آيو آهي، جو مخدوم صاحب مارچ ۱۹۶۲ع ۾ پهريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو هو. ۱۹۷۰ع ۾ عملي طور پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ ۱۹۷۷ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ٻيو ڀيرو پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جو ميمبر پڻ ٿيو، پر ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي مارشل لا لاڳو ٿيڻ سبب اها اسيمبلي ڪم نه ڪري سگهي.
۱۹۷۷ع کان پوءِ مارشل لا جي هڪ ڊگهي آمريت واري خوفناڪ دور ۾ به مخدوم خاندان کي اهو ڪريڊٽ لازمي طور تي وڃي ٿو، ته هنن ڪڏهن به پيپلز پارٽيءَ جو ساٿ هر گز نه ڇڏيو. خود مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ به هڪ اڏول شخص هو، سندس هڪ مُربي پٽ مخدوم خليق الزمان پيپلز پارٽيءَ جي ڪري ڪيترا ڀيرا جيلن جون مشڪلاتون برداشت ڪري آيو، ويندي بلوچستان جي مچ جيل جهڙي سخت جيل ۾ به هن بهادريءَ سان جيل گهاري هڪ مثال قائم ڪري ڇڏيو. اهو ايم آر ڊي جي هلچل وارو دور هو، ضياءُ الحق جي مارشل لا دوران زندانن جا در سدائين کليل، ڦٽڪن جا ڪڙڪا، قيد بامشقت سزائون ان دور جا ڪڏهن به نه وسرندڙ واقعا آهن.
مخدوم امين فهيم کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ۷۰ع وارين چونڊن ۾ ٺٽي مان کٽيل قومي اسيمبلي جي پنهنجي سيٽ بعد ۾ کيس ڏني هئي ۽ پاڻ اتان ڪامياب ٿيو هو. ڇوٽي چونڊ ۾سيد قادر ڏني شاهه  سندس مقابلو ڪيو هو.
گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته پاڻ هڪ اهل دل، اهل ادب شخص آهي. سندس شاعري جو ڪتاب ”پيغام“ گهڻو وقت اڳ ۱۹۹۰ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪري چڪو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته پاڻ ادبي محفلن ۾ گهٽ ٿو اچي، پر سندن والد قبلا مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سنڌي ادبي محفلن جو روح روان هو.
مخدوم محمد امين فهيم ته نالو به سندس جد امجد تي رکيل آهي. هيٺين شاعري جو ذوق به سندن خاندان ۾ سالن کان هلندو پيو اچي، هت سندس شاعريءَ مان فقط هڪ بند ڏيڻ مناسب ٿو سمجهان.
هن جهان ۾، رنگ وبوءِ ۾، واه جو سودو ٿيو،
پاڻُ قيمت ۾ ڏئي، هڪ باوفا حاصل ڪيم
يا وري:
بي وفا سان وفا ڪڏهن نه ڪجي،
دوستو هيءَ خطا ڪڏهن نه ڪجي
سور سيني کي نيٺ صاف ڪندا
درد دل جي دوا ڪڏهن نه ڪجي
جيڪڏهن آئون غلط نٿو چوان ته اها هڪ حقيقت آهي ته ۱۹۷۰ع ۾ مخدوم امين فهيم ئي پنهنجي والد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست ڪئي هئي، اها ڳالهه پاڻ هڪ ڀيرو مون کي ٻڌائي هئائين. اها ڳالهه ٻڌائيندي مون کي چيائين ته لنڊن ويل هوس، اتي ڪنهن ريسٽورينٽ ۾ شام جو جناب ذوالفقار علي ڀٽي سان ملاقات ٿي، ڀٽي صاحب کي ڊارڪ ڪَلر جو سُوٽ ۽ ڊارڪ ڪَلر جي نهايت ئي سهڻي ٽاءِ ٻڌل هئي ۽ هو ان وقت ڏاڍو خوبصورت پئي لڳو. مون ملاقات ۾ سندس انهي سهڻي ٽاءِ جي تعريف ڪئي هئي. هونئن به ڀٽو صاحب انتهائي خوش پوش ۽ بهترين ڊريس اوڍيندو هو. ان ئي ملاقات ۾ مون کي چيو هئائين ته منهنجي خواهش آهي ته مخدوم طالب الموليٰ صاحب اسان جي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿئي. پوءِ مان جڏهن واپس وطن آيو هوس ته هالن ۾ مون مخدوم صاحب کي اهو نياپو عرض ڪيو هو، مخدوم صاحب تڏهن اڃان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيو هو، بعد ۾ هن فيصلو ڪيو ۽ نتيجي ۾ هالا ۾ ۱۹۷۰ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جو پهريون ڪنوينشن ٿيو هو.
مون چيو هو جي سائين، اهو ڪنويشن پهرين جون ۱۹۷۰ع تي هالن جي ”محفل سينيما“ ۾ ٿيو هو. مون کي ياد اچي رهيو آهي، مخدوم امين فهيم جو هجي هيءُ شعر:
خطا بارها ڪري ڏسجي،
هن جو لطف ڪرم وري به ٿئي،
گويا ٻيهر خطا ڪري ڏسجي
هر شجر ۾حيا ۾ جام ۽ گل ۾
جستجو جابجا ڪري ڏسجي،
جي حياتيءَ وفا ڪئي ته سائين
عشق ۾ انتها ڪري ڏسجي.


ھڪ عظيم شخص جو وڇوڙو
منصور حيات بلوچ
پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي صدر ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم محمد امين فهيم ۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع تي هالا ۾ مخدوم زمان طالب الموليٰ جي گهر ۾ جنم ورتو، هن تي سندس تڙ ڏاڏي مخدوم جو نالو ”امين“ رکيو ويو. سروري جماعت وارا ڏاڏا ڪري سڏيندا هئا. هن شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي شهر هالا ۾ حاصل ڪئي. مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين، پوءِ بي اي تائين تعليم هالا جي سروري اسلاميه ڪاليج مان حاصل ڪئي، جنهن بعد سنڌ يونيورسٽي مان قانون جو پڻ امتحان پاس ڪيو. سندس شادي ۱۸ سالن جي ڄمار ۾ ٿي، شادي جي موقعي تي لاڳيتو ٽي ڏينهن سموري شهر جي گهرن ۾ چلهه نه ٻري، ڇاڪاڻ ته ٽئي ڏينهن مخدوم محمد امين فهيم جي شادي جو ڀت پوري شهر جي گهر گهر ۾ پهچايو پئي ويو، ڪن گهرن هٻڇ ۾ اچي ايترو ڀت ورتو، جيڪو سندن ضرورت کان تمام گهڻو هو، جيڪو گهٽين ۾ اڇلايو پئي ويو. مخدوم خاندان سياسي ميدان ۾ مسلم ليگ سان واڳيل هو ۽ سندس والد محترم مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيل هو، اهو صدر ايوب خان جي صدارت جو دور هو، جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو وزير خارجه هو، جنهن سان پڻ مخدوم صاحب جا سٺا تعلقات هئا. اڳتي هلي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جا صدر ايوب سان اختلاف پيدا ٿيا، ان حڪومت کان الڳ ٿي نئين پارٽي جوڙي ته مخدوم خاندان جو به نئون سياسي سفر شروع ٿيو. انهيءَ  ۾ به اهم ڪردار مخدوم محمد امين فهيم جو هو، جنهن پنهنجي والد کي ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي ۾ شموليت لاءِ راضي ڪيو، جنهن بعد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ساٿين سان گڏ مخدوم هائوس هالا پهچي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني، جيڪا پاڻ نه صرف قبول ڪئي پر ان ڏينهن کان پيپلزپارٽي جو پهريون مرڪزي ڪنوينشن مخدوم هائوس هالا جي ميزباني هيٺ هالا ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستان سميت آزاد ڪشمير توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ پ پ اڳواڻن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
مخدوم محمد امين فهيم پنهنجي سياست جي شروعات ڪئي، شهيد ڀٽي مخدوم طالب الموليٰ کي پارٽي جو سينئر وائيس چيئرمين ۽ مخدوم محمد امين فهيم پارليامينٽ جي سياست کان اڳ پهرين دفعو ۱۹۶۱ع ۾ ميونسپل ڪميٽي هالا جو چيئرمين چونڊيو ويو، جيڪو عهدو وٽس تقريبن ۶ سال رهيو، بعد ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاران ٺٽي مان کٽيل قومي اسيمبلي واري سيٽ خالي ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۷۰ع ۾ پهريون دفعو ٺٽي واري سيٽ تان رڪن قومي اسيمبلي چونڊيو، شهيد ڀٽي جي شهادت کانپوءِ پارٽي ۽ ڀٽي خاندان جي ذميواري مخدوم خاندان حوالي ٿي، جنهن ۾ مخدوم امين فهيم اهم ڪردار ادا ڪيو. ضياءَ دور ۾ مارشل لا خلاف ايم آر ڊي ۽ جيل ڀريو تحريڪ ۾ مخدوم محمد امين فهيم جو نمايان ڪردار رهيو، جنهن ۾ مخدوم خليق الزمان به گرفتاري ڏني. هالا جي  مخدومن پاران پيپلزپارٽي جي وفائي کي بي وفائي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ آمر ضياءَ الحق مخدوم امين فهيم کي پنجاب جو گورنر توڙي سنڌ ۽ وفاق ۾ اهم عهدا آڇيا، پر مخدوم امين فهيم اهي سڀ آڇون ٺڪرائي پيپلزپارٽي سان وفادار رهيو. مخدوم امين فهيم ۱۹۸۸، ۱۹۹۰، ۱۹۹۳، ۱۹۹۷، ۲۰۰۲، ۲۰۰۸ ۽ ۲۰۱۳ ۾ پنهنجي چونڊ تڪ مان ڪامياب ٿي رڪن قومي اسيمبلي بڻيو. مجموعي طور مخدوم امين فهيم ۸ دفعا رڪن قومي اسيمبلي چونڊجي چڪو آهي. ۱۹۹۳ع جي چونڊ ۾ مخدوم امين فهيم هالا جي قومي ۽ صوبائي سيٽ تان بنا مقابلي ڪامياب ٿيا، جڏهن ته پ پ جي دور حڪومت ۾ مواصلات جو وفاقي وزير ۽ بعد ۾ ۱۹۹۳ع ۾ هائوسنگ جو وزير ۽ ۲۰۰۸ع واري دور حڪومت ۾ واپار وارو وفاقي وزير رهي چڪو. پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي جلاوطني کانپوءِ بينظير جو قابل اعتماد ساٿي هئڻ سبب بينظير ڀٽو مخدوم محمد امين فهيم کي پارٽي جون واڳون ڏنيون جنهن کي مخدوم امين فهيم انتهائي ذميواراڻي انداز ۾ نڀايو. ۲۰۰۲ع جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي تي مشرف پاران لڳايل پابندي کانپوءِ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز نالي جماعت ٺاهي. مخدوم امين فهيم کي ان جو سربراهه مقرر ڪري اليڪشن ۾ حصو ورتو ويو. گذريل ٽن اليڪشن ۲۰۰۷-۲۰۰۸-۲۰۱۳ع جي عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي مخدوم امين فهيم جي قيادت ۾ حصو ورتو. ۲۰۰۲ جي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز مخدوم امين فهيم جي قيادت ۾ ملڪ جون سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪرڻ باوجود کيس حڪومت ٺاهڻ نه ڏني وئي، ان وقت جي آمر پرويز مشرف مخدوم امين فهيم کي وزارت اعظميٰ جي آڇ ڪئي، پر مخدوم محمد امين فهيم انڪار ڪري ڇڏيو، ان بعد مشرف ايجنسين ذريعي پ پ جي ميمبرن کي ٽوڙي پ پ پيٽرياٽ ٺاهي مسلم ليگ جي حڪومت ٺاهي. پيٽرياٽ ۾ مخدوم فيصل صالح حيات، آفتاب شير پائو ۽ ڊاڪٽر شيرافگن جهڙا پارٽي جا اهم ميمبر پارٽي سان بي وفائي ڪري مشرف سان هٿ ملايو، پر ان وقت مخدوم امين فهيم پارٽي سان ثابت قدم رهيو. مخدوم محمد امين فهيم جي ڪوششن سان پرويز مشرف ۽ بينظير وچ ۾ اين آر او تي ٺاهه ٿيو، جنهن بعد محترمه جي جلاوطني ختم ٿي ۽ هوءَ ڏيهه ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ تي واپس آئي ۽ مخدوم محمد امين فهيم جي قيادت ۾ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن سندس شاندار استقبال ڪيو.
ڪراچي ۾ محترمه جي استقبال دوران ٿيل بم ڌماڪي ۾ سوين ڪارڪنن جي شهادت توڙي زخمين ۾ مخدوم امين فهيم پڻ معمولي زخمي ٿيو، جنهن بعد مخدوم امين فهيم محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ ۲۰۰۷ع جي عام چونڊن جي چونڊ مهم هلائي، جنهن دوران ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع واري لياقت باغ راولپنڊي جي جلسي کانپوءِ بينظير ڀٽو مٿان قاتلاڻي حملي ۾ پڻ مخدوم امين فهيم شهيد راڻي سان گڏ گاڏي ۾ سوار هو. مذڪوره حملي ۾ محترمه شهيد ٿي ويئي، جنهن بعد شهيد راڻي جي وصيعت موجب پارٽي جون واڳون آصف علي زرداري حوالي ٿيون. محترمه جي ٽيجهي جي موقعي تي آصف زرداري مخدوم امين فهيم کي پارٽي جو وزيراعظم نامزد ڪري چونڊ ۾ حصو ورتو. ۲۰۰۸ع جنوري ۾ پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز مخدوم امين فهيم جي قيادت ۾ اڪثريت سان ڪامياب ٿي. مخدوم امين فهيم جي پارليامينٽرينز ڪامياب ٿيڻ باوجود آصف علي زرداري مخدوم محمد امين فهيم کي وزيراعظم طور نامزد نه ڪيو جنهن سبب مخدوم امين فهيم ۽ محترمه جي وصيعت موجب پارٽي جي چيئرمين آصف علي زرداري ۾ ڪجهه عرصو اختلاف ٿي ويا. پارٽي جي حڪومت قائم ٿيڻ باوجود حڪومت ۾ پارليامينٽرينز جي سربراهه مخدوم محمد امين فهيم کي ڪجهه عرصي کان حڪومت کان الڳ رکيو ويو، جنهن بعد ان وقت جي وزيراعظم مخدوم يوسف رضا گيلاني پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي آصف علي زرداري ۽ مخدوم محمد امين فهيم ۾ پيدا ٿيل اختلاف ختم ڪرائي مخدوم محمد امين فهيم کي ڪابينا جو حصو بڻائيندي وفاقي وزير طور واپار واري وزارت جو قلمدان ڏنو. ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي ڪراچي ڪارساز وٽ جيڪي آپگهاتي بم ڌماڪا ٿيا هئا، تن ۾ مخدوم صاحب کي بم جو هڪ ٽڪرو لڳو هو، جنهن جو ان وقت کيس احساس نه ٿيو پر وقت گذرڻ سان انهيءَ زهريلي مواد سندس جسم کي هيڻو ڪرڻ شروع ڪيو هو، جيڪو گهڻو وقت پوءِ ڄاڻ پوڻ تي پرڏيهه ۾ علاج دوران جسم مان اهو زهريلو مادو ڪڍيو ويو، پر ان وقت تائين اهو بهرحال مخدوم صاحب جي موتمار بيماري جو ڪارڻ بڻجي چڪو هو، جيڪا بلڊ ڪينسر جي شڪل ۾ ثابت ٿي ۽ حياتي کسڻ جو باعث بڻجي. اهڙي ريت هي پارٽي جو وفادار ۽ سروري جماعت جو روحاني پيشوا هميشه جي لاءِ هن فاني جهان کي الوداع چئي ويو.


امين فهيم کي سانگهڙ به ساري ٿي!
ڇنڇر ۲۸ نومبر ۲۰۱۵ع
نواز ڪنڀر
ڪن ماڻهن جي وڃڻ تي شهر بند ٿيندا آهن، ڪن جي وڃڻ تي وري گھر ۽ در بند ٿيندا آهن، پر ڪن جي وڃڻ تي ڄڻ ته ساهه به بند ٿي ويندا آهن! ڪن جي جنازن ۽ تڏي تي ماڻهن جا سمنڊ اُٿلي پوندا آهن، پر ڪن لاءِ ماڻهن سان گڏ، لُڙڪن ۽ سُڏڪن جا سيلاب اچي ٿا وڃن. اکين جا بند ڀڄي پوندا آهن، هانءَ ڇڄي پوندا آهن. دل جو ڌڙڪڻ بند ٿيندي محسوس ٿيندو آهي، ويڙھا ويران ٿي ويندا آهن ۽ دلين جون آباديون ڄڻ ته ويرانن ۾ ويڙهجي وينديون آهن، اهڙن ماڻهن جو وڃڻ، وقت جي کوڙ سارن بابن جي بند ٿيڻ برابر بڻجي ويندو آهي. اهڙن ئي بي مثال ماڻهن ۾ هڪڙو هو، سائين مخدوم امين فهيم! ملڪ ۾ ڪيترائي سياستدان آيا ۽ ايندا، گادي نشين به آيا ۽ ايندا، شاعر به آيا ۽ ايندا، پر جتي ماڻھو ٿڌا ساهه ڀري مخدوم امين کي ساريندا ۽ اکيون اشڪبار ٿا ڪن، اُتي سياست به کين هميشه سڪ سان ساريندي، سندن ساراهه جا ڍُڪ ڀريندي رهندي. سياست ۾ جڏهن به ڳالهه وفاداريءَ جي، ساٿ نڀائڻ جي، رواداري ۽ سنجيدگيءَ جي ايندي ته، دنگ وڃي امين فهيم تي ئي ڪندي! مخدوم سرور نوح رح جي گاديءَ جا ٻين علائقن وانگر سانگهڙ ضلعي ۾ به وڏي انگ ۾ مريد آباد آهن. هاڻ جڏهن مخدوم امين هن دنيا ۾ ناهي رهيو ته ملڪ جي ٻين حصن جي ماڻهن وانگر سانگھڙ وارن جي دلين ۾ به ان جي حوالي سان انهن جون کوڙ ساريون ساروڻيون، هانءَ تي هُري رهيون آهن ۽ ڪچهرين جو موضوع بڻيل آهن. بينظير ڀٽو جي شهادت بعد جڏهن هڪ تاريخي جلسي ۾ مخدوم امين فهيم عيد گاهه روڊ کان جامع مسجد وارو مين روڊ ڏئي، اُتان نواب شاهه روڊ کان جلسي گاهه ۾ آيو ته سانگھڙ شهر ۾، مٿن ڪيترن ئي هنڌن تي گل پاشي ڪئي وئي. ماڻهو سندن هڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ پنهنجو ڪاروبار ۽ ڪم ڪار اڌ ۾ ڇڏي، روڊن تي بيهي رهيا هئا. جتان سندن گاڏي پئي لنگھي، اُتان ماڻهو ديوانن وانگر سندن پُٺيان پئي ڊوڙيا، جنهن دوران جتي عوام کي، سياست جو خال ڀرجڻ جي اُميد هئي، اُتي کان بغير اچڻ تي، مخدوم صاحب جي اکين جي اُداسي به هر ڪو آسانيءَ سان محسوس ڪري پئي سگھيو.
مخدوم امين فهيم جتي ٻين هنڌن تي ويا ۽ دورا ڪيا، اُتي هو مختلف موقعن تي سانگھڙ به آيا. سندن سانگھڙ اچڻ جو مقصد، جتي سياسي هو، اُتي شڪار ۽ راڳ ويراڳ جي حوالي سان به سندن سانگھڙ اچڻ ٿيو. سنڌ ۾، سندن زندگيءَ جو آخري ۽ وڏو سفر ۽ شڪار به سانگھڙ ۾ ئي ٿيو، جتي پاڻ ۷ فيبروري ۲۰۱۴ع تي، صدر الدين شاهه راشدي جي دعوت تي، صبح جو نائين وڳي هالا کان سانگھڙ، اڳوڻي  وفاقي وزير ۽ موجوده ايم پي اي حاجي خدا بخش راڄڙ جي بنگلي تي ناشتي تي آيا، جتي ڪلاڪ منو کن ترسي، ”اوڍ“ ڏانهن اُسريا. رستي ۾ گھنڊڻ ۾ چانگن جي استقبال ۽ ورڪشاپ واري پاسي منگواڻن ۽ اُنڙن جي استقبال بعد اوڍ ۾ ٻن هرڻن ۽ کوڙ سارن تترن جي شڪار بعد پاڻ اوڍ ۾ مرحوم خليفي الهه بخش جوڻيجي جي اوطاق تي مانجھاندي بعد کپري اُسريا. ان شڪار دوران پاڻ انهيءَ ڳالهه جو به اظهار ڪيو ته منهنجي خواهش آهي ته: ”روضي ڌڻي رح جي جماعت، سروري جماعت ۽ غوثيه جماعت گڏجن.“ سندن انهيءَ بيان تي سياسي سرگوشيون، اُن وقت وڌي وڻ ٿيون، جڏهن پاڻ پير صاحب پاڳاري سان گڏجي مشرف سان ملاقات ڪيائون. هي نفيس انسان، شاعر ۽ سياستدان، سنڌ ۾ راڳ جي حوالي سان منفرد ۽ مثالي درگاهه منٺار فقير راڄڙ تي هونئن ته اڪثر آيو، پر ۱۹۹۸ع کان ۲۰۰۲ع تائين مسلسل ۴ سال ايندو رهيو، جنهن ۾ هڪ ڀيرو ته پاڻ اسلام آباد کان سڌو منٺار فقير جي درگاهه تي آيا، راڳ ٻُڌو ۽ اُتان وري روانا ٿيا!
سانگھڙ، امين فهيم پاران اڪثر اچڻ ۽ شڪار جي حوالن کان اهم ته آهي ئي آهي، پر درگاهه نوح رح جي حوالي سان سانگهڙ جي هڪ ٻي نسبت، جيڪا سانگهڙ جي اهميت کي اڃا به وڌائي ٿي، سا آهي جميل الزمان، جن جي ولي عهد سائين محبوب الزمان جي ناناڻن جو کپرو ڀرسان ناري جي پرئين ڀر، ڳوٺ ”دُلو هنڱورجو“ (سندن ناني حاجي جان محمد هنڱورجو، مامي ۽ پ پ جي موجوده ضلعي صدر ۽ صوبائي صلاحڪار علي حسن هنڱورجي جو ڳوٺ) ۾ هجڻ ڪري! جتي هن نئون لکي گودڙيءَ جي اها نسبت سانگھڙ ۽ هن جي انهيءَ ڳوٺ کي وڌيڪ اهم بڻائي ٿي، اُتي ان ڳوٺ ۾ وفاداريءَ جي ”امين“ سياستدان پاران پاڻ اچڻ ڪري به، هن ڳوٺ جو مان مٿانهون ٿيو.
ڏسجي ته بحيثيت شاعر امين فهيم پنهنجي والد پاران قائم ڪيل هڪ روايت کي به خوبصورت طريقي سان اڳتي وڌايو. طالب المولى جن اهو رواج وڌو هو ته، جيڪا شاعري، جنهن هنڌ، جنهن تاريخ ۽ جنهن وقت ڪيائون، اهو به ڄاڻايائون، جڏهن ته امين فهيم، جن ان روايت کي اڳتي وڌائيندي، ڪيل شاعريءَ جو پس منظر به ڄاڻايو! ”امين فهيم“ پنهنجي نالي وانگر، جيڪا وفاداري، رواداري، افهام تفهيم ۽ محتاط گفتگوءَ جو مثالي نمونو ڇڏيو آهي، اهو گھٽ ۾ گھٽ سنڌ جي سياست ۾ ضرب المثل ضرور بڻبو ۽ ايندڙ دور ۾ ڪنهن به پارٽيءَ سان وفاداريءَ جو ڪاٿو، امين فهيم جي وفاداريءَ سان ڀيٽ ڪري لڳائبو!


باوقار شخص جو وڇوڙو
زيب سنڌي
اسلام آباد ۾ ڊسمبر ۱۹۸۸ع جي اها بيحد سرد شام هئي ۽ مان قومي اسيمبلي بلڊنگ جي مين گيٽ وٽ انهيءَ وقت جي ايم اين اي، نامياري تعليمي ماهر ۽ پنهنجي مهربان سائين غلام مصطفي شاه جو انتظار ڪري رهيو هئس. جيئن پوءِ تيئن سرديءَ جي شدت ۾ اضافو ٿيندو پئي ويو. شام تي رات جا پاڇا پوڻ لڳا ته جرسي ۽ جرسيءَ مٿان پاتل ڪروڪوڊائيل جي گرم جيڪيٽ اندر به منهنجو جسم ڪنبڻ لڳو. اهڙي حالت ۾ سائين غلام مصطفي شاه جو انتظار ڪندي هڪ ڪار طرف نظر وئي، جنهن مان هڪ خوش لباس ۽ باوقار شخص لهندي آيو. انهيءَ باوقار شخص سائين امين فهيم سان اڳ منهنجي ڪابه ملاقات نه هئي، پر دل ڇِڪَ ڏني ته مان وڃي سندن اڳيان بيٺس، ”سائين، مان زيب سنڌي آهيان.“
مرڪي ڀاڪر پاتائون ۽ منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي اسيمبلي بلڊنگ اندر وٺي ويا. تڏهن پاڻ شهيد بيبي جي پهرين حڪومت ۾ وزير هيا. پنهنجي آفيس ۾ پهچي حال احوال ورتائون ته مون چيو، ”مان اسلام آباد ۾ ريڊيو پروڊيوسر جي ٽريننگ پوري ڪري چڪو آهيان، هن ئي هفتي پوسٽنگ آرڊرس جاري ٿيڻا آهن. مون کي ڪراچي يا حيدرآباد ۾ پوسٽنگ وٺي ڏيو.“
امين فهيم صاحب انٽرڪام تي پي اي کي ان وقت جي انفرميشن منسٽر جاويد جبار سان ڳالهرائڻ لاءِ چيو. ٿوري دير اندر ئي پي اي کين ٻڌايو ته انفرميشن منسٽر پنهنجي آفيس ۾ موجود ناهي ۽ سندس موبائيل نمبر بند آهي. تڏهن پاڻ پي اي کي چانهن موڪلڻ لاءِ چئي مون ڏانهن ڏٺائون، ”فڪر نه ڪيو ڳولي ٿا وٺون جاويد جبار صاحب کي.“
چانهن پيئندي فائيل به ڏسندا رهيا ۽ سنڌيءَ ۾ ڇپجندڙ نون ڪتابن بابت به پڇندا رهيا. ڪجهه دير کان پوءِ ٻيهر پڇا ڪرائڻ تي به جڏهن انفرميشن منسٽر سان رابطو نه ٿي سگهيو ته ٻئي ٽيليفون سيٽ تان پنهنجي هٿ سان مختلف نمبر ڊائيل ڪري پڇا ڪندا رهيا، پر جاويد جبار سان رابطو نه ٿي سگهيو. تڏهن جاويد جبار صاحب لاءِ خط لکي منهنجي حوالي ڪري چيائون، ” مون کي ڪراچيءِ وڃڻو آهي ۽ فلائيٽ ۾ باقي فقط هڪ ڪلاڪ آهي. توهان جاويد جبار صاحب سان ملي وٺجو، پر جيڪڏهن ملاقات نه ٿي سگهي ته سڀاڻي شام تائين مان ڪراچيءَ کان واپس اچي ويندس. توهان مون وٽ هليا اچجو.“
مون سندن مهرباني مڃي کانئن موڪلايو ۽ اسيمبلي بلڊنگ جي ساڳئي ئي فلور تي موجود انفرميشن منسٽر جي آفيس طرف هليو ويس. ڪجهه ئي دير ۾ جاويد جبار صاحب اچي ويو، جنهن کي امين فهيم صاحب جو خط ڏنم ته مرڪي هاڪار سان ڪنڌ لوڏيائين. ڪم ٿي ويو ۽ هن فقير وڃي هوائن جي شهر حيدرآباد جا وَڻَ وسايا.
ڪتابن ۽ ڪتاب دوست ماڻهن سان پيار ڪندڙ اهو باوقار ۽ خوبصورت شخص امين فهيم ، جنهن کي عوامي اڪثريت هڪ باوفا سياستدان جي حيثيت سان سڃاڻي ٿي، سچ ته اهو اسان جي ملڪ جي سياسي منظر جو اهڙو ڪردار هو، جنهن وٽ سياستدان بجاءِ دل فقط ۽ فقط شاعر واري ئي هئي. ۱۹۵۳ع ۾ شاعريءَ جي ابتدا ڪندڙ هي خوش لباس ۽ خوش گفتار شخص سياست جي خاردار دنيا ۾ سدائين ڪنهن منفرد گل جيان ئي نظر آيو. سندن ئي هڪ غزل جي سِٽَ ۾ سندن شخصيت جي ڪيڏي نه تُز عڪاسي ٿيل آهي، ”گُلَ پَٽييندي خار ۾ ڦاسي پيس !“
شاعريءَ جي گل رنگ راهن جي هن مسافر سياست جي خاردار پيچري تي پير رکيو  ته پوءِ هو تاحيات  ناقابلِ شڪست رهيو . ۱۹۷۰ع ۾ ذوالفقار ڀُٽي جي ٺٽي ۾ خالي ڪيل سيٽ تي پهريون ڀيرو چونڊجي آيو ۽ اٺ ڀيرا ايم اين اي ۽ هڪ دفعو ايم پي اي چونڊجڻ باوجود سندس سياست تي هن جو شاعراڻو مزاج حاوي رهيو ۽ ڪتابن سان سندس دوستي سدائين برقرار رهي. شرافت ، وفاداري ۽ سچائي هن باوقار شخصيت جو شيوو رهي. اهو ئي سبب آهي ته هن بي وفائي ڪندڙن سان به وفا ڪئي ، جو وفاداري ۽ سچائي سندس سوچَ جو محور هئي. هن جي اهڙي مزاج جي عڪاسي سندس شاعريءَ ۾ به ملي ٿي:
بي وفا سان وفا ڪري  ڏسجي
هيءَ  خطا  بارها ڪير ڏسجي
جي حياتيءَ وفا ڪئي ته فهيم
عشق  ۾ انتها  ڪري  ڏسجي
مون کي خبر ناهي ته امين فهيم صاحب اهي سٽون ڪڏهن ۽ حياتيءَ جي ڪهڙي حصي ۾ لکيون هيون ، پر عمر جي آخري ڏينهن تائين هو پنهنجي وفا نڀائيندو رهيو. هن جي وفاداريءَ جي وڏي قيمت لڳائي سندس وفاداريءَ کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش به ٿيندي رهي پر وزير اعظم جي عهدي جي آڇ به هن کي لوڏي نه سگهي ۽ هن ڪنهن به قيمت تي پنهنجي سچائيءَ جو سودو نه ڪري پاڻ کي املهه ثابت ڪيو. اها سچائي، اها شرافت ، اهو وقار ۽ اها وفا، جيڪا هن کي پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ ملي هئي. انهن خوبين تي ثابت قدم  رهي ، حقيقت ۾ هن سڄي عمر پنهنجي والد بزرگوار سائين مخدوم محمد زمان طالب المولي جي پيروي ڪئي ، سندن نقشِ قدم تي هلي زندگي جا چار ڏينهن پورا ڪيا ۽ ڪڏهن به شرافت ۽ صبر جو دامن نه ڇڏيو:
ٻه ڏينهن  گذري  ويا، ٻه ڏينهن گذري  ويندا
فهيم ڪڏهن به صبر جي دامن کي داغدار نه ڪبو
سائين امين فهيم جي وفات کان پوءِ ، سندن گادي نشين فرزند مخدو جميل الزمان جو چوڻ آهي ته ،”مخدوم اهو آهي، جيڪو عوام جي خدمت ڪري. جيڪو عوام جي خدمت نٿو ڪري، اهو فقط نالي جو مخدوم هوندو.“ انهن لفظن سان مخدو جميل الزمان انهيءَ ساڳئي سوچ ۽ فڪر جي پيروي ڪئي آهي، جنهن سوچ ۽ فڪر جو اظهار سائين طالب المولي صاحب ڪيو هو:
اگر خدمت ڪرڻ  جي ناهي طاقت  طالب المولي
ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو
منهنجو ذاتي تجربو ۽  مشاهدو به آهي ته  امين فهيم صاحب وٽن آيل هر ماڻهوءَ جا مسئلا بنا ڪنهن تفريق جي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هو احسان ڪري وساري ڇڏيندا هيا، پر مون  نه ڪڏهن سندن احسان کي وساريو ۽ نه ئي ڪڏهن کين وساري سگهندس.
افسانه ِ  حيات    ڪبو    ختم  اي   فهيم !
يادن جي داستان جي حفاظت ڪري ڪري.


مخدوم امين فهيم جي ياد ۾
سنڌي غزل جي اڌ ۾ رهجي ويل ڪٿا
رکيل مورائي
غزل جو هڪ نرالو نانءَ مخدو امين فهيم ۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع تي ڄائو ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ تي ان ديس ڏانهن روانو ٿيو، جتان هو  آيو هئو، دراصل هيءُ  اهو ديس آهي، جتان هر ساهوارو آيو آهي ۽ هر ساھ وارو واپس وڃڻو آهي، دنيا جي سڀني مذهبن ايئن ٻڌايو آهي ۽ سڀني مذهبن جا مڃيندڙ ايئن قبول ڪن ٿا، اسان به ايئن قبول ڪريون ٿا.
آگسٽ ۱۹۳۹ع کان هيل ۲۰۱۵ع تائين عمر جا ڇاهتر سال هن هن جهان ۾ گذاريا. ۽ انهن ڇاهتر سالن ۾، هن نصابي تعليم پرائي، سياستڪار بڻيو، چار شاديون ڪيائين، اڻ ڳڻيا عشق ڪيائين، يارهن ٻار، ست پٽ ۽ چار نياڻيون پيدا ڪيائين. اٺ ڀيرا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ڪيترائي ڀيرا وزير ٿيو، چون ٿا ته هڪ کان وڌيڪ ڀيرا وزيراعظميءَ کي ٺڪرايائين. سنڌي اساسي شاعريءَ جي اهم شاعر مخدوم سرور نوح جي گاديءَ جو اڙهون سجاده نشين ٿيو، لکين مريدن جي مرشد هجڻ جو مرتبو ماڻيائين ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه پنهنجي هڪ زندگيءَ ۾ حاصل ڪيائين، پر سچ اهو آهي ته هڪ زندگي ۾ هن جيتريون محبتون ماڻيون انهن جو اظهار  ۲۱ نومبر تي ظاهر ٿيو، جو هن ملڪ جا  لکين ماڻهن سندس جدا ٿيڻ تي اوڇنگارون ڏئي رنا، هزارين ماڻهو سندس جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيا ۽ لکين آلين آکين الڳ الڳ هنڌن تي ڳوڙها ڳاڙهيا ۽ کيس ياد ڪيو.
وفات تي زندگيءَ جي الڳ الڳ شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن تعزيتي بيان ڏنا. ڪيترن سياستدانن سياسي بيان ڏنا. اڄ جي سياست جي نالي ۾ ڏنل بيان جيڪي هر طرح ڪوڙ تي ٻڌل هئا، انهن به بيان جاري ڪيا، جن کيس اندران اندران ڏنڀ ڏنا ۽ هڪ حسين شاعر جو روح رنجايو. ساڻس دوکا ڪري! هڪ عمر ۾ ايتريون حاصلاتون جن شخصن جي کاتي وينديون آهن، پڪ سان اُهي اهم انسان ڄاڻايل هوندا آهن جن مان هڪ سائين مخدوم امين فهيم به هئو.
ڄاڻايل سڀ حوالا هڪ شخص جا سنساري حوالا آهن. منهنجي هنن سٽن لکڻ جو مقصد ڪو به سنساري حوالو کڻڻ نه آهي، مان مخدوم صاحب جي سنسار کي ڪجهه ڄاڻان ٿو. پر هڪ سندس اهڙو سنسار به آهي، جيڪو هن سنسار کان الڳ آهي جيڪو هڪ تخليقي سنسار آهي. آدرشي سنسار آهي. جيڪو هن جي هڪ  شاعراڻي دفتر ”پيغام“ ۾ محفوظ آهي.
امين فهيم صاحب جي حوالي ۾ اهو سنسار هيئن مون جيان  جيڪي، روحاني دنيا ۾ يقين رکن ٿا، انهن کي هيءَ به يقين هجڻ گهرجي ته اسان جيڪي شاعر آهيون، اهي شاعري ڪريون ٿا. پر مخدوم خاندان اهڙن شاعرن جو خاندان آهي جن تي شاعري نازل ٿيندي آهي، جن کي يقين نه اچي انهن کي هيءَ ننڍڙا تفصيل ضرور پڙهڻ کپن کين خوشي ٿيندي.
اساسي شاعريءَ جو هڪ اهم شاعر جيڪو سندس جدا مجد آهي، مخدوم سرور نوح رحمت الله عليه جنهن جو  هڪ بيت سون کان وڌيڪ قيمتي ڌاتوءَ ۾ مڙهائڻ جهڙو
پيئي جا پرڀات، سا ماڪ مَ ڀانيو ماڻهئا،
روئي ڇڙي رات، ڏسي: کوين کي
۽
ماڙيون ڀان ٿي ماتام
ماروئڙن لئه هيءَ دل ماندي
ورهيه وهايم رانڙي
ڪافيءَ جو خالق، مخدوم امين محمد ”پکن ڌڻي“ جنهن خاندان جو تڙ ڏاڏو، جنهن شاعر جو والد قبله مخدوم طالب الموليٰ، سنڌي شاعريءَ جو هڪ فڪري اسڪول، جنهن جي علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتن جي داستان لکڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب گهرجن. جيڪو مخدوم نوح جي گاڏيءَ جو سترهون سجاده نشين ۽ اهو هن ٻاهرئين سنسار کي ٺڪرائڻ وارو فقير منش طبيعت رکڻ وارو سنساري اميري کي پيرن هيٺان رکڻ وارو مخدوميءَ تي خادميءَ کي فوقيت ڏيڻ وارو ۽ هي اظهار ڪرڻ وارو
اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ
ته پو مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.
امين فهيم صاحب ان شخص جو اولاد ۽ گهر ۾ سندس سڀ ڀائر شاعر، ادب دوست، علم دوست، جيستائين سياست عبادت هئي ڪندا رهيا، جڏهن سياست واپار بڻي ته سڀن لڳ ڀڳ سياست ڇڏي ڏني ۽ اهڙي وقت مخدوم خليق الزمان فرمايو
هن سان ٻيهر وفات ڪري ڏسبي
پاڻ سان هڪ دغا ڪري ڏسبي
خاندان، جنهن تي لطيف سائينءَ جي هيءَ سٽ بلڪل پوري اچي ته
جهڙو پنهو پاڻ پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي
خاندان جو هڪ حسين شاعر مخدوم امين فهيم اسان کان جدا ٿي ويو. جنهن پنهنجي جوانيءَ ۾ فرمايو  هو ته
تعلق آهي اهڙو ئي، نظر جو ناز وارن سان
رهي ٿو ربط جهڙي طرح، لهرن جو ڪنارن سان
ڪڏهن ايئن ڪونه ٿيو آهي ته گل دامن ۾ اٽڪي پئي
مگر اٽڪيو پوي دامن، گلن هوندي به خارن سان
سندس زندگيءَ ۾ ڪيترائي خار رهيا هوندا، ڇاڪاڻ ته سندس زندگي ۾ گلن جو مقدار به ايترو آهي جنهن جو ڳاڻيٽو نه آهي جنهن جو اظهار سندس شاعريءَ ۾ گهڻن ئي هنڌن تي آيو آهي. ڪي تڪڙا مثال هيءُ آهن؛
آ، سند ۽ انتظار ڪافي آ
دل تي بيدرد بار ڪافي آ
راز ڪنهن کان لڪائيندي تون ”امين“
ٿي ويو آ شڪار ڪافي آ
جو دست چاڪ ٿو ڪري، دامن کي اي ”امين“
سوئي بچائي ٿو وٺي، دامان ڪڏهن ڪڏهن
آئون تنهنجي تار ۾ ڦاسي پيس،
عشق جي آزار ۾ ڦاسي پيس
گل پٽيندي خار ۾ ڦاسي پيس،
ڄڻڪ دام يار ۾ ڦاسي پيس
ڪنهن جي قيدي ٿي رهڻ لئه اي ”امين“
ڄاڻي واڻي ڄار ۾ ڦاسي پيس.
انهن کانسواءِ ڪيترن ئي گلن ۽ خارن جو ذڪر ڪندڙ هڪ حسين غزل لکندڙ شاعر اڄ سنڌ وٽ نه رهيو آهي، سنڌي غزل جي تاريخ هن کي ڪيئن وساري سگهندي؟
سچ آهي ته کيس سياست جي سنسار تخليقي سنسار کان پري ڪري ڇڏيو پر پوءِ به هن جي ڳالهائڻ مان اٿڻ ويهڻ مان ۽ مرڪڻ مان هڪ شاعر جو درشن ٿيندو هئو. هو سراپا شاعر محسوس ٿيندو هئو. کيس ڏسڻ سان محسوس ٿيندو هئو ته هو نه رڳو پر شاعري ڪرڻ جهڙو شخص به آهي، هن سياست جي خاردار رستي تي هلي جتي سک پرايا اتي اذتيون به سٺيون ۽ ڏک به ڏنا. ان موڙ تي قبول ڪرڻو ٿو پوي ته کيس سياستدان جو دماغ ته ضرور هئو، پر هن وٽ دل فقط ۽ فقط شاعراڻي هئي، اڄ سنڌي شاعري پنهنجي هڪ محبوب شاعر کان محروم ٿي ويئي.
اهو ڏک رڳو شاعريءَ جو نه آهي پر اسان سڀني سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جو به آهي، جيڪو شايد اسان کان گهڻو وقت وسري نه سگهي. ٻيءَ طرح سندس سڪيلڌي شاعراڻي ڪتاب ”پيغام“ کي سنڌي شاعراڻو ادب ڪيئن وساري سگهندو؟
مخدوم سرور نوح رحمت الله  جي خانداني گاديءَ کي اڻيهون سجاده نشين مليو. هڪ محبوب شخص ۽ هڪ محبت جو پرچار ڪندڙ خوبصورت غزل جو شاعر،  ٻن درجن ڪتابن جو ليکڪ ۽ مرتب، جميل سائين!
۽ ان سان نه فقط سندن سجاده نشينيءَ جو سلسلو قائم ٿيو پر سنڌي شاعريءَ سان به سندن سلسلو قائم رهيو. سنڌ لاءِ اهو سڀاڳ جو ڏينهن آهي. جميل سائين جي سجاده نشيني جي خوشي ۽ ڏاڏا سائين مخدوم امين فهيم جي وڇوڙي جي غم ۾ ورتل سنڌ کي سندن شاعري ته آٿت ڏيندي ئي سهي پر سندن دعائن جي گهرج به آهي، جيڪي پڪ سان ڪڏهن به سنڌ کان جدا ٿيڻيون نه آهن. آمين.
سروري جماعت جو نئون پيشوا

قبلا سائين مخدوم جميل الزمان “جميل” ۲۳ نومبر ۲۰۱۵ع تي درگاهـ مخدوم سرور نوح جا سجاده نشينيءَ جي پڳ ٻڌي سروري جماعت جا روحاني پيشوا ٿيندا قبلا سائين مخدوم امين فهيم جا وڏا صاحبزاده قبلاسائين مخدوم جميل الزمان ۲۷ جولاءِ ۱۹۶۱ع تي هالا ۾ جنم ورتو.پاڻ شروعاتي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم هالا مان ورتي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي.
جيئن تـ علمي ادبي ماحول ۾ تربيت هجڻ ڪري ۱۹۸۱ع کان سنڌي ادب ڏانهن راغب ٿيا. پاڻ شاعري، نثر ۽ ادبي ميدان ۾ تاريخ تي تحقيق ڪئي آهي. سندن مطالعو ۽ مشاهدو تمام گهڻو وسيع آهي ۽ سنڌي ٻولي ۽ لغت جا تمام گهڻا ڄاڻو آهن. سندن ۱۵ کن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن جن ۾:
۱. اتر لڳا آءُ پرين
۲. دلربا دلربا
۳. سنڌ جي واقعاتي تاريخ
۴. تذڪره مخدومان هالا
۵. خيري شيرازي لغت
۶. ملاقات
۷. محبت پائي من ۾
۸. انت محبوبي (مرتب)
۹. سيد فتح محمد شاه اجناڻي سوانح ۽ ڪلام (مرتب)
۱۰. سج وڙاءُ
۽ سندن شاعريءَ جو مجموعو،
۱۱-روح رچنديون
قابلِ ذڪر آهن.
قبلا سائين مخدوم جميل الزمان هن وقت سنڌ گورنمينٽ ۾ روينيو جا وزير آهن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين، بزمِ طالب سنڌ جا وائيس چئيرمين، “ڏات” پبليڪيشن جا باني ۽ طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا جا چيئرمين پڻ آهن.



مخدوم امين فهيم
جمهوريت جو علمبردار
سينيٽر ڊاڪٽر عبدالقيوم سومرو
دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو اهڙا آهن جيڪي هڪ ڏينهن جا آهن جيڪي اڄ مري ويندا ۽ سڀاڻي وسري ويندا ۽ وري دنيا ۾ لکين ماڻهو اهڙا آهن جيڪي سالن جا آهن جيڪي مرڻ کان پوءِ سالن تائين زندهه رهندا، وري دنيا ۾ سوين ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي صدين جا آهن، جيڪي مري وڃڻ کانپوءِ ته صدين تائين زندهه رهندا، اسان جي سنڌ به اهڙن امر انسانن کي جنم ڏنو آهي جيڪي صدين جا ماڻهو آهن ۽ صدين تائين زندهه رهندا. انهن ۾ اسان جو انتهائي شفيق ۽ زندهه دل انسان سائين مخدوم امين فهيم به هو، جنهن جي شخصيت جا سڀ پاسا پنهنجو مٽ پاڻ هئا، سائين مخدوم امين فهيم جي شخصيت جو سڀ کان بهترين پهلو، اهو هو ته هو اسان جو شفيق هو، هن جي شفقت اسان کي جيئڻ، اڳتي وڌڻ همت ڪرڻ، وفاداري ڪرڻ، سچو ۽ کرو ٿي جيئڻ جو اهڙو درس ڏنو. ان جي انهيءَ پرورش ۽ درس جو اسان جي معاشري تي صدين تائين اثر رهندو، مخدوم امين فهيم هن معاشري ۾ رهي هن پاڻ کي نه پر عوام ۽ ادارن کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، هن پوري زندگي انسانيت کي اعليٰ بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، هن پوري زندگي پارٽيءَ کي ٺاهڻ جون ڪامياب ڪوششون ڪيون، هن پوري زندگي پنهنجي مريدن کي اهڙو سچو ۽ کرو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جهڙو هو پاڻ آهي، سائين مخدوم امين فهيم، مان پوري زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهن سبق اهو پرايو ته زندگيءَ ۾ هميشه سچو ۽ کرو ٿجي، سائين مخدوم امين فهيم پنهنجي پوري زندگي نه صرف پنهنجي ڳوٺ/شهر واسين جي تربيت ڪئي، هن پنهنجي درسگاهه ۾ رهي اتي عوام جي تربيت ڪئي.
جيڪڏهن ايئن چئجي ته اڃا بهتر ٿيندو ته هن پنهنجي پوري زندگي انسانيت، ملڪ، عوام، پارٽيءَ لاءِ وقف ڪئي هئي، مخدوم امين فهيم ذاتي زندگيءَ ۾ به تمام سادو سٻاجهڙو ۽ تمام زندهه دل انسان هو، مون هن سان زندگيءَ ۾ تمام ويجهو ٿي گذاريو، هن کي اسان لکين سلام پيش ڪيون ٿا، هن جي پارٽيءَ لاءِ ڏنل قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، هو جمهوريت جو اهو علمبردار هو جنهن جي ڪردار ۽ شخصيت تي صرف پيپلز پارٽيءَ کي نه پر دنيا کي فخر آهي ۽ رهندو به. هن جي زندهه دلي، شفقت، پيار، محبت، هن جي سچائي ۽ هن جي خلوص ۾ هن جو ڪو به مٽ نه هو. جڏهن اسان کي محترمه بينظير ڀٽو ڇڏي وئي ۽ ان وقت پيپلز پارٽيءَ لاءِ اهو صدمو برداشت ڪرڻ ممڪن نه هو، ان صورتحال ۾ آصف علي زرداريءَ سان گڏ سائين مخدوم امين فهيم اهو ڪردار هو جنهن ڪارڪنن کي همت ۽ حوصلو ڏنو جنهن سان پارٽي وڌيڪ پرعزم ٿي وئي، هن سياسي زندگيءَ جي جنهن پارٽيءَ کان شروعات ڪئي، ساهه جي آخري پساهه تائين ان سان جڙيل رهيو، هن جا بنيادي اصول ڪڏهن به تبديل نه ٿيا، هن جا سڀ اصول حق ۽ سچ سان سلهاڙيل رهيا، هن جو پيپلز پارٽي پهريون ۽ آخري عشق هو. هن جي انهيءَ عشق جو محور محترمه بينظير ڀٽو صاحبا ۽ آصف علي زرداري صاحب سميت پيپلز پارٽي جي قيادت هو. ان لاءِ قيادت هميشه اهم فيصلن ۾ مخدوم صاحب جو هجڻ تمام ضرور سمجهندي هئي، مخدوم امين فهيم جي بهترين مزاج هجڻ جو اندازو ان مان ئي آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو ته هو هڪ تمام بهرين شاعر به هو، هن جا گيت مشهور گلوڪارا رونا ليلا سميت مشهور گلوڪارن ڳايا، هن جو مشهور گيت:
تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائيندس،
انهيءَ رمز سان روح ريجهائيندس.
هي منهنجو پسنديدهه گيت مخدوم امين فهيم يقينن ڪنهن ٻئي لاءِ لکيو هوندو، پر مخدوم امين فهيم جي وڃڻ کان پوءِ ايئن لڳندو آهي ڄڻ مخدوم صاحب هي گيت اسان لاءِ لکي ويو هجي ۽ ڄڻ مخدوم صاحب کي اسان جو حال اڳ کان ئي معلوم هو، بلڪل شاعر ته دلين جا ترجمان هوندا آهن هن هر لحاظ کان دلين جي ترجماني ڪئي. هو ملڪ ۽ سنڌ جي عوام جي دلين جو اهو ترجمان هو جنهن کي ڪوبه وساري نٿو سگهي، هو صدين تائين ياد رهندڙ شخصيتن مان هو جنهن کي صدين تائين ياد رکيو ويندو.

ليکڪ مذهبي معاملن ۽ زڪوات جو صوبائي صلاحڪار آهي



ڇا واقعي مخدوم امين فهيم کي ڪينسر ماريو؟
ذوالفقار قادري
چوڻي آھي؛ ”حيلي روزي، بھاني موت.“ ماڻھو چون ٿا؛ ”مخدوم صاحب ڪينسر سبب گذاري ويو.“ پر مان چوان ٿو؛ ”ماڻھو، بيماري جا گهاءَ سهي ٿو وڃي، پر پنهنجن جون بيوفائيون ماڻھوءَ کي ماري ٿيون ڇڏين.“ مخدوم صاحب جن سان وفائون ڪيون، انهن ماڻھن جي جفائن مخدوم کي ماري وڌو.
سروري جماعت جي روحاني پيشوا قبله مخدوم امين فهيم سان منهنجو تعلق، اپريل ۱۹۸۶ع کان جڙيو، جڏھن بينظير ڀٽو صاحبه جنرل ضياءَ جي دور ۾، طويل جلاوطني ختم ڪري، وطن واپس وري هئي. پوءِ اهو تعلق شفقت، محبت ۾ جڙي ويو. مون مخدوم صاحب کي جڏھن پنهنجي شاديءَ ۾ شرڪت جي دعوت عرض رکي ته ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه مان چيائين؛ ضرور ايندس. پر منهنجي شادي واري ڏينهن کيس، بينظير ڀٽو صاحبه، اوچتو دبئي طلب ڪري ورتو. سو مخدوم صاحب مون کي فون ڪري چيو؛ ذوالفقار! محترمه دبئي طلب ڪيو آهي، سو اچي نه سگهندس. پر مون جميل سائين کي چيو آھي؛ اهو منهنجي طرفان حاضري ڀريندو. مون کيس چيو؛ سائين مون لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته اوهان کي ياد آھيون. شاديءَ جي ڪجهه ڏينهن بعد مخدوم جميل الزمان، سسئي پليجو ۽ فرحين مغل، ٽئي گڏجي منهنجي گهر آيا. اهو به وري عجيب اتفاق آھي ته منهنجي گهر واري ۽ سسئي پليجو ننڍي هوندي پاڻ ۾ ساهيڙيون به رهيون آھن ۽ اسڪول ۾ ڪجهه درجا گڏ به پڙھيون آھن. سو هڪ پنڌ ۾ ٻه ڪاڄ ٿي ويا.
مخدوم صاحب انتهائي نفيس طبيعت پر ڪمٽيڊ مزاج جو انسان رهيو. کيس اهي شيون ورثي ۾، سندس والد مخدوم طالب الموليٰ سائينءَ کان مليون. ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهيءَ وارن ڏينهن ۾، جتي حاڪم زرداري سميت، چڱا ڀلا ڀٽي سان بيوفائي ڪري، کيس ڇڏي، اتي مخدوم طالب الموليٰ نه صرف نڀايو پر ڀٽي صاحب سان بيٺو به رهيو. ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي کان پوءِ جنرل ضياءَ سنڌ جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي ڏسندي، پير صاحب پاڳاري سان ڪراچيءَ ۾ ملڻ بعد، سائين جي ايم سيد جي عيادت واسطي ديوان مشتاق وارڊ حيدرآباد پهتو. ان بعد جنرل ضياءَ جي خواهش ھئي ته هو هالا وڃي، مخدوم طالب الموليٰ سان به ملاقات ڪري. هن اهڙو نياپو، مير علي احمد ٽالپر ذريعي موڪليو. پر مخدوم طالب الموليٰ، ساڻس ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ساڳي هنڌ وري فريال ٽالپر صاحبه جي ور، مير منور ٽالپر، جنرل ضياءَ جي مجلس شوريٰ جي ميمبري قبول ڪئي. مخدوم امين فهيم کي، صدر اسحاق خان کان ويندي جنرل مشرف تائين، مختلف وقتن ۾ وزارت عظميٰ جي آڇ ٿيندي رهي پر هن بينظير ۽ پ پ پ سان بيوفائي نه ڪئي. بينظير ڀٽو صاحبه، مٿس حد کان وڌيڪ اعتبار ڪندي هئي. پر بينظير صاحبه جي شھادت بعد پارٽي قيادت جا رويا، ساڻس ساراھ جوڳا نه رهيا. مون کي ذاتي طور خبر آھي ته بينظير صاحبه جي شھادت بعد ۲۰۰۸ع جي چونڊن ۾ جڏھن پ پ پ، اڪثريتي جماعت طور، اڀري آئي ته حڪومت سازي جي حوالي سان پارٽي چيئرمين آصف علي زرداري، اسلام آباد ۾ زرداري هاوس تي اجلاس طلب ڪيا. پارٽي پاران اڪثريتي طور اها راءِ آئي ته وزيراعظم مخدوم امين فهيم کي ۽ سنڌ جو وڏو وزير نثار کهڙو کي مقرر ڪجي. پر زرداري صاحب پارٽي جي فيصلي جي ابتڙ يوسف رضا گيلاني کي وزيراعظم ۽ سيد قائم علي شاھ کي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو. جن ماڻھن جي ڪا حيثيت نه هئي اهي حڪومتي وهنوار ۾ اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي ويا. پر مخدوم صاحب ۽ سندس خاندان کي، هر حوالي سان نظر انداز ڪيو ويو.
انهن ڏينهن ۾ مون ڪاوش ۾ آرٽيڪل لکيو هو ته؛ ”ھاڻ پيپلز پارٽي کي بينظير جا ساٿي نه بلڪ قيادت جا ڪمدار گهرجن.“ مون کي اها خبر نه هئي ته اهو آرٽيڪل مخدوم صاحب جي نظر مان گذريو آھي. ڪجهه عرصي بعد، مخدوم صاحب سان ملاقات ٿي ته مخدوم صاحب چيو؛ ”ذوالفقار سٺو ٿو لکين.“ مون کيس ورندي ڏني ته؛ ”قبلا! مان نه ڪو اديب آھيان، نه ئي صحافي. بس جڏو سڏو جيڪو حال اٿم، حاضر آ. بهرحال پارٽي جي اڪثريتي فيصلي باوجود اوهان کي وزيراعظم مقرر نه ڪرڻ جو ڏک ٿيو.“
مخدوم صاحب هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي ويا. پوءِ چيائون؛ ”منهنجي لاءِ وزارت عظميٰ جو عهدو، ڪا حيثيت نه ٿو رکي. ڪئين دفعا ان عهدي کي ٺڪرائي ڇڏيو. پر اصل ڳالهه آھي عزت ۽ مڃتا جي، اها به نه ملي ته پوءِ انسان کي تڪليف ٿئي ٿي. قبلا بابا سائين طالب الموليٌ جي وقت کان، پارٽيءَ سان نڀايو آھي. هاڻ آخر ۾ اچي، معمولي ڳالهه تان پاڻ تي ميار نه کڻبي.“
مخدوم صاحب جي ايڏي دل گردي واري ڳالهه ٻڌي، منهنجون اکيون ڀرجي آيون. مون کي بينظير صاحبه سان ۱۸ آڪٽوبر تي وطن واپسي بعد بلاول هاوس ۾ ٿيل ملاقات ياد اچي وئي. بينظير ڀٽو صاحبه، پارٽي ٽڪيٽن ۽ اجلاسن سبب، ڏاڍي مصروف هئي. مون ناهيد خان کي چيو؛ ”بس صرف بيبي کي سلام ڪرڻو آ.“ سو ناهيد خان، بينظير صاحبه کي آگاھ ڪيو ته ذوالفقار صرف سلام واسطي ملڻ ٿو چاهي. بيبي اندر گهرائي ورتو. بينظير صاحبه جي ڀرسان، مخدوم امين فهيم به ويٺو هو. مون سلام ڪيو. بيبي حال احوال پڇيو. مون کيس چيو؛ ”اوهان مصروف آھيو. بس اوهان سان هجتون هونديون آھن. هڪ سوال پريشان ڪندو آهي ته مشرف اوهان کي روڪڻ لاءِ ٽيون دفعو وزيراعظم نه ٿيڻ واري آئيني شق جو سهارو ورتو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ محترمه منهنجي ان سوال تي وڏي اعتماد سان جواب ڏنو ته؛ ”اسان مشرف کي ڀڄڻ ڪو نه ڏينداسين. ڪو مسئلو ڪونهي. اسان جو وزيراعظم جو اميدوار، مخدوم صاحب جن هوندا.“ ايتري ۾ ناهيد خان اچي کيس ٻڌايو ته؛ مير بالاچ مري جي شھادت جي خبر آئي آھي. تنهن تي بينظير صاحبه، ناهيد خان کان پڇيو ته؛ ”نواب خير بخش مري صاحب ڪٿي آھن؟“ ناهيد خان کيس ٻڌايو؛ ”نواب صاحب ڪراچي ۾ پنهنجي رهائشگاه تي آھن.“ بينظير صاحبه، فورًا مخدوم صاحب کي چيو؛ ”مخدوم صاحب! هلو ته نواب صاحب ڏي هلون.“ ائين چئي، بينظير صاحبه ۽ مخدوم صاحب روانا ٿي ويا ۽ مون به اجازت ورتي.
اڄ ھن دنيا ۾ نه بينظير صاحبه رهي آھي، نه ئي مخدوم امين فهيم سائين رهيا آهن. پر سچ ته اهو آھي ته بينظير ڀٽو واري اها پيپلز پارٽي به نه رهي آھي. ماڻھو چون ٿا؛ ”مخدوم صاحب کي ڪينسر ماريو.“ پر مان چوان ٿو؛ ”مخدوم صاحب کي ڪينسر نه، پر جن سان مخدوم صاحب وفا ڪئي، انهن جي جفا مخدوم صاحب کي ماري ڇڏيو.“

(عبدالڪريم ھاليپوٽو ڪريم جي فيس بوڪ واري وال تان کنيل بتاريخ ۶ آگسٽ ۲۰۱۷ع)



مخدوم امين فهيم
هڪ شاعر سياستدان - (پھرين ورسي جي مناسبت سان)
علي اڪبر ھنڱورجو
ملڪي سطح جي سياست ۽ ان ۾ اصولن جي پاسداري، شاعري، نفاست، ملنساري، محتاط ۽ اختصار واري گفتگو، اهي سڀ حوالا آهن هڪ اهڙي شخصيت کي ياد ڪرڻ جا، جنهن کي اسان کان وڇڙئي سال پورو ٿيو آهي. پنهنجي شاعريءَ ۾ صرف محبت کي قيمتي شيءِ ۽ دنيا جي باقي هر چيز کي (رئي) سڏيندڙ هن شخص جي جدائيءَ کي ساڻس والهانه عقيدت رکندڙ دليون اڃان سوڌو قبول ناهن ڪري سگھيون. هن خاندان جي صدين جي عرصي تي محيط علمي ادبي ۽ روحاني خدمتن جو تاريخ ۾ عجيب تسلسل آهي، جو نو لکي گودڙيءَ جي هر سجاده نشين پنهنجي پنهنجي دور ۾ علم و ادب جي آبياريءَ سان گڏ فقيري ۽ درويشيءَ جي رمزن سان به خوب نڀايو آهي. بلڪل ائين ئي، جيئن هڪ مشعل مان ٻي مشعل ٻرندي آهي. روشنيءَ جي ان سفر کي موجوده سجاده نشين مخدوم جميل الزمان (تاريخ مخدومان هالا) ۾ شاندار نموني قلمبند ڪيو آهي. اهو ان خانداني پسمنظر جو ئي فيض هو، جو مخدوم امين فهيم جن جي اخلاق ۽ روين جو هڪ زمانو مداح هو. سندن سياسي مخالف به سندن اعليٰ اخلاق جي تعريف ڪرڻ تي مجبور هئا. سياست جي بي حس ميدان ۾ پنهنجن ۽ پراون مخدوم صاحب جي صبر کي خوب خوب آزمايو، پر پاڻ سڄي ڄمار پنهنجي هن شعر جي شاندار نموني پاسداري ڪندا رهيا:
خزان ۾ خوش ٿي بهارن جو انتظار ڪبو،
نه فرط غم کان گريبان کي تار تار ڪبو،
ٻه ڏينهن گذري ويا  ۽ ٻه گذري ويندا فهيم،
ڪڏهن نه صبر جي دامن کي داغدار ڪبو.
آسٽريليا ۾ صحافت جو ڪورس ڪرڻ دوران اسڪرپٽنگ ۽ آرگيومنٽ جي استاد هڪ دفعي پڙهايو هو ته، گفتگوءَ جي حوالي سان سڀ کان وڏو فن اختصار سان محتاط گفتگو ڪرڻ آهي ۽ خاص طور تي جڏهن توهان ڪنهن تڪراري مسئلي تي گفتگو ڪري رهيا هجو ۽ ان مسئلي تي طويل ۽ گرما گرم بحث هلندڙ هجي. پنهنجي غير ملڪي استاد پاران بيان ڪيل ٿيوريءَ جو عملي مثال مون کي مخدوم امين فهيم جي گفتگو ڪرڻ جي انداز ۾ مليو، جو پاڪستاني ميڊيا جي عام طور تي سياستدانن جي پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ تي مبني ٽاڪ شوز ۾ مخدوم صاحب نهايت وضعداري ۽ اختصار سان گفتگو ڪندا هئا. نه صرف ايترو، پر  جنهن ٽاڪ شو ۾ مخدوم صاحب شامل هوندا هئا ته سندن رويي، فهم ۽ فراست واري گفتگو سبب سڄي پروگرام دوران باهمي احترام واري فضا قائم رهندي هئي. مخدوم صاحب جي نفاست پسندي به سندن قابل احترام شخصيت جو هڪ منفرد حوالو آهي. مخدوم امين فهيم صاحب جن باڪمال شاعر هئا ۽ سياست ڏانهن به سندن رويو هميشه شاعراڻو رهيو. سياست ۾ به وفا جهڙي قدر جي آخري حد تائين پاسداري ڪيائون. سندن اهڙي رويي سبب ئي سندن وصال تي هڪ انگريزي اخبار جي صحافي کين The poet politician جو خطاب ڏنو. سندن شاعري بابت سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري تنقيد نگار ۽ عالم گرامي صاحب لکيو ته: مخدوم امين فهيم جي شاعريءَ ۾ ذوقِ جماليات جي ڀرپور ترجماني آهي. سندن ڪلام ۾ سوز، گداز، محبت ۽ رقت جا اهي سڀئي معيار موجود آهن، جيڪي هڪ قادرالڪلام شاعر ۾ ٿين ٿا. منفرد تشبيهن تي مشتمل سندن شاعري املهه انساني احساسن جي ترجماني ٿي ڪري، جو اعليٰ درجي جو شاعراڻو ادراڪ کين ورثي ۾ مليل آهي. مخدوم امين فهيم کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن پاڪستان جي سياسي تاريخ جي ٻن طويل ترين آمريتن جي دوران جھموريت جي بحاليءَ جي جھدوجھد ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ جڏهن به ڪير پارٽِيءَ ۽ نظريي سان نڀاءَ جا حوالا ڳوليندو ته کيس هن فقير طبيعت سياستدان جو نالو سرفهرست ملندو. جيتوڻيڪ مخدوم صاحب جا عزم ۽ ارادا زماني جا آزمايل هئا، پر پوءِ به الاهي ماڻهن جون نظرون اهو سياسي منظرنامو وڏي تجسس سان ڏسي رهيون هيون، جڏهن مخدوم صاحب جي محبوب پارٽي هن جي طويل ۽ باوفا رفاقت کي گھربل مڃتا ڏيڻ ۾ بظاهر ناڪام پئي ٿي.


اڄ وري ياد آئين.........!!!!
ايڊووڪيٽ انوارالحق ميمڻ
شخصيتون تاريخ جا باب هونديو آهن، سنڌ ڌرتي انهن شخصيتن سان مالا مال رهي آهي، سنڌ پنهنجي ڪک مان سدائين اهڙيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن جيڪي نه رڳو پنهنجي علائقي پر ڏيهه پرڏيهه وارن لاءِ به فخر جو باعث هونديون آهن، سنڌ جي عظيم روحاني هستي حضرت مخدوم نوح رح جي خاندان ۾هڪ شخص جنم ورتو جيڪو پنهنجي اعلى صلاحيتن سبب لازوال ڪردار رهيو آهي ۽ انسان پنهنجي ڪردار ۽ عمل وسيلي ئي زندهه رهندو آهي پنهنجي ڪردار جي چونڊ هر انسان جي وس ۾ نه آهي، تاريخ جهڙيون ذميواريون پوريون ڪندڙ شخص خوش نصيب هوندو آهي انهن شخصيتن مان هڪ اعلى سرواڻ، سياست ۾ صبر، برداشت وفا جو علمبردار ۽ جمهوريت جو سرمايو، باوقار ۽ فهم رکندڙ شخصيت مرحوم مخدوم محمد امين فهيم جي ولادت ۱۷ جمادي الثاني ۱۳۵۸ هجري بمطابق ۰۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع بروز جمعت المبارڪ جهان رنگ وبو ۾ اکيون کوليون سندن اسم مبارڪ محمد امين رکيو ويو. پاڻ پنهنجي ابتدائي تعليم قرآن شريف ۽ ۴ درجا سنڌي خانگي طور حاصل ڪيا ۽ مئٽرڪ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا مان حاصل ڪيائون ۽ پاڻ گريجوئيشن پوليٽيڪل سائنس ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي ۽ ايل ايل بي پڻ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪئي، پاڻ مخدوم خاندان جي روايت برقرار رکندي عوام جي خدمت عبادت سمجهي عوام خاطر پهريائين سياسي سفر جو آغاز ٽائون ڪميٽي هالا جي چيئرمين جي حيثيت ۾ ۱۹۶۶ع ۾ شروع ڪيو، جنهن کان پوءِ ۱۹۶۹ع ۾ سندن ملاقات لنڊن ۾ پي پي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿي جنهن کان پوءِ پاڻ باضابطه طور پي پي ۾ شموليت جواعلان ڪيو ۽ سياسي وفاداري جي علمبردار مرڻ گهڙي تائين پي پي سان ساٿ نڀايو. ۽ سندن سياسي شعور کي  مڃتا ڏيندي ۱۹۷۰ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي پاران ٺٽي مان کٽيل قومي اسيمبلي جي سيٽ خالي ڪري مخدوم صاحب کي ضمني چونڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ چيو. پاڻ پاڪستان جي سياست جي ميدان ۾ اهم سياستدان هئا ۽ اهو کين اهو اعزاز حاصل آهي جو پاڻ ۸ دفعا ايم اين اي طور قومي اسيمبلي جا ميمبر رهيا ۽ هڪ دفعو صوبائي اسيمبلي جا ميمبر رهيا، کين اهو به اعزاز آهي ته هو واحد سياستدان آهي جنهن هڪ ئي وقت قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ بنا مقابلي ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڻ پهرين شهيد بينيظير جي دور حڪومت ۾ وفاقي وزير رهيا ۽ ٻئي دور حڪومت ۾ پڻ وفاقي وزير رهيا پاڻ وفاقي حڪومت ۾ رهي ڪري عوام جي خدمت ڪئي، پاڻ انيڪ خوبين سميت هڪ مڪمل اداري جي حيثيت رکندڙ هئا جتان علم ۽ ادب، شاعري، سياست، سان گڏوگڏ عوام جي خدمت جو هڪ نه ٽٽندڙ سلسلو هو، هو علم ۽ ادب جي روشني جي حيثيت ۾ سدائين ادبي محفلن جا مور رهيو سندن ادبي خدمتون به بي مثال آهن، هن بزم طالب المولى سنڌ جو بنياد وڌو ۽ پاڻ ان جو پريزيڊنٽ رهيو، هو ڪتابن ۽ ڪتاب دوست ماڻهن سان پيار ڪندڙ شخصيت هئا، ۱۹۵۳ع ۾ شاعري جي ابتدا ڪئي، هي شعر شايد سائين جي اوائلي دور جو آهي.
بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي، هي خطا بارها ڪري ڏسبي،
جي حياتي وفا ڪئي ته فهيم، عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.
۱۹۵۷ع ۾ هن پهرين شادي ۱۹ سالن جي عمر ۾ پنهنجي ناناڻن مان ڪئي، پاڻ شريعت محمدي مطابق ۴ شادي ڪيون جن مان کين ۷ فرزند آهن، جن مان مخدوم جميل الزمان جيڪي صوبائي وزير ۽ موجوده ۱۹ هون گادي نشين درگاهه مخدوم سرور نوح رح آهي. پاڻ سرور نوح جي درگاهه جو ۱۸ هون گادي نشين ٿي گذريو آهي پاڻ عوام جي ۽ سروري جماعت لاءِ ڇپر ڇانو ٿي رهيو، هو سياست ۾ ڪڏهن به ڪنهن آمر جي اڳيان نه جهڪيو ۽ ڪئين مليل لالچن ۽ آڇن کي ٺڪرائيندي اصول پرستي جي سياست ڪئي ۽ پنهنجو سياسي وچن آخر گهڙي تائين پي پي سان نڀائيندو رهيو جنهن سبب سندن سياسي وقار ملڪ جي سياست ۾ هڪ انمول مثال آهي پاڻ هميشه سياسي وفا ۽ سچائي جو پيڪر رهيو ۽  پي پي پي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي جلاوطني جي دور ۾ پارٽي جي قيادت سنڀالي ۽ ڏکئي وقت ۾ پارٽي کي احسن طريقي سان سنڀاليو ۽ پي پي پارليامينٽ جي سربراهه طور پارٽي جي قيادت سنڀالي، مرحوم مخدوم امين فهيم سياست ۾ شرافت ۽ صبر جيترو ڪيو اوتري بردباري ۽ سهپ هاڻ سياست ۾ ڳولي نه ٿي لڀجي. مخدوم صاحب کي پنهنجي مٽي سان محبت هئي جو پاڻ بيماري آخري وقت ۾ ٻاهرين ملڪ ۾ علاج ڪرائڻ بدران پنهنجي وطن ۾ علاج ڪرائڻ جي اوليت ڏني ۽ آخر زندگي جي جنگ هارائيندي ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ عيسوي بمطابق ڇنڇر ۸ صفر ۱۴۳۷ هجري ۾ ۷۶ سالن جي عمر ۾ رضا الاهي سان پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مٽي مان حوالي ٿيا.
هوا اهڙي لڳي جنهن ڪو نه ڇڏيو گل زماني ۾،
رهيا باقي وڃي اڄ خار منهنجي آشياني ۾.
سندن ابدي آرامگاهه سرور نوح جي وڏي مقبري ۾ پنهنجي والد مخدوم محمد زمان طالب المولى جي آخري آرام گاهه جي ساڄي پاسي ۾ آهي سندن وڇوڙي تي سروري جماعت جي لکن عقيدتمندن ۽ سياسي ڪارڪنن اڄ به سندس وڇوڙي تي غمگوار آهن. سندن محبت ۽ عوام لاءِ ڪيل خدمتون اڄ به عوام کان نه ٿيون وسري سگهن.


مون شاعري ڪيئن شروع ڪئي
امين فهيم
منهنجي شاعري جي ابتدا هالن ۾ ٿي، هالن جو ماحول ۽ خاندان جي ادب ۽ شعر سان رغبت جي ڪري ۽ خاص طرح سان قبله والد صاحب جن جي شاعري ۽ ادبي محفلن جي ڪري اٿندي ئي انهيءَ طرف ذهن جو جهڪاءُ ٿيڻ لڳو.
اسڪول ۽ ڪاليج ۾ پڙهائيءَ جي دوران اڪثر ادبي محفلن ۽ مشاعرن ۾ وڃڻ جو موقعو ملندو هو ۽ مختلف شعرا جو ڪلام آهسته آهسته سمجهه ۾ اچڻ لڳو ۽ پوءِ پاڻ به شاعري ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن دل چاهيندي هئي.
هڪ ڀيرو هالن ۾ هم عمر ۽ هم خيال دوستن سان ويٺا هئاسون ته اهو فيصلو ٿيو ته اچو ته شاعري ڪريون. اسان ۾ سينيئر شاعر محبوب سروري هو، جنهن هڪ مصرع طرح ڏني. انهي تي اسان سڀن لکڻ شروع ڪيو جنهن ۾ علي احمد شاهه، امير علي شاهه، خورشيد شاهه، محبوب صاحب ۽ آءُ شريڪ هئاسون، شايد ڪو ٻيو دوست به هجي ۽ اڳتي هلي نالو ذهن ۾ اچي وڃي. اهڙي طرح منهنجي شعر و شاعري جو سلسلو جاري رهيو، مختلف وقتن تي ڪڏهن ڪا مصرح طرح رکي ان تي في البديه غزل لکندا هئاسين ته ڪڏهن وري مصرع طرح رکي باقاعده مشاعرو ڪندا هئاسين، ان وقت اسان جي حلقي ۾ بهتر شاعر محبوب سروري هو، ابتدا ۾ آءُ محبوب کي ضروري اصلاح لاءِ پنهنجو ڪلام ڏيکاريندو هئس. آهستي آهستي ڳالهه سائين وڏن تائين پهتي ته مون شاعري شروع ڪئي آهي ۽ منهنجو حلقهء احباب هي (اڳ ڄاڻايل) آهي، آئون سمجهان ٿو ته ۱۹۵۴ع جي گرمين واري موسم ۾ سائين وڏا مون کي پاڻ سان گڏ ڪوئٽه وٺي هليا، اتي ذڪر نڪتو ته آئون شاعري ڪريان ٿو، مون عرض ڪيو ته ”سائين جن مون کي باقاعده استادي ڏين“ پاڻ مهرباني ڪري اها گذارش قبول ڪيئون ۽ منهنجي شاعري جو باقاعدا اصلاح ٿيڻ شروع ٿي ويو. ڪوئٽه (بولان هوٽل) ۾ ئي سائين وڏن مون کي هڪڙي مصرع طرح ”يا الاهي ڪر عطا لطف و ڪرم“ ڏني ۽ فرمايائون ته ”هن تي غزل لکو“ مون لاءِ وڏي پريشاني جو باعث ٿيو ته لکان ته ڇا لکان ۽ ڪيئن لکان، ڇا جي ڪري جو غزل لکي سائين جن کي ڏيکارڻو هو ۽ اهو غزل عشقيه لکڻ کان گهٻرايم پي، آخرڪار هي غزل لکيم ”دل ۾ پيدا ٿي ويو آ درد و غم“ پاڻ غزل ڏسڻ کان پوءِ همت افزائي ڪيئون ۽ بحرو وزن وغيره جي سمجهاڻيءَ سان گڏوگڏ ٻه چار اهم نڪتا پڻ سمجهايائون، مثلاً
(۱)  ڪلام ۾ ڪي به غير ضروري لفظ (يرَوغيره) زوريءَ ڪم نه آڻجن.
(۲) شاعري ۾ پاڻ کي مظلوم، بيمار، ضعيف ۽ بيوس وغيره نه سڏجي، بلڪ هميشه حقيقت ۽ هر ڳالهه جو خوشگوار رخ بيان ڪجي وغيره.
آئون پهرين”امين“ تخلص طور استعمال ڪندو هئس، ليڪن بعد ۾ سائين وڏن تخلص ”فهيم“ تجويز فرمايو، انهيءَ کان پوءِ ”امين فهيم“ ادبي نالو ٿيو.
۱۹۵۵ع ۾ اسان (امين فهيم، علي بهادر عڪس، علي احمد شاهه ساقي، امير علي شاهه امير، خورشيد شاهه ساغر، مهر علي تابع سروري وغيره) گڏجي ”بزم امين“ قائم ڪئي، ان جو آئين ٺاهي عمل ۾ آندوسين ۽ باقاعده طرحي، غير طرحي ۽ في البديهه مشاعرا ڪندا هئاسين، انهيءَ دور ۾ ادا علي بهاردر عڪس به پوري شوق سان شاعري ڪندو هو ۽ هر مشاعري ۾ حصو وٺندو هو، سندس ڪلام جو هڪڙو شعر بطور نمونه هتي ڏجي ٿو:
بيحال ”عڪس“ آهيان، ڪيئن مان اميدون لاهيان
تنهنجي دوا ٿو چاهيان، جاني! وڃو جياري
اڄڪلهه علي بهادر عڪس، امير علي شاهه امير ۽ خورشيد شاهه ساغر شاعري ڪونه ڪن البته ساقي سروري ۽ تابع سروري اڃا به شعر و شاعري ڪن ٿا ۽ قبلا سائين جن وٽ تقريباً هر مشاعري ۾ شريڪ هوندا آهن.
مون پنهنجي شاعري ۾ غزل، قطعه، نظم، ڪافي ۽ ڏوهيڙن وغيره کان علاوه قومي جذبات وارا نظم به لکيا، ۱۹۶۵ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، آل سنڌ قومي ترانه جو مشاعرو ڪرايو، جنهن ۾ سڄي سنڌ جي شاعرن حصو ورتو ۽ مون به هڪڙو نظم (اي وطن اي جانِ من) لکيو جيڪو منهنجي خيال مطابق بيحد سٺو نظم هو ۽ انهيءَ کي ڪهنه مشاق شاعرن تمام گهڻو پسند ڪيو. اتفاق سان اهو نظم پهرين پوزيشن حاصل ڪري ويو ۽ ان وقت جي حيدرآباد جي ڪمشنر جي اهليه بيگم نياز مون کي باقاعده پهريون انعام ڏنو، آءٌ نهايت نهايت خوش ٿيس، ان کان پوءِ چند مختلف شاعرن، خاص طرح سان هڪڙي دوست جنهن جو تعلق سکر سان آهي انهيءَ سخت تنقيد ڪئي چيو ويو ته ”مون اهو نظم پاڻ نه لکيو آهي، ڪنهن کان لکرايو آهي، طرفداري ڪئي ويئي آهي، ججن جو پئنل جيڪو هو سو طرفدار هو ۽ ٻين جو حق ماري مون کي غلط نموني سان پهريون انعام ڏنو ويو آهي.“ مون کي ان جو شديد ڏک پهتو ۽ مون تي ان جو ايترو اثر ٿيو جو انهيءَ کان پوءِ قومي نظم، قومي غزل يا قومي جذبات تي ٻڌل ڪجهه به لکڻ ڇڏي ڏنم.
هڪڙي دفعي ”ڄام ڏاتار“ تي سائين وڏن جي سالگره مبارڪ ملهائي وئي ۽ هڪ شاندار مشاعري جو پڻ اهتمام ڪيو ويو هو، انهيءَ وقت مون هي ڪافي لکي ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس“ ۽ جرات اها ڪيم جو قبلا سائين کان اصلاح ڪرائڻ بغير ئي ڪافي مصري فقير کي ڏنم ته محفل ۾ ڳائي، مشاعري دوران قبلا سائين، ميون محبوب علي، گرامي صاحب، اسد الله شاهه، احسن الهاشمي، فقير سرشار عقيلي وغيره اسٽيج تي ويٺل هئا، پر مشاعري ختم ٿيڻ تي قبلا سائين سان گڏ سامهون وڃي ويٺا (مون لاءِ سائين حڪم ڏنو ته آئون اسٽيج تي ئي ويٺو هجان) محفل شروع ٿي، جنهن مهل انهيءَ ڪافيءَ جو وارو آيو ۽ مصري فقير اها ڪافي ڳائڻ شروع ڪئي ته ڪافي ڏاڍي لڳي، مون ماٺ ڪري اسٽيج تان جائزو پي ورتو ته رد عمل ڇا آهي، ڏٺم ته سائين جن ڪافي کي تمام گهڻو پسند پي ڪيو ۽ محسوس ٿيو ته ميون محبوب علي ۽ گرامي صاحب وغيره هڪ ٻئي ۾ چهَ مگويون پيا ڪن، ته اهو ڪلام ڪنهن جو آهي، جڏهن ڪافي پوري ٿي ۽ نالي واري مصرع آئي ته سائين جن پڇيو ته اهو ڪنهن جو ڪلام آهي؟ جڏهن معلوم ٿيو ته اهو ڪلام منهنجو آهي ته قبلا سائين جن اسٽيج تي چڙهي آيا اچي منهنجي پيشانيءَ تي چمي ڏنائون ۽ فرمايائون ”بابا، واهه جي ڪافي لکي اٿئي، اسان جو سڄو ڪلام وٺ ۽ اها ڪافي اسان کي ڏئي ڇڏ“؛ قبلا سائين طرفان ايڏي سندَ ملڻ تي مون کي حد کان وڌيڪ خوشي ٿي.
منهنجي ڪلام مان چند غزل، چند شعر يا چند قطعا منهنجي پسند جا آهن ۽ وڻندا اٿم انهن کي ورجائڻ ڪونه ٿو چاهيان سڄو ڪلام پڙهندڙ جي ذوق تي ڇڏڻ چاهيان ٿو.
شعروشاعري جو سلسلو اڃا به جاري آهي، وقت ماحول ۽ صحبت جي لحاظ کان ڪڏهن غزل ڪڏهن قطعا ڪڏهن ڪافي ۽ ڪڏهن اردو شاعري به ڪئي اٿم، وقت سارو اردو شاعري جدا شايع ڪبي، هن وقت جيڪي آهي سو حاضر آهي.

۱ فيبروري ۱۹۹۱ع جمعو، ۸ اَي لطيف آباد



مخدوم امين فهيم
سياست ۾ اصول پرستي جو مثال
حاجي گل حسن آريسر
اڄ هتي هڪ اهڙي اصول پرست خانداني سياستدان ۽ هڪ وڏي روحاني جماعت جي جيڪا حضرت سرور نوح رحه جي نالي پويان سروري جماعت سڏائيندڙ، جنهن جا سنڌ ۽ هند ۾ لکين مريد ۽ عقيدتمند آهن، ان جماعت جو روحاني پيشوا مخدوم امين فهيم مرحوم هي شفاف ڪردار جا ڪجھ الفاظ لکڻ لاءِ قلم مجبور ڪيو آهي، مخدوم صاحب جنهن  درگاهه جي سجاده نشين سندس والد برزگوار محمد زمان طالب الموليٰ جي لاڏاڻي بعد پاڻ سجاده نشين بڻيا، حالانڪه هن درگاهه سرور نوح ”رحه“ جون رحمتون هند سنڌ ۾ مشهور آهن، سرور نوح رحمت الله عليه اهو درويش ڪرامت جو ڌڻي هو، جنهن سنڌو درياءِ جو رخ ڦيرائي ڇڏيو هو، اهڙي گادي کي سياست ۾ اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، جيڪو اڄوڪي دور ۾ سياست معنيٰ ڪوڙ ۽ دولاب تصور ڪيو وڃي ٿو، پر انهن ڦرڻ گهرڻن لوٽن سياستدانن هٿان سندن مريدن جا ڪم نه ٿيڻ ڪري مريدن ۽ معتقدن جي اسرار ته هن سياست ۾ پيرن جي روحاني پيشوائن مان پهرين هن گادي جي مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جن سياست ۾ آيا، هر اليڪشن ۾ پاڻ ڪاميابي ماڻيندا رهيا پر ان سان گڏ پاڻ اديب دانشور ۽ صحافي حضرات جو گهڻو قدر ڪندا هئا، درگاهه ۾ ان طبقي جي ماڻهن سان ميلا متل هوندا هئا، پر جڏهن ملڪ اندر يا ٻاهر يا مريدن جي دعوتن تي اسهندا هئا ته هن طبقي جي ماڻهن سان ويجھي لڳاءُ هئڻ سبب ڪچهري ڪري خوش ٿيندا هئا.
ٿر جي ماروئڙن سان طالب الموليٰ جي وڏي محبت هئي، وسڪاري جي موسم ۾ پاڻ ٿر جي ڀٽن تي وڃي دورو ڪري اتي ويهي ماروئڙن سان ڪچهري ڪندا هئا، ٿر جون اهي ڀٽون نيو ڇور کان جالو چونئري درميان اڄ به ڪچهري جي لحاظ سان ڪچهري واريون ڀٽون طالب الموليٰ جي ياد تازا ڪري رهيون آهن، مون کي ياد آهي ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ پاڻ کي حياتي جو آخري عشرو ڄاڻائيندي ٿر جو آخري دورو ڪيو هو، طبعيت به گهڻي قدر درست ڪونه هئي، دعوتن ۽ دوري جي اختتام تي هاڻوڪي صوبائي وزير سيد علي مردان شاهه جي دعوت تي ڏينهن جو يارھين وڳي ڌارين کاروڙو سيد پهتو، مرحوم مخدوم امين فهيم به ساڻس گڏ هئا، ٻن ڪلاڪن کان پوءِ پاڻ کي ادبي يارن کان تنها سمجھندي سيد علي مردان شاهه کي هڪل ڪري چيو ته منهنجا يار قلم ڪار ڪٿي آهن، جنهن تي صحافي علي مردان شاهه هڪو ٻڪو ٿي ويو، هڪدم سندس گاڏيون ڀڄائي عمرڪوٽ مان صحافي هٿ ڪري مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي ڪچهري ۾ پهچايا، پاڻ بيمار هئڻ باوجود به اٿي ويٺو ۽ صحافين سان کلي ڪچهري ڪئي ۽ ڪجھ شعر به ٻڌايا، حالانڪي مخدوم امين فهيم چيو ته بابا جي طبيعت درست نه آهي ڳالهائڻ لاءِ ڊاڪٽرن جي بندش آهي، پر پوءِ به اهو ويٺو آهي ڪچهري ڪري اوهان کي گفتا ٻڌائي رهيو آهي، اهو جواب ان اعليٰ خاندان ۽ اعليٰ طبقي جو ماڻهو هڪ قلمڪار سائين هم ڪلام ٿيندو هجي، ماڻهو ته وڃي ٿو هليو، پر ان جو ڪردار باقي رهي ٿو، ماشاءَالله طالب الموليٰ جي موڪلاڻي ادبي ۽ صحافتي طبقي لاءِ هڪ وڏو خال هو، پر مخدوم امين فهيم جي دستار بندي بعد ان تي هڪ رهنڊ به اچڻ نه ڏني. مخدوم امين فهيم جو شمار والد برزگوار مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ وانگر پيپلزپارٽي جي وائيس چيئرمين شپ کان وٺي پارٽي جي پارليامينٽرين صدارت تائين ۽ باني اڳواڻن ۾ رهيو، پيپلز پارٽي جي باني قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سن ۱۹۶۸ع ۾ هالا ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سان گڏ ويهي پيپلز پارٽي جو اعلان ڪيو، پيپلز پارٽي هالا کان ئي وجود ۾ آئي، جيڪا سڄي ملڪ ۾ ڦهلجي ويئي ۽ ملڪي پارٽي ٿي اڀري، اهو ڪردار مخدوم طالب الموليٰ جو هو، بعد ۾ مخدوم امين فهيم شهيد راڻي بينظير ڀٽو سان ڪيڏو سچو رهيو، وزارت اعظمي تائين مخالفن جون سموريون آڇون به ٺڪرائي ڇڏيون ۽ آخري دم تائين شهيد بينظير ڀٽو جو ساٿي ٿي رهيو ۽ پارٽي لاءِ پنهنجون وفائون جاري رکيون، شهيد راڻي بعد زرداري دور ۾ لاها چاڙا به آيا، پر هن صابرين انسان صبر جو دامن هٿان ڪونه ڇڏيو، کين پارٽي جي وفادار اڳواڻ هئڻ جي حيثيت مان جيڪو ڪجھ هن کي ملڻو هو، سو نه مليو، هن جي اصول پرستي ان مان ثابت آهي ته هن پنهنجي والد برزگوار طرفان بنايل پارٽي جو ساٿ ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو، هي صابرين انسان صبر ۽ تحمل سان ڪم وٺندي پارٽي ۾ به دستور موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو ۽ اهڙي طريقي سان پنهنجو وارو وڄائي ويو، اصول پرستي جي سياست هميشه لاءِ هن ملڪ لاءِ ڇڏي ويو، اڄ جي سياستدانن وانگر ڪونه هو جو هڪ دفعو هڪ پارٽي ۾ ته ٻئي پاسي ٻي پارٽي جو سلامي، اهو مخدوم امين فهيم صاحب اڄڪلهه جي سياستدانن لاءِ هڪ پخطو سبق ڇڏي ويو آهي، مخدوم رڳو سياستدان نه پر  اديب، شاعر ۽ عشق مزاج جو آواز سندس رفيق حيات، دينا ليليٰ جو گنجيو هو ۽ مقبول ٿيو هو.
”اڱڻ ٻوهاريان تنهنجون واٽون نهاريان سڄڻ“
مخدوم امين فهيم گذريل سال عمرڪوٽ لڳ کاروڙو چارڻ ۾ عبدالعظيم ڪنڀر جي دعوت تي پهتو هو، اتي سندس والد بزرگوار جي نالي ”طالب الموليٰ“ سائين جي نالي هڪ لائيبريري قائم ڪئي وئي هئي، جنهن جو افتتاح مخدوم امين فهيم پنهنجي هٿن سان ڪيو ۽ بعد ۾ عمرڪوٽ پهتو، جتي عمرڪوٽ جا تاريخي هنڌ پراڻو قلعو، عجائب گهر، اڪبر اعظم جي جنم ڀومي، مومل جي محل جو ڀڙو، جتي ڀر ۾ هينئر مومل ريسٽ هائوس قائم آهي، اهي هنڌ گهمي ڏٺا، بعد ۾ سندس فرزند مخدوم عقيل الزمان ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ وٽ رات ترسيا ۽ ٻئي ڏينهن هالا روانو ٿي ويو. در حقيقت مخدوم امين فهيم جو شهيد راڻي سان ٻانهن ٻيلي رهيو ۽ جهموريت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون، جيڪي ملڪي تاريخي ۾ ياد رهنديون ۽ وساري ڪونه ٿيون سگهجن. سياست سان گڏ انتهائي عشق مزاج ۽ حليم طبيعت جو مالڪ هو، جنهن جو انداز بخوبي سندس هن شعر ۾ لڳائي سگهجي ٿو ته:
”عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي،
بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي،
هي خطا بارها ڪري ڏسبي،
جي حياتي وفا ڪئي فهيم،
ته عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي“
مرحوم ته پنهنجو وارو وڄائي آزادي ۽ جھموريت جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري هليو ويو، هاڻي ان جو سارو دارومدار سندس جانشين مخدوم جميل الزمان تي آهي ته هو ڇا ٿو ڪري ۽ سروري جماعت کي ڪهڙي رخ تي وٺي وڃي ٿو؟



مخدوم امين فھيم
تُنهنجي ياد ۽ چار اشڪ غم!
علي اڪبر هنڱورجو
ملڪي سطح جي سياست ۽ ان ۾ اصولن جي پاسداري، شاعري، نفاست، ملنساري، محتاط ۽ اختصار واري گفتگو، اهي سڀ حوالا آهن هڪ اهڙي شخصيت کي ياد ڪرڻ جا جنهن کي اسان کان وڇڙئي ٻه سال اچي پورا ٿيا آهن. پنهنجي شاعريءَ ۾ صرف  محبت کي قيمتي شيءِ ۽ دنيا جي باقي هر چيز کي (رئي) سڏيندڙ هن شخص جي جدائيءَ کي ساڻس والهانه عقيدت رکندڙ دليون اڃان سوڌو قبول ناهن ڪري سگھيون.
قيمتي شيءِ، فقط محبت آ،
ٻي ته هر چيز، ڄڻڪ رئي آهي.
(امين فهيم)
درگاهه حضرت مخدوم نوح جي سجاده نشين جي حثيت ۾ مخدوم امين فهيم علمي، ادبي خدمتن ۽ روحاني رهبريءَ جي هڪ بي مثال اتهاس جو وارث هو. هن خاندان جي صدين جي عرصي تي محيط علمي ادبي ۽ روحاني خدمتن جي تاريخ ۾ عجيب تسلسل آهي جو نو لکي گودڙيءَ جي هر سجاده نشين پنهنجي پنهجي دور ۾ علم و ادب جي آبياريءَ سان گڏ فقيري ۽ درويشيءَ جي رمزن سان به خوب نڀايوآهي. بلڪل ائين ئي جيئن هڪ مشعل مان ٻي مشعل ٻرندي آهي. روشنيءَ جي ان سفر کي موجوده سجاده نشين مخدوم جميل الزمان (تاريخ مخدومان هالا) ۾ شاندار نموني قلمبند ڪيو آهي. اهو ان خانداني پسمنظر جوئي فيض هو جو مخدوم امين فهيم جي اخلاق ۽ روين جو هڪ زمانو مداح هو. سندس سياسي مخالف به سندس اعليٰ اخلاق جي تعريف ڪرڻ تي مجبور هئا. سياست جي بي حس ميدان ۾ پنهنجن۽ پراون مخدوم صاحب جي صبر کي خوب آزمايو، پر پاڻ سڄي ڄمار پنهنجي هن شعر جي شاندار نموني پاسداري ڪندا رهيا.
خزان ۾خوش ٿي بهارن جو انتظار ڪبو،
نه فرط غم کان گريبان کي تار تار ڪبو،
ٻه ڏينهن گذري ويا ۽ ٻه گذري ويندا فهيم،
ڪڏهن نه صبرجي دامن کي  داغدار ڪبو.
آسٽريليا ۾ صحافت جو ڪورس ڪرڻ دوران اسڪرپٽنگ ۽ آرگيومنٽ جي استاد هڪ دفعي پڙهايو هو ته گفتگوءَ جي حوالي سان سڀ کان وڏو فن اختصار سان محتاط گفتگو ڪرڻ آهي ۽ خاص طور تي جڏهن توهان ڪنهن متنازعه مسئلي تي گفتگو ڪري رهيا هجو ۽ ان مسئلي تي طويل ۽ گرما گرم بحث هلندڙ هجي. اهڙي صورتحال ۾ اختصار سان محتاط گفتگو ڪرڻ تمام وڏي صلاحيت ۽ اعلي ظرفي آهي. پنهنجي غير ملڪي استاد پاران بيان ڪيل ٿيوريءَ جو عملي مثال مون کي مخدوم امين فهيم جي گفتگو ڪرڻ جي انداز ۾  مليو جو پاڪستاني ميڊيا جي عام طور تي سياستدانن جي پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ تي مبني ٽاڪ شوز ۾ مخدوم صاحب نهايت اختصار سان گفتگو ڪندو هو. نه صرف ايترو پر جنهن ٽاڪ شو ۾ مخدوم امين فهيم شامل هوندو هو ته سندس رويي، فهم ۽ فراست واري گفتگو سبب سڄي پروگرام دوران باهمي احترام واري فضا قائم رهندي هئي. مخدوم صاحب جي نفاست پسندي به سندس قابل احترام شخصيت جو هڪ منفرد حوالو آهي.
مخدوم امين فهيم باڪمال شاعر هو ۽ سياست ڏانهن به سندس رويو هميشه شاعراڻو رهيو. سياست ۾ به وفا جهڙي قدر جي آخري حد تائين پاسداري ڪيائين. سندس اهڙي رويي سبب ئي سندس وصال تي هڪ انگريزي اخبار جي صحافي کيس The poet politician سڏيندي لکيو ته:
His personal and political life reads as a poetry may be because he was a poet himself
مخدوم امين فهيم جو جنم ۴ اگسٽ ۱۹۳۹ع تي ٿيو. سندس نالو محمد امين رکيو ويو پر سندس ڏاڏي مخدوم امين محمد پکن ڌڻيءَ جي نسبت سان کيس ڏاڏا سائين سڏيو ويندو هو. راهونڊ نالي مقام تي درويشي ديرو ڄمائيندڙ پکن ڌڻي سائين به سنڌي ٻولي جو نالي وارو شاعر هو. کيس علام دائود پوٽي پنهنجي ڪتاب سرها گل ۾ الاهي اسرارن جو عارف لکيو آهي ۽ پروفيسر محبوب علي چنا مطابق سندس سارو ڪلام سوز ۽ ساز، نياز ۽ گداز جو شارح آهي. پکن ڌڻي جو ڪلام تصوف جي دقائق ۽ حقائق جو شاهڪار آهي.
پنهنجي شاعريءَ بابت مخدوم امين فهيم پاڻ لکي ٿو ته: منهجي شاعريءَ جي ابتدا هالن ۾ٿي. هالن جي ماحول ۽ خاندان جي ادب ۽ شعر سان رغبت جي ڪري ۽ خاص طرح سان والد صاحب جي شاعري ۽ ادبي محفلن جي ڪري اٿندي ئي ان طرف ذهن جو جهڪاءُ ٿيڻ لڳو.
مخدوم صاحب هڪ شاعر ۽ اهل دل انسان واري روش زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ روا رکي ۽ هميشه عمده اخلاقي قدرن جي هر حال ۾ پاسداري ڪندو رهيو. جيتوڻيڪ مخدوم صاحب ۱۹۷۰ کان مسلسل مختلف چونڊن دوران قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبير منتخب ٿيندو رهيو. ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي جي صدارت، ملڪ ۾ جھموريت جي بحاليءَ لاءِ جوڙيل اتحاد اي آر ڊي جي سرواڻي سميت ڪيترن ئي عهدن تي رهيو پر جڏهن به ڳالهه اصولن جي آئي، جڏهن به ڳالهه وفائن نڀائڻ جي آئي ته هن شاعر سياستدان جي عزم کي وڏي کان وڏي عهدي جي آڇ لوڏي نه سگهي. مخدوم امين فهيم کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن پاڪستان جي سياسي تاريخ جي ٻن طويل ترين آمريتن جي دوران جھموريت جي بحاليءَ جي جھدوجھد ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ جڏهن به ڪير پارٽيءَ ۽ نظريي سان نڀاءَ جا حوالا ڳوليندو ته کيس هن فقير طبيعت سياستدان جو نالو سرفهرست ملندو. جيتوڻيڪ مخدوم صاحب جا عزم ۽ ارادا زماني جا آزمايل هئا جو هن اڏول انسان جي سياسي موقف ۾ مارشلائن جون سختيون ڪابه تبديلي نه آڻي سگھيون نه وري وڏن عهدن جون آڇون کين متزلزل  ڪري سگھيون، پوءِ به الاهي ماڻهن جون نظرون اهو سياسي منظرنامو وڏي تجسس سان ڏسي رهيون هيون، جڏهن مخدوم صاحب جي محبوب پارٽي هن جي طويل ۽ باوفا رفاقت کي گھربل مڃتا ڏيڻ ۾ بظاهر ناڪام پئي ٿي پر ان موقعي تي  مخدوم صاحب جي ثابت قدمي ۽ فيصلي سڀني کي لاجواب ڪري ڇڏيو:
تون امين آهين فهيم،
فيصلو ڪج لاجواب!
مخدوم صاحب جي پارٽيءَ کي اهڙي موقعي تي الوداع چوڻ واريون قياس آرائيون خاڪ ٿي ويون ڇاڪاڻ ته مخدوم صاحب کي خبر هئي ته نڀائبو ڪيئن آهي، ايندڙ نسلن لاءِ وفا جا مثال ڪيئن ڇڏبا آهن ۽ تاريخ جي نظرن ۾ سرخرو ڪيئن بڻبو آهي.



وقت جو امين ۽ فهيم
نظام الدين ڪاڪا
سائين قبله مخدوم امين فهيم جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي سندس والد مخدوم طالب الموليٰ جي زماني کان وٺي سنڌ جي سروري جماعت جي نو لکين گودڙي غوث الحق مخدوم نوح رح جي خاندان جو روح روان هئو. مخدوم امين فهيم صوفياڻي رنگ ۾ ته رچيل هو پر فڪري طرح هڪ محبِ وطن سنڌي ۽ انسان دوست شخصيت هُئو. مزاج ۽ طبيعت ۾ انتهائي نرم نازڪ، سلجهيل سچار، لاطمع ۽ بي نياز سونهن ۽ سنگيت جو ڪوڏيو هئو. شڪل ۽ صورت ۾ گلاب جي گل جيان ٻهڪندڙ ۽ ٺاهوڪي وضع قطع، من ۾ پيار پائڻ جي ازلي اڃ رکندو هئو. عزيزن ۽ قريبن، يارن، دوستن، غريبن ۽ بي پهچ مسڪينن لاءِ نيڻ وڇائيندڙ ڪنهن کي ڏکيو ڏٺائون تـ واريءَ جي ڀٽ جيان ڀري پوندو هُئو. ماڻپي جا مڙئي گڻ منجس موجود هئا. مخدوم امين فهيم نه رڳو هڪ سٺوانسان هو پر هڪ حساس ذهن رکندڙ تخليقار به هئو جنهن ڪئين شعر سرجيا، کين رب پاڪ ڪمال جو ذهن ڏنو هو ماڻهوءَ اندر جهاتيون پائڻ واريون سندن اکيون به ڏاڍيون تکيون ۽ اونهيون هونديون هنيون. هونئن هن ڌرتيءَ تي ماڻهن جي ڪمي ڪانهي مٿس پنجن اربن کان به وڌيڪ ماڻهون رهن ٿا پر انهن ۾ سٺا ۽ سچا ڪي ٿورڙا آهن. قبلا سائين مخدوم محمد امين فهيم ٿڌي ڇانو وانگي سڄي حياتي، سنڌ سنڌي ماڻهن ۽ سروري جماعت لاءِ بڙ جي ڇانو وانگي رهيو آهي. (ماڻهو) ته تڏهن ئي (اشرف المخلوقات) تسليم ٿيندو جڏهن خدا جي خلقيل ٻيءَ سموري مخلوق کان اعليٰ ۽ افضل هوندو انهيءَ ڳالھ جو دارومدار سندس مزاج تي آهي. مخدوم صاحب جن وقت جي مزاج کي ۽ ماڻهون جي درد کي هڪ ئي نظر سان سمجهي سگهڻ جي سگھ رکندو هئو. اکين جي پينگهن ۾ لڏندڙ قبلا سائين جي دلربائي کي ڀلا اهي بيخبر ڪيئن ٿا سمجهي سگهن جن ڪڏهن سياري جي رات ۾ ٽمڪندڙ ستارن جو روح ئي ناهي پڙهيو. مخدوم صاحب ماڻهن سان محبتون دل کولي ڪيون آهن ۽ کين کي بہ محبتون ٻانهون کولي مليون. سائين سنڌ کي پنهنجي ساهـ ۾ سمائي ڇڏيو هو جنهن ڪري جسماني دوري هوندي به هو ماروئڙن جي من ۾ سدائين زنده رهندو
پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جو چيئرمين ۽ درگاهـ سرور نوح جو ارڙهون سجادهـ نشين سروري جماعت جو روحاني پيشوا ۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع تي مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جي گهر هالا ۾ جنم ورتو مخدوم امين فهيم پرائمري، مئٽرڪ، انٽر تائين تعليم هالا ۾ حاصل ڪئي ۽ ۱۹۶۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سياست ۾ گريجوئيشن ڪئي.
سائين امين فهيم ۴ شاديون ڪيون کيس ۷ پٽن ۽ ۴ نياڻين جو اولاد آهي. پاڻ ۱۹۷۰ع کان ۲۰۱۳ تائين مسلسل ۸ ڀيرا اليڪشن وڙهي ۽ ڪڏهن به نـ هارايو. ۱۹۷۷ع ،۱۹۸۸ع، ۱۹۹۰ع، ۱۹۹۷ع، ۲۰۰۲ع ۽ ۲۰۰۸ع ۾ هالا ۽ مٽياري جي تڪن تان ڪامياب ٿيندو رهيو. پاڻ هائوسنگ، مواصلات، واپار ۽ ٻين وزارتن جو وفاقي وزير به رهيو. جڏهن ته جنرل ضياءُ جي دور ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۽ جيل ڀريو تحريڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو رهيو ۽ سروري جماعت جي ۵۰۰۰ ماڻهن گرفتاريون ڏئي اُن ڪاري قانون جي خلاف جدوجهد ڪئي.
پاڻ شاعر ۽ اديب به هئو سندس ٻه ڪتاب ڇپيل آهن هڪ شاعريءَ جو مجموعو (پيغام) سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۹۰ع ۾ شايع ڪري پڌرو ڪيو. سندس شاعراڻي تخليق ۾ ڪومل جذبا ۽ احساس، تشبيهون ۽ منظرنگاري مان سندس ڏات جي اڏام کي پرکي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو سندس شاعريءَ جا گيت ۽ غزل مختلف فنڪارن جي آواز ۾ نشر ٿيندا رهن ٿا. سندس تغزل، فني خيال کان (مزبيت) معمونيت ۽ عشائيت تي مشتمل آهي. سندس هڪ نظم (اي وطن جانشين) ۱۹۶۳ع ۾ آل سنڌ مشاعري ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو سندن نئين سال بابت چيل هڪ شعر آهي تـ،
نوان ڏينهن راتيون، نيون روشنايون،
نوان شعر ڪافيون، نوان بيت وايون،
نوان باغ بنگلا، هي بستيون ۽ جايون،
نئين سال ۾ سڀ، نيون بڻجي آيون،
پرين هو پراڻيون، ڇڏي ڏي جدايون،
نئين سال ۾ اچ، نوان نيهن لايون.
سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”پيغام“ شايع ٿيل آهي سندس همنشين شاعرن ۾ انور هالائي، احسن الهاشمي، محبوب سروري، حسين بخش خادم، ولي سروري،محمد هاشم ساحل لاکو، مصري ڪاڪا ۽ هالا ۾ اسان جو رنگ رتن پيچرن وارو پيارو شاعر سوز هالائي به هوندو هو.
هو چوندو هو تـ شاعري منهنجي پهرين محبت آهي.مولانا رومي،شاهه ڀٽائي ۽ سچل جو مداح آهيان.شاعريءَ ۾ سندس تخلص ”امين“۽”فهيم“ هئا.امين فهيم جو نالو سندس چاچي مخدم غلام حيدر صديقيءَ رکيو، کيس سروري جماعت جا ماڻهو ”ڏاڏا“ سائين ڪري سڏيندا هئا
۲۱ نومبر ۲۰۱۵ تي جڏهن قبلـ سائين امين فهيم اسان کان جدا ٿيو ته صبح جو اداس سورج نموندار ٿيو ۽ شام مايوسيون کڻي لٿي هئي، جڏهن تـ اڃين سانجهڙين ۾ نظارا روئي پيا هئا. سندس عمر ۷۶ ورهيا هئي سندس آخري رسمن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا سڀ مرڪزي اڳواڻ شريڪ ٿيا. کين مخدوم سرور نوح جي درگاهـ جي اندر سائين طالب الموليٰ جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو.
سندس هڪ شعر آهي تـ،
وڃين ويهي رهين مون کان ڏاڍو پري،
تنهنجي ويئي سري منهنجي ڪئين سري،
تون ”امين“ ٿي اچ انصاف ڪري،
ڀلا توکي ڪيئن مان وسارينديس.
ڌڻي در دعا آهي تہ الله سائين قبلـ سائين کي جنت الفردوس عطا فرمائي... .


وڇوٽيون وڌڻ کان اڳ....!
نور سنڌي
مخدوم امين فهيم پاران سندس والد مخدوم طالب الموليٰ جي نالي تي هالا ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ اسپتال وارو خواب سندس حياتي ۾ نه سهي پر سندس ٻي ورسي تي پورو ٿيو. يقينن سندس روح اڄ خوش هوندو. پ پ چيئرمين بلاول هالا ۾ پهچي منعقد ڪيل تقريب ۾ ان جو سنگِ بنياد رکيو، اهڙو عمل يقينن قابلِ تعريف آهي. ان سان هن علائقي کي فائدو ٿيندو. اها به توقع هئي ته بلاول ان پروگرام ۾ مٽياري ضلعي خاص طور هالا جي ترقيءَ لاءِ ميگا پراجيڪٽ جو اعلان ڪندو ۽ سروري جماعت کي پ پ جي گذريل وفاقي ۽ سنڌ ۽ موجوده سنڌ حڪومت ۾ نوڪرين، ترقياتي ۽ ٻين ڪمن ۾ اهميت نه ڏيڻ ۽ مخدوم خاندان کي پ پ جي واڳ ڌڻين کان اهڙين ۽ ٻين شڪايتن جو ازالو ڪرڻ لاءِ اعلان ڪندو ته هن کان اڳ جيڪو ٿيو اهو درگذر، پر هاڻ مخدوم خاندان کي خدشن ۽ سروري جماعت وارن جي شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو. پر بلاول تقرير ۾ اهڙو اظهار نه ڪيو، نه ئي ضلعي اندر پيئڻ صاف پاڻي جا پراجيڪٽ ڏيڻ واري گهر کي بلاول موٽ ڏني. بلاول مان اُميد ته اِها هُئي ته هُو پنهنجي تقرير ۾ اهڙو جائز مطالبو فوري طور پورو ڪندي سنڌ جي وڏي وزير کي اتي ئي تقرير ۾ مٽياري ضلعي لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جا پراجيڪٽ ڏيڻ جي هدايت ڪري ها. پر اِئين نه ٿيو. تازو ڀٽ شاهه ۾ به ڀٽ شاهه لاءِ ترقياتي منصوبي جو اعلان نه ڪرڻ ڪري خلق حيران آهي. اهڙيءَ ريت هالا شهر جتي لاهور ۾ پ پ جو بنياد پوڻ بعد پهريون ڪنوينشن ٿيو هو ان شهر جي ترقي لاءِ ڪو ترقياتي منصوبو نه ڏيڻ ۽ مخدوم جميل الزمان پاران صاف پاڻي وارين اسڪيمن جي مطالبي تي موٽ نه ڏيڻ ڪري ساڃاهه وند ڌريون حيرت ۾ ورتل آهن.
هالا شهر جي پ پ جو پهريون ڪنوينشن ٿيڻ کانسواءِ به علمي، ادبي، ثقافتي، روحاني، تاريخي طور هڪ پنهنجي حيثيت رهندي آئي آهي. جڏهن ته سروري جماعت جي لکين ماڻهن جو پ پ ۾ ايم آر ڊي کان وٺي هر جدوجهد ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. هر موڙ تي سروري جماعت مرشد جي حڪم تي پاڻ ملهايو آهي. جڏهن ته مخدوم خاندان جو جنرل ضياءُ الحق کان وٺي پرويز مشرف تائين تاريخي ڪردار رهيو آهي. جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ مخدوم خليق الزمان جهڙو نازڪ نفيس ۸ سالن کان وڌيڪ مختلف جيلن ۾ رهيو. مخدوم خاندان سانگهڙ ۾ شهيد ڀٽو تي حملي کان وٺي ڪراچي ۾ ڪارساز واقعي ۽ پنڊيءَ تائين هر موڙ تي گڏ رهيو آهي. پر شهيد راڻي جي شهادت بعد نه صرف سروري جماعت پر مخدوم خاندان کي اهميت نه پئي ڏني وڃي. ڪيترن ئي موقعن تي پ پ قيادت مخدوم خاندان خلاف ميڊيا ٽرائيل ڪيو. پ پ جي واڳ ڌڻين مخدوم امين فهيم جي قربانين کي وساريندي نظرانداز ڪيو. مخدوم امين فهيم جي لاڏاڻي بعد مخدوم جميل الزمان کي پارٽي ۾ اها اهميت نه پئي ڏني وڃي. پ پ جي گذريل دور ۾ بنا ڪم واري وزارت ڏني وئي، موجوده دور ۾ سندس وزارت ۾ مسلسل مداخلت ڪئي پئي وڃي. مخدوم امين فهيم جنرل ضياءُ الحق ۽ مشرف دور ۾ وزيراعظم جهڙي منصب کي ٺڪرائي ڇڏيو. پاڻ وصال تائين پ پ ۾ ثابت قدم رهيو. مخدوم امين فهيم کي والد صاحب جي هر حال ۾ پ پ ۾ ثابت قدم رهڻ واري وصيعت پوري ڪئي پر مخدوم جميل الزمان کي سندس والد پاران اهڙي ڪا به وصيعت ڪيل نه آهي.
ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ پ پ ۾ شامل ٿيندڙ بااثر ماڻهن ذاتي فائدا ورتا پر مخدوم خاندان ان کان پري رهيا ته شهيد ڀٽو خود مخدوم طالب الموليٰ کي چيو ته اوهان کي ڇا گهرجي. پاڻ چيائون ته عزت! اهو سچ آهي ته شهيد ڀٽو ۽ بعد ۾ سندس نياڻي محترمه بينظير ڀٽو وٽ مخدوم خاندان جي وڏي عزت احترام هو. شهيد ڀٽو ۽ بعد ۾ شهيد راڻي پارٽي جي هر فيصلي ۾ مخدوم طالب الموليٰ ۽ سندس وصال بعد مخدوم امين فهيم کي شامل رکيو. مخدوم طالب الموليٰ جي وصال بعد پ پ جو سينئر وائيس چيئرمين مخدوم امين فهيم کي ڪيو ويو.
شهيد ڀٽو جي شهادت بعد سندس مشن کي محترمه بينظير ڀٽو اڳتي وڌايو ان ڪري عوام شهيد ڀٽو جي تصوير بينظير جو نعرو لڳايو، پر شهيد راڻي جي شهادت کانپوءِ سندس مشن کي اڳتي نه پيو وڌايو وڃي. پ پ واڳ ڌڻين ڀٽو ازم ۽ سندس مشن کي وساري ڇڏيو آهي. سياسي مبصر ٻڌائين ٿا ته ايندڙ چونڊن ۾ مخدوم خاندان پاران سنڌ ۾ سروري جماعت جي اڪثريت وارن تڪن تي ۲۵ پي ايس ۱۲ ايم اين اي جون ٽڪيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ درخواستون ڏيندا. جن ۾ مٽياري ضلعي سانگهڙ ۾ ۴ صوبائي ٻه قومي، عمرڪوٽ ضلعي ۾ هڪ قومي، ٽنڊوالهيار ۾ هڪ صوبائي ۽ ٻيون سيٽون ٻڌايون وڃن پيون. انهن ڳالهين ۾ ڪيتري صداقت آهي اها خبر ته ايندڙ وقت ٻڌائيندو. پر سياسي حقلن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مخدوم خاندان اهڙو مطالبو ڪري ٿو ۽ کيس ان حوالي سان اهميت نه ڏني وئي، اُن جي ردعمل ۾ جيڪڏهن مخدوم خاندان پ پ کي الوداع ڪري ٿو ته اهو پ پ لاءِ وڏو نقصان هوندو. سياسي تجزيه نگارن موجب سروري جماعت جو وڏو انگ پ پ کان خفا آهن پر مرشد جي حڪم جي ڪري هو اڄ به پ پ سان گڏ آهي. مخدوم جميل الزمان جيڪڏهن پ پ کي الوداع ڪيو ته پير صاحب پاڳارو، مخدوم شاهه محمود قريشي، پ پ کان ناراض وڏي تعداد ۾ اڳواڻ ۽ ننڍين پارٽين، گروپن جو مضبوط اتحاد جڙي سگهي ٿو ۽ پ پ سنڌ مان ناڪام ٿيندي. اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته سياسي دنيا جو رانديگر آصف علي زرداري جلد هالا ۾ پ پ جو ڪنوينشن ڪندو. ڇاڪاڻ ته کيس مخدوم خاندان جي حيثيت ۽ طاقت جو اندازو آهي. ان جو اظهار ڀلي ڪو نه ڪري، پر ڪير به نه چاهيندو ته مخدوم خاندان پ پ کي الوداع ڪري.


مخدوم امين فهيم
جنهن کي اڄ به سنڌ ساري پئي!
مير نادر علي ابڙو
مخدوم امين فهيم جو لاڏاڻو ملڪي سياسي تاريخ لاءِ جتي تمام وڏو خال آهي اتي سندن علمي، ادبي خدمتون به فراموش نٿيون ڪري سگهجن. پاڻ هڪ ئي وقت تمام وڏو سياستدان هو ۽ ان کان به وڏو اديب ۽ شاعر هو. کين الله پاڪ جيڪي خاصيتون ڏنيون هيون سي تمام ٿورڙن ماڻهن جي کاتي ۾ اينديون آهن. سندن شخصيت بي داغ ۽ وفا جي علمبردار هئي ۽ تمام عمر وفا ۾ گذاري ڇڏي. مخدوم خاندان جون خدمتون هميشه سنڌ جي ماڻهن لاءِ مثالي بڻيل رهيون آهن. اهو سلسلو سرور نوح جي گادي کان هلندو ٿو اچي ۽ اڃان تائين قائم ۽ دائم آهي. هن رشتي کي مخدوم امين فهيم وڌيڪ مضبوط بنايو هو ۽ پاڻ هر ميدان ۾ جتي ڪٿي محبتن جو پيغام ڏنو هو. پاڻ سروري جماعت جو جتي روحاني پيشوا هو، اتي منجهن روحاني خاصيتون به بيمثال هيون. جتي هي ٻين لاءِ دعائون گهرندو هو، اتي پاڻ لاءِ به دعا گهرائيندو هو. پاڻ پيپلزپارٽي جو سينئر وائيس چيئرمين هو.
مخدوم امين فهيم جي ولادت چار آگسٽ ۱۹۳۹ع تي هالا ۾ ٿي. سندن نالو محمد امين رکيو ويو، جڏهن ته مخدوم محمد امين فهيم ثالث پکن ڌڻي جي نسبت سان ڏاڏا سائين به سڏبو هو. اڃان ٻن سالن جو هو ته سندن ماءُ وفات ڪري وئي، بعد ۾ سندن والد مخدوم طالب الموليٰ ٻي شادي خاندان کان ٻاهر ڪئي، جنهن مان کيس پنج پٽ ٿيا، جن ۾ اڳوڻي ايم پي اي مخدوم خليق الزمان، مخدوم نويد الزمان، مخدوم شفيق الزمان، حيدرآباد جي اڳوڻي ضلعي ناظم مخدوم رفيق الزمان ۽ اڳوڻي ايم پي اي مخدوم سيد الزمان آهن. مخدوم امين فهيم شروعاتي تعليم هالا ۾ حاصل ڪئي، بعد ۾ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ سروري اسلامي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، جتي بي اي پاس ڪيائين، سنڌ يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽر ڪيائين، قانون جو امتحان پاس ڪيائين. بزم طالب الموليٰ سنڌ جو صدر به رهيو، تعليمي خدمتن جي سلسلي ۾ سروري اسلامي ڪاليج ۽ سروريه اورينٽل ڪاليج هالا جو نائب صدر رهيو ۽ ٽائون ڪميٽي هالا جو چيئرمين ڊويزنل ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر رهيو. مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جي لاڏاڻي بعد سروري جماعت جو روحاني پيشوا مقرر ٿيو ۽ پاڻ ۱۸هون گادي نشين هو. بهترين اديب ۽ شاعر پڻ هو. سندن شاعري تمام گهڻي مشهور هئي. سروري جماعت کي ۳۰۰ سال اڳ ۹ لک گودڙي جو لقب مليل آهي. سندن مريد هندستان ۽ پاڪستان ۾ موجود آهن ۽ سندن ۲۲ خليفا هنڌ ۽ سنڌ راجستان سميت خدمتون سرانجام ڏين ٿا.
مخدوم امين فهيم جي شاعري ۽ سندن شعري مجموعي ”پيغام“ کي تمام وڏي پذيرائي ملي. هن شعر ۽ شاعريءَ ۱۹۵۳ع کان شروع ڪئي، جيڪو فن هن پنهنجي والد مرحوم مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان سکيو. پهرين پنهنجو تخلص ’امين‘ رکيائين ان کان پوءِ ’فهيم‘ جو تخلص سندن والد مخدوم طالب الموليٰ ڏنو، جنهن کي هو پنهنجي عمر جي آخري وقت تائين استعمال ڪندو رهيو. سندن شاعري جا ٻه مجموعا ڇپيل آهن، جن مان ’’پيغام‘‘ کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. هن نهايت خوبصورت انداز ۾ غزل لکيو. اردو ٻولي ۾ به تمام وڏا ڪلام چيائين، هالا جي ادبي ماحول ۾ وڏي هلچل آندائين سندن ڪلام ”پيغام“ کي سنڌي ادبي بورڊ ڊسمبر ۱۹۹۰ع ۾ شايع ڪيو. سندن جواني جي دؤر ۾ ڪجهه وقت لاءِ شاعري ڪرڻ ۾ وقفو به رهيو، جنهن لاءِ سندن ذاتي مصروفيتون هيون. کين موسيقي سان به دلچسپي رهندي هئي. پاڻ فارسي، عربي، انگريزي ۾ ڪتاب پڻ لکيائون. پاڻ يارويس ۽ طبيعتن سادو هوندو هو، هڪ بردبار، صابر وڏي دل رکندڙ سياستدان هو. سندن لاءِ اها ڳالهه چئي ويندي هئي ته هن ۾ برداشت انتهائي گهڻي هوندي هئي، جنهن ڪري کين ’صابرين‘ چيو ويندو هو. هو ناراض ماڻهن سان به پيار سان ڳالهائيندو هو. پنهنجي سياسي زندگي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي چوڻ تي شروع ڪئي پهريون ڀيرو ۱۹۷۰ع واري چونڊن ۾ ٺٽي مان ايم اين اي چونڊيو ويو. ان کان پوءِ ۱۹۷۷ع کان ۱۹۸۸، ۱۹۹۰، ۱۹۹۷، ۲۰۰۲ ۽ ۲۰۰۸ جي چونڊ ۾ هالا مٽياري تڪ تان ايم اين اي چونڊاڻو. ضياءُ جي آمريتي دؤر ۾ پارٽي فيصلي تحت هو ۱۹۸۵ عام چونڊن ۾ اميدوار نه هو. هن سياسي سفر جو آغاز ۱۹۷۰ ڌاري پ پ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جي ميمبر ٿيڻ سان ڪيو، ڪجهه وقت سنڌ جي گورنر جو صلاحڪار پڻ رهيو پوءِ مرڪز ۾ وزير مملڪت تي فائز ٿيو. ۱۹۷۷ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊاڻو ۽ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي ڪابينا ۾ روينيو ۽ آبادڪاري جو وزير ٿيو. ۱۹۸۳ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران پ پ سنڌ جو صدر رهيو. ۱۹۸۸ع ۾ بينظير ڀٽو جي ڪابينا ۾ مواصلات جو وزير مقرر رهيو. ۱۹۹۰ع ۽ ۱۹۹۳ع، ۱۹۹۷ع واري عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. وري ۲۰۰۸ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. پاڻ پ پ جو صدر ۽ پيپلز پارٽي جو سينئر وائيس چيئرمين پڻ رهيو. پاڻ ملڪ جو واحد سياستدان هو، جنهن کي فهم، فراست، شائستگي، ٿڌي مزاج ۽ جمهوري قدرن جو امين هجڻ ڪري حڪومت مخالف ڌر سميت سموري پارٽين ۾ هڪ جهڙي عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. ضياءَ الحق جي دؤر کان وٺي کيس وزيراعظم جي عهدي جي آڇ ٿي پر هو پارٽيءَ سان وفادار رهيو.
سنڌ جي سياسي ۽ غير سياسي وڏيرن سان سندن ياري ڪنهن کان لڪل نه هئي، پارٽي جي منع باوجود ڄام صادق علي، پير پاڳاري، شاهنواز جوڻيجي سان هُن ناتا نه ٽوڙيا. ۱۹۶۹ع ۾ لنڊن جي اندر مخدوم امين فهيم جي ملاقات پ پ جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿي جنهن بعد هن پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. سندن والد مخدوم طالب الموليٰ پڻ پارٽي جو سينئر وائيس چيئرمين رهيو. کين شهيد بينظير ڀٽو جو انتهائي ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو هو ۽ پاڻ شهيد بينظير ڀٽو جي دؤر ۾ ۱۹۸۸ع کان آگسٽ ۱۹۹۰ع تائين اطلاعات وارو وزير به رهيو ۽ ۲۰۰۸ع واري اليڪشن ۾ ڪاميابي بعد کين سياحت ۽ واپار جي وزارت ڏني وئي. سندن ئي رهائش گاهه هالا تي پيپلزپارٽي جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو ۽ پهريون ڪنوينشن به پيپلزپارٽي جو هالا ۾ ٿيو. جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ امين فهيم کي پاڻ سان گڏ رکيو هو ۽ سندن سياسي پرورش ڪئي ۽ سندن شخصيت تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان پوءِ محترمه شهيد بينظير ڀٽو تمام وڏو ڀروسو ڪندي هئي.
امين فهيم کي ضياءَ جي دؤر ۾ ٻه ڀيرا ۽ رٽائرڊ پرويز مشرف جي دؤر ۾ ٽي دفعا وزيراعظم ٿيڻ جي آڇ ٿي پر هن پارٽيءَ جي اصولن ۽ مفادن وٽان هر آڇ کي ٿڏي ڇڏيو ۽ ڀُٽي خاندان سان آخري وقت تائين وفا ڪئي. جنهن ڪري کين پنج دفعا گهر ۾ نظر بند پڻ رکيو ويو. سندن علائقي ۾ تمام وڏي زمينداري ۽ جاگير پڻ آهي. سندن شخصيت کي هالا سميت سموري سنڌ جي عوام عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي. مخدوم امين فهيم پنهنجي زندگيءَ ۾ ۴ شاديون ڪيون. پهرين شادي ۲۱ جون ۱۹۵۷ع ۾ ۱۹ سالن جي عمر ۾ پنهنجي خاندان مان ڪئي، ٻي شادي بنگال سان تعلق رکندڙ ايئر هوسٽ دينا ليلا سان ڪئي، جيڪا مشهور فنڪاره رونا ليلا جي ڀيڻ هئي ۽ سٺي ڳائڻي هئي جيڪا شادي بعد جلد فوت ٿي وئي. ٽئين شادي ڪراچي جي اردو فيملي مان ڪيائين ۽ چوٿين شادي پنجاب مان ڪيائين. کين ستن پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. پهرين شادي مان مخدوم جميل الزمان، ٻي شادي مان چار پٽ مخدوم عقيل الزمان، مخدوم شڪيل الزمان، مخدوم نعمت الله، مخدوم نجيب الزمان ۽ چوٿين شادي مان مخدوم سڌيار پيدا ٿيا ۽ سندن جو وڏو پٽ مخدوم جميل الزمان سٺو سياستدان هجڻ سان گڏ سٺو شاعر ۽ محقق به آهي.

سنڌ جا ماڻهو اڄ انهي مانائتي ڪردار کي ڀرپور موٽ ڏئي رهيا آهن اڄ جتي هالا ۾ سندن ورسيءَ جي پُروقار تقريب ٿي پئي اُتي بلاول ڀٽو سميت پ پ پ جي مرڪزي قيادت  سندن شخصيت کي خراج تحسين پيش ڪندي.





مخدوم امين فھيم

وقت جو امين ۽ فهيم
نظام الدين ڪاڪا
مخدوم امين فهيم جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، سياست ۽ شاعري ۾ پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ جي زماني کان وٺي سنڌ جي سروري جماعت جي نو لکين گودڙي غوث الحق مخدوم نوح رح جي خاندان جو روح روان هو. مخدوم امين فهيم صوفياڻي رنگ ۾ ته رچيل هو پر فڪري طرح هڪ محبِ وطن سنڌي ۽ انسان دوست شخصيت هو. مزاج ۽ طبيعت ۾ انتهائي نرم نازڪ، سلجهيل سچار، لاطمع ۽ بي نياز سونهن ۽ سنگيت جو ڪوڏيو هو. صورت ۾ گلاب جي گل جيان ٻهڪندڙ ۽ من ۾ پيار پائڻ جي ازلي اڃ رکندڙ هو. عزيزن ۽ قريبن، يارن، دوستن، غريبن ۽ بي پهچ مسڪينن لاءِ نيڻ وڇائيندڙ ڪنهن کي ڏکيو ڏٺائون ته واريءَ جي ڀٽ جيان ڀُري پوندو هو. مخدوم امين فهيم نه رڳو هڪ سٺو انسان هو پر هڪ حساس ذهن رکندڙ تخليقڪار به هو، جنهن ڪئين شعر سرجيا، کيس رب پاڪ ڪمال جو ذهن ڏنو هو، ماڻهوءَ اندر جهاتيون پائڻ واريون سندس اکيون به ڏاڍيون تکيون ۽ اونهيون هونديون هنيون. هن ڌرتي تي ماڻهن جي ڪمي ڪانهي، جتي پنج ارب کان به وڌيڪ ماڻهو رهن ٿا پر انهن ۾ سٺا ۽ سچا ڪي ٿورڙا آهن. مخدوم محمد امين فهيم ٿڌيءَ ڇانو وانگي سڄي حياتي، سنڌ سنڌي ماڻهن ۽ سروري جماعت لاءِ بڙ جي ڇانو وانگر رهيو.
ماڻهون ته تڏهن ئي اشرف المخلوقات تسليم ٿيندو جڏهن خدا جي خلقيل ٻيءَ سموري مخلوق کان اعليٰ ۽ افضل هوندو، انهيءَ ڳالهه جو دارومدار سندس مزاج تي آهي. مخدوم امين فهيم وقت جي مزاج کي ۽ ماڻهو جي درد کي  هڪ ئي نظر سان سمجهي سگهڻ جي سگھ رکندو هو. هن ماڻهن سان محبتون دل کولي ڪيون ۽ موٽ ۾ محبتون ٻانهون کولي مليون. مخدوم امين فهيم سنڌ کي پنهنجي ساهه ۾ سمائي ڇڏيو هو جنهن ڪري جسماني دوري هوندي به هو ماروئڙن جي من ۾ سدائين زنده رهندو.
پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي چيئرمين ۽ درگاهه سرور نوح جو ارڙهون سجادهه نشين سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع تي مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جي گهر هالا ۾ جنم ورتو، مخدوم امين فهيم پرائمري، مئٽرڪ، انٽر تائين تعليم هالا ۾ حاصل ڪئي ۽ ۱۹۶۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سياست ۾ گريجوئيشن ڪئي. امين فهيم ۴ شاديون ڪيون، کيس ۷ پٽن ۽ ۴ نياڻين جو اولاد آهي. مخدوم جميل الزمان، مخدوم شڪيل الزمان، مخدوم عقيل الزمان، مخدوم نعمت الله، مخدوم حبيب الله، مخدوم نجيب الزمان ۽ مخدوم سنڌ يار سندس فرزند آهن. پاڻ ۱۹۷۰ع کان ۲۰۱۳ تائين مسلسل ۸ ڀيرا اليڪشن وڙهي ۽ ڪڏهن به نه هارايو. ۱۹۷۷ع، ۱۹۸۸ع، ۱۹۹۰ع، ۱۹۹۷ع، ۲۰۰۲ع ۽ ۲۰۰۸ع ۾ هالا ۽ مٽياري جي تڪن تان ڪامياب ٿيندو رهيو، پاڻ هائوسنگ، مواصلات، واپار ۽ ٻين وزارتن جو وفاقي وزير به رهيو. جڏهن ته جنرل ضياءُ جي دور ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۽ جيل ڀريو تحريڪ ۾ نمايان ڪردار رهيو ۽ سروري جماعت جي ۵ هزار ماڻهن گرفتاريون ڏئي ڪاري قانون جي خلاف جدوجهد ڪئي. پاڻ شاعر ۽ اديب به هو سندس ٻه ڪتاب ڇپيل آهن هڪ شاعريءَ جو مجموعو (پيغام) سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۹۰ع ۾ شايع ڪري پڌرو ڪيو، سندس شاعراڻي تخليق، ڪومل جذبا ۽ احساس، تشبيهون ۽ منظر نگاري مان سندس ڏات جي اڏام کي پرکي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو، سندس شاعريءَ جا گيت ۽ غزل مختلف فنڪارن جي آواز ۾ نشر ٿيندا رهن ٿا. سندس هڪ نظم (اي وطن جانشين) ۱۹۶۳ع ۾ آل سنڌ مشاعري ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو سندس نئين سال بابت چيل هڪ شعر آهي ته،
نوان ڏينهن راتيون نيون روشنائيون،
نوان شعر ڪافيون نوان بيت وايون،
نوان باغ بنگلا هي بستيون ۽ جايون،
نئين سال ۾ سڀ نيون بڻجي آيون،
پرين هو پراڻيون ڇڏي ڏي جدايون،
نئين سال ۾ اچ نوان نيهن لايون.
مخدوم امين فهيم جي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”پيغام“ شايع ٿيل آهي، سندس همنشين شاعرن ۾ انور هالائي، احسن الهاشمي، محبوب سروري، حسين بخش خادم، ولي سروري، محمد هاشم ساحل لاکو، مصري ڪاڪا ۽ هالا ۾ اسان جو رنگ رتن پيچرن وارو پيارو شاعر سوز هالائي به هوندو هو. هو چوندو هو ته شاعري منهنجي پهرين محبت آهي. مولانا رومي، شاهه ڀٽائي ۽ سچل جو مداح آهيان. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ”امين”، ”فهيم“ هئا. امين فهيم جو نالو سندس چاچي مخدم غلام حيدر صديقي رکيو، کيس سروري جماعت جا ماڻهو ”ڏاڏا سائين“ ڪري سڏيندا هئا، ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ تي جڏهن امين فهيم اسان کان جدا ٿيو ته صبح جو اداس سورج نموندار ٿيو ۽ شام مايوسيون کڻي لٿي هئي، آخري وقت سندس عمر ۷۶ سال هئي، سندس آخري رسمن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ پيپلز پارٽيءَ جا سڀ مرڪزي اڳواڻ شريڪ ٿيا. کيس مخدوم سرور نوح جي درگاهه جي اندر طالب الموليٰ جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو. سندس هڪ شعر آهي ته،
وڃين ويهي رهين مون کان ڏاڍو پري،
تنهنجي وئي سري منهنجي ڪئين سري،
تون ”امين“ ٿي اچ انصاف ڪري،
ڀلا تو کي ڪيئن مان وسارينديس.


مخدوم محمد امين فهيم
تاريخ ساز شخصيت
مبشرالحق ميمڻ هالائي
سنڌ جي سرزمين ۾ اهڙيون شخصيتن جنم ورتو آهي جن تي نه رڳو سنڌ جو پر ملڪ جو مان مٿانهون ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڪردار سان اها خوشبو پيدا ڪئي آهي جو ان جو ٻهڪ اڄ به عوام جي دلين کي روح جي راحت بخشي رهي آهي ان ۾ سنڌ جي عظيم روحاني گادي ۽ درگاه سرور نوح جو هڪ انمول شخص ۽ زنده دل ۽ صبر ۽ برداشت جو پيڪر مخدوم محمد امين فهيم جن آهن.جيڪي سياست ۾ صبر، برداشت وفا جو علمبردار ۽ جمهوريت جو سرمايو باوقار ۽ فهم رکندڙ شخصيت مرحوم قبله مخدوم محمد امين فهيم جن جي ولادت ۱۷ جمادي الثاني ۱۳۵۸ هجري بمطابق ۰۴ آگسٽ ۱۹۳۹ بروز جمعت المبارڪ جهان رنگ وبو ۾ اکيون کوليون سنڌ اسم مبارڪ محمد امين رکيو ويو. پاڻ پنهنجي ابتدائي تعليم قرآن شريف ۽ ۴ درجا سنڌي خانگي طور حاصل ڪيا ۽ مئٽرڪ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا مان حاصل ڪيائون ۽ پاڻ گريجوئيشن پوليٽڪل سائنس ۾ سنڌ يونورسٽي مان ڪئي ۽ ايل ايل بي پڻ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪئي پاڻ مخدوم خاندان جي روايت برقرار رکندي عوام جي خدمت عبادت سمجهي عوان خاطر پهريائين سياسي سفر جو آغاز ٽائون ڪميٽي هالا جي چيئرمين جي حيثيت ۾ ۱۹۶۶ ۾ شروع ڪيوجنهن کان پوءِ ۱۹۶۹ ۾ سندن ملاقات لنڊن ۾ پي پي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿي جنهن کان پوءِ پاڻ باضابطه طور پي پي ۾ شموليت جواعلان ڪيو ۽ سياست جي وفاداري جي علمبردار مرڻ گهڙي تائين پي پي سان ساٿ نڀايو. ۽ سندن سياسي شعور کي  مڃتا ڏيندي ۱۹۷۰ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاران ٺٽي مان کٽيل قومي اسيمبلي جي سيٽ خالي ڪري مخدوم صاحب کي ضمني چونڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ چيو ۽ جيڪا پاڻ سيٽ کٽي سيٽ حاصل ڪئي. پاڻ پاڪستان جي سياست ۾ اهم سياستدان هئا ۽ اهو کين اهو اعزاز حاصل آهي جو پاڻ ۸ دفعا ايم اين اي طور قومي اسيمبلي جا ميمبر رهيا ۽ هڪ دفعو صوبائي اسيمبلي جا ميمبر رهيا کين اهو به اعزاز آهي ته واحد سياستدان آهي جن هڪ ئي وقت قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ بنا مقابلي ڪاميابي حاصل ڪيائيون.پاڻ پهرين شهيد بينيظير جي دور حڪومت ۾ وفاقي وزير رهيا ۽ ٻئي دور حڪومت ۾ پڻ وفاقي وزير رهيا پاڻ وفاقي حڪومت ۾ رهي ڪري عوام جي خدمت ڪئي پاڻ انيڪ خوبين سميت هڪ مڪمل اداري جي حيثيت رکندا هئا جتان علم و ادب،شاعري، سياست، سان گڏوگڏ عوام جي خدمت جو هڪ نه ٽٽندڙ سلسلو هو پاڻ علم وادب جي روشني جي حيثيت ۾ سدائين ادبي محفلن جا مور رهيا سندن ادبي خدمتون به بيمثال آهن پاڻ بزم طالب المولى سنڌ جو بنياد وڌو پاڻ ان جا پريزيڊنٽ رهيا پاڻ ڪتابن ۽ ڪتاب دوست ماڻهن سان پيار ڪندڙ شخصيت هئا پاڻ ۱۹۵۳ ۾ شاعري جي ابتدا ڪئي هي شعر شايد شائين جي اوائلي دور جو شايد آهي
بيوفا سان جفا ڪڏهن نه ڪجو،
دوستو هيءَ خطا ڪڏهن نه ڪجو.
سور سيني کي نيٺ صفا ڪندا،
درد دل جي دوا ڪڏهن نه ڪجو.
۱۹۵۷ ۾ پاڻ پهرين شادي ۱۹ سالن جي عمر ۾ پنهنجي ناناڻن مان ڪئي پاڻ شريعت محمد مطابق ۴ شادي ڪيون جن مان کين ۷ فرزند آهن جن مان مخدوم جميل الزمان جيڪي صوبائي وزير موجوده ۱۹ گادي نشين درگاه مخدوم سرور نوح رح آهي. پاڻ سرور نوح جي درگاه جا ۱۸ گادي نشين ٿي گذريا آهن پاڻ عوام جي ۽ سروري جماعت لاءِ ڇپر ڇانو ٿي رهيا پاڻ هميشه سياست ۾ ڪڏهن به ڪنهن آمر جي اڳيان نه جهڪيا ۽ ڪئين مليل لالچ ۽ آڇن کي ٺڪرائيندي اصول پرستي جي سياست ڪئي ۽ پنهنجو سياسي وچن آخر گهڙي تائين پي پي سان نبهائيندا رهيا جنهن سبب سندن سياسي وقار ملڪ جي سياست ۾ هڪ انمول مثال آهي پاڻ هميشه سياسي وفا ۽ سچائي جو پيڪر رهيا ۽  پي پي پي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي جلاوطني جي دور ۾  پارٽي جي قيادت سنڀالي ۽ ڏکي وقت ۾ پارٽي کي احسان طريقي سان سنڀاليو ۽ پي پي پارليامينٽ جي سربراه طور پارٽي جي قيادت سنڀالي مرحوم مخدوم امين فهيم جي سياست ۾ شرافت ۽ صبر جيترو پاڻ ڪيو اوتري بردباري ۽ سهپ هاڻ ڳولي نه ٿي لڀجي. مخدوم صاحب کي پنهنجي مٽي سان محبت هئي جو پاڻ بيماري آخري وقت ۾ ٻاهري ملڪ ۾ علاج ڪرڻ بدران پنهنجي وطن ۾ علاج ڪرڻ جي ترجيع ڏني ۽ آخر زندگي جي جنگ هارائيندي ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ هجري بمطابق ڇنڇر ۸ صفر ۱۴۳۷ هجري ۾ ۷۶ سالن جي عمر ۾ رضا الاهي سان پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مٽي مان حوالي ٿيا.
دل ڏيڻ توڙي وٺڻ مان ڇا ٿو حاصل ٿئي امين
هن جهان فاني جو لاڳاپو ڇنڻ آهي چڱو.
سندن ابدي آرامگاه سرور نوح جي وڏي قبي ۾ پنهنجي والد مخدوم محمد زمان طالب المولى جي آرام گاه جي ساڄي پاسي ۾ آهي سندن وڇوڙي تي سروري جماعت جي لکن عقيدتمندن ۽ سياسي ڪارڪنن کي يتيم ڪندڙ شخيصت اڄ به سندس وڇوڙي تي غمگوار آهي. سندن محبت ۽ عوام لاءِ ڪيل خدمتون اڄ به عوام کي نه ٿيون وسري سگهن.   


مخدوم امين فهيم
جنهن کي اڄ به سنڌ ساري پئي
مير نادر علي ابڙو
مخدوم امين فهيم جو لاڏاڻو ملڪي سياسي تاريخ لاءِ جتي تمام وڏو خال آهي ته اتي سندن علمي، ادبي خدمتون به فراموش نٿيون ڪري سگهجن. پاڻ هڪ ئي وقت تمام وڏو سياستدان هو ۽ هن کان به وڏو اديب ۽ شاعر هو، سندن ۾ الله پاڪ جيڪي خاصيتون پيدا ڪيون هيون، سي خاصيتون تمام ٿورڙن ماڻهن جي کاتي ۾ اينديون آهن. سندن شخصيت بي داغ ۽ وفا جي علمبردار هئي ۽ تمام عمر وفا ۾ گذاري ڇڏي، مخدوم خاندان جون خدمتون هميشه سنڌ جي ماڻهن لاءِ مثالي بڻيل رهيون آهن. اهو سلسلو سرور نوح جي گادي کان هلندو ٿو اچي ۽ اڃان تائين قائم ۽ دائم آهي. هن رشتي کي مخدوم امين فهيم وڌيڪ مضبوط بنايو هو ۽ پاڻ هر ميدان ۾ جتي ڪٿي محبتن جو پيغام ڏنو هو، پاڻ سروري جماعت جو جتي روحاني پيشوا هو ته اتي سندن منجهه روحاني خاصيتون به بيمثال هيون، جتي هي ٻين لاءِ دعائون گهرندو هو ته اتي پاڻ لاءِ به دعا گهرائيندو هو، پاڻ پيپلزپارٽي جو سينيئر وائيس چيئرمين هو. مخدوم امين فهيم جي ولادت چار آگسٽ ۱۹۳۹ع تي هالا ۾ ٿي. سندن نالو محمد امين رکيو ويو، جڏهن ته مخدوم محمد امين فهيم ثالث پکن ڌڻي جي نسبت سان ڏاڏا سائين به سڏيو هو، اڃان ٻن سالن جو هو ته سندن ماءُ وفات ڪري وئي، بعد ۾ سندن والد مخدوم طالب الموليٰ ٻي شادي خاندان کان ٻاهر ڪئي، جنهن مان کيس پنج پٽ ٿيا. جن ۾ اڳوڻي ايم پي اي مخدوم خليق الزمان، مخدوم نويد الزمان، مخدوم شفيق الزمان، حيدرآباد جي اڳوڻي ضلعي ناظم مخدوم رفيق الزمان ۽ اڳوڻي ايم پي اي مخدوم سيد الزمان آهن. مخدوم امين فهيم شروعاتي تعليم هالا ۾ حاصل ڪئي، بعد ۾ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ سروري اسلامي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، جتي بي اي پاس ڪيائين، سنڌ يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽر ڪيائين، قانون جو امتحان پاس ڪيائين. بزم طالب الموليٰ سنڌ جو صدر به رهيو تعليمي خدمتن جي سلسلي ۾ سروي اسلامي ڪاليج ۽ سروريه اورينٽل ڪاليج هالا جو نائب صدر رهيو ۽ ٽائون ڪميٽي هالا جو چيئرمين ڊويزنل ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر رهيو، مخدوم محمد الزمان طالب جي لاڏاڻي بعد سروري جماعت جو روحاني پيشوا مقرر ٿيو ۽ پاڻ ۱۸ گادي نشين هو. بهترين اديب ۽ شاعر پڻ هو. سندن شاعري تمام گهڻي مشهور هئي. سروري جماعت کي ۳۰۰ سال اڳ ۹ لک گودڙي جو لقب مليل آهي، سندن مريد هندستان ۽ پاڪستان ۾ موجود آهن ۽ سندن ۲۲ خليفا هنڌ ۽ سنڌ راجستان سميت خدمتون سرانجام ڏين ٿا. مخدوم امين فهيم جي شاعري ۽ سندن شعري مجموعي “پيغام” کي تمام وڏي پذيرائي ملي، هن شعر ۽ شاعريءَ ۱۹۵۳ع کان شروع ڪئي، جيڪو فن هن پنهنجي والد مرحوم مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان سکيو. پهرين پنهنجو تخلص ’امين‘ رکيائين ان کان پوءِ ’فهيم‘ جو تخلص سندن والد مخدوم طالب المولي ڏنو. جنهن کي هو پنهنجي عمر جي آخري وقت تائين استعمال ڪندو رهيو. سندن شاعري جا ٻه مجموعا ڇپيل آهن، جن مان “پيغام” کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. هن غزل جي تمام وڏي خوبصورت شاعري ڪئي ۽ اردو ٻولي ۾ به تمام وڏا ڪلام چيائين، هالا جي ادبي ماحول ۾ وڏي هلچل آندائين سندن ڪلام “پيغام” کي سنڌ ادبي بورڊ ڊسمبر ۱۹۹۰ع ۾ شايع ڪيو. سندن جواني جي دؤر ۾ ڪجهه وقت لاءِ شاعري ڪرڻ ۾ وقفو به رهيو، جنهن لاءِ سندن ذاتي مصروفيتون رهيو ، کين موسيقي سان به دلچسپي رهندي هئي، پاڻ فارسي، عربي، انگريزي ۾ ڪتاب پڻ لکيا. پاڻ يارويس ۽ طبعيتن سادو هوندو هو، هڪ بردبار، صابر وڏي دل رکندڙ سياستدان هو ۽ پاڻ هميشه دانشوراڻي سوچ رکي، شاعر کي پڻ اجاگر ڪيو. سندن لاءِ اها ڳالهه چئي ويندي هئي ته هن ۾ برداشت انتهائي گهڻي هوندي هئي جنهن ڪري کين ’صابرين‘ چيو ويندو هو. هو ناراص ماڻهن سان به پيار سان ڳالهائيندو هو. پنهنجي سياسي زندگي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي چوڻ تي شروع ڪئي پهريون ڀيرو ۱۹۷۰ع واري چونڊن ۾ ٺٽي مان ايم اين اي چونڊيو ويو، ان کان پوءِ ۱۹۷۷ع کان ۱۹۸۸، ۱۹۹۰، ۱۹۹۷، ۲۰۰۲ ۽ ۲۰۰۸ جي چونڊ ۾ هالا مٽياري تڪ تان ايم اين اي چونڊاڻو، ضياءُ جي آمريت دؤر ۾ پارٽي فيصلي تحت هو ۱۹۸۵ عام چونڊن ۾ اميدوار نه هو. هن سياسي سفر جو آغاز ۱۹۷۰ ڌاري پ پ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جي ميمبر ٿيڻ سان ڪيو جيڪو ڪجهه وقت سنڌ جي گورنر جو صلاحڪار پڻ رهيو پوءِ مرڪز ۾ وزيرمملڪيت تي فائز ٿيو. ۱۹۷۷ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊاڻو ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي جي ڪابينا ۾ روينيو ۽ آبادڪاري جو وزير ٿيو. ۱۹۸۳ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران پ پ سنڌ جو صدر رهيو. ۱۹۸۸ع ۾ بينظير ڀٽو جي ڪابينا ۾ مواصلات جو وزير مقرر رهيو. ۱۹۹۰ ۽ ۱۹۹۳، ۱۹۹۷ واري عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. وري ۲۰۰۸ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو مرحوم پ پ جو صدر ۽ پيپلزپارتي جو سينيئر وائيس چيئرمين پڻ رهيو. پاڻ ملڪ جو واحد سياستدان هو جنهن کي فهم، فراست، شائستگي،ٿڌي مزاج ۽ جمهوري قدرن جو امين هجڻ ڪري حڪومت مخالف ڌر سميت سموري پارٽين ۾ هڪ جهڙي عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. ضياالحق جي دؤر کان وٺي کيس وزيراعظم جي عهدي جي آڇ ٿي پر هو پارٽي سان وفادار رهيو. سنڌ جي سياسي ۽ غير سياسي وڏيرن سان سندن ياري ڪنهن کان لڪل نه هئي، پارٽي جي منع باوجود ڄام صادق علي، پير پاڳاري، شاهنواز جوڻيجي سان ناتا نه ٽوڙيا. ۱۹۶۹ع ۾ لنڊن جي اندر مخدوم امين فهيم جي ملاقات پ پ جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوافلقار علي ڀٽو سان ٿي جنهن بعد هن پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. سندن والد مخدوم طالب الموليٰ پڻ پارٽي جو سينيئر وائيس چيئرمين رهيو. کين شهيد بينظير ڀٽو جو انتهائي ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو هو ۽ پاڻ شهيد بينظير ڀٽو جي دؤر ۾ ۱۹۸۸ع کان آگسٽ ۱۹۹۰ع تائين اطلاعات وارو وزير به رهيو ۽ ۲۰۰۸ع واري اليڪشن ۾ ڪاميابي بعد کين سياحت ۽ واپار جي وزارت ڏني وئي. سندن ئي رهائش گاهه هالا تي پيپلزپارٽي جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو ۽ پهريون ڪنوينشن به پيپلزپارٽي جو هالا ۾ ٿيو. جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ امين فهيم کي پاڻ سان گڏ رکيو هو ۽ سندن سياسي پرورش ڪئي ۽ سندن شخصيت تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان پوءِ محترمه شهيد بينظير ڀٽو تمام وڏو ڀروسو ڪندي هئي.
امين فهيم کي ضياءَ  جي دؤر ۾ ٻه ڀيرا ۽ رٽائرڊ پرويز مشرف جي دؤر ۾ ٽي دفعا وزيراعظم ٿيڻ جي آڇ ٿي پر هن پارٽي جي اصولن ۽ مفادن وٽان هر آڇ کي ٿڏي ڇڏيو ۽ ڀٽي خاندان کان آخري وقت تائين وفا ڪئي. جنهن ڪري کين پنج دفعا گهر ۾ نظر بند پڻ رکيو ويو. سندن علائقي ۾ تمام وڏي زمينداري ۽ جاگير پڻ آهي. سندن شخصيت کي هالا سميت سموري سنڌ جي عوام عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي ۽ پاڻ زندگي جي آخري وقت تائين پ پ سان نڀاءُ رکيو. مخدوم امين فهيم پنهنجي زندگيءَ ۾ ۴ شاديون ڪيائين. پهرين شادي ۲۱ جون ۱۹۵۷ع ۾ ۱۹ سالن جي عمر ۾ پنهنجي خاندان مان ڪئي، ٻي شادي بنگال سان تعلق رکندڙ ايئر هوسٽ دينا ليلا سان ڪئي، جيڪا مشهور فنڪاره رونا ليلا جي ڀيڻ هئي ۽ سٺي ڳائڻي هئي جيڪا شادي بعد جلد فوت ٿي وئي. ٽئين شادي ڪراچي جي اردو فيملي مان ڪيائين ۽ چوٿين شادي پنجاب مان ڪيائين. کين ست پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. پهرين شادي مان مخدوم جميل الزمان، ٻي شادي مان چار پٽ مخدوم عقيل الزمان، مخدوم شڪيل الزمان، مخدوم نعمت الله، مخدوم نجيب الزمان ۽ چوٿين شادي مان مخدوم سڌيار پيدا ٿيا ۽ سندن جو وڏو پٽ مخدوم جميل الزمان سٺو سياستدان هجڻ سان گڏ سٺو شاعر ۽ محقق به آهي. ٻيو پٽ شڪيل الزمان سينيئر سول بيورو ڪريٽ آهي، ڊي سي ٿرپارڪر سميت ڪيترن ئي عهدن تي فائز رهي چڪو آهي ۽ مخدوم نجيب الزمان مان لنڊن مان تعليم حاصل ڪري چڪو آهي ۽ دبئي ۾ ڪاروبار ڪري رهيو آهي. سندن چوٿون پٽ ابو محمد سنڌيار آهي. دينا ليلا مان ڄاول نياڻي برمنگهم يونيورسٽي لنڊن ۾ تعليم پرائي رهي آهي. مخدوم طالب الموليٰ ۽ بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا تمام ڀائرن وارا رشتا هئا ۽ پاڻ جڏهن لاڙڪاڻي ايندا هئا ته بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان ڪچهريون رهنديون هيون.  مخدوم امين فهيم حياتي جي پڇاڙي واري ڏينهن ۾ جڏهن سندن پٽ مخدوم عقيل الزمان ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ هيا ته عمرڪوٽ آيا هئا جتي سندن جو تمام وڏو آڌرڀاءَ ڪيو ويو هيو انهي وقت سندن سان گڏ سنڌ جو نالي وارو اديب ۽ سماج سڌارڪ رسول بخش رحمداڻي سيد حاجي علي مردان شاهه سميت تمام اهم شخصيتون گڏ هيون پاڻ انهن ساڻ عمرڪوٽ جو تاريخي قلعي سميت ٻيا آثار قديما گهميا هئا اڄ انهي ساڳئي تاريخي ماڳ  عمرڪوٽ ۾ صحافتي تنظيم عمرڪوٽ جنرلسٽ فورم ۽ رحمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي پاران پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾  سندن جي ٻي ورسي ملهائي پئي وڃي. جنهن تي تنظيم جا روح روان مبارڪباد جا مستحق آهن جيڪي اڄ انهي مانائنتي ڪردار کي  ڀرپور موٽ ڏئي رهيا آهن اڄ  جتي هالا ۾ سندن جي ورسي جي  پُر وقار تقريب ٿئي پئي جتي بلاول ڀٽو سميت پ پ پ جي مرڪزي قيادت  سندن شخصيت کي خراج تحسين پيش ڪندي.


مخدوم محمد امين فهيم
چوٿين ورسي جي مناسبت سان - وڇڙيو آهين وسريو ناهين
نديم مڱريو
ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، جيڪي پنهنجي علم، فن، ادب ۽ ڏاهپ جي ڪري پنهنجو نالو افق ۾ چمڪندڙ ستاري وانگر چمڪائي وڃن ٿا، انهن املهه ماڻڪ موتين جهڙي شخصيتن مان مخدوم محمد امين فهيم به هڪ هو، مخدوم محمد امين فهيم)سنڌي ٻوليءَ جي قادرالڪلام شاعر مخدوم محمد زمان طالب المولى جو وڏو فرزند ۽ غوث الحق مخدوم سرور نوح جي درگاهه جو سترهون سجاده نشين ۽ ناميارو شاعر، اديب، دانشور ۽ سياستدان سنڌ جي تاريخي شهر هالا ۾ ۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع تي جنم ورتو. سندس نالو ”محمد امين“ رکيو ويو، جڏهن ته مخدوم محمد امين ثالث ”پکن ڌڻيءَ“ جي نسبت سان کيس ”ڏاڏا سائين“ به چوندا هُئا، مخدوم محمد امين فهيم ۱۹۷۷ع کان ۲۰۱۵ع تائين پارليامينٽ جو حصو رهيو، ۷ ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ هڪ ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو، ٻه ڀيرا وفاقي وزير به رهيو.
پاڻ ننڍي هوندي کان ئي انتهائي ذهين گهٽ ۽ مختصر ڳالهائڻ وارو، پر جيڪي به ڳالهائيندو اهي لفظ موتين مالها هوندا هئا. کيس ننڍي هوندي کان والي بال، شڪار، فوٽو گرافي، شاعري، تاريخي ۽ اسلامي ڪتابن جي مطالعي سان وڏي دلچسپي هئي. پاڻ وڏي پائي جو شاعر هو. شاعري خانداني ورثي ۾ ملي، پاڻ ۱۹۵۹ع کان والد جي شاعري کان متاثر ٿي شاعري ڪرڻ لڳو. شاعري ۾ رهنمائي والدين کان حاصل ڪئي. سندس شاعري ۾ غضب جي روانگي هئي. شاعري ۾ ڪافي ۽ غزل تي عبور حاصل هو. سندس شاعري جو مجموعو پيغام شايع ٿيل آهي. جڏهن ته وڏي تعداد ۾ اڻ ڇپيل شاعري موجود آهي. سندس ڪلام رونا ليليٰ، عابده پروين سميت ڪيترن ئي فنڪارن ڳايا آهن.
مخدوم امين فهيم کاٻِي ڌُر جي مشهور شخصيت به هو. هُو پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيئر وائس چيئرمين، الائنس فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي (Alliance for Restoration of Democracy) جو سابق چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو چيئرمين پڻ هو. هُن سنڌيونيورسٽي مان ۱۹۶۱ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ بيچلر آف سائنس جي ڊگري حاصل ڪئي، هُن پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ۱۹۷۰ کان ڪئي ۽ ۱۹۷۰ جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ ۱۹۹۰ ڌاري بينظير ڀٽو سان تمام ويجھو رهيو. سندس پهرين شادي ۱۹ سالن جي ڄمار ۾ ۲۱ جون ۱۹۵۷ع دوران ٿي. هن ٻي شادي بنگالي گلوڪاره رونا ليلى جي ايئر هوسٽس ڀيڻ دينا ليلى سان ڪئي، جيڪا ڪجهه سالن بعد ڪينسر جي مرض وگھي وفات ڪري وئي، سندس ٽئين شادي ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ ڪميونٽي مان جڏهن ته چوٿين شادي پنجاب مان ٿي. مخدوم محمد امين فهيم کي ست پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. سندس وڏو فرزند مخدوم جميل الزمان هڪ سياستدان هجڻ سان گڏ شاعر، محقق، ليکڪ ۽ اديب پڻ آهي، سندس ٻيو فرزند مخدوم شڪيل الزمان سينيئر سول بيورو ڪريٽ آهي، ٽيون فرزند مخدوم عقيل الزمان، چوٿون فرزند مخدوم نجيب الزمان لنڊن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري هينئر ٻاهرئين ملڪ ۾ ڪاروبار واري شعبي سان سلهاڙيل آهي ۽ سندس پنجون فرزند مخدوم خليل الزمان ۽ ڇهون فرزند ابو محمد سنڌ يار آهي، جڏهن ته مخدوم امين فهيم جي اڪيلي نياڻي برمنگهم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪي آهي.
جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پ پ جو بنياد وڌو ان بعد لنڊن ۾ سندس ملاقات مخدوم امين فهيم سان ٿي ۽ ڀٽو کيس پ پ جي عوامي مفادن واري وسيع نظر پروگرام کان آگاهه ڪيو ۽ گذارش ڪئي ته پاڻ پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ کي منهنجي پاران گذارش ڪريو ته عوام جي مفاد خاطر پ پ ۾ شامل ٿين. مخدوم محمد امين فهيم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڳالهين کان متاثر ٿي ذوالفقار علي ڀٽو جو پيغام والد صاحب تائين پهچايو ۽ پاڻ گذارش ڪئي ته پ پ ۾ شامل ٿيو. ان بعد پاڻ ڀٽو صاحب ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي هڪ ملاقات ڪرائي ۽ مخدوم صاحب لکين مريدن سان گڏ پ پ ۾ شامل ٿيو. ان بعد پ پ جو پهريون مرڪزي ڪنوينشن هالا ۾ ٿيو. مخدوم خاندان ۽ سروري جماعت جي پ پ ۾ شموليت ڪري پ پ وڌيڪ مضبوط ٿي. مخدوم امين فهيم پ پ جي باني ميمبرن ۾ شامل آهي ۽ پ پ جي شروعاتي دور ۾ مخدوم امين فهيم پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان وفادار رهيا، ڏکين دورن ۾ جڏهن پ پ جا چڱا ڀلا اڳواڻ خاموش رهيا، انهن دورن ۾ مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا نه صرف ڀٽو خاندان سان وفادار رهيا پر پ پ ۾ ثابت قدم رهيا ۽ پارٽي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون.
مخدوم امين فهيم سياسي زندگي جو آغاز هالا ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين شپ مان ڪيو. ۱۹۷۰ع ۾ عام چونڊن ۾ بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. ۱۹۸۸ع واري چونڊ ۾ اڪثريت سان ايم اين اي چونڊيو ۽ کيس مواصلات جهڙي اهم کاتي جو وفاقي وزير بڻايو ويو. پاڻ هر عام چونڊ ۾ ايم اين اي چونڊبو رهيو آهي. ۱۹۹۳ع ۾ کيس وفاقي وزير هائوسنگ تعميرات ۽ ۲۰۰۹ع جي پ پ حڪومت ۾ واپار جو وفاقي وزير ٿيو. پاڻ وفاقي وزير رهڻ دوران نه صرف مٽياري ۾ پر سڄي ملڪ ۾ خاص طور سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا. هزارين نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون. نوازشريف ۽ پرويز مشرف جي دور ۾ پ پ سان تعلق رکندڙ وزيرن خلاف وڏي پئماني تي انتقامي ڪارروايون ٿيون. شهيد راڻي جڏهن جلاوطني ختم ڪري واپس ملڪ موٽي ته مخدوم امين فهيم ان ڏينهن کان هر جلسي، هر دوري، هر پروگرام ۾ ساڻس گڏ رهيو. شهادت واري ڏينهن به ساڻس گڏ هو. ڪراچي ۾ ڪارساز واقعي ۾ مخدوم امين فهيم کي مٿي ۽ پٺن ۾ ڌماڪي واري مادي جا ٽڪرا لڳا. شهيد راڻي جي شهادت بعد پ پ لاءِ ڪيترائي خطرا پيدا ٿي ويا. اليڪشن مهم ۾ شهيد راڻي بعد ۾ مخدوم امين فهيم کانسواءِ ڪو به ايڏي وڏي ۽ ايڏي پائي جو ليڊر نه هو جيڪو عام چونڊن ۾ اليڪشني مهم هلائي ۽ مخدوم امين فهيم جهڙي نازڪ نفيس شخص رات ڏينهن هڪ ڪري سڄي ملڪ ۾ چونڊ مهم هلائي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ پ پ سان ان کان وڌيڪ ڪهڙي وفاداري ٿي سگهي ٿي جو شهيد راڻي جي ٽيجهي تي آصف علي زرداري اهو اعلان ڪيو ته شهيد راڻي جي فيصلي موجب ايندڙ وزيراعظم مخدوم امين فهيم هوندو پر چونڊن بعد شهيد راڻي جي خواهش موجب آصف علي زرداري مخدوم امين فهيم بجاءِ يوسف رضا گيلاني کي وزيراعظم بڻايو، نه صرف ايترو پر سنڌ حڪومت ۾ سندس فرزند مخدوم جميل الزمان کي به بنا ڪم واري وزارت ڏني. اهڙي صورتحال ۾ هر ماڻهو جو اهو اندازو هو ته هاڻ مخدوم امين فهيم پارٽي ڇڏي ويندو، پر دنيا ڏٺو ته مخدوم امين فهيم اقتدار جي ڪرسي کي اهميت ڏيڻ بجاءِ شهيد ڀٽو، شهيد راڻي ۽ سندن پارٽي جي مفادن کي اهميت ڏني. وقت به وقت پ پ جي ڪو چيئرمين کان وٺي ڪجهه پ پ ليڊرن مخدوم امين فهيم خلاف بيان به ڏنا ۽ موجوده سنڌ حڪومت ۾ جيڪو مخدوم خاندان کي مانُ مليو اهو ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي. سروري جماعت جي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو ويو. پنهنجي حڪومت ۾ انتقامي ڪارروايون ڪيون ويون، پر مخدوم امين فهيم شهيدن جي پارٽي کي نه ڇڏيو، پاڻ وصال تائين پ پ سان وفادار رهيو. پاڻ پ پ جو اثاثو هو. سندس وصال سان ملڪ جي سياسي دنيا ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي. مخدوم محمد امين فهيم ۷۶ سالن جي ڄمار ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي نيٺ ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ع بمطابق ۸ صفر ۱۴۳۷هجري تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا، سندس آخري آرامگاهه هالا شهر ۾ حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح جي درگاهه جي اندر مخدوم طالب المولى جي پيرانديءَ ۾ آهي، سندس جسم مبارڪ کي لکين آلين اکين، آهُن دانهن سان هالا ۾ حضرت مخدوم سرور نوح جي درگاهه ۾ ڌرتيءَ ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. سندس آخري سفر ۾ قيامت خيز منظر هو، هالا سميت مٽياري ضلعي جي سمورن شهرن سان گڏ سنڌ جا ڪيترائي شهر سوڳ ۾ بند رهيا، سڄي ملڪ مان هزارين مريد، عقيدتمند، ملڪ جون سياسي سماجي شخصيتون هالا پهچي ويون ۽ آخري سفر ۾ شريڪ ٿيون.
 مخدوم محمد امين فهيم کي پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ جي اها هدايت مليل هئي ته ذوالفقار علي ڀٽو جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏجان ۽ مخدوم محمد امين فهيم پنهنجي والد جي حڪم مطابق آخري گهڙي تائين پ پ سان سلهاڙيل رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ بلاول ڀٽو تائين پنهنجو سچائيءَ وارو ساٿ نڀائيندو رهيو.
بي قدر انسان کان پاسو ڪرڻ آهي چڱو،
قرب وارن جي اڳيان سِرڙو سٽڻ آهي چڱو،
دل ڏيڻ توڙي وٺڻ مان ڇا ٿو حاصل ٿئي ”امين“
هن جهان فاني جو لاڳاپو ڇنڻ آهي چڱو.


مخدوم امين فهيم
وفاداريءَ جو پيڪر
نور سنڌي
مون کي ان ڏينهن جا ڌنڌلا عڪس اڃان به ذهن جي پردي تي ڪنهن فلمي سين جيان هلن ٿا، جڏهن آئون ۱۲ سالن جو هيس ته اسان جي ڳوٺ ملدسي ۾ منهنجي چاچي حاجي محمود جي اوطاق تي مخدوم امين فهيم روحاني سفر دوران تشريف فرما ٿيو هو ۽ منهنجي والد الهه بخش مون کي پير ڪوڙل قريشي معرفت سائين مخدوم امين فهيم سامهون ذڪر ڏئي مريد ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو هو. پاڻ منهنجي هٿن ۾ هٿ ڏئي ذڪر ڏنو ته هر طرف مبارڪباد جا آواز اچڻ لڳا، ان بعد حضرت مخدوم نوح رحه جي ساليانه ۶ ماهي ڪڏهن سهائي سومار تي والد سان ڪڏهن چاچا سان گڏ هالا وڃڻ ٿيندو هو، جتي سندن ديدار ٿيندو هو. مون جڏهن مخدوم طالب المولى جي حڪم تي هالا مان صحافت شروع ڪئي ته صحافين خاص طور عبدالڪريم ميمڻ، اڪرم قائمخاني، يوسف وارثي، انور هالائي، مشتاق ميمڻ ۽ ٻين سان گڏ حاضري ٿيندي هئي، ساڻن پهريون تعارف عبدالڪريم ميمڻ صحافي ڪرايو. مخدوم طالب المولى جي هر ورسي تي سروري پبليڪشن پاران شايع ڪيل مئگزين مخدوم امين فهيم کي ڏيندو هيس ته پاڻ منهنجي انهن خدمتن تي خوشي جو اظهار ڪندي دعا ڪندا هئا. پاڻ بيباڪ سياستدان، ملڪ جي اهم سياسي شخصيت، مشهور شاعر، سماج سڌارڪ هئا. لکين مريدن جو روحاني پيشوا هئڻ جي باوجود فقير منش شخصيت، وڏي سهپ وارو وفا جو پيڪر ، عوام دوست، دشمن کي به معاف ڪري ڇڏڻ وارو هو، پاڻ ڪيترن رنگن ۾ رڱيل هو.
جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان سان اختلاف ڪري پ پ جو بنياد وڌو، تنهن وقت کان مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا نه صرف پارٽي سان وفادار ثابت قدم رهيا پر عوام ۾ اتساهه پيدا ڪيو، پ پ جي شروعاتي ڏينهن ۾ مخدوم امين فهيم سڄي سنڌ ۽ سرائيڪي پٽي جا دورا ڪيا نه صرف سروري جماعت جي لکين ماڻهن پر واسطيدار ماڻهن کي به پ پ ۾ شامل ڪيو. نوازشريف، پرويز مشرف جي دور ۾ پ پ جي وزيرن خلاف ڪرپشن، سرڪاري فنڊن جي غلط استعمال جا فائيل کوليا ويا پر مخدوم امين فهيم خلاف ثبوت هٿ نه آيا. نواز شريف دور ۾ مخدوم امين فهيم خلاف جيڪي ڪرپشن جا الزام لڳائي ڪيس داخل ڪيا ويا. سروري جماعت ۽ مخدوم خاندان ان کي مخدوم امين فهيم خلاف سازش قرار ڏين ٿا. جڏهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جلاوطن ٿي وئي اهو دور پ پ لاءِ ڏاڍو ڏکيو هو پر دنيا ڏٺو ته پ پ کي بچائڻ وارو مخدوم امين فهيم هو ۽ ان دور ۾ محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز رجسٽرڊ ڪرائي، مخدوم امين فهيم کي ان جو چيئرمين مقرر ڪيو. کيس مليل اها ذميواري پاڻ باقاعده نڀائي، نه صرف پارٽي کي بچايو پر سرگرم رهيو ۽ پ پ وارن جي مالڪي ڪئي. پرويز مشرف جي دور ۾ کيس ملڪ جو وزيراعظم بنائڻ جي آڇ ٿي، هيڏي وڏي منصب کي پاڻ ٺڪرائي ڇڏيو پر پارٽي سان غداري نه ڪئي. شهيد راڻي جڏهن جلاوطني ختم ڪري ملڪ ۾ اچي سياسي سرگرميون شروع ڪيون ته مخدوم امين فهيم هر هنڌ ساڻس سائي وانگر گڏ هو.
ڪار ساز واقعي ۾ دماغ ۽ پٺن ۾ لڳل ڌماڪن واري مادي سان مخدوم امين فهيم کي ڪينسر جو مرض ٿي پيو. ٻاهرين ملڪن مان به علاج جاري هو پر سندن خواهش موجب کين سنڌ آندو ويو، جتي سائوٿ سٽي هاسپيٽل ۾ داخل ڪيو ويو جتي آخري وقت ۾ ڪوما ۾ هليو ويو ۽ پاڻ ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ع ۾ بمطابق ۸ صفر المنظر ۱۴۳۷هه ڇنڇر ڏينهن ۷۶ سالن جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
مشهور صحافي ڪالم، شاعر مولانا غلام محمد گرامي جي راءِ مطابق مخدوم امين فهيم جي شاعري جماليات جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿي، سياست ۾ اچڻ بعد پاڻ شاعري گهٽ ڪئي ائين چئي سگهجي ٿو ته پاڻ شاعري کي سياست تي قربان ڪيو. صبح جو سوير ننڊ مان اٿي اخبارن جو مطالعو ڪندو هو، سفر دوران ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو. کين چانڊوڪي رات، برسات جي موسم، چيڪي مٽي جي خوشبو، هلڪا رنگ، پسند هوندا هئا. مخدوم امين فهيم جو خواب ھو ته پنھنجي والد حضرت مخدوم طالب الموليٰ جي نالي تي ھالا ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال ٺھرائي، پاڻ ۹۳ع واري پ پ حڪومت ۾ ڪوششون ڪيون پر وقت کان اڳ پ پ حڪومت کي ختم ٿيڻ ڪري اهو خواب اڌورو رھيو. ۲۰۰۸ع واري حڪومت ۾ سنڌ سرڪار پاران منظور ٿيڻ جي باوجود ان لاءِ فند نه رکيو ويو، گذريل پ پ دور ۾ به ڪم شروع نه ٿي سگھيو پر پ پ جي چيئرمين بلاول ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ مخدوم امين فھيم جي ٻي ورسي جي موقعي تي مخدوم طالب الموليٰ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال جو سنگ بنياد رکيو  پر چونڊن کان اڳ پيش ڪيل بجيٽ ۾ شامل نه ڪرڻ ڪري ڪم شروع نه ٿي سگھيو. منهنجي سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته اھا اسڪيم جلد شروع ڪري مخدوم امين فھيم جو خواب پورو ڪيو وڃي.


مخدوم امين فهيم
شخصي، سياسي ۽ ادبي زندگي
نورسنڌي
مخدوم امين فهيم ۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع مطابق ۱۷ جمادي الثاني ۱۳۵۸هه جمع ڏينهن حضرت مخدوم نوح رحه جي ۱۷ سجاده نشين مخدوم محمد الزمان طالب المولى جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ چار درجا سنڌي ۽ قرآن شريف خانگي طور گهر ۾ پڙهيو، ڇهين کان ميٽرڪ تائين مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا مان انٽر سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾، بي اي پوليٽڪل سائنس ۽ ايل ايل بي سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي. پاڻ شاعري والد کان متاثر ٿي ۱۹۵۲ع کان شروع ڪئي، شاعري ۾ تخلص پهرين امين استعمال ڪيو بعد ۾ کين والد گرامي جن کان فهيم تخلص مليو، پاڻ سياسي سفر جو آغاز ۶۶ع ۾ ٽائون ڪميٽي هالا جي چيئرمين جي حيثيت سان شروع ڪيو، ۱۹۷۰ع ۾ ايم پي اي ۽ ۷ ڀيرا ايم اين اي چونڊيو پاڻ ايجوڪيشن سوسائٽي هالا جو وائيس پريزيڊنٽ، اورينٽل ڪاليج هالا جو وائيس پريڊنٽ به رهيا، پاڻ والد جي نالي سان بزم طالب المولى جو بنياد رکي ان پليٽ فارم تان ادبي سرگرميون شروع ڪرايون هالا کانسواءِ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مشاعرا، ادبي ڪانفرنسون ڪرايون، پاڻ بزم جو صدر رهيو.
پاڻ شاعريءَ ۾ وڏو نالو ڪڍرايو. سندس شاعري جو هڪ مجموعو شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ غزل ، ڪافيون شامل آهن. پاڻ لاتعداد ڪتابن جا مهاڳ ۽ مقدما به لکيائين جڏهن ته اڻ ڇپيل شاعري به وڏي تعداد ۾ ڇڏي ويو آهي، سندن شوقن ۾ شاعري، ادب موسيقي، شڪار، ڦوٽوگرافي شامل رهي ،سندن پهرين شادي اچ شريف ۾ ۱۹ سالن جي ڄمار ۾ ٿي.
جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان سان اختلاف ڪري پ پ جو بنياد وڌو اهو دور ۶۹ع جو هو ان زماني ۾ سندس ملاقات ذوالفقار علي ڀٽي سان ٿي ۽ ڀٽي صاحب کيس پ پ ۾ سياست ڪرڻ جو شوق جاڳايو ته پاڻ والد کي پ پ ۾ شامل ٿيڻ ۽ کين سياست ڪرڻ جي اجازت لاءِ عرض ڪيو،سندس خواهش کي ڏسندي مخدوم طالب المولى کين اجازت ڏني پر کين چيو ته پٽ ثابت قدمي شرط آهي ۽ پاڻ والد جي ان شرط کي ذهن ۾ رکي سياسي سفر شروع ڪيائين ۽ هڪ سال بعد هالا جي محفل سينيما ۾ پ پ جو پهريون ۳ روزه ڪنوينشن گهرايو جنهن جي ذوالفقار علي ڀٽي صدارت ڪئي.
پاڻ پارٽي ۾ نه صرف ثابت قدم رهيو پر ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کانپوءِ جنرل ضياءُ جو پ پ کي ختم ڪرڻ وارو خواب ساڀيان ٿيڻ نه ڏنو ان لاءِ سندس ۽ سندس خاندان جون قربانيون ياد رهنديون جو پارٽي کي بچائيندي مخدوم خليق الزمان جهڙو نازڪ نفيس ماڻهو ڪيترائي سال جيل ۾ رهيو، مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا نه صرف پارٽي سان وفادار ۽ ثابت قدم رهيا پر عوام ۾ اتساهه به پيدا ڪيو.
پ پ جي شروعاتي ڏينهن ۾ مخدوم امين فهيم سڄي سنڌ ۽ سرائڪي پٽي جا دورا ڪيا، نه صرف سروري جماعت جي لکين ماڻهن پر واسطيدار ماڻهن کي به پ پ ۾ شامل ڪيو، ۸۸ع ۾ مواصلات کاتي جو ۹۳ع ۾ هائوسنگ ۽ تعميرات، ۲۰۰۹ع ۾ واپار جو وفاقي وزير رهيو ۽ پاڻ وفاقي وزير رهڻ دوران نه صرف مٽياري ضلعي پر سنڌ ۽ سڄي ملڪ جي هزارين نوجوانن کي تعليمي لياقتن آهر نوڪريون ڏنيون. نواز شريف، پرويز مشرف جي دور ۾ پ پ جي وزيرن خلاف ڪرپشن، سرڪاري فنڊن جي غلط استعمال جا ثبوت هٿ ڪري سندن کاتن جا فائيل کوليا ويا. پر مخدوم امين فهيم خلاف ثبوت هٿ نه آيا.
نواز شريف دور ۾ مخدوم امين فهيم خلاف جيڪي ڪرپشن جا الزام لڳائي ڪيس داخل ڪيا ويا. سروري جماعت ۽ مخدوم خاندان ان کي مخدوم امين فهيم خلاف سازش قرار ڏين ٿا. جڏهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جلاوطن ٿي وئي اهو دور پ پ لاءِ ڏاڍو ڏکيو هو پر دنيا ڏٺو ته پ پ کي بچائڻ وارو مخدوم امين فهيم هو ۽ ان دور ۾ محترم بينظير ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽريز رجسٽرڊ ڪرائي، مخدوم امين فهيم کي ان جو چيئرمين مقرر ڪيو. کيس مليل اها ذميواري هن باقاعدي نڀائي ۽ نه صرف پارٽي کي بچايو پر سرگرم رکيو ۽ پ پ وارن جي مالڪي ڪئي ۽ اتساهه پيدا ڪيو.
پرويز مشرف دور ۾ مشرف کيس ملڪ جو وزير اعظم بنائڻ جي آفر ڪئي، هن هيڏو وڏو منصب ٺڪرائي ڇڏيو، پاڻ پارٽي سان غداري نه ڪئي. شهيد راڻي جڏهن جلاوطني ختم ڪري ملڪ ۾ اچي سياسي سرگرميون شروع ڪيون ته مخدوم امين فهيم هر هنڌ ساڻس پاڇي وانگر گڏ هو. ڪراچي ڪارساز واقعي ۾ کين پٺن ۽ مٿي ۾ ڌماڪي واري مادي جا ٽڪرا لڳا.
شهيد راڻيءَ جي شهادت بعد سڀني کي اهو يقين هو ته مخدوم امين فهيم کي پ پ جو چيئرمين بڻايو ويندو ڇاڪاڻ ته هن کان وڌيڪ پارٽي ۾ ڪنهن جون به قربانيون نه هيون. ان جو اعتراف خود محترمه بينظير ڀٽو صاحبه مختلف پريس ڪانفرنسن ۽ جلسن ۾ ڪندي رهي ۽ پاڻ ۲۰۰۸ع جي رٿيل چونڊن کان اڳ ايندڙ وزير اعظم مخدوم امين فهيم کي بنائڻ جو فيصلو ڪندي اهڙو اعلان به ڪيو محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد سندس وصيت کي سامهون آندو ويو.
شهيد راڻي جي شهادت بعد مخدومن امين فهيم کان سواءِ ڪوبه ايڏي ليول جو پارٽي ۾ ليڊر نه هو. پر شهيد راڻي جي خواهش پوري ڪندي کيس وزير اعظم نه بنايو ويو ان صورتحال تي سياسي حلقن ۾ اهو خيال ڪيو پئي ويو ته مخدوم امين فهيم هاڻ پارٽي کان پاسيرو ٿي ويندو يا پارٽي ڇڏي ويندو پر هن شهيدن جي پارٽي سان غداري نه ڪئي پاڻ ثابت قدم رهيو وچ ۾ اهڙو دور به آيو جو مخدوم امين فهيم پارٽي کان ناراض ٿيو، پر پاڻ والد جي ثابت قدم هجڻ وارو شرط ذهن ۽ ضمير ۾ رکي ثابت قدم رهيو، ڪار ساز واقعي ۾ دماغ ۽ پٺن ۾ لڳل ڌماڪن واري مادي سان کين ڪينسر ٿي پيو. ٻاهرين ملڪن مان به علاج جاري هو پر سندن خواهش موجب کين سنڌ آندو ويو. جتي سائوٿ سٽي هاسپيٽل ۾ داخل ڪيو ويو جتي آخري وقت ۾ ڪوما ۾ هليو ويو .

پاڻ ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ع بمطابق ۸ صفر المظفر ۱۴۳۷هه ڇنڇر ڏينهن ۷۶ سالن جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ حضرت مخدوم سرور نوح رح جن جي مزار ۾ سندن پيراندي کان سائين مخدوم امين محمد پکن ڌڻي جي ڀر ۾ پنهنجي والد مخدوم طالب المولى جن جي ساڄي طرف ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ ابدي آرامي آهي.


مخدوم امين فهيم

پ پ جو وفادار اڳواڻ

نديم مڱريو

ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا جيڪي پنهنجي علم، فن، ادب ۽ ڏاهپ جي ڪري پنهنجو نالو افق ۾ چمڪندڙ ستاري وانگر چمڪائي وڃن ٿا انهن املهه ماڻڪ موتين جهڙين شخصيتن مان مخدوم محمد امين فهيم به هڪ هئو.

مخدوم محمد امين فهيم، سنڌي ٻوليءَ جي قادرالڪلام شاعر مخدوم محمد زمان طالب المولى جو وڏو فرزند ۽ غوث الحق مخدوم سرور نوح جي درگاهه جو سترهون سجاده نشين ۽ ناميارو شاعر، اديب، دانشور ۽ سياستدان هو جنهن سنڌ جي تاريخي شهر هالا ۾ ۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع تي جنم ورتو. سندس نالو “محمد امين” رکيو ويو، جڏهن ته مخدوم محمد امين ثالث “پکن ڌڻيءَ” جي نسبت سان کيس “ڏاڏا سائين” به چوندا هُئا، مخدوم محمد امين فهيم ۱۹۷۷ع کان ۲۰۱۵ع تائين پارليامينٽ جو حصو رهيو، ۷ ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ هڪ ڀيرو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو، ٻه ڀيرا وفاقي وزير به رهيو.

مخدوم امين فهيم کاٻِي ڌُر جي مشهور شخصيت ۽ شاعر هو. هُو پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيئر وائس چيئرمين،  “الائنس فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي” (Alliance for Restoration of Democracy) جو اڳوڻو چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو چيئرمين پڻ هو. هُن سنڌيونيورسٽي مان ۱۹۶۱ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ بيچلر آف سائنس جِي ڊگري حاصل ڪئي، هُن پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ۱۹۷۰ کان ڪئي ۽ ۱۹۷۰ جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ پڻ ۱۹۹۰ ڌاري بينظير ڀٽو سان تمام ويجھو رهيو. سندس ٻيو فرزند مخدوم شڪيل الزمان سينيئر سول بيورو ڪريٽ آهي، ٽيون فرزند مخدوم عقيل الزمان، چوٿون فرزند مخدوم نجيب الزمان لنڊن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري هينئر ٻاهرئين ملڪ ۾ ڪاروبار واري شعبي سان سلهاڙيل آهي ۽ سندس پنجون فرزند مخدوم خليل الزمان ۽ ڇهون فرزند ابو محمد سنڌ يار آهي، جڏهن ته مخدوم امين فهيم جي اڪيلي نياڻي برمنگهم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪي آهي.

جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي پ پ جو بنياد وڌو ان بعد لنڊن ۾ سندس ملاقات مخدوم امين فهيم سان ٿي ۽ ڀٽي کين پ پ جي عوامي مفادن واري وسيع نظر پروگرام کان آگاهه ڪيو ۽ کين گذارش ڪئي ته پاڻ پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ کي منهنجي پاران گذارش ڪريو ته پاڻ عوام جي مفاد خاطر پ پ ۾ شامل ٿين. مخدوم محمد امين فهيم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڳالهين کان متاثر ٿي ذوالفقار علي ڀٽو جو پيغام والد صاحب تائين پهچايو ۽ پاڻ خود کين گذارش ڪئي ته پ پ ۾ شامل ٿيو. ان بعد پاڻ ڀٽو صاحب ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي هڪ ملاقات ڪرائي ۽ مخدوم صاحب لکين مريدن سان گڏ پ پ ۾ شامل ٿيو. ان بعد پ پ جو پهريون مرڪزي ڪنوينشن هالا ۾ ٿيو. مخدوم خاندان ۽ سروري جماعت جي پ پ ۾ شموليت ڪري پ پ وڌيڪ مضبوط ٿي. مخدوم امين فهيم پ پ جي باني ميمبرن ۾ شامل آهي ۽ پ پ جي شروعاتي دور ۾ مخدوم امين فهيم پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان وفادار رهيا، ڏکين دورن ۾ جڏهن پ پ جا چڱا ڀلا اڳواڻ خاموش رهيا انهن دورن ۾ مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا نه صرف ڀٽو خاندان سان وفادار رهيا پر پ پ ۾ ثابت قدم رهيا ۽ پارٽي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون.

مخدوم امين فهيم سياسي زندگي جو آغاز هالا ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين شپ مان ڪيو. ۱۹۷۰ع ۾ عام چونڊن ۾ بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. ۱۹۸۸ع واري چونڊ ۾ اڪثريت سان ايم اين اي چونڊيو ۽ کيس مواصلات جهڙي اهم کاتي جو وفاقي وزير بڻايو ويو. پاڻ هر عام چونڊ ۾ ايم اين اي چونڊبو رهيو آهي. ۱۹۹۳ع ۾ وفاقي وزير هائوسنگ تعميرات ۽ ۲۰۰۹ع جي پ پ حڪومت ۾ واپار جو وفاقي وزيرٿيو. پاڻ وفاقي وزير رهڻ دوران نه صرف مٽياري ۾ پر سڄي ملڪ ۾ خاص طور سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا. هزارين نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون. نواز شريف ۽ پرويز مشرف دور ۾ پ پ سان تعلق رکندڙ وزيرن خلاف وڏي پئماني تي انتقامي ڪارروايون ٿيون. حڪمرانن مخدوم امين فهيم خلاف به ڪرپشن، سرڪاري فنڊن جي ناجائز استعمال جا ثبوت هٿ ڪرڻ لاءِ سندس کاتي جا فائيل اٿلايا پر هنن کي مخدوم امين فهيم خلاف ڪي به ثبوت هٿ نه آيا. موجوده دور ۾ مخدوم امين فهيم خلاف جيڪي ڪرپشن جا ڪيس داخل ٿيا آهن، اهي ثابت نه ٿي سگهيا آهن. مخدوم خاندان ۽ سروري جماعت ان کي مخدوم امين فهيم خلاف سازش قرار ڏين ٿا.

شهيد راڻي جڏهن جلاوطني ختم ڪري واپس ملڪ موٽي ته مخدوم امين فهيم ان ڏينهن کان هر جلسي، هر دوري، هر پروگرام ۾ ساڻس گڏ رهيو. شهادت واري ڏينهن به ساڻن گڏ هو. ڪراچي ۾ ڪارساز واقعي ۾ مخدوم امين فهيم کي مٿي ۽ پٺن ۾ ڌماڪي واري مادي جا ٽڪرا لڳا. شهيد راڻي جي شهادت بعد پ پ لاءِ ڪيترائي خطرا پيدا ٿي ويا. اليڪشن مهم ۾ شهيد راڻي بعد ۾ مخدوم امين فهيم کانسواءِ ڪو به ايڏي وڏي ايڏي پائي جو ليڊر نه هو جيڪو عام چونڊن ۾ اليڪشني مهم هلائي ۽ مخدوم امين فهيم جهڙي نازڪ نفيس شخص رات ڏينهن هڪ ڪري سڄي ملڪ ۾ چونڊ مهم هلائي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ پ پ سان ان کان وڌيڪ ڪهڙي وفاداري ٿي سگهي ٿي جو شهيد راڻي جي ٽيجهي تي آصف علي زرداري اهو اعلان ڪيو ته شهيد راڻي جي فيصلي موجب ايندڙ وزيراعظم مخدوم امين فهيم هوندو پر چونڊن بعد شهيد راڻي جي خواهش موجب آصف علي زرداري مخدوم امين فهيم بجاءِ يوسف رضا گيلاني کي وزيراعظم بڻايو ۽ مخدوم صاحب کي ڪا سٺي وزارت به نه ڏني، نه صرف ايترو پر سنڌ حڪومت ۾ سندس فرزند مخدوم جميل الزمان کي به بنا ڪم واري وزارت ڏني. اهڙي صورتحال ۾ هر ماڻهو جو اهو اندازو هو ته هاڻ مخدوم امين فهيم پارٽي ڇڏي ويندو، پر دنيا ڏٺو ته مخدوم امين فهيم اقتدار جي ڪرسي کي اهميت ڏيڻ بجاءِ شهيد ڀٽو، شهيد راڻي ۽ سندن پارٽي جي مفادن کي اهميت ڏني. وقت به وقت پ پ جي ڪو چيئرمين کان وٺي ڪجهه پ پ ليڊرن مخدوم امين فهيم خلاف بيان به ڏنا ۽ موجوده سنڌ حڪومت ۾ جيڪو مخدوم خاندان کي مانُ مليو اهو ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي. سروري جماعت جي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو ويو. پنهنجي حڪومت ۾ انتقامي ڪارروايون ڪيون ويون، ليڪن مخدوم امين فهيم شهيد جي پارٽي کي نه ڇڏيو پاڻ وصال تائين پ پ سان وفادار رهيو. پاڻ پ پ جو اثاثو هو. سندس وصال سان ملڪ جي سياسي دنيا ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي. خاص طور پ پ لاءِ وڏو نقصان آهي. ان جو احساس ۽ اندازو شايد ڪنهن کي هن وقت محسوس نه ٿئي پر وقت گذرڻ سان سندن خال محسوس ٿيندو.

مخدوم محمد امين فهيم ۷۶ سالن جي ڄمار ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي نيٺ ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ع بمطابق ۸ صفر ۱۴۳۷هجري تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، سندس آخري آرامگاهه هالا شهر ۾ حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح جي درگاهه جي اندر مخدوم طالب المولى جي پيرانديءَ ۾ آهي،

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز، ۲۱نومبر ۲۰۲۰ع)


 

مخدوم امين فهيم

هڪ باوقار ۽ باوفا شخص!

زيب سنڌي

اسلام آباد ۾ ڊسمبر ۱۹۸۸ع جي اها بيحد سرد شام هئي ۽ مان قومي اسيمبلي بلڊنگ جي مين گيٽ وٽ انهيءَ وقت جي ايم اين اي، نامياري تعليمي ماهر ۽ پنهنجي مهربان سائين غلام مصطفي شاه جو انتظار ڪري رهيو هئس. جيئن پوءِ تيئن سرديءَ جي شدت ۾ اضافو ٿيندو پئي ويو. شام تي رات جا پاڇا پوڻ لڳا ته جرسي ۽ جرسيءَ مٿان پاتل ڪروڪوڊائيل جي گرم جيڪيٽ اندر به منهنجو جسم ڪنبڻ لڳو. اهڙي حالت ۾ سائين غلام مصطفي شاه جو انتظار ڪندي هڪ ڪار طرف نظر وئي، جنهن مان هڪ خوش لباس ۽ باوقار شخص لهندي نظر آيو. انهيءَ باوقار شخص، سائين امين فهيم سان اڳ منهنجي ڪابه ملاقات نه هئي، پر دل ڇِڪَ ڏني ته مان وڃي سندن اڳيان بيٺس؛ ”سائين، مان زيب سنڌي آهيان.“

مرڪي ڀاڪر پاتائون ۽ منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي اسيمبلي بلڊنگ اندر وٺي ويا. تڏهن پاڻ شهيد بيبي جي پهرين حڪومت ۾ وزير هيا. پنهنجي آفيس ۾ پهچي حال احوال ورتائون ته مون چيو؛ ”مان اسلام آباد ۾ ريڊيو پروڊيوسر جي ٽريننگ پوري ڪري چڪو آهيان. هن ئي هفتي پوسٽنگ آرڊرس جاري ٿيڻا آهن. مون کي ڪراچي يا حيدرآباد ۾ پوسٽنگ وٺي ڏيو.“

امين فهيم صاحب انٽرڪام تي پي اي کي ان وقت جي انفرميشن منسٽر جاويد جبار سان ڳالهرائڻ لاءِ چيو. ٿوري دير اندر ئي پي اي کين ٻڌايو ته انفرميشن منسٽر پنهنجي آفيس ۾ موجود ناهي. پاڻ پي اي کي چانهن موڪلڻ لاءِ چئي مون ڏانهن ڏٺائون، ”فڪر نه ڪيو ڳولي ٿا وٺون جاويد جبار صاحب کي.“

چانهن پيئندي فائيل به ڏسندا رهيا ۽ سنڌيءَ ۾ ڇپجندڙ نون ڪتابن بابت به پڇندا رهيا. ڪجهه دير کان پوءِ ٻيهر پڇا ڪرائڻ تي به جڏهن انفرميشن منسٽر سان رابطو نه ٿي سگهيو ته ٻئي ٽيليفون سيٽ تان پنهنجي هٿ سان مختلف نمبر ڊائيل ڪري پڇا ڪندا رهيا، پر جاويد جبار سان رابطو نه ٿي سگهيو. تڏهن جاويد جبار صاحب لاءِ خط لکي منهنجي حوالي ڪري چيائون؛ ”مون کي ڪراچيءِ وڃڻو آهي ۽ فلائيٽ ۾ باقي فقط هڪ ڪلاڪ آهي. توهان جاويد جبار صاحب سان ملي وٺجو، پر جيڪڏهن ملاقات نه ٿي سگهي ته سڀاڻي شام تائين مان ڪراچيءَ کان واپس اچي ويندس. توهان مون وٽ هليا اچجو.“

مون سندن مهرباني مڃي کانئن موڪلايو ۽ اسيمبلي بلڊنگ جي ساڳئي ئي فلور تي موجود انفرميشن منسٽر جي آفيس طرف هليو ويس. ڪجهه ئي دير ۾ جاويد جبار صاحب اچي ويو، جنهن کي امين فهيم صاحب جو خط ڏنم ته مرڪي هاڪار سان ڪنڌ لوڏيائين. ڪم ٿي ويو ۽ هن فقير وڃي هوائن جي شهر حيدرآباد جا وَڻَ وسايا.

ڪتابن ۽ ڪتاب دوست ماڻهن سان پيار ڪندڙ اهو باوقار ۽ خوبصورت شخص امين فهيم، جنهن کي عوامي اڪثريت هڪ باوفار سياستدان جي حيثيت سان سڃاڻي ٿي، سچ ته اهو اسان جي ملڪ جي سياسي منظر جو اهڙو ڪردار هو، جنهن وٽ سياستدان بجاءِ دل فقط ۽ فقط شاعر واري ئي هئي. ۱۹۵۳ع ۾ شاعريءَ جي ابتدا ڪندڙ هي خوش لباس ۽ خوش گفتار شخص سياست جي خاردار دنيا ۾ سدائين ڪنهن منفرد گل جيان ئي نظر آيو. سندن ئي هڪ غزل جي سِٽَ ۾ سندن شخصيت جي ڪيڏي نه تُز عڪاسي ٿيل آهي، ”گُلَ پَٽييندي خار ۾ ڦاسي پيس !“

شاعريءَ جي گل رنگ راهن جي هن مسافر سياست جي خاردار پيچري تي پير رکيو ته پوءِ هو تاحيات  ناقابلِ شڪست رهيو. ۱۹۷۰ع ۾ ذوالفقار ڀُٽي جي ٺٽي ۾ خالي ڪيل سيٽ تي پهريون ڀيرو چونڊجي آيو ۽ اٺ ڀيرا ايم اين اي ۽ هڪ دفعو ايم پي اي چونڊجڻ باوجود سندس سياست تي هن جو شاعراڻو مزاج حاوي رهيو ۽ ڪتابن سان سندس دوستي سدائين برقرار رهي. شرافت، وفاداري ۽ سچائي هن باوقار شخصيت جو شيوو رهي. اهو ئي سبب آهي ته هن بي وفائي ڪندڙن سان به وفا ڪئي، جو وفاداري ۽ سچائي سندس سوچَ جو محور هئي. هن جي اهڙي مزاج جي عڪاسي سندس شاعريءَ ۾ به ملي ٿي:

بي وفا سان وفا ڪري ڏسجي،

هيءَ خطا بارها ڪير ڏسجي،

جي حياتيءَ وفا ڪئي ته فهيم،

عشق ۾ انتها ڪري ڏسجي.

مون کي خبر ناهي ته امين فهيم صاحب اهي سٽون ڪڏهن ۽ حياتيءَ جي ڪهڙي حصي ۾ لکيون هيون، پر عمر جي آخري ڏينهن تائين هو پنهنجي وفا نڀائيندو رهيو. هن جي وفاداريءَ جي وڏي قيمت لڳائي سندس وفاداريءَ کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش به ٿيندي رهي پر وزير اعظم جي عهدي جي آڇ به هن کي لوڏي نه سگهي ۽ هن ڪنهن به قيمت تي پنهنجي سچائيءَ جو سودو نه ڪري پاڻ کي املهه ثابت ڪيو. اها سچائي، اها شرافت، اهو وقار ۽ اها وفا، جيڪا هن کي پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ ملي هئي. انهن خوبين تي ثابت قدم رهي، حقيقت ۾ هن سڄي عمر پنهنجي والد بزرگوار سائين مخدوم محمد زمان طالب المولي جي پيروي ڪئي، سندن نقشِ قدم تي هلي زندگي جا چار ڏينهن پورا ڪيا ۽ ڪڏهن به شرافت ۽ صبر جو دامن نه ڇڏيو:

ٻه ڏينهن گذري ويا، ٻه ڏينهن گذري ويندا،

فهيم ڪڏهن به صبر جي دامن کي داغدار نه ڪبو.

سائين امين فهيم جي وفات کان پوءِ، سندن گادي نشين فرزند مخدو جميل الزمان چيو هو ته، ”مخدوم اهو آهي، جيڪو عوام جي خدمت ڪري. جيڪو عوام جي خدمت نٿو ڪري، اهو فقط نالي جو مخدوم هوندو.“ انهن لفظن سان مخدو جميل الزمان انهيءَ ساڳئي سوچ ۽ فڪر جي پيروي ڪئي آهي، جنهن سوچ ۽ فڪر جو اظهار سائين طالب المولي صاحب ڪيو هو:

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب المولي،

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو

منهنجو ذاتي تجربو ۽  مشاهدو به آهي ته  امين فهيم صاحب وٽن آيل هر ماڻهوءَ جا مسئلا بنا ڪنهن تفريق جي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هو احسان ڪري وساري ڇڏيندا هيا، پر مون  نه ڪڏهن سندن احسان کي وساريو ۽ نه ئي ڪڏهن کين وساري سگهندس.

افسانهِ حيات ڪبو ختم اي فهيم!

يادن جي داستان جي حفاظت ڪري ڪري.

 

(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۱۹ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


مخدوم امين فهيم جو آخري ڏوراپو!

عبدالوهاب منشي

ڪيتري نه تيزيءَ سان وقت گذري رهيو آهي. ڪالهھ مخدوم خاندان جي ھڪ اھم فرد سان ڳالھه ٻولهه ٿي، ته هن ٻڌايو ته اڄ پ پ جي بنيادي اڳواڻ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ساٿي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي وفادار سپاهي مخدوم امين فهيم جي ڇهين ورسي آهي پر نڪو پارٽي نڪو قيادت طرفان ورسي ملھائي نڪو وري ڪو ورسي جي نسبت سان ڪو تعزيتي بيان جاري ڪيو ويو،ھن ڳالهايو پئي ته مون ھن کي وڏي غور سان پي ٻڌو ۽ دل ۾ سوچيم تي ھنن کي ڪھڙو لاچار آهي جو مخدوم  صاحب تي ڪو تعزيتي ريفرنس ڪوٺائيندا!

مخدوم امين فهيم پنهنجي ذات ۾ هڪ سچو، منفرد ۽ بهترين نفيس انسان هو. هو مخدوم ٿي ڪري پنهنجي شخصيت ۾ عاجز هو. مخدوم امين فهيم سان منهنجي پهرين ملاقات ڪنگري هائوس تي پير سائين شاهه مردان شاهه پير پاڳاري وٽ ٿي هئي.

پير سائين شاهه مردان شاهه ۽ مخدوم امين فهيم جو پيار ۽ عزت جي رشتي تي جيڪڏهن ويهي لکجي ته ڪيترائي ڪتاب جڙي پوندا. سنڌ جون ٻه گاديون جيڪڏهن پاڻ ۾ ملي وڃن ها ته يقينن اُهو سنڌ جي لاءِ هڪ وڏو روشن ۽ سنهري دور هجي ها. پر مخدوم امين فهيم جو پ پ ۽ ڀٽو خاندان سان عشق هو، ان ئي هن کي پنهنجي پارٽيءَ سان بغاوت جو آخري وقت تائين قدم کڻڻ نه ڏنو. هر ظلم ۽ ستم کي برداشت ڪرڻ جي باوجود، مخدوم امين فهيم موت جي بستري تي به پ پ کي ڇڏڻ جو نه سوچيو. جڏهن ته محترمه جي شهادت کان پوءِ مخدوم امين فهيم سان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ڪهڙو ستم ۽ ناانصافي نه ڪئي هئي؟ جنهن تي ڪڏهن تفصيلات سان لکبو ته جهنگ ۾ باهه الڳ لڳي ويندي.

مخدوم امين فهيم مون کي پهريون ڀيرو ڪراچي ريس ڪورس ۾ پير صاحب پاڳاري وٽ ٻڌايو هو ته هو ۽ سندس والد مرحوم مخدوم طالب الموليٰ جو منشي خاندان سان گذريل ۵۰ ورهيه پراڻو واسطو ۽ تعلق هو. پر جڏهن مخدوم امين فهيم جوان هو، منهنجي والد مرحوم شهاب الدين منشي ۽ هن جو پ پ جي ڪري ذوالفقار علي ڀٽو جي پنڊي ڪنونشن ۾ هن سان تعلق جڙيو. بابا سائين، ذوالفقار علي ڀٽو جو جيالو هو، ۽ ذوالفقار علي ڀٽو منهنجي والد جي چاچي مرحوم عبدالشڪور منشيءَ جو ذاتي دوست هو. ۱۹۶۵ع ۾ جڏهن ڀٽو صاحب سنڌ لاءِ ڪاليج ۾ visiting professor هو ته اڪثر اسان جي گهر جي سامهون لا ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيڻ ايندو هو، تڏهن منشي هائوس تي مرحوم عبدالشڪور منشي جي آفيس ۾ اچڻ ٿيندو رهندو هو. پنڊي ڪنونشن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي سامهون منهنجي والد جيڪو تاريخ ساز ڪردار ادا ڪيو، اُهو ڪنهن کان لڪل نه هو. اهو مخدوم صاحب کي محفلن ۾ ڏسي مون کي اڪثر ياد ايندو هو.

مخدوم صاحب جون پ پ جي لاءِ وڏيون تاريخ ساز قربانيون هيون، پر هن کي ڪڏهن به پنهنجي وفائن جو ثمر نه مليو. آخر ۾ هن سان قيادت جيڪو رويو رکيو، اُن بابت ڪنهن سوچيو به نه هو. اسان جي ياداشت گهڻي ڪمزور آهي، اسان ڪجهه سوچيون ته ڪهڙي نموني هن کي بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ الڳ ڪيو ويو! ڪهڙي نموني پ پ جي پارليامينٽري پارٽيءَ جي قيادت هن کان ورتي وئي. ايستائين جو سائوٿ سٽي اسپتال ۾ سندس پارٽي قيادت هن جي عيادت ڪرڻ به نه پهتي.

جڏهن ته موجوده پير پاڳارو سيد صبغت الله شاهه پهريون شخص هو، جيڪو عيادت لاءِ اُتي پهتو هو. ڏک درد، راز و نياز ۽ ڏوراپن واريون جيڪي ڳالهيون سائوٿ سٽي اسپتال ۾ ٿيون، اُن جو هڪ گواهه الله تعاليٰ ۽ ٻيا پير صاحب پاڳارو، مخدوم امين فهيم ۽ سندس پٽ مخدوم جميل الزمان هئا. مان لکڻ تي ويهان ته گهڻو ڪجهه لکي سگهان ٿو ته ڪهڙي نموني هالا حويلي ۾ منهنجو هٿ جهلي مخدوم امين فهيم اڌ ڪلاڪ بيهي، مون کي پنهنجي پارٽيءَ جي رويي بابت، جسٽس سيد ديدار حسين شاهه ۽ ٻين ماڻهن جي سامهون پنهنجي درد ۽ ظلم جو داستان ٻڌايو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ مخدوم امين فهيم جو سنڌيءَ ۾ لکيل اهو شعر پنهنجي پارٽي لاءِ ڏوراپي کان گهٽ ناهي ته،” اڄ بي وفا سان وفا ڪري ڏسنداسين، اها خطا بار بار ڪري ڏسنداسين.“ ان شعر کي پڙهڻ کان پوءِ اسان خود فيصلو ڪري سگهون ٿا ته، زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾ مخدوم امين فهيم ڪهڙي ڪيفيت مان گذري رهيو هو. پر فيصلو ڪرڻ وارا اسان ڪير ٿيندا آهيون. اهو فيصلو ته رب تعاليٰ پاڻ ڪندو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي بي گناهه شهادت، شاهنواز ڀٽو کي زهر ڏئي شهيد ڪرڻ، مرتضيٰ ڀٽو کي پنهنجي ڀيڻ جي حڪومتي دور ۾ گهر جي سامهون ڪهڙي نموني گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، بينظير ڀٽو جو پنڊيءَ ۾ بيگناهه قتل، بيگم نصرت ڀٽو جي اذيت ڀري زندگي ۽ آخر ۾ مخدوم امين فهيم سان اختيار ڪيل رويو، اُن جو فيصلو الله جي بارگاهه ۾ ٿيندو.

مخدوم امين فهيم هڪ هو، اهڙو ٻيهر پيدا نه ٿيندو. اسان رب پاڪ جي بارگاهه ۾ هالا حويلي جي خوشحالي ۽ مخدوم امين فهيم جي مغفرت جي لاءِ دعاگو آهيون. رب پاڪ هن جي ولي عهد مخدوم جميل الزمان ۽ ان جي خاندان کي سندس رستي تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. ڇو ته مخدوم امين فهيم جو رستو سچ ۽ ڪنڊن سان ڀريل رستو هو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۵ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


مخدوم امين فھيم

اوهان جي وساريو، اوهان جي آ مرضي

شاھد جتوئي

شاعري سان پهرئين محبت ۽ پيپلز پارٽي سان مرڻ گهڙي تائين وفا ڪرڻ واري مخدوم امين فهيم جي اڄ ڇهين ورسي آهي. هن جي وفات ۱۲ نومبر ۲۰۱۵ع تي ڪراچي جي هڪ مقامي اسپتال ۾ ٿي. وفات کان اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي سان هن جي وفاداري کي جهڙو نموني شڪي بڻايو ويو، هو انهي تي گهڻو ڏکويل هو پر هن ڪڏهن به انهي جي شڪايت نه ڪئي، شايد اها “وفاداري شرط استواري” جي بنيادي گهرج آهي.

هڪ صحافي جي حيثيت سان منهنجون  مخدوم امين فهيم سان اڪثر ملاقاتون ٿينديون هيون، پاڪستان جي ڪجهه صحافين سان هو غير رسمي ۽ نجي ملاقاتون ڪندو هو ۽ انهن سان پنهنجي دل جون ڳالهيون ڪندو هو، انهن ۾ هڪ مان به هيس. مخدوم صاحب جي انهي شفقت ۽ مهرباني کي مان ڪڏهن به وساري سگهندس. هن سان اسان جي آخري ڊگهي ملاقات ڪراچي ۾ هن جي رهاشگاهه تي ٿي هئي، سندس ڀاءُ مخدوم نويد الزمان جي وفات تي اسان ساڻس تعريف ڪرڻ ويا هئاسين، انهي کانپوءِ هو علاج جي لاءِ پرڏيهه هليو ويو هو. پيپلز پارٽي جي قيادت هن سان جيڪو ڪجهه ڪيو هو، انهي تي هن کي گهڻو رنج هو، پر رواداري جو اهو عالم هو ته پنهنجي ڳالهه ڪرڻ لاءِ لفظن جي اهڙي طرح چونڊ ڪندو هو ته ڪا به ڳالهه شڪايت محسوس نه ٿيندي هئي ۽ نه ئي مزاج ۾ تلخي نظر ايندي هئي. صحافي جي حيثيت ۾ اسان گهڻيون ئي “آف دي رڪارڊ” ڳالهيون چورائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هنن پنهنجي رواداري جي حد کي ڪڏهن به پار نه ڪيو. وضع داري، شائستگي، رک رکاءُ  جو پاند ڪڏهن به هٿن مان نه ڇڏيو، هنن جيڪا  به ڳالهه ڪئي شاعراڻي انداز ۾ ڪئي.

پاڪستان پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل رهڻ مخدوم امين فهيم جي اهڙي طرح مجبوري نه هئي، جهڙي طرح اڄ جي پيرن ۽ وڏيرن جي آهي. مخدوم امين فهيم پاڻ سروري جماعت جو روحاني پيشوا “نو لکي گودڙي” جو وارث هو. حضرت مخدوم نوح جي انهي روحاني خاندان جي پنج صدين کان ماڻهو  عزت ڪندا پيا اچن، هو سياست به نه ڪن  تڏهن به انهن جي وڏي عزت آهي.  هڪ مرحلو اهڙو به آيو هو جڏهن پپيلز پارٽي جي قيادت هالا ۾ مخدوم صاحب جي خلاف مظاهرا ڪرايا ته خاندان  جي ماڻهن ۽ انهن جي مريدن مخدوم امين فهيم کي مشورو ڏنو ته هو ذهني ڪوفت مان بچڻ لاءِ سياست ڇڏي ڏئي، ۽ پنهنجي گادي سنڀالي، کيس ڪنهن سياسي عهدي جي ضرورت ناهي، الله کيس گهڻي عزت ڏني آهي، پر مخدوم صاحب جواب ڏنو ته هو سياست کي انهي ڪري خيرآباد نه ٿو چئي سگهي جو هو پيپلز پارٽي کي ڇڏي نٿو سگهي.

آخري تفصيلي ملاقات دوران ٿيندڙ ڳالهين ۾ پيپلز پارٽي ۽ مخدوم خاندان جي لاڳاپن ۾ لاهن چاڙهن جي بنيادي سببن کي سمجهڻ جو موقعو مليو. اهو بنيادي سبب اهو هو ته پيپلز پارٽي کي اسٽيبلشمينٽ سان رابطن لاءِ مخدوم امين فهيم کان وڌيڪ ڀروسي جوڳو ڪو ٻيو ماڻهو ميسر نه هو پر پيپلز پارٽي جي قيادت پاڻ شڪ شبهن جو شڪار به رهندي هئي. اها صورتحال مخدوم امين فهيم کي هر وقت آزمائش ۾ وجهيو ويٺي هئي  ۽ هو پارٽي سان پنهنجي وفاداري ذريعي انهي مان ٻاهر نڪري ايندو هو.

اهو مخدوم امين فهيم ئي هو جنهن ۱۹۷۰ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو سان ملاقات ڪري سندس ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو ۽ پنهنجي والد مخدوم زمان طالب الموليٰ کي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ راضي ڪيو. هڪ ۽ ۲ جولائي ۱۹۷۰ع  تي پيپلز پارٽي جي تاريخي هالا ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي عظيم سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ نوجوان مخدوم امين فهيم کاٻي ڌر جي هڪ انقلابي  اڳواڻ جي حيثيت سان ڪانفرنس کي خطاب ڪيو، اسان اهو ئي انقلابي  اڳواڻ مخدوم امين فهيم ۾ سدائين ڏٺو.

پرڏيهه علاج وڃڻ کان پهرئين پيپلز پارٽي جي قيادت ظاهري طور مخدوم امين فهيم کي پرچائڻ   جي ڪوشش ڪئي ۽ انهي لاءِ آصف زرداري  پنهنجي ڀاءُ سيد اويس مظفر کي مخدوم صاحب جي گهر موڪليو هو، انهي لاءِ ميڊيا کي به پهرئين اطلاع ڏنو ويو هو. ڪنهن  جي اها “سياست” ڪامياب ٿي وئي  هئي ته هو مخدوم امين فهيم کي انهي مقام تي وٺي آيا هئا.  مخدوم صاحب سيد اويس مظفر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو  پر مخدوم صاحب جي اها اعليٰ ظرفي هئي جو هن آصف علي زرداري جي نمائندي جي حيثيت سان سيد اويس مظفر کي مڪمل پروٽوڪول  ڏنو ۽ پريس ڪانفرنس ۾ پارٽي جي قيادت سان ڪا شڪايت نه ڪئي.

پيپلز پارٽي جي ڪجهه ڌرين طرفان اهو تاٽر ڏنو ويو ته مخدوم خاندان ڪنهن وڏي عهدي لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان معاملا طئي ڪندا آهن پر انهن ڌرين وٽ انهي سوال جو ڪو جواب نه آهي ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو مخدوم طالب الموليٰ کي چيو هو ته جيڪو عهدو وٺڻ چاهي وٺي. انهي تي مخدوم طالب الموليٰ رڳو سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمينشپ ڇو گهري هئي؟ جڏهن ته انهي وقت ڀٽو طاقتور ترين وزيراعظم هو، فوج جي ڪمانڊ به انهن وٽ هئي. مخدوم امين فهيم جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف طرفان وزارت عظميٰ سنڀالڻ جي آڇ  ڇو رد ڪئي هئي، محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي آخري حڪومت جي دور ۾ مخدوم امين فهيم جي پٽ ۽ سروري جماعت جي هاڻوڪي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان کي سنڌ جو وڏو وزير بڻائڻ جو واعدو ڪيو هو پر اهو واعدو به وفا نه ٿيو. مخدوم خاندان پوءِ به اها شڪايت ڇو نه ڪئي؟

محترمه بينطير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ آصف زرداري  مخدوم امين فهيم کي وزيراعظم ڪرڻ جو پاڻ اعلان ڪيو هو پر انهي تي عمل نه ڪيو، مخدوم صاحب انهي تي به ڪنهن قسم جي شڪايت ڇو نه ڪئي؟

پرڏيهه ۾ علاج مان مايوسي کانپوءِ مخدوم امين فهيم کي ۲۶ آڪٽوبر ۲۰۱۵ع  تي واپس ڪراچي آندو ويو ۽ بلاول هائوس جي ويجهو نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، سندس صحتيابي جا امڪان ختم ٿي ويا هئا، ماڻهو قطارون ڪري سندس عيادت لاءِ وڃي رهيا هئا، ميڊيا جا ماڻهو انتظار ۾ هئا ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڪڏهن ٿا هن جي عيادت لاءِ اچن؟  آخرڪار بلاول ڀٽو زرداري هن جي عيادت لاءِ آيو ۽ مخدوم صاحب  کيس ايئن ڳلي لڳايو ڄڻ هو تڙپي رهيو هجي. هن پنهنجي آخري گهڙين ۾ به ڀٽو خاندان ۽ پارٽي سان پنهنجي وفاداري جو اظهار ڪيو.

مخدوم خاندان جي ذريعن مونکي ٻڌايو ته مخدوم امين  فهيم پنهنجي اولاد کي چئي ڇڏيو هو ته هو پنهنجو فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد آهن. هو جيڪڏهن چاهين ته پيپلز پارٽي سان مخدوم خاندان جو رشتو اڳتي وڌائين ۽ جيڪڏهن چاهين ته پنهنجو رستو الڳ ڪري ڇڏين پر مخدوم خاندان اڄ به پيپلز پارٽي سان آهي ۽ اهي به شڪايت نه ڪرڻ واري روايت تي قائم آهن، انهي ڳجهه کي ڳولڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن هڪ  جاگيردار خاندان جو ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي طبقي سان بغاوت ڪري سگهي ٿو ته مخدوم امين فهيم به پيرن ۽ وڏيرن  جو رستو ڇڏي سگهي ٿو.

پنهنجي هڪ شعر ۾ هن چيو هو ته “اسان کي ڪم آئي مخدومي نه پيري، اسان کي ته گهرجي غريبي فقيري” جي ها تاريخ ۾ ايئن ممڪن آهي،  هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پيپلز پارٽي کيس اڄ  ياد ڪري ٿي يا نه؟

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۱ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


مخدوم امين فھيم

اي امين! ڀلا تو کي ڪيئن وسارينداسين؟

نور سنڌي

مون کي ان ڏينهن جا ڌنڌلا عڪس اڃان به ذهن جي پردي تي ڪنهن فلمي سين جيان هلن ٿا، جڏهن آئون ۱۲ سالن جو هيس ته اسان جي ڳوٺ ملدسي ۾ منهنجي چاچي حاجي محمود جي اوطاق تي مخدوم امين فهيم روحاني سفر دوران تشريف فرما ٿيا هئا ۽ منهنجي والد الهه بخش مون کي پير ڪوڙل قريشي معرفت سائين مخدوم امين فهيم سامهون ذڪر ڏئي مريد ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو هو. پاڻ بيباڪ سياستدان، ملڪ جي اهم سياسي شخصيت، مشهور شاعر، سماج سڌارڪ هئا. پاڻ لکين مريدن جو روحاني پيشوا هئڻ جي باوجود فقير منش شخصيت هو. وڏي سهپ وارو وفا جو پيڪر، عوام دوست، دشمن کي به معاف ڪري ڇڏڻ وارو هو، پاڻ ڪيترن ئي رنگن ۾ رڱيل هو، پاڻ ۴ آگسٽ ۱۹۳۹ع مطابق ۱۷ جمادي الثاني ۱۳۵۸هه جمعي ڏينهن حضرت مخدوم نوح رحه جي ۱۷ سجاده نشين مخدوم محمد الزمان طالب المولى جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ چار درجا سنڌي ۽ قرآن شريف خانگي طور گهر ۾ حاصل ڪيا، ڇهين کان ميٽرڪ تائين مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا مان انٽر سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ بي اي پوليٽڪل سائنس ۽ ايل ايل بي سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائون، پاڻ شاعري والد کان متاثر ٿي ۱۹۵۲ع کان شروع ڪئي، شاعري ۾ تخلص پهرين امين استعمال ڪيو، بعد ۾ کين والد گرامي جن کان فهيم تخلص مليو، پاڻ سياسي سفر جو آغاز ۶۶ع ۾ ٽائون ڪميٽي هالا جي چيئرمين جي حيثيت سان شروع ڪئي، پاڻ ۱۹۷۰ع ۾ ايم پي اي ۽ ۷ ڀيرا ايم اين اي چونڊيو، پاڻ ايجوڪيشن سوسائٽي هالا جا وائيس پريزيڊنٽ، اورينٽل ڪاليج هالا جا وائيس پريڊنٽ به رهيا، پاڻ والد جي نالي سان بزم طالب المولى جو بنياد رکي ان پليٽ فارم تان ادبي سرگرميون شروع ڪرايون، هالا کانسواءِ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مشاعرا، ادبي ڪانفرنسون ڪرايون، پاڻ بزم جا صدر رهيا، پاڻ شاعري ۾ وڏو نالو ڪڍرايو. سندس شاعري جو هڪ مجموعو شايع ٿيل آهن، جنهن ۾ غزل ۽ ڪافيون شامل آهن. پاڻ لاتعداد ڪتابن جا مهاڳ ۽ مقدما به لکيا، جڏهن ته اڻ ڇپيل شاعري به وڏي تعداد ۾ ڇڏي ويا آهن، سندن شوقن ۾ شاعري، ادب موسيقي، شڪار فوٽوگرافي شامل رهي، سندن پهرين شادي اچ شريف ۾ ۱۹ سالن جي ڄمار ۾ ٿي. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان سان اختلاف ڪري پ پ جو بنياد وڌو، اهو دور ۶۹ع جو هو، ان زماني ۾ سندس ملاقات ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿي ۽ ڀٽو صاحب کيس پ پ ۾ سياست ڪرڻ جو شوق جاڳايو ته پاڻ والد کي پ پ ۾ شامل ٿيڻ ۽ کين سياست ڪرڻ جي اجازت لاءِ عرض ڪيو، سندس خواهش کي ڏسندي مخدوم طالب المولى کين اجازت ڏني پر کين چيو ته پٽ ثابت قدمي شرط آهي ۽ پاڻ والد جي ان شرط کي ذهن ۾ رکي سياسي سفر شروع ڪيو ۽ هڪ سال بعد هالا جي محفل سينيما ۾ پ پ جو پهريون ٽي روزه ڪنوينشن گهرايو، جنهن جي ذوالفقار علي ڀٽو صدارت ڪئي، پاڻ پارٽي ۾ نه صرف ثابت قدم رهيو پر ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جنرل ضياءُ جو پ پ کي ختم ڪرڻ وارو خواب ساڀيان ٿيڻ نه ڏنو، ان لاءِ سندس ۽ سندس خاندان جون قربانيون ياد رهنديون جو پارٽي کي بچائيندي مخدوم خليق الزمان جهڙو نازڪ نفيس ماڻهو ڪيترائي سال جيل ۾ رهيو، مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا نه صرف پارٽي سان وفادار ثابت قدم رهيا پر عوام ۾ اتساهه پيدا ڪيو، پ پ جي شروعاتي ڏينهن ۾ مخدوم امين فهيم سڄي سنڌ ۽ سرائيڪي پٽي جا دورا ڪيا، نه صرف سروري جماعت جي لکين ماڻهن پر واسطيدار ماڻهن کي به پ پ ۾ شامل ڪيو، پاڻ ۸۸ع ۾ مواصلات کاتي، ۹۳ع ۾ هائوسنگ تعميرات، ۲۰۰۹ع ۾ واپار جا وفاقي وزير رهيا، جنهن دوران نه صرف مٽياري ضلعي پر سنڌ ۽ سڄي ملڪ جي هزارين نوجوانن کي تعليمي لياقتن آهر نوڪريون ڏنيون. نواز شريف، پرويز مشرف جي دور ۾ پ پ جي وزيرن خلاف ڪرپشن، سرڪاري فنڊن جي غلط استعمال جا ثبوت هٿ ڪري سندن کاتن جا فائيل کوليا ويا پر مخدوم امين فهيم خلاف ثبوت هٿ نه آيا. نواز شريف دور ۾ مخدوم امين فهيم خلاف جيڪي ڪرپشن جا الزام لڳائي ڪيس داخل ڪيا ويا. سروري جماعت ۽ مخدوم خاندان ان کي مخدوم امين فهيم خلاف سازش قرار ڏين ٿا.

جڏهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جلاوطن ٿي وئي، اهو دور پ پ لاءِ ڏاڍو ڏکيو هو پر دنيا ڏٺو ته پ پ کي بچائڻ وارو مخدوم امين فهيم هو ۽ ان دور ۾ محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز رجسٽرڊ ڪرائي، مخدوم امين فهيم کي ان جو چيئرمين مقرر ڪيو. کين مليل اها ذميواري پاڻ باقاعده نڀائي ۽ نه صرف پارٽي کي بچايو پر سرگرم رکيو ۽ پ پ وارن جي مالڪي ڪئي ۽ اتساهه پيدا ڪيو، پرويز مشرف پنهنجي دور ۾ کين ملڪ جو وزيراعظم بنائڻ جي آڇ ڪئي، هيڏي وڏي منصب کي پاڻ ٺڪرائي ڇڏيو، پاڻ پارٽي سان غداري نه ڪئي. شهيد راڻي جڏهن جلاوطني ختم ڪري ملڪ ۾ اچي سياسي سرگرميون شروع ڪيون ته مخدوم امين فهيم هر هنڌ ساڻس سائي وانگر گڏ هو. ڪراچي ڪارساز واقعي ۾ کين پٺن ۽ مٿي ۾ ڌماڪي واري مادي جا ٽڪرا لڳا، شهيد راڻي جي شهادت بعد سڀني کي اهو يقين هو ته مخدوم امين فهيم کي پ پ جو چيئرمين بڻايو ويندو، ڇاڪاڻ ته هن کان وڌيڪ پارٽي ۾ ڪنهن جون به قربانيون ۽ جدوجهد نه هئي. ان جو اعتراف خود محترمه بينظير ڀٽو صاحبه مختلف پريس ڪانفرنسن ۽ جلسن ۾ ڪندي رهي ۽ پاڻ ۲۰۰۸ع جي رٿيل چونڊن کان اڳ ايندڙ وزيراعظم مخدوم امين فهيم بنائڻ جو فيصلو ڪندي اهڙو اعلان به ڪيو، محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد سندس وصيت کي سامهون آندو ويو. شهيد راڻي شهادت بعد مخدوم امين فهيم کان سواءِ ڪوبه ايڏي سطح جو پارٽي ۾ ليڊر نه هو. پر شهيد راڻي جي خواهش پوري ڪندي کين وزيراعظم نه بنايو ويو، ان صورتحال تي سياسي حلقن ۾ اهو خيال ڪيو پئي ويو ته مخدوم امين فهيم هاڻ پارٽي کان پاسيرو ٿي ويندو يا پارٽي ڇڏي ويندو پر پاڻ شهيدن جي پارٽي سان ثابت قدم رهيو، وچ ۾ اهڙو دور به آيو ته مخدوم امين فهيم پارٽي کان ناراض ٿيو، پر پاڻ والد جي ثابت قدم وارو شرط ذهن ۾ رکي ثابت قدم رهيو. ڪار ساز واقعي ۾ دماغ ۽ پٺن ۾ لڳل ڌماڪن واري مادي سان کين ڪينسر ٿي پيو. ٻاهرين ملڪن مان به علاج جاري هو پر سندن خواهش موجب کين سنڌ آندو ويو. جتي سائوٿ سٽي هاسپيٽل ۾ داخل ڪيو ويو، جتي آخري وقت ۾ ڪوما ۾ هليو ويو ۽ پاڻ ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ع ۾ بمطابق ۸ صفر المنظر ۱۴۳۷هه ڇنڇر ڏينهن ۷۶ سالن جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ حضرت مخدوم سرور نوح رح جن جي مزار ۾ سندن پيراندي کان سائين مخدوم امين محمد پکن ڌڻي جي ڀر ۾ والد مخدوم طالب المولى جن جي ساڄي طرف ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ ابدي آرامي آهي.

مشهور صحافي ڪالم، شاعر مولانا غلام محمد گرامي جي راءِ مطابق مخدوم امين فهيم جي شاعري جماليات جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿي، سياست ۾ اچڻ بعد پاڻ شاعري گهٽ ڪئي، ائين چئي سگهجي ٿو ته پاڻ شاعري کي سياست تي قربان ڪيو. پاڻ عابده پروين، محمد يوسف، استاد منظور علي خان، مهدي حسن، مصري فقير، رونا ليلى جهڙن فنڪارن کي پسند ڪندو هو، صبح جو سوير ننڊ مان اٿي اخبارن جو مطالعو ڪندو هو، سفر دوران ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو. کين چانڊوڪي رات، برسات جي موسم، چيڪي مٽي جي خوشبو، هلڪا رنگ پسند هوندا هئا. سندن شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي، انهن ۾ ٻين کان سواءِ عابده پروين، رونا ليلي ۽ مصري فقير پڻ به شامل آهن، پاڻ سياست سماجيات جي سموري رمزن کان واقف هئا، پاڻ ملڪي سياست جا امين هئا. اڄ سندن ڇھين ورسي آھي، جيڪا درگاهه حضرت مخدوم سرور نوح رحه تي سادگي سان ملھائجي رھي آھي، سروري جماعت جو روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان حضرت مخدوم امين فھيم جن جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھيندو. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۱ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

2 comments: