; سنڌي شخصيتون: سائين قادن شاهه - محمد خان بلر

22 January, 2016

سائين قادن شاهه - محمد خان بلر


سائين قادن شاهه

يار ويس ۽ هڪ مثالي استاد

محمد خان بلر

سنڌ پنهنجي ڪُک مان سدائين اهڙا مڻيادار موتي جنميندي رهي ٿي، جيڪي پنهنجي ڪرت توڻي ڪردار سان سماج جي سونهن ۾ اضافي جو سبب بڻجن ٿا. ميڊيا توڻي دنيا کي جيڪو سنڌ جو منفي تعارف ڪرايو وڃي ٿو، حقيقت اُن جي بنهه اُبتڙ آهي. ڪروڙين ماڻهن ۾ ڪجهه هزار اهڙا ماڻهو ضرور هوندا، جن جو عمل يا ڪردار ٻين لاءِ آزاريندڙ هوندو پر اُن جي مقابلي ۾ لکين اهڙا محنتي ماڻهو به ملندا، جن پنهنجي حياتي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ گذاري ڇڏي هوندي. پر افسوس ته اهڙن ماڻهن کي اسان جا باشعور ماڻهو نه ته ياد رکن ٿا نه وري پنهنجي سماج لاءِ اُنهن جي ڪردار کي ماڊل طور متعارف ڪرائين ٿا. اُن جي اُبتڙ ڪنهن ڏوهاري، ظالم، جاگيردار، سرمائيدار توڻي وڏيري جي هر هنڌ هاڪ لڳي پئي هُجي ٿي. انهيءَ ٻٽي معيار سبب سُٺا ۽ بااخلاق ڪردار سدائين عام جي اکين کان اوجهل رهن ٿا. انهيءَ ارمان مون کي پنهنجن اُنهن محسنن بابت حالُ اورڻ جو حوصلو ڏنو ۽ آئون قلم کڻي اُنهن کي سارڻ ويٺس. انهن سڄڻن مان ياد جي ڦرهيءَ تي جيڪو پهريون نانءُ تري آيو سو آهي سائين قادن شاهه. سائين جن جي تعريف ڪرڻ جي لاءِ هر هڪ شاگرد جي زبان پرخلوص آهي ۽ نالي ٻڌڻ سان في الحال سانت ۾ اچي وڃي ٿو.


هن بزرگ هستي ڳوٺ ڪنڍا کاهي لڳ مهوال اعواڻ/ سيدن جي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. سائين ڪنهن به تعريف جا محتاج نه هئا، جيئن ته هن وقت سائين اسان سان گڏ نه آهن پر ڳوٺ جو هر ماڻهو جن ۾ سيد، چنا، ميمڻ، لاڙڪ، ڀنڀرا ۽ بلر برادريون اچي وڃن ٿيون، سائين جن کي سهڻن اخلاقن ۽ گڻن جي ڪري ياد ڪن ٿيون.

سائين تعليم ڏيڻ جي شروعات هڪ گرانٽي اسڪول کاهي راهو کان ڪئي ۽ تمام بهترين شاگرد پيدا ڪيا. سائين جن وڏا قربائتا ۽ هر دلعزيز انسان هئا. سائين جيڪڏهن ڪنهن پياري شاگرد کي سڏ ڪندا هئا ته ڪڏهن به نالو نه وٺندا هئا، پنبلا پرين ۽ پيارا پرين ۽ مهربان جي ڪوڊ ورڊ سان سڏيندا هئا، شاگردن کي هميشه ان انداز سان تعليم ڏنائون. سائين هر شاگرد کي پنهنجو اولاد سمجهي پيار سان تعليم ڏيندا هئا. سندس ڪيترائي شاگرد اعليٰ عهدن توڻي تعليم کاتي ۾ آفيسر ٿي رهيا.

”ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين

ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي نه وسرن مور

جيئن مينهن ڪنڍيءَ پور، تيئن دوست وراڪو دل سين.

مطلب ته سائين جن جو ذڪر هر هڪ ڳوٺ ۽ ڳلي ڳلي ۾ اڄ به ٿيندو رهي ٿو. ڄڻ سائين جي جدائي ٿي ئي ناهي. هونئن به جيڪي ڪردار ٻين لاءِ جيئندا آهن، ٻين جو ڀلو چاهيندا آهن، اُنهن کي موت فقط جسماني طور جُدا ڪري سگهندو آهي، پر اُهي هميشه پنهنجي ماڻهن جي دلين ۾ سارَ بڻجي ڌڙڪندا رهندا آهن. اِئين ئي سائين پڻ سڄي تر جي ماڻهن جي دلين ۾ محفوظ آهي. اڄوڪي دؤر ۾ جڏهن اُستاد پنهنجو وقار وڃائي رهيا آهن، اُنهن کي طرحين طرحين جون ڳالهيون ٻُڌڻيون پون ٿيون، اهڙي وقت ۾ سائين قادن شاهه جهڙن ڪردارن جي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي. سائين جن جي آخري آرامگاهه ڪنڍا کاهي ضلعو نوشهروفيروز ۾ سندن اباڻي قبرستان ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا