; سنڌي شخصيتون: شڪارپور جو ”سائين مير“ حسيب ناياب منگي

11 January, 2016

شڪارپور جو ”سائين مير“ حسيب ناياب منگي

شڪارپور جو ”سائين مير“
حسيب ناياب منگي
جڏهن شڪارپور ۾ ٿيندڙ عام ۽ خاص ڪچهريون به شاهه لطيف رح  جي پيغام جي پرچار تي مشتمل هيون ۽ هر اٺين ڏينهن شهرين جي ذهني ۽ فني تربيت واسطي اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويندو هو، تن ڏينهن جو هڪ مهان شخص اڄ به شڪارپور جي ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري ويٺو آهي، اهو ماڻهو سائين غلام نبي ”مير“ آهي. 29 سال ٿيندا جو اڄوڪي تاريخ تي هن فاني جهان مان ته گذاري ويو، پر پنهنجي واقفڪارن، عزيزن، مٽن مائٽن ۽ شعوري شهرين جي دل ۽ دماغ مان نڪري ناهي سگهيو. ڪڏهن ڪنهن عيد برات تي يا موڪلن توڙي محرم ۾ ڪراچيءَ کان ڀائو غلام فاروق سومرو اچي يا محترم زاهد مير سان حيدري محلا ۾ ڪا ڪچهري ٿئي ته اسان سائين غلام نبي مير کي ضرور ياد ڪندا آهيون. سائين غلام نبي مير جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پارکو هو، تنهن کي شاهه جو پيغام عام ڪرڻ جي ڏاڍي لڳي پئي هوندي هئي. پاڻ غالب ۽ اقبال جو شيدائي ته هيو ئي پر لطيف سائين کيس اٿندي ويهندي زبان تي هوندو هو. هر روز نون شاعرن جو وٽس ميڙ ٿيڻ ۽ جمعي يا آچر رات سندس اوطاق علمي، ادبي، سماجي، سياسي ۽ صحافي طبقي جي دوستن سان ڀريل نظر ايندي هئي، جيڪي سندس قرب ڪچهريءَ جو لطف حاصل ڪرڻ ايندا هئا. سائين مير به شاهه جي سرن کي ڳائي جيڪا سمجهاڻي پيش ڪندو هو، تنهن جي ڇا ڳالهه ڪجي. محرم ۾ امام حسين عه جي مجلس پڙهندو هو سر ڪيڏارو ته ٺهيو پر سر سامونڊي ۽ ٻين سرن مان به ڪربلا جو قصو بيان ڪرڻ سندس جو ئي ڪمال هو. اهڙو اثر سندس حياتيءَ تي کيئلداس ”فاني“ جهڙي استاد جي صحبت مان پيو هو. پوي به ڇونه ها! کيئلداس فاني جيڪڏهن شيخ اياز، نورالدين سرڪي، همدرد سترام ڪلياڻي ۽ ٻين ناليوارن ڪوين ۽ ڏاهن جي ذهني اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ته سائين مير به ته ان ئي دور جي پيداوار آهي، جنهن دور ۾ شڪارپور جو هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ ممتاز هو. راڳ جي سکيا، جا پڻ ”فاني“ کان حاصل ڪئي هيائين، تنهن متعلق ڳالهائي ته چڱن ڀلن جا ٺپ ئي ٺاري ڇڏي.


چيو وڃي ٿو ته سندس اوطاق علمي ۽ ادبي بحث مباحثن جو مرڪز هئي، جتي هر پڙهيو لکيو اچي پنهنجي پنهنجي علمي لياقتن آهر ڪجهه ٻڌائيندو ۽ ڪجهه حاصل ڪندو هو. سائين مير به دريا دل ماڻهو هو، ڪي اهڙا خاص موقعا اچن ته آڌي رات تائين وٽس محفل متل رهي، هٿئون مهمانن لاءِ چانهه پاڻي توڙي پان سگريٽ به سائين مير جي کيسي مان. اڄ جي دور ۾ ڪير ٿو اهڙي هڙان وڙان سخا ڪري؟
سائين مير شڪارپور جي علمي، ادبي ۽ مذهبي سمون گهراڻي ۾ پنهنجي والد رحمت الله خان جي گهر ۾ پهرين اپريل 1926ع تي اک کولي. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول مان حاصل ڪري نيو ايرا هاءِ اسڪول (موجوده قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول) مان 1946ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. انٽر جو امتحان به شڪارپور مان پاس ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ مان اول ايم. اي سنڌي پوءِ ايم.اي اردو جا امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪري سَرهو ٿيو. گڏوگڏ بي.ايڊ جي ڊگري پڻ حاصل ڪري ورتائين.
سندس ملازمت جو آغاز نيو ايرا هاءِ اسڪول شڪارپور کان استاد جي حيثيت سان ٿئي ٿو، جڏهن ته 1986ع ۾ خانپور واري گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان هيڊ ماستر جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. تعليم جي حوالي سان ته علي برادران (مولانا محمد علي جوهر ۽ شوڪت علي خان) ۽ ڦيرواڻي ڀائرن (پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي ۽ ليلا رام ڦيرواڻي) جيان هي مير برادران (سائين غلام نبي مير ۽ عبدالنبي مير) به شڪارپور ۾ پڌرا! تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ در در کڙڪائي ٻارن کي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ درس ڏيندا هئا، جڏهن ته ٻارڙن جي والدين کي قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ علم جي اهميت ٻڌائي کين پڪو ۽ پختو ڪندا هئا ته ”ٻار پڙهايو ۽ مستقبل سنواريو“.
سائين مير ”بزم سچل سر مست“ جو سرپرست به هو ته ”جمعيت الشعرا“ جو ميمبر به رهيو. هن جو فن ادبي ڪم ڪار تائين نه هو، هن پنهنجون فني صلاحيتون به ظاهر ڪيون ۽ ”ماڊرن ڊرامٽڪ سوسائٽيءَ“ جو بنياد پڻ رکيو هئائين. سندس خيال هو ته اسٽيج ڊرامه ماڻهن جي دماغ تائين سٺو پيغام پهچائڻ جو بهترين ذريعو آهن، جنهن کي ڏسي ماڻهو ان جو جلدي اثر قبول ڪري سگهن ٿا. اهو ئي خيال رکندي پاڻ ڪيترائي ڊراما تحرير ڪري ويو، جيڪي سندس حياتيءَ ۾ ئي اسٽيج تي پيش ڪيا ويا. اڄ جڏهن اهڙن اسٽيج ڊرامن جا فوٽو سندس پيارن وٽ محفوظ ڏسان ٿو ته خيال اچي پيو ته ڪاش! سندس تحريرون به تصويرن جيان محفوظ ٿي سگهن ها ته سنڌ جو اڄوڪو نسل ائين هوٽلن تي پاڻ وندرائڻ کان پاسو ڪري پنهنجي پراڻي ڪلچر جي پاسداري ڪندي نظر اچن ها ۽ اڄ به شڪارپور ۾ پيڪاڪ هال ۽ جماڻي هال توڙي هاءِ اسڪولن جي اندر اسٽيجن تي اهي ڊراما پيش ٿين ها ته هوند گهڻو ڪجهه سبق سکڻ لاءِ حاصل ٿئي ها.

سائين مير، قرآن شريف جي تفسير سان گڏوگڏ ڪجهه انگريزي ليکڪن جا ڪتاب به سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا، جڏهن ته سندس سنڌي ۽ اردو ڪلام جو مجموعو به سندس ٻين تحريرن جيان ڇپجي ناهي سگهيو. اهو به ته وڏو الميو آهي، جو اهڙن لعلن جا گوهر ڪٻٽن ۾ ئي محفوظ رهجي وڃن ٿا ۽ ڇپجي نٿا سگهن، نتيجو اهو ٿو نڪري ته اسان جهڙا طالب علم اهڙن پارکن جي علمي فيض ۽ ڄاڻ جي کاڻ کان محروم ٿا رهجي وڃن. سائين مير 8 جنوري 1987ع تي وفات ڪئي. ان ڳالهه تي روئڻ ٿو اچي ته اسان پنهنجي محسنن کي وساري ويهي رهيا آهيون، نه ته اسان جي سنڌ جو هر شهر سائين مير جهڙن ڪردارن سان ڀريو پيو آهي، جن وٽان علم جي شمع کي ٻاري اسان پنهنجي سنڌ کي وري علم سان منور ڪري سگهون ٿا.

No comments:

راءِ ڏيندا