; سنڌي شخصيتون: راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند

22 January, 2016

راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند

سڀني جا دُک دُور ڪر، سڀ جو ڪر ڪلياڻ
حسيب ناياب منگي
مالڪ جي هن وشال ڪائنات ۾ ٻين ڪارڻ پنهنجي زندگي گذارڻ به عبادت آهي، انسان ذات جنهن کي اشرف المخلوقات چيو وڃي ٿو، تنهن جو اشرف هجڻ به اوترو ئي لازم آهي جيترو سڏرائڻ! انسان مٿان اِها ذميداري ان ڪري عائد ڪئي وئي ته احساس ڪرڻ جو جذبو سندس من ۾هوندو ته ٻين جي ڏک توڙي تڪليف کي پنهنجو سمجهي انسان ذات جي رهبري ۽ رهنمائي ڪري سگهندو ۽ ايئن ڪرڻ سان انسان جڳ ۾ ڪامياب ٿيندو. انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ جن ماڻهن شڪارپور ۾ پاڻ موکيو، تن ماڻڪن جي مالها ۾ هڪ اهڙو هيرو به اچي وڃي ٿو, جنهن جي خدمت ۽ نمرتا جو مثال ورلي ئي ملي سگهندو. هڪ ته خدمت گذاريءَ جو جذبو سندس دل ۾ سرس، مٿان وري عاجزي اهڙي جو شڪارپور سميت سنڌ جي مڙني سيٺين اڳيان سندس ڳاٽ هميشه لاءِ اوچو رهيو ۽ اڄ سوڌو تاريخ جي ورقن ۾ سندس نانءُ سنهري حرفن سان لکيو وڃي ٿو. اهڙي عظيم شخصيت راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا آهي، جنهن جي ڪالهه ۱۷ جنوريءَ تي ٽيهترين ورسي ملهائي وئي.


شڪارپور ۾ هونءَ به پيرن، فقيرن، ولين، درويشن، ساڌن ۽ سنتن جي قولن ۽ ويچار جو اثر هر عام و خاص تي گهرو پيل هوندو هو، ڇو جو اهڙن بزرگن وٽ ماڻهو فيض وٺڻ هر جمعي رات يا ماهي پهرين سومر تي مٽيون ڀريندا هئا ۽ سندن فيض مان لفظن جا موتي ميڙي ان تي عمل ڪندا هئا. بزرگن جي درس ۾ به ته انسانيت جي خدمت کي سڀ کان اڳ ۾ سرانجام ڏيڻ جو ويچار ڪيل هوندو هو. ولي، درويش، ساڌو ۽ سنت اوطارن ۽ مڙهين توڙي مندرن ۾ ويهڻ بدران در در اهو پيغام آڇيندا هئا ته سنسار جي صاحب جي لوڪ ڪارڻ پيرين اگهاڙا نڪري آيا آهيون، مڙئي شهرين جي مدد لاءِ پنهنجي مايا جا مٽ کوليو ته باقي مايا به توهان جي لاءِ دنيا ۾ سُک ۽ شانتيءَ جو ڪارڻ بڻجندي. صاحبن جي سڀاءُ ۽ ورتاءُ کي ڏسي ماڻهو دان ڪندا هئا ۽ اهڙي پئسي مان ڪٿي انسانيت کي نور جي نعمت موٽي ملندي هئي ته ڪٿي وري علم جي روشنيءَ جو ڏيئو ٻري پوندو هو. ڪٿي ڪنهن ڏکي انسان جا ڳوڙها اُگهجي ويندا هئا ته ڪٿي ڪنهن جي زندگيءَ جا ديپ ٻري پوندا هئا. سنڌ جي خوبصورت ۽ تاريخي شهر شڪارپور جي گهٽي گهٽي جڏهن اهڙي سکيا سان سرشار هئي تڏهن اوڌوداس ڇاٻڙيا ۱۸۷۰ع ڌاري شڪارپور ۾ جيون دان ماڻيندي اکيون کوليون.
سندس پتا تاراچند ڇاٻڙيا به کيس باڪردار شخصيت جو مالڪ بڻائڻ لاءِ جدوجهد جون ڪي اهڙيون ڳالهيون ٻُڌايون هونديون جن سندس زندگيءَ جي بهارن کي اهڙو ته موکيو جو سندس من ڪڏهن به خزان جي خرابيءَ جي ويجهو ئي نه ويو، مٿان وري شڪارپوري اوجهن مان پڙهي لکي جڳ ۾ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ لائق ٿيو ته واپار کي پيٽ پوڄا جو سهارو بڻائيندي اڳرو ٿيو.
شڪارپور ۾ نوجوان پنهنجي شهر کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ وقت به وقت ڪي ڪانفرنسون ڪوٺائي، عوامي ميڙ ڪرائي شڪارپور انتظاميه کي جاڳائيندا هئي ته انگريز سرڪار کان هي ۽ ههڙا ڪم وٺي شهر کي شهاڻو شهر بڻائي سگهجي ٿو، انتظاميه به سندن سڏ ۾ سڏ ڏيندي لک پڙهه جو ڪم ڪندي، سرڪار کان پنهنجا ۽ عوام جا مطالبا مڃرائيندي هئي. شڪارپور اندر هڪ سول اسپتال، جا اڳ موجود هئي تنهن کي ۱۹۰۹ع ڌاري لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو هيو. تنهن کي شڪارپوري ٻيهر ٺهرائڻ لاءِ ميونسپل انتظاميه سان لهه وچڙ ۾ آيا، سرڪار هائوڪار ڪندي ڦري وئي ۽ اسپتال جي ٺهيل بلڊنگ به رولڙي جو شڪار ٿيڻ لڳي. اهڙي حالت ۾ راءُ بهادر اوڌو داس شڪارپور ميونسپل جو ٻانهن ٻيلي ٿيو جڏهن سرڪار سڳوري ڳرو خرچ ڏسي ”ٺونٺ لڳي ساهيڙي ڀڳي“ جيان پنهنجو منهن موڙي سڀ معاهدا ٽوڙي چڪي هئي. اوڌوداس اسپتال لاءِ هڪ لک روپيه دان ڏنو ۽ پنهنجي ساٿين ۽ گهر وارن سان گڏ اسپتال لاءِ وڌيڪ چندو گڏ ڪرڻ توڙي اسپتال جي بلڊنگ جي هڪ هڪ سر جي سلامتيءَ جو بار به کڻڻ جو اقرار ڪري ويٺو ۽ اهڙي ڳالهه تي پورو تڏهن لٿو جڏهن ۳۰ جنوري ۱۹۳۳ع تي سکر جي تڏهوڪي ڪليڪٽر ۽ شاهه لطيف تي انگريزيءَ ۾ ڪم ڪندي مشهوري ماڻيندڙ جناب ايڇ ٽي سورلي اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو، ان اسپتال کي گهڻي جدوجهد ۽ ڪوششن سان ۲ فيبروري ۱۹۳۵ع تي تيار ڪرائي بمبئي جي گورنر لارڊ برابورن هٿان افتتاح ڪرايائين. پنهنجي جدوجهد کي عاجزي جو روپ اهڙيءَ طرح بخشيائين جو پنهنجو نالو ان وقت يا اڄ تائين جي سيٺين جيان  ڀت تي نروار ڪرڻ کان پرهيز ڪندي فرش تي پنهنجو نالو لکرائي اهڙو اعليٰ مثال قائم ڪيائين جو اهڙي عاجزي اڄ به سندس نانءَ کي جڳ ۽ تاريخ جي ورقن ۾ جيئاريندي ٿي اچي. اوڌو داس جي ان عمل جو خاص مطلب به ڪو گهڻو نه بس ايترو هو ته ايندڙ مريض شفا وٺي منهنجي نالي کي لتاڙي وڃن ته منهنجي من کي اهڙي عمل سان شانتي ملندي.
اوڌوداس تاراچند جڏهن جدوجهد سان اسپتال کي ٺهرائي عملي جامو پهرايو ته انگريز سرڪار جا منهن ڀت سان لڳي ويا ۽ نيٺ انهن پڻ کيس عزت ڏيندي ۱۹۳۵ع ڌاري ”راءُ بهادر“ جو اعليٰ شخصي خطاب ڏنو. اسپتال جي تعمير ۽ عملي ڪم جي شروعات کانپوءِ ان جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندي جفاڪشي ڪندي دان ڪٺو ڪرڻ دوران بيمار ٿي پيو ۽ ۱۷ جنوري ۱۹۴۳ع تي بمبئيءَ جي هري ڪشن اسپتال ۾ سندس پراڻ هرڻ ٿيا. اوڌوداس ته اسپتال لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري ويو پر اسان ان جي بدلي ۾ نه ته اسپتال لاءِ ڪجهه ڪري سگهيا آهيون نه وري کيس ياد ڪري نوجوانن کي بيدار ڪرڻ لاءِ سندس جدوجهد جون ڳالهيون ئي ٻڌائي سگهيا آهيون. شڪارپورين ئي ته سندس جوڙايل اسپتال مان سندس مجسمو لاهي ڪري ميونسپل جي گدام ۾ رکرائي ڇڏيو هو، جتان وري قسمت مجسمي کي سنڌالاجي ۾ پهچايو، جتي اڄ به عزت سان رکيو پيو آهي.
جنهن جي من ۾ انسانن سان چاهه هجي، تنهن مٿان سُخن جي ديوي ڀلا ڪيئن راضي نٿي رهي سگهي؟ اوڌوداس تاراچند جي شاعري ۾ به ڏکي انسانن جي ڏکن جي ڇوٽڪاري وارو سبق سمايل ملي ٿو، سرڳواسيءَ جون اهڙيون ڪويتائون اسپتال اندر ڪتبن تي لکيل آهن.
سڀني جا دُک دُور ڪر، سڀ جو ڪر ڪلياڻ،
دانهون دُکين جون ٻُڌي، مالڪ ٿي مهربان،
معاف ڪر منهنجا پرين! عيب ڀريو انسان،
عرضي ”اوڌو“ جي اگهاءِ، ڏي تندرستي دانُ.



راءِ بهادر اوڌوداس تاراچند
پيتامبر
هي آهي راءِ بهادر اوڌوداس تاراچند جنهن پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ سنڌ جي ان وقت جي ميونسپل شڪارپور ۾ هڪ تمام وڏي اسپتال ٺهرائي وقف ڪري ڇڏي، جيڪا اتر سنڌ جي وڏي اسپتال هئي.
اها اسپتال جي عمارت اڄڪلهه ”سول اسپتال شڪارپور“ جي نالي سان ڪم ته ڪري رهي آهي پر سندس نالو ۽ مجسمو اسپتال تان هٽايو ويو جيئن اڪثر سنڌي هندن جي ٺ ٺهرايل ادارن تان هٽايو ويو آهي پر اسپتال ڪم ڪري رهي آهي.
هن مها پرش اسپتال جي ٻاھران ڏاڪڻ تي پنهنجو نالو لکرايو، جو اڄ به موجود آ.
جڏهن ساڻس کان ان جوسبب پڇيو ويو ته هن چيو ته جڏهن ڪنهن مريض کي شفا ملندي ۽ ھو انجي نالي مٿان گذرندو ته هن جي آتما کي شانتي ملندي.
هو هڪ شاعر به هو.
هن جو هڪ شعر اسپتال تي اڃا تائين مريضن لاءِ آسيس بڻيل ھڪ سنگِ مرمر جي پٿر تي اڪريل آ.
سڀن جا دُک دور ڪر سڀ جو ڪر ڪلياڻ،
دانهون دُکين جون ٻڌي مالڪ ٿي مهربان،
ٻڌُ عرضي “اوڌو” جي ڏي تندرستي دان.
هن جي شاعريءَ ۾ ڪيڏو نه درد آ ٻئي جي درد لاءِ.




راءِ بهادر اوڌوداس ڇاٻڙيا

دکي انسانن جو شيواڌاري

منظور کوسو

برصغير جي ورهاڱي نه فقط هڪ وڏي انساني الميي کي جنم ڏنو پر سنڌ جي تعمير ترقي ۽ ثقافت تي به گهرا اثر ڇڏيا. هندو آبادي زبان ۽ ثقافت جي لحاظ کان سنڌ جو هڪ اڻٽٽ تاريخي حصو هئي هي، شهرن جا اڏيندڙ، سنواريندڙ ۽ سينگاريندڙ هئا. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هنن جون خدمتون جن ۾ اسڪول، ڪاليج، صحت مرڪز ۽ تفريحي جاين جو قيام ۽ ٻيا سماجي ڀلائيءَ جا ڪم وسارڻ جهڙا ڪين آهن. انهن جي لڏپلاڻ کانپوءِ سنڌ کي هر لحاظ کان وڏو نقصان پهتو. هو هتان جا ڄاوا هئا، هن ڌرتيءَ جو اولاد هئا، ڪو ٻاهران آيل ڪين هئا. پر ڪن سازشن ڪري ڪن ڌرين ڄاڻي واڻي سازباز ڪري کانئن سنڌ ڇڏائي. سنڌ ۾ مذهبي رواداري ۽ صوفي بزرگن جي تعليم جي اثر ڪري هتي ڪو جاني نقصان وغيره ته ڪونه ٿيو، جيئن ڀارت ۾ ٿيو هو، پر ڌرتي ڄاون جو پنهنجو وطن ڇڏڻ اهو به ڪو گهٽ نقصان ڪين هو. هندو سيٺيون ئي سنڌ جا اصل سرمائيدار هئا، جيڪي سڄي دنيا ۾ وڻج واپار ڪري دولت سنڌ آڻيندا هئا. پاڙيسري ملڪ ڀارت، ايران، افغانستان، وچ اوڀر کانسواءِ ڏورانهن ملڪن تائين هي واپار جي سلسلي ۾ پهتل هئا. اهڙي ئي هڪ ڪاروباري سنڌيءَ جو ذڪر الطاف شيخ پنهنجي هڪ سفرنامي ۾ ڪيو آهي، جيڪو سينٽرل آمريڪا جي هڪ ڏورانهن ملڪ پاناما ۾ ڪاروبار ڪري رهيو هو. هو نه فقط وڏا واپاري ۽ مال ميڙڻ جا ماهر هيا، پر هو انسانيت جي ڀلي لاءِ دولت خرچ ڪرڻ به ڄاڻندا هئا. ڀارت ۾ به هنن ڪاروبار ۾ سٺو نالو ڪمايو آهي. الهاس نگر، احمدآباد، گجرات ۽ ٻين جن به علائقن ۾ سنڌي رهي ٿو، اتي به انهن سٺا فلاحي ڪم ڪيا آهن، جنهن ۾ تعليمي ادارن ۽ صحت مرڪزن جو قيام قابل ذڪر آهي. هنن جي لڏي وڃڻ کانپوءِ سنڌ ۾ سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ڪارين ۽ هڙان وڙان خرچ ڪري ادارا ٺاهڻ ۽ هلائڻ وارن ڪمن جو سلسلو ڄڻڪ رڪجي ويو. سنڌ جي هڪ چڱي ڀلي حصي جو هميشه لاءِ پنهنجو ديس ڇڏڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪانه هئي!

مان هتي سنڌ جي مشهور ويدانتي شاعر سامي، جنهن چيو هو ته “مايا ڀلائي، وڌا جيءَ ڀرم ۾” جي جنم ڀومي سهڻي شهر شڪارپور جي هڪ انسان دوست سخي مرد جو ذڪر ڪندس يعني، راءِ بهادر اوڌو داس ڇاٻڙيا (۱۹۴۳-۱۸۷۰)جو. هي مهاپرش پڻ هڪ واپاري هو، سندس کنڊ جو واپار هندوستان ۽ وچ اوڀر جي رياستن تائين پکڙيل هو. لاڙڪاڻو ضلعو ٿيڻ کانپوءِ ۱۹۱۲ ۾ شڪارپور جي سرڪاري اسپتال لاڙڪاڻو منتقل ڪئي وئي، جنهن ڪري هتان جي ماڻهن لاءِ علاج معالجي جا وڏا مسئلا پيدا ٿي پيا. هونئن به هتي آباديءَ جي حساب سان ماڻهن جي علاج لاءِ ڪا خاطرخواه اسپتال ڪانه هئي، فقط ميونسپالٽيءَ جي ماتحت هلندڙ هڪ ڊسپينسري هئي. اوڌوداس ماڻهن جي انهيءَ دک درد کي محسوس ڪندي هڪ وڏي اسپتال جي تعمير لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪرڻ لڳو. ان لاءِ چندا ڪيائين، جن به سيٺين ان ڪم ۾ پنهنجو حصو وڌو، انهن سڀني جا نالا اسپتال جي ديوارن تي لڳل سنگ مرمر جي پٿرن تي لکيل آهن، جنهن مان سڀني کان وڌيڪ چندو سرڳواسي اوڌوداس پاڻ ڏئي ڪري ڪم جي شروعات ڪئي. هن هڪ لک روپيا ڏنا جيڪي اڄ جي ڪروڙين روپين جي برابر هوندا. ڇو ته شڪارپور شهر جي تاريخ سهيڙيندڙ نقش “ناياب” منگي پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ جيڪا هڪ پائيءَ جي قيمت هئي سا اڄ هڪ روپئي جي برابر بيٺي آهي، تڏهن هڪ روپئي ۾ ۱۹۲ پايون هونديون هيون. هي ته پاڻ اسپتال جو ذڪر ٿا ڪريون پر شڪارپور شهر جا اڪثر تعليمي ادارا ڪاليج سطح کان وٺي هاءِ اسڪولن ۽ پرائمري اسڪولن تائين ۽ صحت جا ادارا جنهن ۾ مکيه ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر جي اسپتال جيڪا اوڌوداس جي پنهنجي نالي سان قائم آهي، هيرانند گنگا ٻائي اسپتال ۽ هڪ هاٿيدر تي ڊونگ واري ڊسپينسري جيڪا اڄڪلهه نظر ڪو نه پئي اچي، سي سڀ هندو سيٺن جون جوڙايل آهن. فلاحي ڪمن ۾ هو پنهنجو مٽ پاڻ هئا. انسانن، جانورن کان وٺي جيتن جڻين تائين ڪهڪاءُ ڪرڻ وارا؛ ايتريقدر جو ڪولين ۽ ماڪوڙن جي سوراخن تي به کنڊ هاري ويندا هئا. جانورن لاءِ پاڻي پيئڻ جا حوض جيڪي اڄ ڏينهن تائين ڪجهه موجود آهن، اوڌوداس جي ڪوششن سان ۳۰ اپريل ۱۹۳۳ تي اسپتال جي پيڙهه جو پٿر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شارح سکر جي ڪليڪٽر ايڇ ٽي سورلي رکيو. ڏينهن رات اوجاڳا ڪري هڪ هڪ اڳيان جهولي ڦهلائي اوڌوداس ۲ فيبروري ۱۹۳۵ع تي اسپتال جو ڪم مڪمل ڪرايو، جنهن جو افتتاح بمبئي پرڳڻي جي گورنر آر ٽي هانر لارڊ بريبورن اچي پنهنجن هٿن سان ڪيو. انهيءَ بيمثال فلاحي ڪم سرانجام ڏيڻ تي انگريز سرڪار کيس راءِ بهادر جي اعزازي خطاب سان نوازيو. ڇاته سرڳواسي اوڌوداس اسپتال جو سامهون وارو ڏيک رکرايو. اسٽيشن روڊ کان سامهون بيهي ڏسنداسين ته عمارت هڪ شاندار عبادتگاه جو ڏيک ڏيندي. هن ساڌو صفت دکي انسانن جي شيواڌاري پنهنجي ڪسر نفسي، عاجزي، نهٺائي ۽ نماڻائيءَ جو اظهار هن ريت ڪيو، جڏهن عمارت ۾ اندر داخل ٿبو ته سڀ کان مٿين ڏاڪي تي پنهنجو نالو وڏن اکرن سان فرش تي پڪن رنگن سان لکرائي ڇڏيائين، جيئن ڪو به لاچار مجبور اسپتال اچي ته سندس نالي تي پير رکي پوءِ اچي! جيئن سندس من کي آسيس ملي.

اڄ ڏينهن تائين اهو نالو سون جيان جرڪي پيو ۽ ڇو نه جرڪندو، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار دکي انسانيت کي ارپي ڇڏي. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ به اسپتال لاءِ چندي گڏ ڪرڻ لاءِ بمبئي ويو، جتي بيمار ٿي پيو ۽ ۱۷ جنوري ۱۹۴۳ع تي هرڪشن اسپتال بمبئي ۾ ديهانت ڪري ويو. اڄ به اوڌوداس کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ دولتمند اسان وٽ موجود آهن پر انهن وٽ انسانن لاءِ درد رکندڙ اوڌو داس جهڙي دل نه آهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۲ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا