; سنڌي شخصيتون: ساڌنا - ڊاڪٽر رام جوهراڻي

11 January, 2016

ساڌنا - ڊاڪٽر رام جوهراڻي

ساڌنا
سِنڌ ۽ هِند جي اَپسرا
ڊاڪٽر رام جوهراڻي
آءُ 1966ع ڌاري جئه هند ڪاليج، بمبئي ۾ پڙهندڙ هوس، جو ڪاليج طرفان سنمکانندا هال ۾ ”سنڌ جي اپسرا“ اُتسو منعقد ڪيو ويو، جتي فلم هيروئن ساڌنا کي ”سنڌ جي اپسرا“ جو تاج پهرايو ويو. اُن موقعي جو مکيه مهمان ديو آنند هئو، منهنجي لاءِ اُهو پهريون ڀيرو ئي هئو،  جو مُون انهن ٻنهي وڏين فلمي هستين کي زندگيءَ ۾ آمهون سامهون ڏٺو هئو، پوءِ ته رب پاڪ جي نوازش سان مون کي ديو آنند جي ايڏي قربت نصيب ٿي جو هُو ڪڏهن ته پنهنجي سائونڊ اسٽوڊيو ”آنند ڊبنگ سينٽر“ کان موٽندي پنهنجي ڪار ۾ مون کي گهر لاءِ ڇڏڻ به ايندو هئو.


تيستائين ساڌنا ڪجهه هندي فلمون ڪري چُڪي هئي، جيتوڻيڪ هُن پنهنجي فلمي سفر جو آغاز 1955ع ۾ راجڪپور واري فلم ”شري 1920 ۾ هڪ روپئي جي اَجوُري تي هڪ گيت ۾ هيروئن نادره پٺيان بيٺل ڪورس ۾ صرف بهرو وٺڻ سان ڪيو هئو، پر بعد ۾ بهاري ڇاٻڙيا ۽ ارجن هڱوراڻي سنڌي فلم ”اباڻا“ ٺاهي رهيا هئا، جنهن ۾ سائيڊ هيروئن جي ڪردار لاءِ ارجن پنهنجي ڀيڻ پُشپا کي پئي کڻڻ چاهيو، پر اوچتو ئي هن جڏهن جئه هند ڪاليج ۾ ساڌنا کي ڏٺو ته هن پنهنجي ڀيڻ پُشپا جيڪا اُن مهل مِس بامبي پڻ چونڊي ويئي هئي، اُن کي ڇڏي ساڌنا لاءِ سوچيو، اُها پڪ تڏهن ٿي جڏهن هري شوداساڻي پنهنجي ڀائٽي ساڌنا کي بهاري ڇاٻڙيا جي آفيس ۾ وٺي آيو، جيتوڻيڪ اُهو به اتفاق آهي ته ساڌنا کي شوداساڻي فيمليءَ ۾ جنم وٺڻ سان اهو نالو ڪو نه ڏنل هئو پر ”اباڻا“ جي پروڊڪشن دوران هنن بنگالي فلم هيروئن ساڌنا بوس کان متاثر ٿي اُن کي اُهو نالو ڏيئي ڇڏيو ۽ اڄ سوڌو دنيا کيس ”ساڌنا“ جي نالي ئي سڃاڻيندي رهي!.
ساڌنا کي هندي فلم جڳت ۾ 1960ع دوران فلم پروڊيوسر ايس مُڪرجيءَ، آر ڪي ناير جي ڊائريڪشن ۾ ٺهندڙ فلم ”لَوِ اِن شملا“ ۾ هيروئن طور متعارف ڪيو ويو، اُنهن ئي ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن فلمستان اسٽوڊيو ۾ ديو آنند جي ساڌنا سان ملاقات ٿي ته ديو آنند کي ساڌنا جي ”نمستي“ ڪندڙ ادا پڻ ايترو ته ڀانئجي ويئي جو هن پنهنجي ڀاءُ فلم ڊائريڪٽر وجيه آنند (گولڊي) کي چيو ته ساڌنا اسان جي فلم ”هم دونون“ جي هيروئن ٿيندي! هن نه صرف ”هم دونون“ لاءِ پر پنهنجي دوست فلم ڊائريڪٽر رشيڪيش مُکرجيءَ کي پڻ ساڌنا کي ئي ”اصلي نقلي“ فلم ۾ هيروئن طور کڻڻ جي صلاح ڏني، پوءِ ته دنيا ڏٺو ته ڪيئن نه اُنهن ٻنهي فلمن ساڌنا کي هڪ اهڙي الڳ سڃاڻپ ڏيئي ڇڏي، جو راجڪپور جي ”شري 420“ فلم ۾ هڪ روپئي تي ڪم ڪندڙ ساڳئي ساڌنا هاڻ راجڪپور جي فلم ”دولها دُلهن“ ۾ ساڻس گڏ هيروئن پڻ ٿي آئي. ساڌنا کي انتهائي بُلندين تي پهچائيندڙ فلم آئي ايڇ ايس راول جي ”ميري محبوب“ جنهن کان پوءِ هوءَ انڊين فلم انڊسٽري جي مهانگي ۾ مهانگي فلم هيروئن پڻ سڏي ويندي هئي، ان دور جي نوجوان ڇوڪرين ۾ وري ساڌنا جي وارن جي اسٽائيل ايترو ته پسند ڪئي ويئي جو پوري هندستان ۾ ”ساڌنا هيئر ڪٽ“ نالو ئي مشهور ٿي ويو.
ساڌنا پنهنجي فلمي سفر ۾ لڳ ڀڳ 33 فيچر فلمن ۾ هيروئن طور ڪم ڪيو، جن ۾ اهم آهن ”ميرا سايا“ ”وقت“ ”وهه ڪون ٿي“ ۽ ”راجڪمار“ ساڌنا جي سموري حياتيءَ تي نظر گهمائبي ته ڀل هُن ڳڻپ ۾ گهٽ فلمون ڪيون، پر هر هڪ فلم ۾ هوءَ اُن مخصوص ڪردار ۾ پنهنجي بهترين اداڪاريءَ سان جان وجهي ڇڏيندي هئي. هُن زندگيءَ جا ڪجهه اهڙا اصول نڀايا، بُلندين تي هوندي ئي هڪ اداڪاره طور ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنائين ۽ پوءِ وري ”قتل“ جهڙيون سسپينس فلمون پروڊيوس ڪيائين ان کان پوءِ هن ”گيتا ميرا نام“ ۾ فيروز خان کي کڻي ڪري اُن لاءِ ڊئريڪشن جا فرائض به انجام ڏنا.
زندگيءَ جي پوين ڏينهن ۾ هوءَ ڪٿي به فوٽو وغيره ڪڍرائڻ کان لنوائيندي هئي ته جيئن دنيا هڪ خوبصورت ساڌنا واري عڪس ۾ ئي کيس ياد رکي. ساڌنا، پنهنجي پهرين فلم واري ڊائريڪٽر آر، ڪي ناير سان شادي ڪئي ۽ بهترين ازدواجي زندگي گذاري، پر قسمت کانئس گهوٽ جو ڇٽ کسي ورتو ۽ هُن بي اولاد هوندي به هڪ ملازم جي نياڻيءَ کي پنهنجي ڌيءَ ڪري پاليو. هُن کي پهرين اکين جي مرض ٿورو بيزار ڪيو، جنهن سان ته هوءَ  مُنهن ڏيئي ئي ويٺي پر پوءِ بون ميرو ڪينسر کان دامن ڪو نه ڇڏائي سگهي ۽ هن ڪرسمس جي ڏهاڙي جڏهن دنيا جشن ملهائي رهي هئي، تڏهن هوءَ هن فاني سنسار کي الوداع ڪندي حق سان وڃي هڪ ٿي ! شال رب پاڪ کيس جنت نصيب فرمائي!

مُون هُن سان آخرين ملاقات ڪجهه ئي وقت اڳ باندرا، ممبئيءَ جي ”آئرس ڪلب“ ۾ ڪئي ۽ کيس پنهنجي ڪتاب “Global Sindhi’s” گلوبل سنڌي لاءِ انٽرويوءَ جو وقت گهريو، ته هن واجبي ناراضپو ظاهر ڪندي چيو ته ”ساڌنا کي اوهان Global Sindhi’s ڪتاب جي ٻئين ڀاڱي ۾ ياد ڪري رهيا آهيون!“ پوءِ به هُن هاڪار ڪئي پر تقدير منهنجي اِن خواب کي عملي روپ ڪو نه ڏيئي سگهي!.

No comments:

راءِ ڏيندا