; سنڌي شخصيتون: شفيع محمد شاھ

29 January, 2016

شفيع محمد شاھ

شفيع محمد شاھ

لازوال ڪردار ادا ڪندڙ عظيم اداڪار

طارق عزيز شيخ



شفيع محمد شاھ سنڌي ۽ اردو ڊرامن جو وڏو اداڪار هو، هن جو جنم ۱۹۴۹ع ۾ ڪنڊياري تعلقي ۾ ٿيو، تعليم پرائڻ بعد اداڪاريءَ جو شوق هن کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وٺي آيو، جتي کيس ميزبان طور پروگرام ملي ويو، سندس آواز ۾ Base (وزن، ڳرائپ) ريڊيو پاڪستان تي ڪاميابيءَ جي ڪنجي جيان کيس اڳتي وڌايو. هو سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ڪري چڪو هو، ريڊيو هر اداڪار لاءِ پرائمري اسڪول جيان اهو مرڪز آهي، جتان پيڙهه پڪي ٿيندي آهي، شفيع محمد شاھ جي به پيڙهه پڪي ريڊيو حيدرآباد ڪئي ۽ پوءِ هو ڪراچيءَ ڏانهن لڙيو.


ڪراچي ٽي وي تان انهن ڏينهن ۾ هڪڙو ڪلاڪ سنڌي پروگرامن لاءِ مخصوص هو، شام جو ۵ کان ۶ تائين هفتي ۾ هڪڙو ڏينهن ڊرامي لاءِ مقرر هو، باقي سڄو هفتو مختلف نوعيت جا پروگرام هلندا هئا، شفيع محمد شاھ جڏهن ٽي وي ڊرامن ۾ پير رکيو، تڏهن محمود صديقي، منصور بلوچ ۽ يوسف علي جهڙا اداڪار هر سنڌي ڊرامي تي ڇانيل هئا، جڏهن ته ساقي، نور محمد لاشاري ۽ شهباز دراني باقي ڪردارن لاءِ جڳهه والاري وٺندا هئا، شفيع محمد شاھ پنهنجي فن جي آڌار تي اڳتي وڌيو، محمد بخش سميجو، هارون رند ۽ فيض ٻگهيو اهي ماهر هدايتڪار ۽ پروڊيوسر هئا، جيڪي هڪ نظر ۾ اداڪار جي فن کي ائين پرکي وٺندا هئا جيئن سونارو اصلي سون کي ڪسوٽيءَ تي پرکيندو آهي، هن کي موقعو مليو ۽ ڪاميابي ماڻيائين، نور الهديٰ شاهه ۽ عبدالقادر جوڻيجي جهڙن ڊرامه نويسن جالکيل ڊراما هن ڪيا، ڪجهه عرصو ڪراچيءَ ۾ رهڻ بعد کيس لاهور وڃڻ جو شوق ٿيو، کيس اردو فلمن ۾ پازيٽو ۽ نيگيٽو رول مليا، شفيع محمد شاھ ٻئي سٺي طرح نڀايا پر پوءِ به فلمي دنيا ۾ رهي ڪو نه سگهيو، هن کي سٺو نه ويو يا پنهنجي دل ڀرجي ويس اها خبر نه پئجي سگهي، هو لاهور ٽي وي جي ڪجهه ڊرامن ۾ به ان دوران ڪم ڪري چڪو هو، شفيع محمد شاھ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي موٽي آيو ۽ هتان ئي سنڌي اردو ڊراما ڪرڻ لڳي ويو، هن کي سنڌي ڊرامن مان تمام گهڻي پذيرائي ملي. ۱۹۸۹ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت آئي تڏهن پرائيويٽ ٽي وي چينلز ۽ ايف ايم ريڊيو جو پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو لائيسنس جاري ڪيو ويو، انهن ڏينهن ۾ ايس ٽي اين نالي هڪڙو پرائيويٽ چينل اردو ٻوليءَ جو شروع ٿيو، جنهن تان اصغر نديم سيد جو لکيل ”چاند گرهن“ ڏاڍو مقبول ڊرامو هليو، هن ڊرامي جي ڪاميابي هندستان ۾ به وڌي وئي، جو دبئي جي هڪڙي شو ۾ اميتاڀ بچن اعتراف ڪيو هو ته انڊيا ۾ چاند گرهن جهڙا ڊراما نٿا ٺهن، هن شو ۾ ٻنهي ملڪن جا اداڪار شامل هئا.

شفيع محمد شاھ پنهنجي ٽيهن ورهين واري فني زندگيءَ ۾ پنجاهه ڊرامه سيريلز، هڪ سئو سولو پلي ۽ ڏهه فلمون ڪيون، هو عملي زندگيءَ ۾ بئنڪ آفيسر هو پر پوءِ سرڪاري نوڪري ڇڏي سڄو وقت اداڪاريءَ کي ڏنائين، هن جي آواز ۽ ڊائيلاگن جي ادائيگي ريڊيو، اسٽيج، ٽي وي ۽ فلمن ۾ برابر مقبول هئي، هن جو انداز سمورن اداڪارن کان منفرد هو، سندس ذاتي زندگيءَ ۾ به ڪا بناوٽ نه هئي، جيتوڻيڪ ذات جو سيد سڳورو هو، اداڪارن ۾ وڏي نالي وارو هو پر وڏائي نالي جي ڪا شيءِ هن جي ذات ۾ نظر ڪو نه ايندي هئي، شفيع محمد شاھ هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته اداڪاريءَ ڏانهن اچڻ جو شوق منجهنس  محمد علي جي اداڪاري کان متاثر ٿي پيدا ٿيو.

پي ٽي وي تان اشفاق احمد جي مقبول سلسلي ”ايڪ محبت سؤ افساني“ نورالهديٰ شاهه جو ”جنگل“ عبدالقادر جوڻيجو جو ”ديوارين“ ۽ ايس ٽي اين تان اصغر نديم سيد جو ”چاند گرهن“ هن جا يادگار ڊراما رهيا، سنڌي ڊرامو ”غلام“ جيڪو نورالهديٰ شاهه جو لکيل هو، شفيع محمد شاھ جو انهيءَ ۾ مرڪزي ڪردار هو، جيڪو هميشه ياد رهڻ جهڙو هو، ۱۹۹۲ع ۾ هن ”محب شيدي“ سنڌي فلم ۾ به ڪم ڪيو.

هن کي ڪيترائي ايوارڊ مليا جن ۾ ٽي وي، فلم ايوارڊن کان علاوه پرائيڊ آف پرفارمنس جو ايوارڊ اهم آهي، سندس مداحن جو تعداد اڻ ڳڻيو هو، جيڪو به ماڻهو راهه ويندي يا ڪنهن دعوت ۾ ملندو هئس ته ان کي فضليت سان موٽ ڏيندو هو، نوڙت ۽ نهٺائي سان پيش ايندو هو، عام طور تي اداڪارن ۾ مڳي ۽ تڪبر اچي ويندو آهي، پر شفيع محمد شاھ ان جي ابتڙ هو. هن کي جنهن به ڊرامي ۾ ڪاسٽ ڪيو ويندو هو، اهو ڪاميابيءَ جي ضمانت بڻجي ويندو هو. شفيع محمد شاھ سياست جو به شوق رکندو هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هن جي پسنديده سياسي شخصيت هئي، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ هن پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ۲۰۰۲ع واري اليڪشن ۾ ڪراچيءَ مان قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي بيٺو پر هارائي ويو، محترمه بينظير پڻ شفيع محمد جي ڊرامن کي پسند ڪندي هئي ۽ ”چاند گرهن“ ۾ سياستدان واري ڪردار کي ساراهيو هئائين، جڏهن محترمه جلا وطنيءَ بعد ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ تي ڪراچي پهتي هئي ته شفيع محمد شاھ به آجيان ڪندڙن ۾ شامل هو. شفيع محمد شاھ ۱۷ نومبر ۲۰۰۷ تي هارٽ اٽيڪ ٿيڻ سبب انتقال ڪيو، ان وقت سندس ڄمار ۵۷ ورهيه هئي، سندس جنازي نماز ڊفينس جي امام بارگاهه ۾ پڙهي وئي ۽ تدفين به ڪراچي جي ڊفينس واري قبرستان ۾ ٿي، مرحوم پنهنجو يادگار وقت گذاريو، پر ڪشش شخصيت جو مالڪ هو، سندس وفات تي ڪيترائي مداح غمگين ٿي ويا، هو ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ نيڪ انسان هو. پنهنجي گهر ۽ ٻارن جو وڏو سهارو بڻيل هو، اڄ شفيع محمد شاھ جي وڇڙڻ کي پنجون ورهيه آهي، پر هو نه وسري سگهيو آهي نه دلين کان وڇڙي سگهيو آهي.


 

اداڪار شفيع محمد شاھ

شخصيت ۽ فن کي ڀيٽا

طارق عزيز شيخ

شفيع محمد شاھ سنڌي ۽ اردو ڊرامن جو وڏو اداڪار هو، هن جو جنم ۱۹۴۹ع ۾ ڪنڊيارو تعلقي ۾ ٿيو. تعليم پرائڻ بعد اداڪاريءَ جو شوق، هن کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وٺي آيو. جتي کيس ميزبان طور پروگرام ملي ويو. سندس آواز ۾ (Base) وزن، ڳرائپ ريڊيو پاڪستان تي ڪاميابيءَ جي ڪنجي جيان کيس اڳتي وڌايو. هو سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ڪري چڪو هو. ريڊيو هر اداڪار لاءِ پرائمري اسڪول جيان اهو مرڪز آهي، جتان پيڙهه پڪي ٿيندي آهي. شفيع محمد شاھ جي به پيڙهه پڪي ريڊيو حيدرآباد ڪئي ۽ پوءِ هو ڪراچيءَ ڏانهن لڙيو.

ڪراچي ٽي وي تان انهن ڏينهن ۾ هڪڙو ڪلاڪ سنڌي پروگرامن لاءِ مخصوص هو، شام جو ۵ کان ۶ تائين هفتي ۾ هڪڙو ڏينهن ڊرامي لاءِ مقرر هو، باقي سڄو هفتو مختلف نوعيت جا پروگرام هلندا هئا، شفيع محمد شاھ جڏهن ٽي وي ڊرامن ۾ پير رکيو، تڏهن محمود صديقي، منصور بلوچ ۽ يوسف علي جهڙا اداڪار هر سنڌي ڊرامي تي ڇانيل هئا، جڏهن ته ساقي، نور محمد لاشاري ۽ شهباز دراني باقي ڪردارن لاءِ جڳهه والاري وٺندا هئا، شفيع محمد شاھ پنهنجي فن جي آڌار تي اڳتي وڌيو، محمد بخش سميجو، هارون رند ۽ فيض ٻگهيو اهي ماهر هدايتڪار ۽ پروڊيوسر هئا، جيڪي هڪ نظر ۾ اداڪار جي فن کي ائين پرکي وٺندا هئا جيئن سونارو اصلي سون کي ڪسوٽيءَ تي پرکيندو آهي، هن کي موقعو مليو ۽ ڪاميابي ماڻيائين، نور الهديٰ شاهه ۽ عبدالقادر جوڻيجي جهڙن ڊراما نويسن جالکيل ڊراما هن ڪيا، ڪجهه عرصو ڪراچيءَ ۾ رهڻ بعد کيس لاهور وڃڻ جو شوق ٿيو، کيس اردو فلمن ۾ پازيٽو ۽ نيگيٽو رول مليا، شفيع محمد شاھ ٻئي سٺي طرح نڀايا پر پوءِ به فلمي دنيا ۾ رهي ڪو نه سگهيو، هن کي سٺو نه ويو يا پنهنجي دل ڀرجي ويس اها خبر نه پئجي سگهي، هو لاهور ٽي وي جي ڪجهه ڊرامن ۾ به ان دوران ڪم ڪري چڪو هو، شفيع محمد شاھ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي موٽي آيو ۽ هتان ئي سنڌي اردو ڊراما ڪرڻ لڳي ويو، هن کي سنڌي ڊرامن مان تمام گهڻي پذيرائي ملي. ۱۹۸۹ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت آئي تڏهن پرائيويٽ ٽي وي چينلز ۽ ايف ايم ريڊيو جو پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو لائيسنس جاري ڪيو ويو، انهن ڏينهن ۾ ايس ٽي اين نالي هڪڙو پرائيويٽ چينل اردو ٻوليءَ جو شروع ٿيو، جنهن تان اصغر نديم سيد جو لکيل ”چاند گرهن“ ڏاڍو مقبول ڊرامو هليو، هن ڊرامي جي ڪاميابي هندستان ۾ به وڌي وئي، جو دبئي جي هڪڙي شو ۾ اميتاڀ بچن اعتراف ڪيو هو ته انڊيا ۾ چاند گرهن جهڙا ڊراما نٿا ٺهن، هن شو ۾ ٻنهي ملڪن جا اداڪار شامل هئا.

شفيع محمد شاھ پنهنجي ٽيهن ورهين واري فني زندگيءَ ۾ پنجاهه ڊرامه سيريلز، هڪ سئو سولو پلي ۽ ڏهه فلمون ڪيون، هو عملي زندگيءَ ۾ بئنڪ آفيسر هو پر پوءِ سرڪاري نوڪري ڇڏي سڄو وقت اداڪاريءَ کي ڏنائين، هن جي آواز ۽ ڊائيلاگن جي ادائيگي ريڊيو، اسٽيج، ٽي وي ۽ فلمن ۾ برابر مقبول هئي، هن جو انداز سمورن اداڪارن کان منفرد هو، سندس ذاتي زندگيءَ ۾ به ڪا بناوٽ نه هئي، جيتوڻيڪ ذات جو سيد سڳورو هو، اداڪارن ۾ وڏي نالي وارو هو پر وڏائي نالي جي ڪا شيءِ هن جي ذات ۾ نظر ڪو نه ايندي هئي، شفيع محمد شاھ هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته اداڪاريءَ ڏانهن اچڻ جو شوق منجهنس محمد علي جي اداڪاري کان متاثر ٿي پيدا ٿيو. پي ٽي وي تان اشفاق احمد جي مقبول سلسلي ”ايڪ محبت سئو افساني“ نورالهديٰ شاهه جو ”جنگل“ عبدالقادر جوڻيجو جو ”ديوارين“ ۽ ايس ٽي اين تان اصغر نديم سيد جو ”چاند گرهن“ هن جا يادگار ڊراما رهيا، سنڌي ڊرامو ”غلام“ جيڪو نورالهديٰ شاهه جو لکيل هو، شفيع محمد شاھ جو انهيءَ ۾ مرڪزي ڪردار هو، جيڪو هميشه ياد رهڻ جهڙو هو، ۱۹۹۲ع ۾ هن ”محب شيدي“ سنڌي فلم ۾ به ڪم ڪيو.

هن کي ڪيترائي ايوارڊ مليا جن ۾ ٽي وي، فلم ايوارڊن کان علاوه پرائيڊ آف پرفارمنس جو ايوارڊ اهم آهي، سندس مداحن جو تعداد اڻ ڳڻيو هو، جيڪو به ماڻهو راهه ويندي يا ڪنهن دعوت ۾ ملندو هئس ته ان کي فضليت سان موٽ ڏيندو هو، نوڙت ۽ نهٺائي سان پيش ايندو هو، عام طور تي اداڪارن ۾ مڳي ۽ تڪبر اچي ويندو آهي، پر شفيع محمد شاھ ان جي ابتڙ هو. هن کي جنهن به ڊرامي ۾ ڪاسٽ ڪيو ويندو هو، اهو ڪاميابيءَ جي ضمانت بڻجي ويندو هو. شفيع محمد شاھ سياست جو به شوق رکندو هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هن جي پسنديده سياسي شخصيت هئي، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ هن پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ۲۰۰۲ع واري اليڪشن ۾ ڪراچيءَ مان قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي بيٺو پر هارائي ويو، محترمه بينظير پڻ شفيع محمد جي ڊرامن کي پسند ڪندي هئي ۽ ”چاند گرهن“ ۾ سياستدان واري ڪردار کي ساراهيو هئائين، جڏهن محترمه جلا وطنيءَ بعد ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ تي ڪراچي پهتي هئي ته شفيع محمد شاھ به آجيان ڪندڙن ۾ شامل هو.

شفيع محمد شاھ ۱۷ نومبر ۲۰۰۷ تي دل جي دوري پوڻ سبب لاڏاڻو ڪيو، ان وقت سندس ڄمار ۵۷ ورهيه هئي، سندس جنازي نماز ڊفينس جي امام بارگاهه ۾ پڙهي وئي ۽ تدفين به ڪراچي جي ڊفينس واري قبرستان ۾ ٿي، مرحوم پنهنجو يادگار وقت گذاريو، پر ڪشش شخصيت جو مالڪ هو، سندس وفات تي ڪيترائي مداح غمگين ٿي ويا، هو ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ نيڪ انسان هو. پنهنجي گهر ۽ ٻارن جو وڏو سهارو بڻيل هو..

 

(عوامي آواز ڪراچي - سنڊي ميگزين - نومبر ۱۵, ۲۰۱۹)


 

سيد شفيع محمد شاھ

فن جو ديوتا

محمد سليمان وساڻ

ساهتي پرڳڻي جي تاريخي شهر ڪنڊيارو جي اسٽامپ وينڊر سيد گهراڻي ۾ ۱۹۴۹ع ۾ جنم وٺندڙ شفيع محمد شاھ اڳتي هلي سپر اسٽار ٿيندو، اهو ته ڪنهن سوچيو به نه هو، پرائمري کان مئٽرڪ تائين ڪنڊيارو ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ جڏهن هن ڪاليج جي تعليم پوري ڪئي ته هن کي ۱۸ سالن جي عمر ۾ سنڌ مرڪنٽائل ڪوآپريٽو بئنڪ ۾ ۱۹۶۷ع ۾ ڪلارڪ جي نوڪري حيدرآباد ۾ ملي، نوڪري دوران ئي هن سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرس جو امتحان پاس ڪيو.

اداڪار انور سولنگي تن ڏينهن ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪم ڪندو هو ۽ ۱۹۷۲ع ڌاري سندس ملاقات ڪراچي هوٽل حيدرآباد ۾ شفيع محمد شاھ سان ٿي ۽ هن سندس آڊيشن ورتو ۽ ائين هن صداڪاري کان پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي، ان دوران هو ترقي ڪري بئنڪ ۾ مئنيجر ٿي ويو ۽ ۱۹۷۱ع ڌاري کيس جهول ۾ مئنيجر مقرر ڪيو ويو، ايسيائين بئنڪ سنڌ پرائونشل ڪوآپريٽو بئنڪ ۾ ضم ٿي چڪي هئي.

جهول ۾ رهڻ دوران هن صداڪاري جاري رکي ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سندس ملاقات اداڪار محمد علي سان ٿي، جنهن وسيلي هو لاهور پهچي ويو، اهو سندس ڦوهه جواني وارو دور هو ۽ لاهور ۾ کيس هٿوهٿ ورتو ويو ۽ سندس پهرئين فلم ”بيوي هو تو ايسي“، ۱۹۸۲ع ۾ رليز ٿي ته هر پاسي واهه واهه ٿي وئي ۽ سندس پهرئين فلم ئي ڊائمنڊ جوبلي ڪئي، سندس ٻي فلم ”ايساڀي هوتاهي“ ۽ ٽئين فلم ”نصيبون والي“ ۱۹۸۶ع ۾ سندس فلم ”روبي“ ۽ ”تلاش“ رليز ٿيون.

فلمن ۾ سندس اداڪاري کي بيحد پسند ڪيو ويو پر هن کي اتي مزو نه آيو ۽ هن ٽي وي جو رخ ڪيو ۽ شهزادي خليل کيس ”اڙتا آسمان“ مرڪزي ڪردار ۾ ڪاسٽ ڪيو پر کيس ٽي وي تي شهرت پي ٽي وي ڪراچي جي ڊرامي ”تيسرا ڪنارا“ وسيلي ملي، سنڌ جي ڳوٺاڻي پس منظر ۾ نورالهديٰ شاهه جي لکيل مقبول ڊرامي ”جنگل“ وسيلي شفيع محمد شاھ جي شهرت ۾ واڌارو آيو ۽ هو ڊرامن جي ضرورت بڻجي ويو. سندس بهترين اداڪاري کي ڏسندي ۱۹۸۵ع ۾ کيس پي ٽي وي ايوارڊ ۽ بعد ۾ صدارتي ايوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي جي اعزاز سان نوازيو ويو.

شفيع محمد شاھ صرف هڪ سنڌي فلم ”محب شيدي“ ۱۹۹۲ع ۾ ڪم ڪيو، هن ۱۹۹۳ع ۾ ٻيهر لاهور وڃي فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ سندس فلم ”انداز“ ۱۹۹۳ع، ”مسڪراهٽ“ ۱۹۹۵ع ۾ ۽ آخري فلم ”سلاخين“ ۲۰۰۴ع ۾ رليز ٿيون.

شفيع محمد شاھ کي خانگي ٽي وي چئنل جي ڊرامي ”چاند گرهن“ مان جيڪا شهرت ملي، اها شايد ڪنهن اداڪار کي ملي هجي. هن ۵۰۰ کان وڌيڪ سنڌي اردو ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. سندس مشهور ڊرامن ۾ ”آنچ“، ”مٽي جا ماڻهو“، ”ايمرجنسي وارڊ“، ”بنگ گلاب“، ”دائري“، ”تپش“، ”محبت خواب ڪي صورت“ ۽ ٻيا شامل آهن.

ذاتي زندگي ۾ شفيع محمد شاھ تمام کلڻو ملڻو ماڻهو هو، تمام وڏو اداڪار هئڻ جي باوجود هن ۾ وڏائي نه هئي. هو نوجوانن کي همٿائڻ وارو هو، قيصر خان نظاماڻي سميت کوڙ نوجوان سندس وسيلي ٽي وي تي آيا.

هن پنهنجي اباڻن ڪکن کي ڪڏهن به نه وساريو ۽ عيدالاضحيٰ هو پنهنجي اباڻي شهر ڪنڊياري ۾ ڪندو هو، نظرياتي طور هو پاڪستان پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل هو ۽ ۲۰۰۲ع وارين چونڊن ۾ گلشن اقبال واري قومي تڪ اين اي ۲۰۲ تان چونڊ وڙهيو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو.

لکين دلين تي راڄ ڪندڙ شفيع محمد شاھ ۱۷ نومبر ۲۰۰۷ع تي وفات ڪئي، سندس ويجها دوست، پي ٽي وي، سندس پارٽي ۽ حڪومت ته کيس وساري چڪي آهي پر سندس پٽن ورسي تي سندس لکين پرستار سندس نياڻين علينا، ارسلانا، زينب، شهربانو ۽ پٽ علي اصغر سان گڏ کيس ضرور ياد رکندا.

عوامي آواز سنڊي ميگزين جي ٿورن سان

 

سيد شفيع محمد شاھ

(ورسيءَ جي مناسبت سان)

_____

فلمن ۾ سندس اداڪاري کي بيحد پسند ڪيو ويو پر هن کي اتي مزو نه آيو ۽ هن ٽي وي جو رخ ڪيو ۽ شهزادي خليل کيس ”اڙتا آسمان“ مرڪزي ڪردار ۾ ڪاسٽ ڪيو پر کيس ٽي وي تي شهرت پي ٽي وي ڪراچي جي ڊرامي ”تيسرا ڪنارا“ وسيلي ملي، سنڌ جي ڳوٺاڻي پس منظر ۾ نورالهديٰ شاهه جي لکيل مقبول ڊرامي ”جنگل“ وسيلي شفيع محمد شاھ جي شهرت ۾ واڌارو آيو ۽ هو ڊرامن جي ضرورت بڻجي ويو. سندس بهترين اداڪاري کي ڏسندي ۱۹۸۵ع ۾ کيس پي ٽي وي ايوارڊ ۽ بعد ۾ صدارتي ايوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي جي اعزاز سان نوازيو ويو.


 

شفيع محمد شاھ

حميد ڀٽو

سنڌ ۾ سوين خوبصورت ۽ مڻيادار، موتين جهڙا اداڪار موجود آهن. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ، اداڪاريءَ جي شوق ۾ شفيع محمد شاھ لاهور ويو، جتي اداڪار محمد علي وٽ رهڻ لڳو. شفيع محمد شاھ لاهور ۾، محمد علي جي آفيس ۾ ستو پيو هوندو هو. جنهن کانپوءِ سندس والد اصغر شاهه هن کي لاهور مان واپس نوابشاهه وٺي آيو ۽ سندس والد جي ريٽائر ٿيڻ بعد، شفيع محمد شاھ ٽائيپسٽ طور ڪم ڪيو. ان کانپوءِ ٽنڊي آدم ۾ هڪ بينڪ ۾ ڪيشئر جي نوڪري ۱۹۶۹ع واري دور ۾ کيس ملي. ٽنڊي آدم کان حيدرآباد ٽرانسفر ٿيڻ کانپوءِ، هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي فني شوق سبب آڊيشن ڏنو جنهن ۾ هو پاس ٿي ويو ۽ ريڊيو حيدرآباد تي ”پٽ جمهورا“ پرگرام ۾ نالي واري اداڪار انور سولنگيءَ سان گڏجي ڪم ڪيائين.

ٽي وي تي کيس نالي واري ليکڪ موسيٰ ڪليم ان وقت جي پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ سان تعارف ڪرايو. جنهن بعد قربان جيلاني ۽ غزالا رفيق سان هڪ ننڍو ڪردار ناٽڪ ۾ عبدالڪريم بلوچ کيس ڏنو. شفيع محمد شاھ جو پهريون سنڌي ناٽڪ ”موتي جهڙو منُ“ هو جيڪو ۱۹۷۲ ڌاري پيش ڪيو ويو.

شفيع محمد شاھ ۱۹۷۲ع ڌاري وري بينڪ جي نوڪري ڇڏي لاهور فلم اسٽار محمد علي وٽ اچي رهيو جتي پروڊيوسر نصرت ٺاڪر ”ايڪ محبت سو افسانه“ ۾ کيس ڪم ڏنو. ان کانپوءِ پروڊيوسر طاهر رضوي، پنجابي ڊرامن ۾ ايڪسٽرا ڪردار ڏئي کيس سپورٽ ڪئي. سندس وڏي مدد نصرت ٺاڪر ڪئي ۽ قنبر علي شاهه جي هڪ ڊرامي ۾ قوي ۽ روحي بانو سان گڏيل ڪردار ڪري مشهوري ماڻي. شفيع محمد شاھ اسلام آباد ٽي وي تي تيسرا ڪنارا سميت ۲۲ کان وڌيڪ ڊراما سيريل/ ناٽڪن ۾ ڪم ڪيو ۽ اتي اقبال سعيد انصاريءَ سان دوستي ٿيڻ جي نتيجي ۾ سندس اسلام آباد واري گهر ۾ وڃي ترسيو. جنهن کانپوءِ وري ڪراچي اچي ويو ۽ بعد ۾ ڪراچي پي ٽي وي سينٽر تي هن پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا. هن هڪ هزار کان وڌيڪ ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي.

شفيع محمد شاھ پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ سميت پي ٽي وي ايوارڊ ۽ ٻيا کوڙ ايوارڊ حاصل ڪيا. سندس اداڪاري مصنوعي ايڪٽنگ بجاءِ تاثرن تي ٻڌل هوندي هئي.

هن ڊرامن ۾ سفارش بجاءِ پنهنجي همت تحت اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. سندس پيش ڪيل ڊرامن ۾ ”غلام“، ”جهنگل“، ”چاند گرهن“ سميت ٻيا ڊراما شامل آهن. شفيع محمد شاھ جو پنهنجي ڊرامن ۾ ڪيل ڪردارن سان پنهنجي اولاد جيان عشق هوندو هو.

شفيع محمد شاھ شادي ڪراچي مان بتول شفيع سان اپريل ۱۹۸۴ع دوران ڪئي. سندس اولاد مان ٽي نياڻيون، هڪ فرزند ۽ هڪ سالي جي نياڻي هنج ۾ ورتل آهي. سندس پهرئين نياڻي علينا ۱۹۸۵ع دوران جنم ورتو.

شفيع محمد شاھ ڪنڊيارو کان شروع ڪيل فني سفر کي دنيا تائين پهچايو.

شفيع محمد شاھ جي پنهنجي گهر واريءَ سان وفات کان اڳ، هڪڙي آخري خواهش ڪئي هئي ته سندس گهر واري لان ۾ کيس دفن ڪيو وڃي. پر سندس ان آخري خواهش کي پورو نه ڪيو ويو.

اهڙي طرح سنڌ جي نالي واري فنڪارشفيع محمد شاھ ۱۷ نومبر ۲۰۰۷ع تي رات جو ۱۰ وڳي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، ۽ گذري قبرستان ۾ کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

شفيع محمد شاھ جي لاڏاڻي کان پوءِ کيس مڃتا طور صدارتي ايوارڊ سندس گهرواري کي ڏنو ويو.


 

شفيع محمد شاھ

سندس نه وسرندڙ اداڪاري

حميد ڀٽو

شفيع محمد شاھ هڪ اداڪار هجڻ سان گڏو گڏ بهترين دانشور ۽ سنڌ جي لاءِ وسيع سوچون رکندڙ ماڻهن ۾ هڪڙو موتي داڻو آهي. شفيع محمد شاھ ڪراچي شهر جي رام سوامي واري علائقي ۾ اصغر علي شاهه جي گهر ۾ ۱۹۴۹ع ڌاري جنم ورتو، جنهن جو ڪارڻ سندس بابا سائين جي نوڪري ڪراچي ۾ هوندي هئي، جنهن سبب هن پنهنجي ننڍ پڻ وارا ڏهاڙا ڪراچي جي رام سوامي واري علائقي ۾ گذاريا.  هن شروعاتي تعليم جا ۳ درجا اين جي وي اسڪول رتن تلاءَ ڪراچي مان حاصل ڪئي ۽ ون يونٽ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ سندس والد جي ڊيوٽي ڪراچي مان حيدرآباد ٽرانسفر ٿي جنهن سبب شفيع محمد شاھ ڪراچي کان حيدرآباد ۽ پوءِ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪنڊياري هليوويو، جتي هن ٽئين درجي کان ميٽرڪ تائين ۷ سال ڪنڊياري ۾ تعليم حاصل ڪيائين. پڙهائي ۾شفيع محمد شاھ جي دلچدسپي گهٽ هئي جنهن سبب پنهنجي والد اصغر علي شاهه “جيڪو علي ڳڙهه يونيورسٽي جو پڙهيل لکيل هو” تنهن کان مارڪٽ جو نشانو بڻجندو هو. سندس اسڪول جي زماني ۾ اسڪائوٽ سان تعلق پڻ رهيو. تعليم مڪمل ڪرڻ  کانپوءِ اداڪاري جي شوق ۾ شفيع محمد شاھ لاهور ويو جتي اداڪار محمد علي وٽ رهڻ لڳو. شفيع محمد شاه لاهور ۾ محمد علي جي آفيس ۾ ستو پيو هوندوهو جنهن کانپوءِ سندس والد اصغر شاهه هن کي لاهور مان واپس نوابشاھ وٺي آيو ۽ سندس والد جي ريٽائر ٿيڻ بعد شفيع محمد شاھ ٽائيپ رائيٽر طور ڪم شروع ڪيو، ان کانپوءِ  ٽنڊي آدم ۾ هڪ بينڪ ۾ ڪيشئر جي نوڪري ۱۹۶۹ واري دور ۾ کيس ملي ۽ ٽنڊي آدم کان حيدرآباد ٽرانسفر ٿيڻ  کانپوءِ هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي فني شوق سبب هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آڊيشن ڏنو جنهن ۾ هو پاس ٿي ويو ۽ ريڊيو حيدرآباد تي “پٽ جمهورا” پرگرام ۾ نالي واري اداڪار انور سولنگي سان گڏجي ڪم ڪيائين، انور سولنگي ۽ شفيع محمد شاھ جي صداڪاري تي ڀرپور موٽ ملي جنهن بعد شفيع محمد شاھ لاءِ فني دنيا ۾ رستا کلندا ويا. ان دوران هو ترقي ڪري بئنڪ ۾ مئنيجر ٿي ويو ۽ ۱۹۷۱ع ڌاري کيس جهول ۾ مئنيجر مقرر ڪيو ويو، ايسيائين بئنڪ سنڌ پرائونشل ڪوآپريٽو بئنڪ ۾ ضم ٿي چڪي هئي.جهول ۾ رهڻ دوران هن صداڪاري جاري رکي ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سندس ملاقات اداڪار محمد علي سان ٿي، جنهن وسيلي هو لاهور پهچي ويو، اهو سندس ڦوهه جواني وارو دور هو پاڪستان ٽيليويزن تي کيس نالي واري ليکڪ موسي ڪليم ان وقت جي پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ سان ملاقات ڪرائي جنهن بعد قربان جيلاني ۽ غزالا رفيق سان هڪ ننڍو ڪردار ناٽڪ ۾ عبدالڪريم بلوچ کيس ڏنو. شفيع محمد شاھ جو پهريون سنڌي ناٽڪ “ موتي جهڙو منُ” هو جيڪو ناٽڪ ۱۹۷۲ ڌاري پيش ڪيو ويوهو پي ٽي وي ڪراچي تي سٺي ڪردار نه ملڻ سبب هڪ ڀيرو ٻيهرشفيع محمد شاھ ۱۹۷۲ع ڌاري وري بينڪ جي نوڪري ڇڏي لاهور فلم اسٽار محمد علي وٽ اچي رهيو جتي پروديوسر نصرت ٺاڪر “ايڪ محبت سوافسانه” ۾ کيس ڪم ڏنو، ان کانپوءِ پروڊيوسر طاهر رضوي پنجابي ڊرامن ۾ ايڪسٽرا ڪردار ڏئي کيس مالي مدد طور سپورٽ ڪئي سندس وڏي مدد پروڊيوسرنصرت ٺاڪر ڪئي ۽ پروڊيوسر قنبر علي شاهه جي هڪ ڊرامي ۾ قوي ۽ روحي بانو سان گڏجي ڪردار ادا ڪيو، ان ڊرامي ۾ ڪيل ڪردار شفيع محمد شاھ کي ٽاپ اداڪارن جي لسٽ ۾ شامل ڪرايو، انهيءَ ڪردار کان پوءِ سندس لاءِ ٽيلي ويزن جا دروازا هڪ سپر اسٽار طور کلندا رهيا. ۽ لاهور ۾ کيس هٿوهٿ ورتو ويو ۽ سندس پهرئين فلم “بيوي هو تو ايسي” رليز ٿي ته هر پاسي واهه واهه ٿي وئي ۽ سندس پهرئين فلم ئي ڊائمنڊ جوبلي ڪئي، سندس ٻي فلم “ايساڀي هوتاهي” ۽ ٽئين فلم “نصيبون والي”سندس فلم “روبي” ۽ “تلاش” رليز ٿيون.فلمن ۾ سندس اداڪاري کي بيحد پسند ڪيو ويو پر هن کي اتي مزو نه آيو ۽ هن ٽي وي جو رخ ڪيو ۽ شهزادي خليل کيس “اڙتا آسمان”۾ مرڪزي ڪردار ۾ ڪاسٽ ڪيو پر کيس ٽي وي تي شهرت پي ٽي وي ڪراچي جي ڊرامي “تيسرا ڪنارا” وسيلي ملي، سنڌ جي ڳوٺاڻي پس منظر ۾ نورالهديٰ شاهه جي لکيل مقبول ڊرامي “جنگل” وسيلي شفيع محمد شاھ جي شهرت ۾ واڌارو آيو ۽ هو ڊرامن جي ضرورت بڻجي ويو. سندس بهترين اداڪاري کي ڏسندي ۱۹۸۵ع ۾ کيس پي ٽي وي ايوارڊ ۽ بعد ۾ صدارتي ايوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي جي اعزاز سان نوازيو ويو. شفيع محمد شاھ اسلام آباد ٽي وي تي تيسرا ڪنارا سميت تمام گهڻن ڊرامه سيريل/ ناٽڪن ۾ ڪم ڪيو، اسلام آباد ۾ پروڊيوسر اقبال سعيد انصاري سان دوستي ٿيڻ جي نتيجي ۾ سندس اسلام آباد واري گهر ۾ وڃي ترسيو، جنهن کانپوءِ وري ڪراچي اچي ويو ۽ بعد ۾ ڪراچي پي ٽي وي سينٽر تي هن پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا، هن هڪ هزار کان وڌيڪ ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي. شفيع محمد شاھ پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ سميت پي ٽي وي ايوارڊ ۽ ٻيا کوڙ ايوارڊ حاصل ڪيا.شفيع محمد شاھ صرف هڪ سنڌي فلم “محب شيدي” ۱۹۹۲ع ۾ ڪم ڪيو، هن ۱۹۹۳ع ۾ ٻيهر لاهور وڃي فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ سندس فلم “انداز” ۱۹۹۳ع، “مسڪراهٽ” ۱۹۹۵ع ۾ ۽ آخري فلم “سلاخين” ۲۰۰۴ع ۾ رليز ٿيون شفيع محمد شاھ کي خانگي ٽي وي چئنل جي ڊرامي “چاند گرهن” مان جيڪا شهرت ملي، اها شايد ڪنهن اداڪار کي ملي هجي. سندس مشهور ڊرامن ۾ “آنچ”، “مٽي جا ماڻهو”، “ايمرجنسي وارڊ”، “بنگ گلاب”، “دائري”، “تپش”، “محبت خواب ڪي صورت” ۽ ٻيا شامل آهن.شفيع محمد شاھ جي زندگي تي روشني وجهبي ته هو ننڍپڻ کان وٺي نهايت ئي ضدي طبيعت رکندڙ شخصيت هو، جنهن ڪري زندگيءَ ۾ کوڙ ساريون تڪليفون پڻ کيس ڏسڻيون پيون. هن ڪنڊيارو جي وڏي سياسي سيد گهراڻي ۾ جنم ورتوپر خاندان سان سندس والد جي ڪيل بغاوت سبب کيس وڌيڪ تڪليفن سان منهن ڏسڻو پيو. سندس اداڪاري مصنوعي ايڪٽنگ بجاءِ تاثرات تي ٻڌل اداڪاري هوندي هئي، هن ڊرامن ۾ سفارش بجاءِ پنهنجي مڙسي تحت اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. شفيع محمد شاھ سياست ۾پير پاتو ۽ نظرياتي طور هو پاڪستان پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل هو ۽ ۲۰۰۲ع وارين عام چونڊن ۾ گلشن اقبال واري قومي تڪ اين اي ۲۰۲ تان چونڊ وڙهيو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي ڪراچي مان ٻه ڀيرا ايم اين اي جو اميدوارٿيو۽ اليڪشن ۾ ڀرپور حصوورتائين پر سياسي حربا استعمال نه ڪرڻ يا سياسي قلابازيون نه کائي سگهڻ سبب هن روايتي سياستدانن جيان ڪوڙا واعدا ۽ ڏٽا ڏئي ڪري ووٽ حاصل ڪرڻ بجاءِ حقيقي ووٽ حاصل ڪرڻ واري روايت وڌي جيڪا پڻ سندس سياست ۾ ناڪامي جو ڪارڻ بڻي ۽ شفيع محمد شاھ پاڻ کي ناڪام سياستدان سڏيندو رهيو. سندس پيش ڪيل ڊرامن ۾ “غلام”، “جهنگل”، “چاند گرهن” سميت ٻيا ڊاما شامل آهن. شفيع محمد شاھ شادي ڪراچي مان بتول شفيع سان اپريل ۱۹۸۴ع دوران ڪئي. شفيع محمد شاھ جي پنهنجي گهر واري سان وفات کان اڳ هڪڙي آخري خواهش ڪئي هئي ته کيس ڪراچي جي سمنڊ ڪناري سامهون واري گهر جي فليٽ جي هيٺان لان ۾ دفن ڪيو وڃي پر ڊفينس جي قائدي ۽ قانون سميت ٻيون فليٽ هجڻ سبب سندس اهڙي خواهش تي عمل نه ٿي سگهيو. اهڙي طرح سنڌ جي نالي واري فنڪارشفيع محمد شاھ ۱۷ نومبر ۲۰۰۷ع تي رات جو ۱۰ وڳي دل جو دورو پيو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، سندس جنازي نماز ۱۸ نومبر تي منجهند جو ڊي ايڇ اي فيز ۴ جي يثرب امام بارگاهه ۾ ادا ڪئي وئي ۽ گذري قبرستان ڪراچي ۾ کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


 

شفيع محمد شاھ

پهرين ملاقات کان آخري سفر تائين جون يادگيريون

زيب سنڌي

هو سپر اسٽار هو ۽ مان سندس پرستار. مون هن کي ڪڏهن به روبرو نه ڏٺو هو پر جڏهن به ٽي وي اسڪرين تي ايندو هو ته وڻندو هو. خاص طور تي سندس مُرڪ من موهي وجهندي هئي. انهيءَ من موهيندڙ اداڪار شفيع محمد شاھ سان منهنجي پهرين ملاقات تڏهن ٿي هئي، جڏهن ۱۹۸۶ ۾ هو Ptv تي منهنجي ڊرامي “خالي گهر” ۾ ڪم ڪري چڪو هو. “خالي گهر” جو اسڪرپٽ پي ٽي وي تي پروڊيوسر محمد بخش سميجي کي ڏيڻ کان اڳ ۾ ئي، اسڪرپٽ جي فيس شيٽ تي هڪ ڪردار لاءِ مون شفيع محمد شاھ جو نالو لکي ڇڏيو هو. سميجي صاحب مرڪي پڇيو هو، “اسڪرپٽ مٿان اڳواٽ شفيع صاحب جو نالو ڇو لکي ڇڏيو اَٿوَ؟”

وراڻيو ھئم، “ان ڪري ته لکڻ وقت انهيءَ ڪردار لاءِ شفيع صاحب جو چهرو ئي مون کي پنهنجي اسڪرپٽ ۾ نظر ايندو رهيو آهي.”

سميجي صاحب ٻيو سوال ڪيو هو، “ڇا ضروري آهي ته اهو ڪردار شفيع محمد شاھ ئي ڪري؟”

وراڻيو ھئم، “هن ڊرامي جي ليکڪ جي حيثيت سان منهنجي راءِ اها آهي ته، اهو ڪردار شفيع صاحب کان بهتر ٻيو ڪو به اداڪار نه ڪري سگهندو.”

سميجو صاحب ٿوري دير لاءِ سوچ ۾ پئجي ويو هو ۽ پوءِ چيو هئائين، “شفيع محمد شاھ هن وقت هڪ اردو سيريل ۾ ڪم پيو ڪري. پي ٽي وي جي پاليسي مطابق ڪو فنڪار هڪ ئي وقت ٻن ڊرامن ۾ ڪم نٿو ڪري سگهي!”

مون چيو هو، “اهو منهنجو مسئلو ناهي.”

مان اسڪرپٽ ڏئي هليو ويو هئس، جنهن کان پوءِ سميجي صاحب پي ٽي وي انتظاميا کان شفيع محمد شاھ لاءِ خصوصي اجازت وٺي اهو ڊرامو رڪارڊ ڪيو هو. جڏھن مون اهو ڊرامو پنهنجي لاڙڪاڻي واري گهر ۾ ويهي ڏٺو هو ته، منهنجيون اکيون آليون ٿي ويون هيون!

ڪجهه عرصي کان پوءِ مان پي ٽي وي تي محمد بخش سميجي جي ڪمري ۾ داخل ٿيو هئس ته، سميجي صاحب مون ڏانهن هٿ جو اشارو ڪري هڪدم رڙ ڪري چيو هو، “شفيع، اهو اٿئي زيب سنڌي!”

جيسين مون کي ڪا ڳالھ سمجھ ۾ اچي، انهيءَ کان اڳ ئي شفيع محمد شاھ اٿي مون کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هو. انهيءَ پهرين ملاقات جي پهرين ڀاڪر ۾ هو ڪيتري دير تائين مون جهلي بيٺو رهيو هو ۽ ڀاڪر ۾ ئي چيو هئائين، “توهان ليکڪ ڏاڍا ظالم ٿيندا آهيو. شوٽنگ ۾ تنهنجي اسڪرپٽ ڏاڍو رئاريو هو مون کي!”

شفيع صاحب جي ڊگهي ڀاڪر کان پوءِ سميجي صاحب مون ڏانهن ڏسي چيو هو، “رڪارڊنگ دوران پرفارم ڪندي شفيع ڪيترائي ڀيرا ڏاڍو رنو هو، جنهن ڪري رڪارڊنگ روڪي مان هن کي ٻاهر وٺي ويو هئس. کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئم ته، ڪردار کي پاڻ تي ايترو حاوي نه ڪيو پر پوءِ به ڊرامي ۾ توهان پاڻ محسوس ڪيو هوندو ته شفيع اهو ڪردار پاڻ تي طاري ڪري ڇڏيو هو!”

“خالي گهر” کان پوءِ شفيع صاحب منهنجي لکيل ٻين سنڌي توڙي اردو ڊرامن به ڪم ڪيو. اها منهنجي خوشقسمتي ۽ هن جي محبت هئي جو، ڪنهن چينل تان هن کي منهنجي لکيل ڪنهن ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ جي آفر ٿيندي هئي ته، نه فقط هو بنا اسڪرپٽ ڏسڻ جي پر معاوضو طئي ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي اها آفر قبول ڪري وٺندو هو.

پهرين ڀاڪر سان، پنهنجي فيورٽ سپر اسٽار سان دوستيءَ جي ابتدا ٿي ته، هڪ ٻئي سان طبيعتون ۽ دليون ايئن مليون جو ڪڏهن ڪو ويڇو ئي نه پيو. شايد ته انهيءَ ۾ ستارن جي گردش به شامل هئي، جو اسان ٻنھي جي جنم جي تاريخ ۷ سيپٽمبر هئي، فرق اهو هيو ته عمر ۾ هو مون کان اَٺ سال وڏو هو. انهيءَ پهرين ملاقات کان پوءِ مان جڏهن به ڪراچيءَ ويندو هئس ته، هو رابطي ۾ رهندو هو. پڇندو هو، “ڪٿي آهين، ڪنهن مهل واندو ٿيندين؟” ۽ پوءِ اها شام هن سان گذرندي هئي. اڪثر اها شام رات ۾ بدلجي ويندي هئي، ڪڏهن ته وري محفل ۾ رات جو آخري پهر به ٿي ويندو هو....!

هن جي وفات کان ڪجهه عرصو اڳ، هڪ ڀيري مان ڪنهن ٽي وي چينل جي آفيس ۾ ويٺو هئس ۽ ڪنهن ڊراما سيريل تي ڊسڪس ڪري رهيو هئس. ڊگهي ميٽنگ دوران هن ٻه ٽي ڀيرا مون کي موبائيل فون تي ڪال ڪري پڇيو، “ڪنهن مهل واندو ٿيندين؟”

ميٽنگ منجهان واندو ٿي کيس فون ڪري چيم، “ڪٿي اچان؟”

پڇيائين، “صلاح الدين تنيي جو گهر ڏٺو اٿئي؟”

وراڻيم، “نه.”

چيائين، “يونيورسٽي روڊ تي اردو ڪاليج وٽ اچ.”

مان اتي پهتس ته هو پنهنجي گاڏيءَ جي ڀرسان بيٺو منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. هو مون کي صلاح الدين تنيي جي گهر وٺي ويو، جتي ڪنهن ڊرامي جي شوٽنگ هلي رهي هئي. ڪنهن مهل هو ڪو سين رڪارڊ ڪرائڻ پئي ويو ته وري موٽي اچي مون سان ڪچهري پئي ڪيائين. مون کي واپس حيدرآباد وڃڻو هو، تنھن ڪري ٻن اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ مون هن کان موڪلايو ته، هو مون کي منهنجي گاڏيءَ تائين ڇڏڻ آيو. ڪار جو دروازو کوليم ته، فرنٽ سيٽ تي پيل منهنجي هڪ لانگ پلي جو اسڪرپٽ هن کڻي ڏٺو ۽ چيائين، “هي ڪنهن جي لاءِ لکيو اٿئي؟”

مون هن کي هڪ ٽي وي چينل بابت ٻڌايو ۽ چيم، “هي اسڪرپٽ اتي ڏئي حيدرآباد هليو ويندس.”

چيائين، “اسڪرپٽ مان پهچائي ڇڏيندس.”

مون سندس مهرباني مڃي ۽ حيدرآباد هليو ويس.

رات جو هن فون ڪري چيو، “مون اهو اسڪرپٽ پڙهيو آهي. هاڻي اهو اسڪرپٽ منهنجو ٿيو، مان توکي پيمنٽ ڪري ڇڏيندس.”

شفيع صاحب لاءِ مون وٽ انڪار جو لفظ ته هيو ئي ڪونه. ٻئي ڀيري ڪراچيءَ ويس ته هن پنهنجي پينٽ جي کيسي مان نوٽ ڪڍي منهنجي شرٽ جي کيسي کي ڀري ڇڏيو.

هن اهو اسڪرپٽ ڪنهن اردو چينل تان ايپروو به ڪرايو هو. شفيع محمد شاھ منهنجي انهيءَ لانگ پلي کي بهتر کان بهتر ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجھ سوچيو هو پر اها سوچ، سوچ ئي رهجي وئي ۽ هو ۱۷ نومبر ۲۰۰۷ ۾ سدائين لاءِ وڇڙي ويو! هن جي وفات جي خبر پئي ته مون سندس جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وقت سر حيدرآباد کان ڪراچيءَ پهچڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٽريفڪ ۾ ڦاسي پوڻ سبب، شفيع صاحب جيان سندس ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ جو وقت به هٿن منجهان نڪري ويو. جڏهن مان قبرستان ۾ پهتس ته سندس لاش قبر ۾ لاهجي چڪو هو. منهنجي گذارش تي شفيع صاحب جي چهري تان ڪفن کي ٿورو هٽائي مون کي سندس آخري ديدار ڪرايو ويو هو ته، منهنجي اکين منجهان نڪتل لڙڪ مٽيءَ ۾ جذب ٿي ويا هئا ۽ هن جي آخري سفر وقت، مان هن کي الوداعي نظر سان ڏسي، پنهنجي وات تي هٿ رکي پوئتي هٽي ويو هئس...!

(ذڪر ڪيل منهنجي لانگ پلي جو اسڪرپٽ شفيع محمد شاھ جي پونئيرن وٽ آهي ۽ سندن ئي ملڪيت آهي.)

 

(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۱۷ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)



شفيع محمد شاهه

طوفانن ۾ نه ٽٽڻ واري وڻ مثل رهيو

سيد اقبال علي شاهه

جڏهن درياهه پنهنجي موج مستيءَ سان وهندو آهي ته منجهس موجود واريءَ جا دڙا، دِڪا، بي جان ڪک پن لڙهي ويندا آهن، جنهن جو محبوب مثال پاڻيءَ سان پيار ڪندڙ مڇين جهڙي مخلوق به آهي، جيڪا پاڻيءَ جي ان وهڪري سان ٻکجندي کيچلون ڪندي اڳتي پئي وڌندي آهي. اهڙي طرح اوچتو ايندڙ تيز هوائون ۽ طوفان نه رڳو ڪک پن ۽ هلڪين شين کي اُڏائي ويندا آهن پر نمايان نظر ايندڙ خوبصورت وڻ ٽڻ ٽاڪئان به ٽُٽي ٽڙي پکڙجي پٽ پئجي ويندا آهن پر جيڪي انهن طوفانن ۾ ٽُٽڻ جي باوجود ڪر کڻي بيٺا هوندا آهن ۽ تاقيامت سندن نانءُ زندهه رهندو آهي. شفيع محمد شاهه به انهن منجهان هڪ آهي.

ضلعي نوشهروفيروز جي ننڍڙي شهر ڪنڊيارو ۾ تر جي معزز شخصيت سيد علي اصغر شاهه جي گهر ۾ اکيون کوليندڙ شفيع محمد شاهه جي لاءِ سندس والد سوڌو ڪنهن کي به خيال خواب ۾ نه هو ته هي اڄ جو ننڍڙو شفيع سڀاڻي فن جي دنيا جو جڳ مشهور ڪلاڪار ۽ هڪ معتبر شخصيت طور پاڻ کي مڃرائيندو.

شفيع محمد هونئن ته رشتي ۾ منهنجو پڦاٽ هو ۽ مون کان ڏهه سال وڏو هجڻ جي باوجود هڪ سٺو دوست ٿي رهيو. وڏن سان وڏو ۽ ننڍن سان ننڍڙن جهڙو رويو رکندڙ شفيع محمد ڪڏهن به پاڻ کان ننڍو هجڻ جو احساس ٿيڻ نه ڏنائين. پنهنجو تعليمي سفر ڪنڊياري مان شروع ڪيائين. مئٽرڪ ڪنڊياري ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد روانو ٿي ويو، جتي يارهون ۽ ٻارهون ڪلاس اتان جي مقامي ڪاليج ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ، پاڻ ايشيا جي عظيم درسگاهه سنڌ يونيورسٽي جي (انٽرنيشنل رليشن) ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتائين ۽ اتان ماسٽرس جي ڊگري وٺي سانگهڙ ۾ (سنڌ مرڪنٽائيل بئنڪ) ۾ مئنيجر طور نوڪري ڪرڻ شروع ڪيائين. ڪجهه ٽائيم کانپوءِ ساڻس محمد علي (فلمي اداڪار) حيدراباد ۾ مليو، جيڪو کيس لاهور وٺي ويو ۽ اتي فلمن ۾ ڪم وٺي ڏنائينس. شفيع رومانوي طبيعت جو مالڪ هو ۽ ننڍي هوندي کان ئي هن کي فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق هو (جنوني حد تائين). شفيع مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪنڊيارو ڇڏي وڃي حيدرآباد ۾ رهيو هو ۽ اتي سندس شوق چڻنگ مان جوالا بڻجي ويو ۽ پنهنجي محنت جي ڪري آخرڪار هو شوبز جي دنيا جو هڪ مهان ستارو بڻجي اُڀريو. سنڌي توڙي اردو ڊرامن ۽ فلمن ۾ پنهنجون صلاحيتون ۽ قابليت کي مڃرائي ڏيکاريائين.

هو جڏهن به ڪنڊياري ايندو هو ته سڀ کان پهريائين اچي مون سان ملندو هو، پوءِ جيڪڏهن ڪٿي شوٽنگ جو پروگرام هوندو هئس ته مون کي هميشه پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. پنهنجي دل جي هر ڳالهه مون سان شيئر (Share) ڪندو هو. مون کان ڪڏهن به پنهنجي دل جو حال لِڪائيندو ڪونه هو. شفيع محمد جڏهن به حيدرآباد کان ڪنڊياري ايندو هو ته مون سميت منهنجن ننڍڙن ٻارن جاويد ۽ ذيشان ۽ ٻين سمورن گهر ڀاتين لاءِ ڪو نه ڪو تحفو وٺي اچڻ ڄڻ ته هن جي عادتن منجهان هڪ عادت هئي.

شفيع پنهنجي شوبز ڪيريئر جو آغاز حيدرآباد ۾ هڪ ڊرامي کان ڪيو ۽ پهرين فلم لاهور اسٽوڊيو مان آن ايئر ٿيس. ڀاءُ شفيع محمد جي فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ تي سندن والدين سوڌو ڪو گهر ڀاتي راضي ڪونه هو، ڇاڪاڻ جو انهن ڪڏهن سوچيو ئي نه هو ته شفيع محمد هڪ مهان ڪلاڪار ٿي پنهنجو ۽ مائٽن جو نالو به روشن ڪندو.

شفيع محمد جو والد محترم سيد علي اصغر شاهه ان وقت وفات ڪري ويو، جڏهن شفيع اڃان مئٽرڪ جو امتحان ئي مس پاس ڪيو ۽ ٻالڪپڻي کان جواني جي دهليز تي پهچڻ وارو ئي هو. سندس والد صاحب جي لاڏاڻي کان پوءِ گهر ۾ صرف چار ڀاتي وڃي رهيا، جن ۾ هن جي والده ماجده، سندس ڀيڻ جيڪا موري جي ڊگري ڪاليج ۾ ليڪچرار جي عهدي تي فائز هئي. سندس ننڍو ڀاءُ سيد الطاف حسين شاهه ۽ چوٿون پاڻ شفيع محمد شاهُه حيدرآباد جي گاڏي کاتي واري علائقي ۾ رهائش پذير ٿيو ۽ باقي سندس ڀاءُ، ڀيڻ ۽ والده محترمه ڪنڊياري ۾ ئي رهندا هئا.

ڪجهه ٽائيم کان پوءِ سندس ڀيڻ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويئي ۽ مهيني کن کان پوءِ شفيع جي والده ماجده ۽ منهنجي پڦٽي به راهه ربانيءَ طرف رواني ٿي ويئي. تنهن کان پوءِ شفيع پنهنجو پاڻ کي هيڪل هيڪل ۽ ويڳاڻو محسوس ڪندو هو. پاڻ جتي به هوندو هو مون سان فون تي رابطو ضرور رکندو هو. پاڻ ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ سال ۲۰۰۸ع جي نومبر مهيني جي اونداهي رات ۾ پنهنجي ڪراچي جي سي ويو واري گهر ۾ جسماني طور تي اسان کان هميشه هميشه لاءِ ڌار ٿي ويو.


 

شفيع محمد شاهه

سنڌين جو هيرو

سيد يار محمد شاهه

شوبز ۾ اچڻ جو داستان تيسين اڻ پورو رهندو جيسين ان سفر ۾ شامل نامور فنڪارن جو ذڪر نه ڪبو. انهن ۾ جن جن سان زندگيءَ جا جيڪي جيڪي يادگار لمحه گذريا آهن، انهن جو ذڪر ڪبو وڃبو، جن ۾ منصور بلوچ، محمود صديقي، شفيع محمد شاهه، نور محمد لاشاري، مشتاق جسڪاڻي، انور سولنگي، فريد نواز بلوچ، ملڪ انوکو، اي آر بلوچ، شهزادي، روشن عطا، قمر النساءِ يوسف علي، محمد يوسف، محمد ابراهيم، محمد جمن، ممتاز ڪنول، گلاب چانڊيو، مير محمد لاکو، سڪينه سمون، منظور مراد، نسرين ناز، شهناز ڀٽي، شهباز دراني، شهباز بلوچ، ساقي صاحب، عبدالڪريم بلوچ، منظور قريشي، بيدل مسرور، سميع بلوچ، قربان چنه، اقبال سعيد انصاري، اقبال لطيف انصاري، محمد بخش سميجو، هارون رند، فيض ٻگهيو، حسين علي شاهه فاضلاڻي، شاهه اسد، جاويد فاضلي، اقبال ڪاشميري، جاويد شيخ، بابر علي، نديم بيگ، ريما، ريشم، افشان قريشي، مصطفيٰ قريشي، اسماعيل تاره، معين اختر، عمر شريف ۽ يوسف خان مرحوم کان علاوه جيڪي جيڪي ياد ايندا ويندا، انهن جو ذڪر ڪندا رهنداسين. في الحال ذڪر ڪيون ٿا مرحوم شفيع محمد شاهه جو جنهن جي ذڪر کانسواءِ ڪراچي ٽيليويزن ۽ پاڪستان ٽيليويزن جي ڪهاڻي اڻپوري ٿيندي.

سال ۱۹۶۹ع ۾ مون ڊرامو ”واهه سائين واهه“ لکيو. هدايت به ڏني ۽ شاهه ڪلچرل سوسائٽي پاران مٽياري ۾ اسٽيج ڪيو ويو. اهو اسانجو شاهه ڪلچرل سوسائٽي طرفان چوٿون اسٽيج ڊرامو هو جنهن ۾ مون اداڪاري نه ڪئي، نه ته ان کان اڳ هر اسٽيج ڊرامون لکندو به هوس ۽ هدايتڪاري سان گڏ مرڪزي ڪردار به آئون پاڻ ڪندو هوس. هيءُ ڊرامو تياريءَ دوران، اخبارن ۾ خبرون اچڻ ڪري اسٽيج تي پيش ٿيڻ کان اڳ ئي گهڻو مشهور ٿي چڪو هو. هڪ ڏينهن گاڏي کاتي جي ڊيلڪس هوٽل ۾ منهنجي هڪ دوست بشير چنڙ سان گڏ شفيع محمد شاهه مليو. بشير مونکي چيو ته تون اسٽيج ڊرامو پيو ڪرين، هيءُ دوست شفيع محمد شاهه آهي، کيس اداڪاريءَ جو تمام گهڻو شوق آهي، تون اسٽيج ڊرامي ۾ هن کي چانس ڏي. مون چيو ته اسان مٽياري ۾ ئي ريهرسل ڪندا آهيون ۽ ان کي اُتي اچڻ ۾ تڪليف ٿيندي، ان کانپوءِ تمام گهڻو عرصو گذري ويو.

هڪ ڏينهن شفيع محمد شاهه کي لاهور ٽيليويزن سينٽر تان مشهور رائيٽر اشفاق احمد جي لکيل ڊرامي سيريل ”ايڪ محبت سو افساني“ جي هڪ قسط ۾ اداڪاري ڪندي ڏسي آئون حيران ٿيس ۽ سندس شخصيت، آواز ۽ اداڪاري کان ڏاڍو متاثر ٿيس. ان کانپوءِ شفيع محمد شاهه کي اقبال انصاري جي، اسلام آباد سينٽر جي هڪ ڊرامي سيريز ۾ ڏٺم. ان کانپوءِ سندس سپرهٽ ڊرامه سيريل ”تيسرا ڪناره“ سندس فن کي ايڏو نروار ڪيو جو ان ڊرامي ۾ راحت ڪاظمي، سائره ڪاظمي ۽ ٻين وڏن اداڪارن کي فن اداڪاري ۾ ايڏو پوئتي ڇڏي ويو جو اڄ تائين ڪو به پاڪستاني اداڪار شفيع محمد شاهه کي پهچي نه سگهيو آهي. ڪيترا ايوارڊ ماڻڻ واري دادلي فنڪار شفيع محمد شاهه جي ڄم، مرڻ ۽ فني سفر جي ڪهاڻي هميشه رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندي رهي آهي.

ساڻس منهنجي ٻي ملاقات ڪراچي ٽي وي سينٽر تي ان وقت ٿي جڏهن ”تيسرا ڪناره“ مان زبردست شهرت حاصل ڪري هو لاهور کان ڪراچي واپس آيو هو. ان وقت بيدل مسرور هڪ ڊرامه سيريل ”اکيون آرسي“ ٺاهڻ جون تياريون ڪري رهيو هو. ان سان منهنجي ياري هلندڙ هئي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ هر موضوع تي بحث مباحثه ٿيندا رهندا هئا، جن ۾ ڪهاڻين، ڌنن، سنڌيت ۽ سياست تي وڏا ملاکڙا پيا هلندا هئا. شفيع محمد شاهه به انهن بحثن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو هو ۽ پوءِ سنڌي ڊرامي ”اکيون آرسي“ ۾ هن هيرو جو ڪردار ڪيو. شفيع محمد شاهه فوٽوگرافر آهي ۽ آئون فوٽوگرافي جي دڪان جو مالڪ، يعني شفيع جو باس هوندو آهيان. جيئن ته سندس شهرت جي ڪري اسان پاڻ کي سندس اڳيان غير معروف فنڪار پئي محسوس ڪيو ۽ سندس هيٺائين پئي ورتي.

هڪ ڏينهن ڊرامي جي هڪ منظر ۾ ساڻس اداڪاري ڪندي مون محسوس ڪيو ته هو بالڪل هر ڪردار ۾ داخل ٿي، اوريجنل اداڪاري ڪري رهيو هو، اُن منظر ۾ رڪارڊنگ دوران هن اهو ڪجهه ڪيو جيڪو هن مون سان ريهرسل ۾ نه ڪيو هو. منظر ۾ اداڪاري ڪندي ڪندي اچانڪ ڪنڌ ٻئي طرف ڪندي نڪ مان سنگهه اگهڻ جي بهاني ٽائيم ورتو، يعني آئوٽ آف اسڪرپٽ ڪم ڪيو. مون به جوابي ڪارروائي ۾ پنهنجي طرفان آئوٽ آف اسڪرپٽ جملو چيو ته ”ڇا زڪام اٿئي...؟“ منهنجي جملي تي هن يڪدم مون ڏانهن نهاريندي بي خيالي ۾ پڇيو ته ”جي..؟“ مون يڪدم جملو پنهنجي طرفان چيو ته ”زڪام اٿئي ته پوءِ ٽيبليٽ وٺي ڇڏ.“ ان کانپوءِ اسڪرپٽ وارا جملا ڳالهاياسين. سين ختم ٿيڻ کانپوءِ چيائين ته سنڌي اداڪار باهه لڳا پيا آهن. ان کان پوءِ مون کيس بشير چنڙ واري ملاقات ياد ڏياري پر جيئن ته آئون سندس اداڪاريءَ جو آخر تائين مداح رهيس ۽ هو هميشه منهنجو احترام ڪندي هڪ دوست ۽ استاد واري عزت ڏيندو هو. ان کانپوءِ وري مرحوم شفيع محمد شاهه جي جگري يار ۽ منهنجي استاد اقبال انصاري جي مشهور اڙدو ڊرامه سيريل ”برزخ“ ۾ گڏ ڪم ڪيوسين. ان ڊرامي جي دوران شفيع محمد شاهه بام عروج تي پهچي چڪو هو. هو هڪڙو دادلو ۽ بي پرواه فنڪار هو. مون سان فقه جعفريه جي ناتي جي ڪري به اڪثر ويجهڙائپ رهندي هيس ۽ اسان ٻنهي جو مذهبي ملاکڙو مرحوم ممتاز مرزا صاحب سندس ڪمري ۾ ڪرائيندو هو. اسان ٻنهي جو ساڻس تمام گهڻو قرب هو. پروڊيوسر محمد بخش سميجو شفيع محمد شاهه جو عاشق هو، سميجو صاحب جڏهن به شفيع محمد شاهه سان ڪم ڪندو هو ته سندس دوستي وارو رشتو نازڪ ٿي ويندو هو، ڇو ته سميجو صاحب منٿون ڪري سڀني فنڪارن ۽ ٽيڪنيشنز کي راضي ڪري، شوٽنگ جي تياري مڪمل ڪري ويٺو هوندو هو ۽ سندس دادلو شفيع محمد شاهه گهر ستل هوندو هو، يا وري سيٽ تي اچي ڪچهري ۾ پيو وقت وڃائيندو هو ۽ سميجو صاحب صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺندي پيار مان پڇندو هوس ته ”ڪم ڪرڻ جو موڊ هجي ته ميڪ اپ ڪرائي وٺون، ور نه جيئن موڊ هجي تيئن ڪجي..؟“ ۽ شفيع بادشاهه جي واقعي موڊ هوندي هئي ته اداڪاري ڪندو هو. مرحوم جي اها روش ٻيا پروفيشنل پروڊيوسر، فلمن جا فلمساز ۽ هدايتڪار برداشت نه ڪري سگهندا هئا ۽ کيس ڏنل ايڊوانس تان به هٿ کڻي ويندا هئا. ايتري قدر جو کيس پروموٽ ڪرڻ وارو پيارو دوست ۽ استاد اقبال انصاري جنهن جي ڊرامي ”برزخ“ جو آخري سين به رڪارڊ ڪرائڻ شفيع نه آيو ته به اقبال ۽ بشريٰ انصاري آخر تائين ساڻس دوستي نڀائي، پر ڊرامي ۾ بُڪ نه ڪيائونس. مرحوم کي مون شاهه ڪلچرل سوسائٽي پاران ”لطيف گولڊ ميڊل“ ڏيڻ واري تقريب، جيڪا ٽنڊو آدم ۾ ٿي، تنهن ۾ شفيع محمد شاهه کي گهرايو، جنهن ۾ پي ٽي وي ايوارڊ يافته سڀ فنڪار ۽ پروڊيوسر ”لطيف گولڊ ميڊل“ وٺڻ آيا پر شفيع انتظار ڪرائيندو رهيو ۽ نه آيو.

انهن ڏينهن ۾ مون فلم ”محب شيدي“ جي تياري مڪمل ڪئي هئي ۽ هڪ ڏينهن آئون ڪراچي ٽي وي اسٽيشن جي رسيپشن تي ساڻس مليس، پاڻ مون تي يڪدم طنز ڪيائين ته مون کي فلم ”محب شيدي“ ۾ ڇو ڪو نه کنيو اٿئي...؟ فلم جو ڪيريڪٽر رول ان وڏيري جو هو جيڪو ”محب شيدي“ جو رئيس ۽ مالڪ هوندو آهي، اهو ڪردار آئون پاڻ ڪري رهيو هوس. سندس طنزيه جملي کانپوءِ مون کيس چيو ته تو کي بُڪ ڪري فلم ڳچيءَ ۾ ناهي وجهڻي، تون منهنجي ٽنڊو آدم واري ”لطيف گولڊ ميڊل“ جي تقريب ۽ حيدرآباد جي نيو ميجسٽڪ واري پروگرام ”سانگين سندو سنگيت“ ۾ به ڌڪ ڪڍي وئين. تنهن تي پاڻ وڌيڪ هجت ڪري چيائين ته جيڪڏهن تو وارو ڪردار مونکي ڏين ته پوءِ آئون قسم ٿو کڻان ته آئون ضرور ايندس. ان وقت مون کان هڪ رپئي جو نوٽ وٺي ان تي لکي ڏنائين ته مونکي فلم ”محب شيدي“ جي مڪمل پيمنٽ ٿي وئي. مون ان وقت ساڻس مرداڻو هٿ ملائيندي چيو ته جيڪڏهن تون نه آئين ته پوءِ آئون تنهنجي سيد هئڻ ۾ شڪ ڪندس ۽ واقعي اها ملهه مرحوم شفيع محمد شاهه مونکي واهه جي ماري ويو. هو پاڻ ٽيڪسي ڪري آيو، گاڏي ڪپڙن جي ڀري، اداڪار منظور مراد کي ساڻ ڪري، مٽياري اچي ويو ۽ 3 ڏينهن مڪمل شوٽنگ ڪري ويو ۽ هر جملي کانپوءِ مون ۾ نهاري تسڪين ضرور وٺندو هو. اهڙي طرح ڊبنگ ڪرڻ لاءِ اچڻ ۾ ٿورو تنگ ڪيائين ته پوءِ ڌمڪي ڏنيمانس ته شفيع جي تون ڊبنگ تي نه ايندي ته پوءِ آئون تنهنجي ڪردار جي پاڻ ڊبنگ ڪري ڇڏيندس. اهو ٻڌي چيائين تون ائين ڪري سگهين ٿو پر آئون توکي ائين ڪرڻ نه ڏيندس ۽ پوءِ پاڻ آيو، ڊبنگ مڪمل ڪيائين، مون کيس فلم جي شوٽنگ کانپوءِ پنهنجي والد صاحب جي هٿان ”لطيف گولڊ ميڊل“ پهرايو ۽ هڪ تمام گهڻي قديم ۽ قيمتي لونگي تحفي ۾ ڏني، جيڪا کيس ۽ سندس گهر واريءَ کي ڏاڍي وڻي. اهڙي طرح سميجو صاحب جي ڊرامه سيريل ”سمجهوتو“ جيڪو ڪراچي ٽي وي سينٽر جو پهريون ڊرامه سيريل هو، جيڪو ساڳئي وقت سنڌيءَ ۾ ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه“ جي نالي سان ۽ اڙدو ۾ ”سمجهوته“ جي نالي رڪارڊ ٿيو ۽ نشر ٿيو ۽ اهو ڊرامو ڊاڪٽر محمود مغل جو لکيل هو، اها سيريل پير معظم جي خاندان ۽ ڀائرن تي مشتمل هئي ۽ پير معظم پاڻ پروڊيوس ڪرڻ لاءِ لکرائي هئي پر پوءِ اها ئي اسڪرپٽ پي ٽي وي کي وڪرو ڪيائين.

هڪ ڏينهن هڪ منظر ۾ شفيع منهنجي سامهون هو، جملا ٻنهي جي وچ ۾ هئا. هاڻ اسان ٻنهي کي جڏهن به دوبدو اداڪاري ڪرڻ جو موقعو ملندو هو ته ٻئي محتاط ٿي ڪم ڪندا هئاسين. ان ڏينهن پاڻ جملا ياد نه هئڻ ڪري ڪافي ري ٽيڪ ڏنائين ۽ مون کي جملا ياد هئا، ان ڪري منهنجي پرفارمنس تي سيٽ تي بيٺل سموري اسٽاف تاڙيون وڃايون، پاڻ فل ڪاوڙ ۾ چيائين ته ”شاهه جملا ياد نه هئا ور نه اتي ڇڏيائين جتي پاڻي به نه ملئي ها“ بھرحال ان کان پوءِ به وري ڊرامه سيريل ”دهري“ جنهن جو هدايتڪار سليم ديس والي هو ۽ اهو ڊرامو ”اي آر وائي“ وارن لاهور ۾ ٺاهيو ۽ ان کانپوءِ ناهيد خان جي ڀيڻ انيلا خان جي ڊرامه سيريل ”دل اسي چاهتا هي“ ۾ اسلام آباد ۾ گڏ ڪم ڪيوسين. جنهن ۾ هندوستاني اداڪاره پونم ڍلون به اسان سان گڏ يادگار ڪردار ادا ڪيو هو. شفيع محمد شاهه تي محڪمه ثقافت وارن هڪ سنڌي ۾ ڪتاب ڇڀرايو جيڪو شفيع محمد شاهه جي شان وٽان نه هو. هن خطي جي ليجنڊ اداڪار جي لاءِ انگلش اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب ڇاپجي، ورسي ملهائجي، سندس نالي ايوارڊ ڏجن ۽ ڪنهن هال جو نالو ساڻس منسوب ڪيو وڃي. شفيع محمد شاهه سنڌ ۽ سنڌين جو هيرو هو ۽ رهندو.

No comments:

راءِ ڏيندا